لنڪن جو ٻارڙن سان پيار
لنڪن وڪالت کي ئي پنھنجي روزي جو ذريعو بڻايو هيو. پر هن جي پسند جو ڪم سياست ڪرڻ هيو. مقامي مجلس جي قانون سازي ۾ اٺن سالن تائين ميمبر هئڻ کان پوءِ هن کي اهو خيال اچڻ لڳو تہ هاڻي هن کي ڪانگريس جو ميمبر ٿيڻ گهرجي. ان حوالي سان هن ٻہ دفعا ڪوشش پڻ ڪئي هن جي وهگ پارٽي Whig party”جا ميمبر هن کي چونڊن پيا، پر هر دفعي ناڪامي کان پوءِ هڪڙي ٻي ضلعي جي وهگ Whig party” پارٽي جي ميمبرن کان نامزدگي جو واعدو ورتو ۽ پنھنجي مخالف ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار کي شڪست ڏني. اهڙي ريت هن ڊسمبر 1847ع ۾ پارليامينٽ ۾ پنھنجي جڳھہ ٺاهي ورتي.
قومي دارالحڪومت جي آبادي انھن ڏينھن ۾ چاليھہ هزار هئي. انھن ۾ 30 سيڪڙو گورا ۽ ڏھہ هزار حبشي ڪارا هيا. جن جو تقريبن پنجون حصو انگريزن جو غلام هيو. واشنگٽن انھن ڏينھن ۾ غلامي جو سڀ کان وڏو مرڪز هيو ۽ برداه فروشي جو سڀ کان وڏي بازار بہ ڪيپيٽل عمارت کان نظر ايندو هيو. 1847ع ۾ حڪومت جي هن عمارت ۾ ڪاٺ جو عارضي گنبذ ٺھيل هيو ۽ موجودہ ٻہ ٻانھون بہ ٺھيل نہ هيون. وائيٽ هائوس جي لان تي بحري ٻيڙي جو بينڊ اربع ۽ آچر جي شام جو گانا ڳائيندو هو. دريا ۽ ايگزيڪيٽو محلات جي وچ ۾ ڪافي دلدل هئي. جيڪو مليريا جي بيشمار مڇرن جو آکاڙو سمجهيو ويندو هيو. پنسلواينا ايوينيو جو فرش لسو نہ هيو، پٿرن سان ٺھيل هيو. جتان امير ميمبرن جو گاڏيون، جهاڪا کائينديون اڳتي هليون وينديون هيون.
ان قومي دارالحڪومت جا باقي سڀ رستا ڪچا هوندا هيا ۽ اسپرنگ فيلڊ جي روڊن جيان، ڌوڙ، مٽي، دز ۽ گپ سان ڀڀوت هوندا هيا. اتي بہ روڊن تي سوئر ۽ بدڪن جا انبوھہ گشت ڪندي نظر ايندا هيا. ان کان علاوہ ڪچرن جي ڍيرن تي ڪڪڙيون پنھنجن چوزن سان ڪچريءَ کي کنڊيريندي نظر اينديون هيون. وڏا وڏا پڪا گهر، بنگلا ۽ جهوپڙيون هڪ ٻئي جي آمھون سامھون بيٺل نظر اينديون هيون.
لنڪن کان وڌيڪ ميري کي ان حڪومت جي صدر مقام جي ان ابتر حالت کان ڏاڍي مايوسي ٿي. هن جي ڪڏهن خواب ۽ خيال ۾ بہ نہ هيو تہ واشنگٽن جي حالت اهڙي ڪني هوندي. ميري پنھنجي شھر ۾ سوسائٽي جي جان سمجهي ويندي هئي. پر هتي هن کي تمام گهٽ پروگرامن ۾ مدعو ڪيو پئي ويو.
ميري ۽ لنڪن ٻيئي هڪڙي ڪرائي جي گهر ۾ رهيل هيا. هي عمارت ان جڳھہ تي واقع هئي، جتي اڄڪلھہ ڪانگريس جي لائبريري ٺھيل آهي. لنڪن تہ پنھنجن ساٿين ۾ جلدي ئي مقبول ٿي ويو. هن جون اهي ئي ساڳيون حرڪتون، لطيفا ٻڌائڻ، ماڻھن کي کلائڻ ۽ ٽھڪڙا مچائڻ، هن جي دوستن کي پسند هيو. پر ميري پنھنجي ڪمري ۾ ئي اڪيلي هوندي هئي. بس ماني کائڻ مھل هو ڪمري کان ٻاهر نڪرندي هئي. باقي سمورو وقت هو ڪمري ۾ ئي گذاريندي هئي. ٽن مھينن ۾ ئي هو هن شھر ۽ ان زندگي کان بيزار ٿي پيئي. ڪانگريس جي اجلاس ختم ٿيڻ ۾ اڃان ڪافي ڏينھن هيا. ان ڪري هو ابراهم کي اتي ئي ڇڏي پاڻ ميڪين ڪنٽيڪي هلي ويئي ۽ اتي ئي لنڪن جو انتظار ڪندي رهي. جدائي جي انھن ڏينھن ۾ ميري ۽ ابراهم جيڪي خط هڪ ٻئي ڏانھن لکيا، انھن مان خبر پوي ٿي تہ باوجود انھن جي طبيعتن ۾ اختلاف هئڻ جي، اهي ٻيئي هڪٻئي سان ڏاڍو پيار ڪندا هيا.
انھن ڏينھن ۾ هنن جيڪي خط هڪٻئي کي لکيا، انھن مان ميري جو هڪڙو خط ۽ ابراهم جا چار خط زماني جي ستم ظريفي کان بچي ويا. انھن ۾ ٻنھين ڄڻن جو ٻارڙن سان پيار، صاف جهلڪي ٿو. ابراهم ذري ذري ٻارڙن جا نالا وٺي انھن جو ذڪر ڪري ٿو. ميري کي بہ لکي ٿو تہ هي ڪمرو مون کي اڪيلائي ۾ کائڻ ٿو اچي. مون کي اميد آهي تہ تو کي هاڻي سر جي درد جي شڪايت نہ رهي هوندي. تون پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪر. اهڙي قسم جا اڪثر جملا خطن ۾ ملن ٿا. جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ٻيئي ڄڻا هڪٻئي جي بغير، تنھائي جو شڪار آهن.