معتبر شخصيت جي سوانح حيات
انھي جي باوجود تہ منھنجو جنم سنڌي گهراڻي ۾ ٿيو ۽ ابتدائي تعليم سنڌي ۾ حاصل ڪئي، پر منھنجي ذاتي مطالعي ۾ سنڌي ڪتابن جي ڀيٽ ۾، انگريزي ڪتابن جو تعداد ڪجهہ سوايو رهيو آهي. انھي ڪري مونکي اڪثر سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي کوٽ کي منھن ڏيڻو پوندو آهي. مان سمجهان ٿو تہ هي ڪتاب منھنجي لاءِ ان حوالي سان بہ هڪڙو بھترين تحفو آهي، جيڪو مونکي پنھنجي ٻوليءَ سان جڙڻ جو موقعو ڏيئي ٿو. هن ڪتاب جي ذريعي صحبت جي انھي ڪوشش کي ڪڏهن بہ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي تہ اسان سنڌي نوجوان ابراهم لنڪن جي انھي مشڪل دور جي جاکوڙ مان سبق پرائي پنھنجي ڌرتي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون وٺي، ڪامراني حاصل ڪري سگهون.
منھنجي نظر ۾ هي رڳو هڪ عام ترجمو ٿيل ڪتاب ناهي، پر اسان جي نوجوانن جي لاءِ جاڳرتا جو هڪ اهم باب پڻ آهي. جس لھڻي صحبت جنھن اهڙي قيمتي ڪتاب جي ترجمي جي چونڊ ڪئي، جيڪو ترقيءَ جي انھي کوج ۾ اسان لاءِ مشعل راھہ ثابت ٿي سگهي ٿو.
آئون صحبت جو انتھائي ٿورائتو آهيان جنھن مونکي سندس ترجمي ٿيل ڪتاب تي راءِ ڏيڻ جو موقعو ڏنو. دعا آهي تہ سندس قلمي پورهيو ۽ جاکوڙ وڌندي رهي ۽ اهڙا سلجهيل ذهن اسان جي نوجوانن جي رهنمائي ڪندا رهن. سدائين آباد هجو ۽ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي لاءِ لکندا رهو.
پيار مان
پريم ساگر-ڪراچي