آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ابراهم لنڪن (سوانح حيات)

ابراهم لنڪن جي زندگي جدوجھد، حوصلي ۽ اصولن تي بيھڻ جي هڪ شاندار ڪھاڻي آهي، جيڪا نہ رڳو آمريڪي تاريخ ۾، پر پوري دنيا ۾ جمھوريت ۽ انساني حقن جي حوالي سان هڪ مشعلِ راھہ بڻيل آهي. هي ڪتاب ان عظيم اڳواڻ جي سوانح حيات تي تفصيل سان روشني وجهي ٿو، جيڪو هڪ عام غريب خاندان مان اڀري، آمريڪا جي 16هين صدر طور تاريخ رقم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. لنڪن جي قيادت جو سڀ کان اهم ڪارنامو غلاميءَ جو خاتمو آڻڻ هيو، آمريڪي گهرو ويڙھہ دوران قومي اتحاد کي برقرار رکڻ ۽ جمھوريت جي بنيادي اصولن کي مضبوط ڪرڻ هو. هي رڳو هڪ عام ترجمو ٿيل ڪتاب ناهي، پر اسان جي نوجوانن جي لاءِ جاڳرتا جو هڪ اهم باب پڻ آهي. هن ڪتاب ۾ لنڪن جي قيادت، سندس سياسي حڪمت عملي، ۽ جمھوريت لاءِ ڏنل قربانين جو تفصيلي ذڪر آهي.

Title Cover of book Abraham Lincoln

فرضي خطن جو وار

ابراهم کي ننڍي هوندي کان ئي لکڻ جو وڏو شوق هوندو هيو. اڪثر ڪري هو تنقيدي نظم ۽ مضمون لکندو رهندو هو. اسپرنگ فيلڊ ۾ سنگامون جنرل Sangamo Journal جي ايڊيٽر سان هن جي دوستي ٿي ويئي هئي ۽ هن ان جي اخبار ۾ ئي ڪالم لکڻ شروع ڪيا. هو مختلف ڪلمي نالن سان لکندو رهندو هيو. انھن مان هن جو هڪڙو نالو،”سيمسن گهوسٽ“"Sampson's Ghost بہ هيو. انھن ڪالمن ۾ هو پنھنجي سياسي حريفن تي وڏا وار ڪندو هو.
ميري ۽ ابراهم، ميري جي سھيلي جوليا جين جي مدد سان فرضي خطن جو سلسلو شروع ڪيو. اهي خط هڪڙي ڳوٺاڻي عورت، هڪڙو فرضي شھر، لاسٽ ٽائون شپ کان آنٽ بيڪا Lydia Bixby جي نالي سان لکيا ويندا هيا. انھن خطن ۾ ڏاڍي ڪڙي ٻولي، تلخ لھجو ۽ تنقيدي پھلو هوندو هيو. انھن حملن جو نشانو هن جو سياسي حريف ۽ سرڪاري محاسب جيمس شيلڊز هيو.
اصل ۾ لنڪن ۽ هن جي پارٽي جيڪا پاليسي اختيار ڪئي هئي. ان ئي سبب جي ڪري سڄي رياست قرضن ۾ وٺجي ويئي هئي. پر لنڪن پنھنجي ان غلطي جي زميواري شيلڊز تي هڻي ڇڏي هئي ۽ سرڪاري خزاني کي خالي ڪرڻ جو الزام شيلڊز تي هڻي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ شيلڊز کان وڌيڪ هو پاڻ ان معامري جو زميوار هيو.
هڪڙو اهڙو واقعو بہ ٿي ويو جو لنڪن جي لاءِ ڊيوئل وڙهڻ کان علاوہ ٻيو ڪو بہ رستو نہ رهيو هو. اهو هيو تہ لنڪن جي غيرموجودگي ۾، هن جي بغير ٻڌائڻ جي، ميري ۽ جوليا جين هڪڙو توهين آميز خط آنٽ بيڪا Lydia Bixby جي نالي سان ڇپرائي ڇڏيو. جنھن ۾ تمام سخت لھجو ۽ ڪڙي ٻولي ڳالھائي ويئي هئي. شيلڊز چيلينج ڪيو تہ انھن خطن جو ليکڪ سامھون اچي مون سان ڊيوئل وڙهي. آنٽ بيڪا وري هڪڙو ٻيو خط لکيو، جنھن ۾ هن اهو بہ لکيو تہ جيڪڏهن شيلڊز ڊيوئل ئي وڙهڻ چاهي ٿو تہ انصاف جو تقاضا اهو آهي تہ هو يا تہ پيٽي ڪوٽ پائي ڇڏي يا وري مان مرداڻو ويس پائي هن سان وڙهڻ اچان.
ان تي شيلڊز اهو اصرار ڪيو تہ ايڊيٽر هن ليکڪا جو اصل نالو ظاهر ڪري، جڏهن ابراهم ڏٺو تہ معامرو طول وٺي رهيو آهي تہ هن سڀني خطن جي ذميواري پاڻ تي کنئي ۽چيو تہ اهي سڀ خط مون لکيا آهن ۽ ڪوشش ڪئي تہ منظرعام تي اچڻ کان ئي معافي وٺي صلح ڪجي. پر شيلڊز هن جي اها ڳالھہ نہ مڃي ۽ مجبورن ابراهم کي ڊيوئل وٺي وڙهڻو پيو. هن سڀني کان پھريائن وارن گهوڙيسوارن جي سڀني کان ڊگهي تلوار جو نالو کنيو. شيلڊز تہ اهڙي قسم جي هٿيارن جو نگران رهي چڪو هو.
ان ڪري جيڪڏهن بعد ۾ ابراهم هٿيار مٽائي نہ ڇڏي ها تہ شايد هن کي هن ڊوئيل ۾ ڪم اچي وڃي ها. ٻي دفعي جن شرطن تي ابراهم ڊيوئل منظور ڪئي اهو ڏاڍو عجيب ۽ مزاحيه خيز هيو. ان ۾ اهو طئي ٿيو تہ زمين ۾ هڪڙو تختو پوريو وڃي ۽ ٻيئي ڄڻا ان تختي کان اڳتي نہ نڪري وڃن ۽ اهڙي ريت پوئتي هٽڻ جي بہ هڪڙي حد مقرر ڪئي ويئي ۽ حد اها هئي تہ هڪڙي تلوار جي ڊيگهہ جيتري ڊگهائي ۽ ان کان علاوہ ٽن ڦٽن جي برابر واري جاءِ تي ليڪو ڪڍيو ويو. ان کان پوئتي ڪو بہ هٽي نہ پيو سگهي. ان حد ۾ اندر رهي ڪري هڪٻئي تي حمله ڪرڻا هيا.
هاڻي شيلڊ جي لاءِ پنھنجي سڄي معلومات ۽ تجربي جي باوجود ابراهم سان وڙهڻ ۽ ان کان کٽڻ ايڏو سولو ڪم نہ هيو. ڇو تہ ابراهم جا هٿ شيلڊز کان گهڻو وڏا هيا ۽ هو وڏي آساني سان، بغير اڳتي پير ڪرڻ جي يا اڳتي وڌڻ جي ئي شيلڊز تي حملو ڪري سگهي پيو. اصل ۾ اها باھہ ٻين جي ڀڙڪايل هئي ۽ هتان هُتان جا شرپسند ماڻھو، انھن ٻنھين کان وڌيڪ ان ڳالھہ تي دلچسپي جو اظھار ڪري رهيا هيا، پر ٿيو ائين جو جڏهن اهي ٻئي ڄڻا الينواءِ جي هڪڙي جاءِ آلٽن جي ويجهو درياءُ مسي سي پي جي ڪناري تي مقابلي جي لاءِ آمھون سامھون ٿيا تہ بنان وڙهڻ جي ئي انھن جا اختلاف ختم ٿي ويا هيا.
ان جهيڙي جا گهٽ ۾ گهٽ ٻہ خوشگوار نتيجا ضرور نڪتا، هڪڙو تہ ابراهم وري اڳتي ڪڏهن بہ پنھنجن حريفن، مخالفن تي گمنام نالن سان خط لکي حملا نہ ڪيا. ٻيو اهو تہ هن ميري ٽاڊ کي مصيبت کان بچائڻ جي لاءِ سڄو الزام پنھنجي سر تي کنيو ۽ ان نہ ڪيل گناھہ جي لاءِ پنھنجو سر تري تي رکي ڊوئل وڙهڻ لاءِ بہ تيار ٿي ويو هو. ابراهم جي ان ڳالھہ جو ميري تي تمام وڏو گهرو اثر پيو ۽ هو هن سان هڪدم شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويئي. ان ڪري 4 نومبر 1842ع جو هنن ٻنھين شادي ڪري ڇڏي. ان موقعي تي تمام محدود دوستن کي مدعو ڪيو ويو هو.