الينواءِ Illinois جي سرحد
نوجوان لنڪن کان علاوہ هتان جا ڪجهہ ٻيا ماڻھو بہ هن علائقي کان گهٻرائجي ويا هئا. پيجن ڪريڪ Pigeon Creek جي علائقي ۾ هڪدفعو ٻيھر بيماري ڦهلجي ويئي هئي. صرف هڪ هفتي ۾ ئي ڊينس هنيڪس جون چار ڳئون ۽ يارنھن گابا مري چڪا هيا. ٽام لنڪن جي عمر ان وقت 22 سالن جي هئي. پر هن جي لاءِ تاحال ساڳيو ئي پھريون ڏينھن هيو. جڏهن هو انڊيانا پھريون ڀيرو آيو هو، تڏهن هن جا هٿ خالي هيا. اهو ڏينھن ۽ اڄوڪو ڏينھن هن جي مفلسي ۽ غربت جو اهو ئي ساڳيو حال هيو. زندگي ۾ ناڪامين هن جو ساٿ نہ ڇڏيو هو. اڃان بہ شايد زندگيءَ جون ڪجهہ لتون هن جي قسمت ۾ لکيل هيون. ان ڪري جڏهن ماڻھو واباش دريا Wabash River جي هن پار مرڪزي الينواءِ جي زرخيز ۽ سون ڏيڻ واري زمينن جو ذڪر ڪندا هيا تہ هي اهي ڳالھيون وڏي دلچسپيءَ سان ٻڌندو هو.
بعد ۾ لنڪن هنيڪس، هالز ۽ جانسٽنسز جي انڊيانا کان لڏ پلاڻ جو ذڪر ڪندي ڊينس هنيڪس چوندو هيو ؛
”مون کي ياد آهي تہ سڀ کان اڳ ۾ جان هنيڪس الينواءِ ڏانھن هجرت ڪرڻ جو سوچيو ۽ انڊيانا کان نڪري پيا. الينواءِ پھچي هنن خط لکڻ شروع ڪيا تہ توهان سڀ ماڻھو هتي اچي وڃو. مون توهان سڀني جي لاءِ هتي زمينون وٺي ڇڏيون آهن. ٽام هميشہ قرضائي رهندو هيو. اڄ ڏينھن تائين هن انڊيانا جي زمينن جا پئسا ادا نہ ڪيا هيا. ان ڪري هو اهي سڀ زمينون ڇڏي هتان نڪري وڃڻ جو سوچيو. هن پنھنجو اناج، فصل ۽ مال متاع کپائي ڇڏيو. ڪجهہ سامان گڏ ڪري، لنڪن جا گهروارا، هنيڪس جا ۽ جونسٽن جا گهروارا پنھنجو پنھنجو سفري سامان ڏاند گاڏين ۾ لڏي هڪدفعو ٻيھر الينواءِ جي علائقي ڏانھن روانا ٿيا. مون کي ائين لڳي پيو تہ ڄڻ تہ بني اسرائيل جي خانہ بدوشن جيان اسان جو قافلو بہ نئين ڪنعان ڏانھن هميشہ هلندو رهندو.
نئين ڪنعان جي سرزمين کير ۽ ماکي جي سرزمين گويا وابش Wabash River جي ٻي ڪناري اسان جي منتظر هئي. هن سرزمين جا شاندار ساوڪ ڀريا چراگاھہ اسان جھڙن خبر ناهي ڪيترن قافلن کي دعوت ڏيئي چڪا هئا.
ٽام لنڪن پنھنجو سڀ ڪجهہ کپائي پنھنجا پئسا وصول ڪري ورتا. ان کان پوءِ دوستن ۽ پاڙيسرين کي الوداع ڪري، گهر جو سڀ سامان ڏاند گاڏين ۾ رکي، عورتن، ٻارڙن ۽ مال متاع کي گاڏين ۾ وجهي روانا ٿيا. ابراهم رستي ۾ ئي چرچا، کل ڀوڳ ۽ مزاق مستيون ڪندو هليو. ڪيڏي ڪيڏي مھل تہ هن تي سنجيدگي بہ طاري ٿي پئي ويئي. ائين لڳي پيو تہ هو ڪنھن اهم مسئلي تي سوچ ويچار ڪري رهيو آهي. ان زماني ۾ ڊينيل ويبيسٽر
Daniel Webster سينيٽ ۾ هڪڙي وڏي ڪڙڪيدار تقرير ڪئي هئي. جنھن ۾ هن چيو هو تہ “ڪا بہ رياست ملڪي قانون کي نظرانداز نہ ٿي ڪري سگهي. ويبيسٽر جي ان تقرير جو مشھور جملو لنڪن ڪڏهن بہ نہ وساري سگهيو. آزادي ۽ رياستي اتحاد هاڻي اڳتي هميشہ گڏ رهندا“.
ان برفاني سفر ۾ تيرنھن همسفر هيا. ٽام، سارا بش، جونسٽن، ابراهم، سارا جو پٽ جون جونسٽن، سارا جي ڇوڪري ايليزبيٿ جنھن جي شادي ڊينس هنيڪس سان ٿي هئي. ان جا چار ٻار. سارا جي ٻي ڌي مٽيسڊا ۽ هن جو مڙس اسڪوائر هال ۽ انھن جو ننڍڙو ٻارڙو.
لنڪن هن سفر کي ڏاڍو تڪليف وارو ۽ ڀوڳيندڙ ٻڌائيندو هيو. اهو قافلو آهستي آهستي واباش درياءُ Wabash River جي ڪناري وينسينس Vincennes جي شھر ڏانھن وڌندو ويو. وينسينس انڊيانا رياست جو سڀ کان وڏو شھر هو. اتي پھچي هنن درياءُ پار ڪيو ۽ الينواءِ جي مرغزارن (ساون چھچ ميدانن) جو رخ ڪيو. هي ڏاڍو ڏکيو سفر هيو. سخت سرديءَ جو موسم شروع ٿي چڪي هئي. گاڏي جا ڦيٿا ڄميل دلدل ۾ ڦاسي ٿي پيا. ڊينس هنيڪس هن سفر جو ذڪر ڪندي چوندو هيو تہ؛
”اسان کي ان مختصر رستي کي طئي ڪرڻ ۾ بہ پورا ٻہ هفتا لڳا. جهنگلن، ميدانن ۽ فصلن مان گذرندا، اسان پنھنجي منزل ڏانھن وڌندا رهياسين“.
هي علائقو اڃان تائين غير آباد هيو. هر هنڌ پاڻيءَ جا چشما ۽ ناليون وهي رهيون هيون. ان سڄي رستي تي اڃان تائين ڪا هڪڙي پل بہ نہ ٺاهي ويئي هئي. چشمن جي مٿاڇري تي سخت سيءَ جي ڪري برف جي سنھڙي تھہ ڄمي ويئي هئي. ڏاند گاڏي جڏهن انھن چشمن تان گذرندي هئي تہ اهي برف جون تھون ٽٽي پونديون هيون ۽ پاڻي وهي ويندو هو. ابراهم وٽ هڪڙو ننڍڙو ڪتو هوندو هيو. هو سمورو رستو، وڏي وفاداريءَ سان، هن سان گڏ هلندو رهيو. هڪڙي دفعي تہ جڏهن ابراهم چشمو ٽپي آيو ۽ پويان مڙي ڏٺو تہ چشمي جي ڪناري تي ويچارو ڪتڙو ويھي رهيو هو. سيءُ جي ڪري چشمي جي ٿڌي پاڻي کي پار نہ پئي ڪري سگهيو.
هو هڪ ڪتي جي جدائي بہ برداشت نہ ڪري سگهيو. ابراهم ان واقعي جو ذڪر ڪندي چيو هو تہ،“مون هڪدم پنھنجا بوٽ ۽ جوراب لاهي ورتا ۽ مون سخت سيءَ جي پرواھہ ڪرڻ بنان ئي چشمو پار ڪري ڪتي ڏانھن، چشمي جي ٻي پاسي پھچي ويس ۽ سيءُ مان ڏڪندڙ ڪتي کي بغل ۾ هڻي، ٻي ڪناري تي کڻي نڪري آيس. ان ڪناري تي پھچي ڪتي شڪرگذاري جي اظھار لاءِ ٽپ ڏيڻ لڳو ۽ هري هري منھنجي پيرن تي اچي ڪِرڻ لڳو ۽ پڇ لوڏڻ لڳو. ان مان اهو ٿيو جو مون کي جيڪا سيءَ جي ڪري تڪليف آئي هئي، ان درد جو درمان ٿي ويو هو.
مارچ 1830ع جي شروعاتي ڏينھن ۾ ڏاند گاڏين جو هي قافلو سنگامون دريا Sangamon River جي اتر ڏانھن ويڪٽيور کان ڏھہ ميل ڏاکڻي علائقي ڏانھن ڪاٺين جي جهنگل ۽ مرغزارن تائين پھچي ويو. هن قافلي جي پنج ماڻھن جلدي جلدي ۾ ڪاٺ جو هڪڙو ڪيبن تيار ڪري ورتو. ان ننڍڙي ئي ڪيبن ۾ 13 ئي ڄڻا، سڀئي ئي مائٽ 1830ع جي سموريون سردين، گرمين ۽ برساتين ۾ گڏ رهياسين. بلڪہ 1830ع 1831ع جون طوفاني سرديون بہ هنن هتي ئي گذاريون.
ابراهم ننڍپڻ کان ئي بنڊ/ڪاٺ ڪاٽيندو رهندو هيو. هتي هن کي وري بہ ڪاٺ چيرڻ جو ڪم ڪرڻو پيو. ميڪن ڪائونٽي Macon County ۾ ڏھہ ايڪڙ جي زمين تي فصل پوکيو ويو هو. ان سڄي علائقي جي چئني پاسن کان ڪاٺ جي تختن جون ديوارون ٺاهڻ جي لاءِ هن هزارين تختا چيري ٺاهيا. ان کان علاوہ ٻين نون آبادگارن لاءِ بہ ابراهم پنھنجي ماروٽ سان گڏجي تقريبن چار هزار تختا معمولي اجرت تي چيري ورتا.
1830ع جي موسم بھار ۾ هن چراگاهن جي زمين جي صفائي ڪريم پنھنجن هٿن سان هن سڄو جهنگ ڪاٽي زمين کي صاف ڪري ڇڏيو. ان تي ئي وري هن هر ڪاهيا ۽ زمين کي آباد ڪرڻ جي لائق ڪيو. هن کي پنھنجي محنت جو صلو بہ ملي ويو هو. جولاءِ جي مھيني ۾ ئي فصل گوڏن تائين تيار ٿي ويو هو ۽ سيپٽيمبر ۾ ئي ڪڻڪ جا آنڀو بہ پچي تيار ٿي ويا. پر خزان جي موسم سان ئي بخار ۽ بيماري جو دؤر بہ شروع ٿي ويو ۽ ائين لڳندو هو جو هن دفعي واري ايندڙ موسم اڃان بہ سخت ۽ تڪليف ڏيندڙ هوندي.
1830ع ڪرسمس جي ڏينھن ئي برفباري شروع ٿي ويئي هئي. هڪڙي تمام سخت طوفاني لھر آئي. جنھن سڄي فصل ۽ گاھہ واري ميدانن کي وڪوڙي ڇڏيو هو. موسم ايڏي خطرناڪ ٿي وئي هئي جو جيڪي ماڻھو پنھنجي ڪيبن کان فقط چند گزن جي فاصلي تي بہ نڪري وڃن پيا تہ اهي طوفان ۾ ڦاسي پون پيا، ڍير ٿيل برف جي مڻن ۾ دٻجي وڃن پيا ۽ پوءِ انھن جا لاش سڄي موسم ان برف ۾ ئي دٻيل رهن پيا. جڏهن برف ڳرندي هئي تہ ان جي هيٺان ڄميل ماڻھن کي ڪڍيو ويندو هو.
ڪيترن ڏينھن تائين تہ سڄو الينواءِ، ان سردي ۽ برفباري واري موسم جي ور چڙهيل رهيو. سڀني رستن تي ٽي ٽي ڦٽ جي برف ڄمي ويئي هئي. ڪيترن علائقن ۾ تہ گهرن جي ڇتن تائين برف جا ديرا ڄميل هيا ۽ اهي سڀئي گهر برف جي چادر ۾ ڍڪجي ويا هيا. ان وٽ ٿرماميٽر مائينس 12 پيو ٻڌائي. پوءِ ٿوري دير جي لاءِ برفباري وري ٻيھر ٿي ۽ چند انچ وري برف اڃان بہ ڄمي ويئي. جيڪڏهن ڪو گهوڙو يا ڪا ڳئون جيڪا ڇت کان ٻاهر رهجي ويئي، تہ ان کي طوفاني برفباري مڻن جي برف هيٺان پوري ٿي ڇڏيو. سفيد پڇ وارن هرڻن سان بہ اهو ئي ٿيو جو انھن جي تہ سڄي نسل ئي ان ۾ غرق ٿي ويئي. شروع شروع ۾ گدڙن ۽ بگهڙن کي انھن مئل جانورن مان وڏو فائدو پھتو، گهرئي بنان ئي دعوت ملي ويئي. پيٽ ڀري انھن برف ۾ دٻيل جانورن جون ٻوٽيون پٽي پئي کاڌيون. پر جلدي ئي وري انھن گدڙن ۽ بگهڙن جو بہ وارو اچي ويو ۽ پوءِ اهي بہ ان ئي برف جي تھن هيٺان اچي دٻجي مري ويا. جنھن برف مان هو کوٽي کوٽي پنھنجو شڪار ڪڍندا هيا.
9 نون هفتن تائين تہ ڪيبن جا ماڻھو رهيل کهيل ڪڻڪ جي داڻن تي ۽ برف کي پگهاري ان جي پاڻي مان گذرسفر پئي ڪيو ۽ اهڙي ريت انھن جي جان موت جي شڪاري کان بچي/ڇٽي ويئي. هن جي ڪيبن جي ٻاهر ڪُڪَڙو ڪُو جو عالم هيو. برف سان ڍڪيل فصل ۽ موت جي وستي. ميلن تائين ڪنھن بہ روح واري انسان جو نالو ۽ نشان نطر نہ پئي آيو.
ان ڪري ڪافي عرصي تائين الينواءِ ۾ شڪار جو ڪو بہ جانور نہ مليو. ملن بہ ڪٿان ها، اهي بہ تہ هن برف باري جي ور چڙهي ويا هيا. خدا خدا ڪري هنن مصيبت جا ڏينھن ڪٽيا/ڪڍيا. هاڻي سج ٻاهر نڪتو هو، برف جا پھاڙ ڳرڻ لڳا. لنڪن جي ڪيبن مان هر ماڻھو پنھنجي جان بچائي ڀڄي وڃڻ پيو چاهي. ان ڪيبن ۾ هنن موت کان سوا ٻيون سڀ تڪليفون اکين سان ڏٺيون هيون. ان ڪري ٿوري ئي وقت ۾ سارا ۽ لنڪن پنھنجي آخري گهر ڪولز ڪائونٽي Coles County ۾ منتقل ٿي ويا. هن رواج ۽ قانون کان ڪجهہ عرصو وڌيڪ پنھنجي پيءُ سان گڏ گذاريو هو. هاڻي هو آزاد هيو. جتي چاهي ها اتي ئي پنھنجي نئين دنيا آباد ڪري پئي سگهيو. پر هن کي في الحال فوري طور تي ڪنھن ملازمت جي ضرورت هئي.
هوڏانھن ڊينٽن آفٽ Denton Offut هن کي سڀ کان اول آڇ ڪئي. آفٽ هڪ خالي پلاءُ پچائڻ وارو بدمست سوداگر هيو. رڳو پيو کائيندو پيئندو ۽ مستي ۾ مست رهندو هو. هو ابراهم لنڪن جي ويڳي ڀاءُ جون جونسٽن ۽ ڊينس هنيڪس کي ملازم رکڻ چاهي پيو. ڪم اهو هيو جو اهي ماڻھو هن جو سامان تجارت واري واري ٻيڙي ۾ لڏي، نيواورلينز کڻي وڃن ۽ اتي کپائي اچن. ان ڪم جي لاءِ ڊينٽن آفٽ Denton Offut هنن کي چيو تہ اهي اسپرنگ فيلڊ Springfield ۾ اچي هن سان ملي وڃن. انھن ڏينھن تائين برف بہ ڳري ويندي ۽ موسم بہ خوشگوار ٿي ويندي.
لنڪن جي بيان جي مطابق جڏهن اهي ان ڪم جي لاءِ نڪتا تہ سڄو ملڪ ٻوڏ ۾ ٻڏي رهيو هيو ۽ روڊن تان سفر ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو هو. پھرئين مارچ 1831ع جو انھن هڪڙي ننڍڙي ٻيڙي خريد ڪئي ۽ سنگامون درياءُ ۾ هلائڻ لڳا.
جڏهن اهي اسپرنگ فيلڊ پھتا تہ هنن جو اهو سوداگر دوست اتي اڳ ۾ ئي موجود هيو. هو ان وقت هڪڙي هوٽل ۾ ويھي مزي مزي سان وسڪي جا مزا لٽي رهيو هو. هو بلڪل تيار هو پر هن کي ٻيڙي جي ڪا بہ خبر چار نہ هئي. هاڻي ابراهم کي اها خبر پئجي ويئي تہ جيڪڏهن انھن ٽنھين کي اها نوڪري ڪرڻي آهي تہ انھن کي پاڻ ئي اها ٻيڙي تيار ڪرڻي پوندي ۽ ان کان پوءِ ان تي تجارت جو سامان وجهي وڃڻو پوندو. ان سڄي ڪم جي مزدوري 12 ڊالر هر ماڻھو جي حساب سان هوندي. سو ائين ئي اهي ٽيئي ڄڻا ڪم تي لڳي ويا. ابراهم ۽ هن جا ٻہ ڀائر نالي Edward and Thomas . هڪ مھيني جي سخت محنت کان پوءِ 80 ڦٽ ڊگهي ۽ 18 فٽ ويڪري ٻيڙي تيار ڪئي وئي. ان ٻيڙي تي ڪڻڪ، اناج ۽ مال متاع ۽ ٻئي سامان سان ڀريو ويو. ان ۾ ئي 30 تندرست ۽ مضبوط سوئربہ وڌا ويا. انھن سوئرن کي ٻيڙي ۾ وجهڻ وڏو مسئلو ٿيو. وڏي مشڪل سان انھن کي ماري، ڪٽي، ٻڌي، سوگهو ڪري ٻيڙي ۾ وڌو ويو. ان سڄي ڪم ۾ ڪافي وقت لڳي ويو هو. ان دوران ٻوڏ بہ لھي ويئي هئي. آخرڪار ٻيڙي اٽلج هل جي بند تي اچي ڦاسي پئي.
اهو واقعو نيوسيلم New Salem ڳوٺ جي ويجهو ٿيو. هتي ئي پوءِ لنڪن پنھنجي زندگيءَ جا ڇھہ سال ڪڍيا. اهي ڇھہ سال لنڪن جي حياتي ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. نيوسيلم جي ماڻھن ان ٻيڙي تي ئي ابراهم جي پھرئين جهلڪ ڏٺي هئي. انھن کي ڪھڙي خبر تہ سامان سان لڏيل هن ٻيڙي ۾ (جيڪا ان وقت درياءُ جي بند تي ڦاسي پئي هئي) جيڪو سنھڙو سيپڪڙو 22 سالن جو سرحدي نوجوان سوار آهي، اهو هڪ ڏينھن آمريڪا جي ٻيڙي کي پار لڳائڻ جي لاءِ پنھنجي جان جو نذرانو بہ ڏيئي ڇڏيندو. ان وقت لنڪن کي نيري رنگ جي پتلون پاتل هئي. هن جي پينٽ جا پانچا ٽڻين کان ٿورو مٿي ابتو ٿيل هيا. ابراهم جو پنيون اتان صاف نظر اچي رهيون هيون. چيڪ تي شرٽ ۽ مٿي تي ٽوپي پاتل ابراهم ٻيڙي کي اتان ڪڍڻ جي وڏي ڪوشش ۾ مصروف هيو. ٻيڙي جو اهو حال هيو جو ائين لڳي پيو تہ اجهو ٿي ٻڏي. پاڻي گهڻو ڀرجي وڃڻ جي ڪري ٻيڙي ڪافي وزني ٿي ويئي هئي. مٿان وري سامان جو وزن اڳ ۾ ئي گهڻو هيو. ٻيڙي مان پاڻي ڪڍڻ جو ڪو بہ طريقو هن جي ذهن ۾ نہ ٿي آيو. ٻيڙي لڏي رهي هئي، ائين پيو لڳي تہ اجهو ٿي ٻيڙي ٻڏي. جان هنيڪس John T. Hanks جي بقول تہ ابراهم کي عين ان وقت هڪڙو خيال آيو، هن جيئن تئين ڪري ٻيڙي مان سامان ڪڍي، ڪنھن بہ ريت ڪناري تي پھچايو ۽ بند جي ويجهو ٻيڙي کي سوراخ ڪري، پاڻي کي بند تي ئي وهائي ڇڏيو. هاڻي ٻيڙي هلڪي ٿي پئي هئي. جڏهن پاڻي نڪري ويو تہ ابراهم ٻيھر پاڻي ڀرجي وڃڻ کان اڳ ۾ ئي نھايت ئي ڦڙتي سان اهو سوراخ بند ڪري، ڪاٺ جو بنڊ رکي ڇڏيو.
درياءُ جي ڪناري تي نيو سيلم ڳوٺ جي ماڻھن جو ميڙو اچي متو هو. وڏي خاموشي سان ان ڊرامي کي ڏسي رهيا هيا. عورتون، مرد، ٻار، ٻڍا، ننڍا توڙي وڏا، سڀ ئي گڏ ٿي ويا هئا. جن بعد ۾ ابراهم جي زندگي تي گهرو اثر وڌو. ان ميڙ ۾ منيٽر گراهم Mentor Graham بہ هيو. جيڪو هڪڙي اسڪول ۾ استاد هيو. گراهم ئي ابراهم کي زمين جي مساحت جو فن سيکاريو هو. گراهم کان علاوہ جيڪ آرام اسٽرانگ Armstrong, بہ هيو. جنھن کي ابراهم ٻيڙي جي هڪڙي مقابلي ۾ دسيو هيو. پر بعد ۾ هو ابراهم جو گهرو دوست ۽ مداح ٿي ويو هو.
ان ميڙاڪي ۾ اين رٽلج Ann Rutledge, بہ هئي. هي ڳوٺ جي سڀني کان حسين ترين عورت هئي، جنھن جي حسن جو چرچو ڳوٺ جي هر نوجوان جي زبان تي هيو. اتي ئي اين ٽلج جو پيءَ جيمس رٽلج بہ هيو. جيمز هڪڙي نئين آبادي جو بنياد بہ وڌو هيو ۽ هڪڙي مل جو مالڪ سامان ڊينٽن آفٽ Denton Offut بہ هيو. اهي ماڻھو ۽ ڳوٺ جا ٻيا ماڻھو ڪناري تي بيھي، هن خاموش طوفان جو نظارو ڪري رهيا هيا ۽ ابراهم پنھنجي ٻيڙي کي بچائڻ جي جدوجھد ۾ مصروف هو. لنڪن ٻيڙي ۽ سامان کي بچائڻ لاءِ مسلسل هوشياري ۽ فرض شناسي جو ثبوت ڏنو. ان مان ڊينٽن آفٽ Denton Offut بہ گهڻو خوش ٿيو ۽ هن جي دل ۾ ابراهم جي عزت اڃان بہ وڌي ويئي. ان ڪري هن ابراهم کي هڪڙي ٻي آڇ اها بہ ڪئي تہ نيواورلينز کان واپسي کان پوءِ هو هن جي ننڍڙي دڪان تي منشي ٿي ڪم ڪري. جون هونسٽن، جون هنيڪس، ابراهم لنڪن ۽ وينس سينگامون کان ٿيندا، دريا الينواءِ تائين پھچي ويا ۽ پوءِ اتان مسي سي پي پھچي ويا.
جون هنيڪس پنھنجو ارادو مٽائي ڇڏيو هو ۽ هو نيواورلينز وڃڻ بجاءِ سينٽ لوئي کان واپس هليو ويو. هنيڪس پنھنجي هڪڙي بيان ۾ ان ڳالھہ جو ذڪر ڪيو تہ نيواورلينز ۾ ابراهم هڪڙي خوبصورت ڇوڪري کي نيلام ٿيندي ڏٺو. ان واقعي جو ابراهم تي وڏو اثر ٿيو ۽ هن اهو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪڏهن هن کي ڪڏهن بہ موقعو مليو تہ هو سڀ کان اڳ ۾ غلامي ۽ بردہ فروشي جي عمل کي ختم ڪرائي غيرقانوني ڪندو. الينواءِ واپس اچڻ کان پوءِ، آمريڪا جو ٿيڻ وارو صدر ڳوٺ جي هڪڙي ننڍڙي دڪان تي منشي گيري جي ملازمت ڪري ڏاڍو خوش ٿيو هو.
Abraham Lincoln said:
“My concern is not whether God is on our side; my greatest concern is to be on God's side, for God is always right.”
"And in the end, it is not the years in your life that count, it's the life in your years."