آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ابراهم لنڪن (سوانح حيات)

ابراهم لنڪن جي زندگي جدوجھد، حوصلي ۽ اصولن تي بيھڻ جي هڪ شاندار ڪھاڻي آهي، جيڪا نہ رڳو آمريڪي تاريخ ۾، پر پوري دنيا ۾ جمھوريت ۽ انساني حقن جي حوالي سان هڪ مشعلِ راھہ بڻيل آهي. هي ڪتاب ان عظيم اڳواڻ جي سوانح حيات تي تفصيل سان روشني وجهي ٿو، جيڪو هڪ عام غريب خاندان مان اڀري، آمريڪا جي 16هين صدر طور تاريخ رقم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. لنڪن جي قيادت جو سڀ کان اهم ڪارنامو غلاميءَ جو خاتمو آڻڻ هيو، آمريڪي گهرو ويڙھہ دوران قومي اتحاد کي برقرار رکڻ ۽ جمھوريت جي بنيادي اصولن کي مضبوط ڪرڻ هو. هي رڳو هڪ عام ترجمو ٿيل ڪتاب ناهي، پر اسان جي نوجوانن جي لاءِ جاڳرتا جو هڪ اهم باب پڻ آهي. هن ڪتاب ۾ لنڪن جي قيادت، سندس سياسي حڪمت عملي، ۽ جمھوريت لاءِ ڏنل قربانين جو تفصيلي ذڪر آهي.

Title Cover of book Abraham Lincoln

پُٽ جي استاد ڏانھن خط

آمريڪي صدر ابراهم لنڪن جو پنھنجي پٽ جي استاد ڏانھن خط

آئون ڄاڻان ٿو تہ هن کي سِکڻو پوندو تہ سڀ ماڻھو حق تي ڪو نہ آهن، نہ ئي سڀ ماڻھو سچا آهن. پر هن کي اهو پڻ سيکاريو تہ هر خراب ماڻھوءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ هڪ عظيم هستي هجي ٿي ۽ هو مفاد پرست سياستدان جو بہ هڪ سچو ليڊر ٿئي ٿو. هن کي سيکار تہ هر دشمن لاءِ بہ هڪ دوست ٿئي ٿو.
مان ڄاڻان ٿو تہ هن کي وقت لڳندو. پر کيس سيکاريو جيڪڏهن توها کان ٿي سگهي تہ، کيس بغض کان پري وٺي وڃو. جيڪڏهن توهان ڪري سگهي ٿا تہ کيس خاموش کِل جا راز سيکاريو. هن کي جلد ئي سکڻ ڏيو تہ داداگيرن کي جهڪائڻ نھايت آسان ڪم آهي. جيڪڏهن تون سيکاري سگهين تہ کيس ڪتابن جا عجائبات سيکار، پر کيس آسمان ۾ پرواز ڪندڙ پکين جي ازلي ۽ ابدي رازن تي سوچڻ لاءِ مناسب وقت ڏجو ۽ سج جي ڪرڻن ۾ اڏرندڙ جيت جڙن ۽ سرسبز ماٿريءَ تي ٽڙندڙ گلن لاءِ پڻ. کيس مڪتب ۾ سيکاريو تہ ڌوڪي ڏيڻ کان وڌيڪ معتبر ۽ عزت سان ناڪام ٿيڻ بھتر آهي. هن کي پنھنجي عقيدن ۽ خيالن تي ايمان رکڻ سيکاريو، کيس شريفن سان شرافت ۽ ڏِنگن سان ڏِنگائي سان پيش اچڻ سيکاريو. هِن کي ان لوڌ جي پٺيان نہ لڳڻ جي قوت عطا ڪرڻ جي تلقين ڪريو، جنھن ۾ هر هڪ سواريءَ تي چڙهڻ جو خواهشمند هجي. کيس سيکاريو تہ هو هر هڪ ماڻھوءَ کي ٻڌي پر کيس اهو بہ سيکاريو تہ سمورين ٻڌڻين کي سچ جي پردي ۾ ڇاڻي ۽ صرف ان کي برحق سمجهي، جيڪو ان ڇاڻيءَ مان ڇڻي صاف ٿي سامھون اچي.
(اي استاد) جيڪڏهن تو هان کان ٿي سگهي تہ، هِن کي سيکاريو تہ ڏکارو هجي تہ ڪيئن کِلي، هِن کي سيکاريو تہ ڳوڙها ڳاڙڻ ۾ ڪو بہ شرم نہ ڪبو آهي. هن کي سيکاريو تہ چاپلوسن ۽ خوشامد ڪندڙن کان پاسيرو رهي. هن کي سيکاريو تہ نقل ڪرڻ کان فيل ٿيڻ بھتر آهي. هن کي اهو بہ ٻڌايو تہ هو ڀلجي بہ ڪڏهن پنھنجي ضمير جي قيمت نہ لڳائي ۽ هن کي سيکاريو تہ هو هنبوڇيون هڻندڙ ڇِڙوڇڙ انبوھہ ڏانھن ڌيان نہ ڌري ۽ جيڪڏهن سمجهي ٿو تہ هو حق تي آهي تہ کيس مڙس ماڻھو ٿي بيھڻ ۽ منھن ڏيڻ جو هُنر ڏيو.
(اي استاد) هن سان شفقت سان هلو، پر کيس لاڏلو نہ بڻايو، ڇاڪاڻ جو صرف باھہ جي تپش ئي ڪچي سون کي تيار ڪندي آهي، هن کي ڇڏيو تہ مقصد، جستجو ۽ منزل جي حصول لاءِ پاڻ ۾ بي صبرو ٿيڻ جي همت پيدا ڪري ۽ ڇڏيوس تہ بھادر ٿيڻ لاءِ پاڻ ۾ صبر پيدا ڪري، هن کي هميشہ اهو سيکاريو تہ هو پنھنجي پاڻ تي جاھہ و جلال وارو اعتماد رکي تہ جيئن هن جو انسانيت مٿان ايمان هميشہ لاءِ پختو رهي!
اها هڪ پيءَ جي هڪڙي استاد مان لاءِ وڏي توقع آهي. پر تون ايترو ضرور ڪجانءِ ، جيترو توکان پڄي سگهي. ڏسون ٿا اي استاد تہ تون هن لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهين. انتھائي نفيس، ننڍڙو ۽ پيارو آهي، منھنجو پٽ!