موڪلاڻي جو ڀاڪر ۽ وڇوڙو
ابراهم پنھنجي صندوق ۽ هنڌ پاڻ ٻڌي/ويڙهي ان تي پنھنجي پتو لکي ڇڏيو.
اي لنڪن -وائيٽ هائوس، واشنگٽن ڊي سي
اسپرنگ فيلڊ وارو گهر ڪرائي تي چاڙهي ڇڏيو هو. ڳئون ۽ گهوڙا کپايا ويا هيا. ڪتو هنن کان جنھن گهريو ان کي ڏيئي ڇڏيائون. ان کان پوءِ ابرهام پنھنجي ويڳي ماءُ سارا بش سان آخري ملاقات ڪرڻ لڳو. هرن ڊن William Henry Herndon کي هن چيو تہ،“ فرم جي نالي ۾ ڪا بہ ڦير ڦار نہ ڪجانءِ. منھنجي نالي جي تختي بہ لڳل هجي ۽ جيڪڏهن مان جيئرو رهيس تہ پوءِ واپس موٽي ايندس ۽ اسان گڏجي اهڙي ريت وڪالت ڪنداسين، ڄڻ تہ ڪجهہ ٿيو ئي نہ آهي“.
هو ظاهري طور تي سفر جي تيارين ۾ مصروف هيو. پر ان سان گڏوگڏ هن جي دماغ ۾ اهو خيال پيو ايندو هو تہ هو آمريڪا جي ان دؤر ۾ صدر مقرر ٿيو آهي، جڏهن آمريڪا صفا نازڪ موڙ تي اچي بيٺو هو. سڄو ملڪ خانہ جنگي ۾ ورتل آهي. ڪنھن وقت بہ لڙائي جي چوچڙي لڳي سگهي پئي. چونڊجي آيل صدر اهو اعلان ڪيو هو تہ هو هر باعزت ۽ ممڪن طريقي سان ملڪ کي خون ريزي کان بچائيندو.
11 فيبروري 1961ع جي صبح جو مينھن وسي پيو. سياري جا سيءُ گريٽ ويسٽرن جي اسٽيشن تي ٽن ڊٻن ۽ هڪڙي انجڻ جي مختصر گاڏي بيٺي هئي. اها صدر جي اسپيشل ريل گاڏي هئي. لنڪن پليٽ فارم تي ڇٽين جو هڪڙو هجوم ڏٺو. هزارين ماڻھن جا بيتاب چھرا پنھنجي ملڪ جي محبوب صدر جي چھري جي هڪڙي جهلڪ ڏسڻ لاءِ آتا بيٺا هيا. انھن کي نہ سيءُ جي پرواھہ هئي ۽ نہ ئي وري برسات جي. لنڪن انھن کي پليٽ فارم تائين ئي خطاب ڪندي چيو؛
”منھنجا دوستو! لنڪن جهيڻي آواز ۾ چيو.
”هن رنج ۽ الوداعي موقعي تي منھنجي جذبن کي سمجهڻ ۽ انھن جو اندازو ڪرڻ سولو نہ آهي. هن شھر ۽ هن شھر جي رهاڪن، مون کي سڀ ڪجهہ ڏنو. مان انھن جي ٿورن جي بار هيٺان دٻيل آهيان. هتي مون صديءَ جو چوٿون حصو گذاريو. هتي ئي مان جوان مان پوڙهو ٿيس. هتي ئي منھنجا ٻچا پيدا ٿيا ۽ هن ئي زمين ۾ مون پنھنجي هڪڙي لخت جگر کي دفنايو. هاڻي مان توهان کان موڪلايان ٿو. مون کي خبر ناهي تہ منھنجي واپسي هن شھر ۾ ٿيندي بہ الائي نہ. مون تي تمام وڏيون زميواريون سٿيون ويون آهن. منھنجو ڪم واشنگٽن کان بہ گهڻو ڏکيو آهي. خدا جي مدد جي بغير منھنجي ڪاميابي ممڪن نہ آهي ۽ جيڪڏهن خدا جو ڪرم مون تي رهيو تہ پوءِ مان ناڪام نہ ٿو ٿي سگهان. ان تي ڀروسو ڪندي، جيڪو مون سان گڏ هوندو ۽ توهان سان بہ گڏ هوندو. ....جيڪو هر جاءِ تي موجود آهي، قائم آهي. اسان اميد ڪري سگهون ٿا تہ حالتون بھتر ٿي وينديون. مان توهان کي ان رب جي حوالي ڪيان ٿو. مون کي اميد آهي تہ توهان مون کي دعا خير ۾ ياد ڪندو. ...
الوداع...
انجڻ جي سيٽي هوا ۾ گونجي. اسٽيشن جي گهنٽي وڳي ۽ ٽرين آهستي آهستي ڪوهيڙي ۾ غائب ٿي ويئي.
لنڪن جي طبعيت ۾ نرم دلي ۽ هو صلح پسند ماڻھو هو. جنگ، خونريزي ۽ تشدد جي خلاف هن جي سوچ جي باري ۾ اسان پٺين صفحن ۾ پڙهي آيا آهيون. قدرت جي هي وڏي ستم ظريفي چئي سگهجي ٿي تہ لنڪن جھڙي ماڻھو کي اهڙي دؤر ۾ صدارت جي سيٽ ڏني ويئي. جڏهن سڄي ملڪ ۾ جنگ جا ڪڪر ڇانيل هيا. حالتون اهڙي ٿي ويون هيون جو جنگ اڻٽر ٿي ويئي هئي.
ڪرنل فيڊريٽ جي بندوق جي پھرئين گولي فورٽ سمٽر تي هلي. اها جنگ جي شروعات هئي. ان کان پوءِ اتر ۽ ڏکڻ جون حريف فوجون پنھنجن پنھنجن جنرلن جي سربراهي ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويون هيون. اهي ان خانہ جنگي جون تياريون هيون جيڪي ايندڙ چئن سالن تائين هلڻيون هيون.
انھن ٻنھين فوجين جا سپاهي جيڪي ميدان جنگ ۾ هڪٻئي جي سينن تي بندوقون تاڻي بيٺا هيا، پنھنجي حب الوطني، شجاعت، همت ۽ پنھنجي نصب العين ۾ هڪٻئي کان وڌيڪ مختلف نہ هيا. ٻنھين کي پنھنجا وطن ۽ پنھنجا نظريا وڌيڪ عزيز هيا. ٻئي هڪڙي ئي وطن جا پٽ هيا ۽ ٻئي ان جي سلامتي ۽ بچاءُ جي خاطر هڪٻئي سان سندرو ٻڌي بيٺا هيا. اهي ٻئي پنھنجي روئندڙ مائرن، مظلوم پيئرن ۽ خوبصورت محبوبائن کي ڇڏي پنھنجن ئي هموطنن جي خلاف صف آرا هيا. اهو جذبو جيڪو اتر ۽ ڏکڻ رياستن جي باهمي اختلاف کي ختم ڪري هڪٻئي جي ويجهو اچڻ گهرجي ها. اڄ ميدان جنگ ۾ هڪٻئي جي خلاف نفرت جا جذبا کڻي بيٺا هيا.
پھرئين لڙائي کي ڏسڻ جي لاءِ ڪانگريس جا ميمبر ۽ انھن جو مايون بہ پھچي ويون هيون. ڄڻ تہ ڪا لڙائي نہ هئي پر ڪا پڪنڪ هجي. پر جڏهن ڏاکڻي فوج جو جنرل جيڪسن ميدان جنگ ۾ ديوار بڻجي بيھي رهيو ۽ وفاقي فوج جي پيش قدمي بہ آخرڪار لڙائي ۾ تبديل ٿي ويئي تہ ڪانگريس جا ميمبر ۽ انھن جون مايون پنھنجين گاڏين ۾ سوار ٿي واشنگٽن طرف ڀڄڻ لڳيون. هاڻي قوم کي خبر پئجي ويئي تہ جنگ ڪا پڪنڪ ڪانھي، پر خونريزي آ. رت جي هولي آهي.
1862ع تائين ٻنھين ڌرين جا گهڻا مغالطا دور ٿي ويا هيا. پنينسولر ڪيمپين، شيئڊو ويلي جي لڙائي ۽ سيڪنڊبل رن، اين ٽيٽم ۽ فريڊرڪس برگ جي ٽولن جي جاين تي لاتعداد ماڻھو ماريا ويا هيا. 1863ع ۾ جنگ جو رخ وفاقي مرڪز جي خلاف ٿي ويو. لنڪن هڪڙي اعلان جي ذريعي چئي ڇڏيو هو تہ اڄ کان پوءِ سڀئي غلام آزاد ڪيا ويا آهن. ڏاکڻي علائقي جي باھہ تي اهو اعلان ڄڻ تہ پاڻي پئجي ويو هو. ٿورڙي ئي محاصري کان پوءِ وڪس برگ وفاقي فوجين تي ٽٽي پيا ۽ بي خو في جهِيڙي جي باوجود انھن کي واپس ٿيڻو پيو.
وفاقي فوجين کي ڪيترائي ڀيرا شڪست ٿي. لنڪن بہ آزمايل جنرلن کي ڪيترا دفعا فوج جو ڪمانڊر مقرر ڪري موڪليو. جن ۾ ميڪ ڊويل، ميڪ سليلن، برن سائڊ، هوڪر ۽ ميڊا، انھن سڀني کي آزمايو. پر آخرڪار هنجي نظر يولي سس اپس-گرانٽ تي پئجي ويئي.
گرانٽ اسپاٽ سلوانيا ڪورٽ هائوس، ڪولڊ هاربر، رچ مونڊ ۽ ٽپس برگ جي آس پاس شديد لڙايون لڙيون ۽ ان کان پوءِ هن گادي جي هنڌ جو گهيرو ڪري ورتو.
توپن جي گونجدڙ آواز ۽ تلوارن جي جهنڪار ۾ ڪڏهن ڪڏهن فقط هڪڙو ئي آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هيو. اهو آواز ابراهم لنڪن جو هيو. جيڪو جنگ جي هنگامي حالتن ۾ بہ نفرت جي باھہ کي وسائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هيو. ڪڏهن اهي آواز فضا ۾ گونجي پوندا هيا؛
”اسان غلامن کي آزاد ڪري، آزادن جي حريت جي ضمانت ڏني آهي...“.
ڪڏهن وري هي آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا تہ؛
”تيرنھن سال گهٽ هڪڙي صدي جو عرصو ٿيو جو اسان جي وڏڙن هن براعظم تي هڪ اهڙي قوم جي پرورش ڪئي جيڪا آزادي تي ايمان رکندي هئي ۽ جنھن جو عقيدو اهو هيو تہ سڀ انسان برابر پيدا ڪيا ويا آهن. اڄ اسان باهمي جنگ ۾ گرفتار ٿي، ڄڻ ان ڳالھہ جو امتحان ڏيئي رهيا آهيون تہ هي قوم يا ٻي ڪا بہ قوم، جيڪا ان عقيدي ۽ ايمان جي حامل هجي، بچي سگهي ٿي يا نہ“.
۽ ان آواز کي هميشہ هميشہ جي لاءِ خاموش ڪري ڇڏڻ سان، تقريبن صرف هڪڙو مھينو اڳ ۾ ئي هي پروقار لفظ ٻڌڻ ۾ آيا. شايد ئي ڪنھن حڪومت جي سربراھہ جيڪو ان نازڪ مرحلي مان گذري رهيو هجي. ان کان وڌيڪ پروقار ۽ عظمت وارا لفظ ادا ڪيا هجن.
”اسان جي دل ۾ نہ ڪنھن جي خلاف ڪا نفرت آهي ۽ نہ ئي وري عداوت، حق و صداقت تي مضبوطي سان قائم رهندي، خدا اسان کي حق تي قائم رهڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سڀني جي لاءِ محبت ۽ درگزر ڪرڻ جھڙن جذبن سان اسان کي پنھنجي ڪم ڏانھن ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ اهو ڪم آهي زخمن تي پٽي ٻڌڻ، جن ماڻھن کي ان جنگ مان نقصان پھتو، ان جي تلافي، جيڪي ماڻھو وري جنگ ۾ ڪم آيا آهن، انھن جي يتيمن ۽ بيواهن جي سارسنڀار لھڻ. ان کان علاوہ اسان کي اهو سڀ ڪجهہ ڪرڻو آهي جيڪو پائيدار امن جي قيام ۾ اسان جي مدد ڪري سگهي ۽ اسان نہ صرف پنھنجي وچ ۾ پر سڄي دنيا جي قومن جي وچ ۾ امن جي بنياد کي مضبوط ڪري سگهون.“
لنڪن عفو ۽ درگذر، خدمت ۽ محبت ڪرڻ واري ان نظرئي جو اعلان پنھنجي ٻي سالياني خطاب ۾ ڪيو.
4 مارچ 1865ع هڪڙو طوفان آيو. پر حسن اتفاق ڏسو جو جنھن وقت لنڪن تقرير ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو، عين ان وقت ڪڪرن جا ڪجهہ حصا الڳ ٿي پري هليا ويا. موسم خوشگوار ٿي ويئي ۽ لنڪن جي مٿان سج جي ڪرڻن روشني ڪري هن کي چھري کي روشن ڪري ڇڏيو. ڪيترن ئي ماڻھن ان ڳالھہ کي غيبي طاقت جو ڪرشمو سمجهيو. ان جو مطلب اهو هيو تہ جنگ جا ڪڪر هاڻي ڌار ڌار ٿي ويا هيا ۽ هڪڙي مايوس ٿي ويل قوم تي اميدن جو سج اڀري چمڪي رهيو هيو.
غلامي جي حامي جنوبي رياستن جو جري ۽ بھادر جنرل رابرٽ اي لي محصور ٿي چڪو هيو. فو ج کي کاڌو پھچائڻ، طبي امداد ڏيڻ، خوارڪ ۽ ٻيو جنگي اسلحو پھچائڻ جي کوٽ هن کي پنھنجي شڪست تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. 9 اپريل 1865ع ۾ ايپوميٽوڪس هائوس تي هن وفاقي فوجن جي سردار يولسيس ايس گرانٽ جي سامھون هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا. اهڙي ريت آمريڪي وفاق ختم ٿيڻ کان بچي ويو. پر ان جي ڪيتري ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي؟.
لڙائي ختم ٿي ويئي هئي. ان خبر سان اتر جي سڀني علائقن ۾، ڳوٺن ۾، شھرن ۾ تشڪر ۽ اطمينان جي هڪڙي لھر نڪري پئي. ڏاکڻي علائقي ۾ جيتوڻيڪ شڪست جي تلخي باقي هئي. پر لڙائي جي مصيبت ٽري وڃڻ جي ڪري هر شخص وڏي سڪون ۾ اچي ويو هو.
ان کان اڳ ۾ جو صدر لنڪن جنگ جي پڄاڻي جي خوشين مان مڪمل طور تي لطف اندوز ٿئي ها. 14 اپريل 1865ع جو هڪڙي قاتل John Wilkes Booth جي گولي هن کي ابدي ننڊ سمھاري ڇڏيو. هو واشنگٽن جي فورڊ ٿيئٽر ۾ پنھنجي گهرواريءَ سان گڏ آمريڪن ڪزن "Our American Cousin". جي تمثيل ڏسي رهيو هيو. پستول جي گوليءَ جو هلائيندڙ هڪڙو جنوني اداڪار جون وائلڪس بوٿ هيو. اٺ اونس وزني پتل جي گولي، هن جي مٿي تي لڳي ۽ اُن سرحدي عظيم انسان جي زندگي جو خاتمو آڻي ڇڏيو، جيڪو پنھنجي ٻل تي، غربت، جهالت ۽ گمنامي جي زندگي مان نڪري هڪ اهڙي رهنما جي عھدي تي اچي پھتو هيو، جيڪو دنيا جي عظيم رهنمائن ۾ شمار ٿيڻ جي قابل هيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ لنڪن جيڪڏهن ڪجهہ سال اڃان بہ جيئرو هجي ها تہ هو جنگ جي بعد وارن سمورن تعميري منصوبن تي هن جي رهنمائي اونده انڌوڪار ۾ هڪڙو ڏيئو ثابت ٿئي ها. شڪست کاڌل ڏاکڻي علائقي جي خلاف انتقامي جذبي کي هو عفو ۽ محبت جي جذبن ۾ تبديل ڪري ڇڏي ها.
لنڪن جو موت سڄي قوم جي لاءِ هڪڙو تمام وڏو سانحو هيو. هن جي وفات جي ڪري اتر ۽ ڏکڻ جي هرفرد کي بنا ڪنھن رنگ نسل جي، ڏاڍو صدمو پھتو هو ۽ ان موت انھن کي هڪڙي شفيق دوست ۽ همدرد ساٿي کان محروم ڪري ڇڏيو هو.
اسپرنگ فيلڊ کان نڪرڻ مھل هن جي زبان مان جيڪي لفظ نڪتا هيا، اهي الھامي طور تي سچ ثابت ٿيا. هن چيو هو؛
”هاڻي مان توهان کان موڪلائي رهيو آهيان، مون کي خبر ناهي تہ مون کي هتي واپسي بہ نصيب ٿيندي الائي نہ.“
هن کي واپسي ضرور نصيب ٿي هئي. پر ڪھڙي ريت؟. هڪڙي ٽرين تي، جنھن تي ماتمي جهنڊا لڳايا ويا هيا. ان ۾ لنڪن جو تابوت پيل هيو. ريل جي سمورن رستن تي، ڳوٺن، شھرن، بازارن تان هزارن جي تعداد ۾ مرد عورتون، ٻارڙا، اپريل جي چمڪندڙ ڏينھن ۽ اوندھہ راتين ۾ پنھنجي محبوب اڳواڻ/ليڊر کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ قطار ۾ بيٺا هيا. هنن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هيا. هنن جون دليون اداس هيون ۽ هنن جو روح بي چين هيو.
اهڙي ريت ابراهم لنڪن پنھنجي گهر ايلينواءِ موٽي آيو هو. جتي هو ابدي ننڊ ۾ اگهور ستل رهندو.
***
چپن تي موت مرڪيو پئي،
اکين ۾ آس رهجي ويئي،
ڪفن مان خون ٽپڪيو پئي،
دلين ۾ پياس رهجي ويئي.
ڪيئي خوشيون ويون کسجي،
ڪيئي ارمان ويا اڌورا رهجي،
هزارن حسرتون هيون ”استاد بخاري“
مگر ويچاري دل اداس رهجي ويئي.