اسپرنگ فيلڊ جا شروعاتي ڏينھڙا
جوشوا ايف اسپيڊJoshua F.Speed (1814-1882) ڪينٽڪي جو رهاڪو هڪڙو نوجوان ۽ خوشحال واپاري هيو. اسپرنگ فيلڊ ۾ هن جي هٽ جو وکر گهڻو وڪامجندو هيو. بعد ۾ هي شخص لنڪن جو تمام گهڻو مخلص يار ثابت ٿيو.
اسپيڊ اسپرنگ فيلڊ ۾ لنڪن جي آمد جو ذڪر اڪثر ڪري ڪندو هيو. لنڪن هڪڙي ٽانگي تي سوار ٿي پنھنجو سڄو اثاثو، ٻن ٿيلھن ۾ ڀري، اسپيڊ جي هٽ اڳيان اچي بيٺو ۽ اسپيڊ کان پڇڻ لڳو،”هڪڙي بستري جي قيمت ڇا آهي“؟.
جڏهن اسپيڊ حساب ڪري هن کي ٻڌايو تہ، ”تقريبن سترنھن ڊالر ٿيندي“.
ان تي لنڪن چوڻ لڳو،”سترنھن ڊالر...ڪافي سستو آهي پر في الحال مون وٽ اها قيمت ڀرڻ جي بہ طاقت نہ آهي. جيڪڏهن توهان مون کي ڪرسمس تائين اهو ڪمرو اڌارو ڏيئي سگهو ۽ انھيءَ دوران جيڪڏهن منھنجي هتي وڪالت هلي پيئي تہ مان توهان کي سموري رقم ڏيئي ڇڏيندس. نہ تہ ٻي صورت ۾ شايد مان اها رقم بہ ڀري نہ سگهان“.
اسپيڊ ان ڊگهي قد واري ماڻھو تي هڪڙي گهري نظر وڌي ۽ هن کي غور سان ڏسڻ لڳو. اڪثر ماڻھن جي هن جي چھري جي باري ۾ اها راءِ هوندي هئي تہ هن جھڙو اداس/مغموم چھرو انھن زندگي ۾ ڪنھن جو بہ نہ ڏٺو هو. اهڙو ئي تاثر اسپيڊ جو بہ جڙيو هو. اسپيڊ جلدي ۾ ئي پنھنجي ذهن ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ۽ دڪان جي صندل تي جهڪندي ئي هن اداس وڪيل کي چوڻ لڳو،”مان ڏسان ٿو تہ ايتري معمولي رقم بہ توهان لاءِ ايڏي وڏي اهميت رکي ٿي. ان ڪري منھنجي هڪڙي تجويز آهي جيڪڏهن توهان اها قبول ڪندو تہ توهان قرض کان بہ بچي ويندو ۽ توهان جو مقصد بہ حل ٿي ويندو. مون وٽ هڪڙو تمام وڏو ڪمرو ۽ ان ۾ هڪڙو وڏو بسترو آهي. جيڪڏهن توهان مون سان گڏ رهڻ پسند ڪيو تہ مون کي ڪو بہ اعتراض نہ آهي“.
”اهو ڪمرو ڪٿي آهي“. لنڪن هن کان پڇيو.
”مٿي“... اسپيڊ هڪڙي ڏاڪڻ ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
لنڪن پنھنجا ٻيئي ٿيلھا کنيا ۽ هڪ ئي وقت ٻٽا ڏاڪا چڙهندو مٿي هليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن هو واپس آيو تہ هن جي چھري تي اطمينان جي جهلڪ نظر پئي آئي. هن اسپيڊ کي چيو،”مون کي توهان جي تجويز منظور آهي“.
اتي پھچڻ کان پوءِ لنڪن پنھنجي هڪڙي خط ۾ اتان جي تنھائي جي شڪايت ڪئي آهي. پر حقيقت ۾ اسپيڊ نہ فقط هن کي مفت ۾ رهڻ لاءِ هڪڙو ڪمرو ڏنو هو پر ڪمرو هڪڙي قسم جو ڪلب بہ ٿي ويو هو. دڪان جي مٿان وارو هي ڪمرو تمام وڏو ڪمرو هيو ۽ آتشڪدي جي هرويل جي ٻريل باھہ جي ڪري ڪافي گرم هيو. هن جي ڪمري ۾ اڪثر ڪري ڳوٺ جا پڙهيل لکيل ماڻھو گڏ ٿي ويندا هيا ۽ اهي سياست ۽ ادب تي بحث مباحثو ڪندا رهندا هيا. اسپيڊ پاڻ بہ ايترو ئي پڙهيل هيو جيترو لنڪن ۽ لنڪن کان وڌيڪ تربيت يافتہ هيو. اهڙي صحبت ۾ اسپيڊ ۽ هن جو ڪلرڪ بلي هرن ڊن تہ باقائدي ئي شريڪ ٿيندا هيا. اڪثر ڪري هڪڙو نوجوان ۽ هڪڙو ڪامياب سياستدان اسٽيفن ڊگلس بہ اتي ايندو رهندو هيو. ڊگلس، ابراهم جي ڀيٽ ۾ ننڍي قد جو، ضديرو ۽ ڊيموڪريٽ پارٽي سان تعلق رکندو هيو. پر ان جي ڀيٽ ۾ وري لنڪن ڊگهو مڙس، صلح ڪرڻ وارو پرامن ماڻھو ۽ سياسي پارٽي جي حساب سان هن جو تعلق وهگ Whig party” سان هيو. اڪثر اهي ماڻھو شعرو شاعري ۽ ڪچھري ڪندا رهندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن ڊگلس ۽ ابراهم وڏي گرم جوشي سان سياسي مسئلي تي وڏي سنجيدگي سان مدلل بحث بہ ڪندا هيا. اهي ٻيئي سٺا مقرر هيا.
لنڪن ٻين سببن جي ڪري بہ خوش قسمت سمجهيو پئي ويو تہ انھن ئي ڏينھن ۾ جان ٽي اسٽوارٽ ئي هنکي قانون جي تعليم پڙهڻ جي صلاح ڏني. هن فرم جي حساب ڪتاب ۽ انگن اکرن مان اها خبر پوي ٿي تہ پھرئين سال هن فرم فقط پنج ڊالر ڪمايا ۽ انھن ٻنھي وڪيلن جي دوستي ڏينھن و ڏينھن اڃان بہ مضبوط ٿيندي ويئي.
لنڪن اسپرنگ فيلڊ ۾ اڳ ۾ ئي گهڻي مقبوليت ماڻي چڪو هيو. جنھن جوش ۽جذبي سان هن الينواءِ جو صدر مقام ونڊيليا کان اسپرنگ فيلڊ ۾ مٽرايو هو، ان جو اثر عوام تي تمام گهڻو هيو. هو لنڪن جي صلاحيتن کان تمام گهڻو واقف هيو.
لنڪن جي آمد کان ٻہ سال اڳ ۾ ئي مردم شماري ڪئي ويئي هئي. ان ڪري اسان آساني سان سھي اندازو لڳائي سگهون ٿا تہ لنڪن جي اچڻ مھل هن شھر جي آبادي ڏيڍ هزار ماڻھن تي مشتمل هئي. هن شھر ۾ ڇھہ گرجا گهر ۽ ڇھہ پسارين جا دڪان هوندا هيا. ٻارنھن دڪان کائڻ پيئڻ يعني سيڌي سٽي جي شين جا هيا. ان کان علاوہ شھر ۾ چار هوٽلون، چار دوافروش ۽ چار ڪافي هائوس هيا.
ان شھر ۾ ٻہ اخبارون هيون اينديون، جن جي پاڻ ۾ نہ لڳندي هئي ۽ اهي ٻيئي اخبارون ابراهم لنڪن جي سياسي حريف ڊگلس جي نظرين جون حامي هيون. سائمن فرانسس سنگامون جنرل جو ايڊيٽر هيو ۽ لنڪن جو تمام وڏو حامي هيو. اسٽيفن ڊگلس کي الينواءِ ريپبليڪن جي ايڊيٽر جارج آروير جي حمايت حاصل هئي. سڀئي دفتر ۽ دڪان شھر جي مرڪزي چوڪ تي واقع هيا. روڊ جي ٻي پاسي ڪاٺ جا ٺھيل ڪيبن ۽ اڌ پڪل سرن جا ڪجهہ گهر ٺھيل هيا. پر سڄي بستيءَ جون گهٽيون ۽ روڊ ڪچا هيا. خشڪ موسم ۾ تہ هتان جي ڪچن پيچرن تان تہ سڄو ڏينھن ڌوڙ جا دونھان پيا نڪرندا هيا ۽ مينھن ۾ تہ وري گپ ۾ وهنتل هوندا هيا. سوئر ۽ ٻيا جانور وچ رستن تي پيا ڊڪندا رهندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن تہ روڊ پار ڪرڻ بہ انتھائي اوکو ٿي پوندو هيو.
هڪ نئين صدر مقام جي زندگي جي اڪثر شعبن ۾ ناهمواري، بي ترتيبي ۽ افراتفري ڏٺي ويندي هئي. پر گهڻن ڳالھين جي ڪري هي نئون شھر ۽ اسان جو نئون وڪيل بہ گهڻين خوبين جو مالڪ هيو. هن شھر کي اهو فخر بہ حاصل هيو تہ هن ۾ هڪڙو ڪتابن جو دڪان ۽ تمام گهڻا اسڪول بہ هيا. تعليمي ۽ ثقافتي اعتبار کان اڄ ڏيڍ هزار جي آبادي جو ڪو بہ ڳوٺ ايتري سرگرمي نہ ٿو ڏيکاري سگهي، جيتري ان زماني ۾ سرحدي اسپرنگ فيلڊ پنھنجي حلقي ۾ ڏيکاري هئي. هتي ٿپسين سوسائيٽي، ٽيمپرينس سوسائٽي ۽ ٻيا ثقافتي ۽ تعليمي ادارا بہ هيا. اڪثر ڪري مشھور ماڻھو جھڙوڪ؛ ڊينيئل ويبسٽر وغيرہ تقرير ڪرڻ ايندا هيا.