مھاڳ: ابراهم لنڪن ؛ تاريخ جي ورقن ۾ زندہ انسان
سوانح نگاري جي حوالي سان يورپ جو مڃيل ليکڪ ۽ تاريخ نويس فريڊرڪ شلر جو چوڻ آهي تہ ”هڪ سوانح نگار جي لاءِ هر قسم جي حقيقت کي بيان ڪرڻ ضروري آهي. پوءِ پڙهندڙ ان جو ڪھڙو بہ تاثر وٺن“. ناقدن جي راءِ موجب سوانح حيات انساني زندگيءَ جي اها روئيداد يا ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ سچائي هئڻ گهرجي ۽ ان ۾ مبالغي جي ملاوٽ نہ هجي. سوانح حيات جي هڪڙي خوبي اها بہ آهي تہ اها فقط نالن جي ڀري نہ هجي پر ان ۾ تاريخ، سماج ۽ ادب جي آميزش بہ نظر اچي ۽ حقيقتن کي وڻندڙ انداز ۾ بيان ڪيو ويو هجي. سوانح حيات جو تعلق انسان جي گهاٽن اندروني جذبن۽ ڪيفيتن سان آهي. هي فن پنھنجي ذات جي اظھار جو ٻيو نالو آهي، ان ڪري ان کي فن جي اعليٰ ۽ اوچن قدرن جو حامل هئڻ گهرجي. هڪ معياري سوانح حيات جي خوبي اها هوندي آهي تہ ان ۾ صرف ڪنھن فرد جي باري ۾ بيان نہ هئڻ گهرجي، بلڪ ان ۾ سندس ماحول، دؤر، ان دؤر جو پورو منظرنامو سامھون اچي وڃي، جنھن ۾ ان ماڻھوءَ پنھنجي زندگيءَ گذاري ۽ سندس شخصيت جڙي. ان جي ابتڙ صرف فرد تي سڄو ڌيان ڏيڻ سان اها معياري سوانح حيات شمار نہ ٿي سگهندي. ان حوالي سان سوانح نگاري جي ضمن ۾ فلپ گيدلا جو هي دلچسپ قول آهي تہ،”سوانح نگاري اهڙو علائقو آهي، جنھن جي اتر ۾ تاريخ، ڏکڻ ۾ افسانا طرازي، اوڀر ۾ تعزيت نگاري ۽ اولھہ ۾ ڪوفت ۽ ناگواري جا علائقا موجود آهن.
معلوم تاريخ موجب اولين سوانح عمري ”سينٽ آگسٽائين“ جي هئي، جيڪا اڄ کان 16 سو سال پھريان لکي ويئي هئي. قديم ۽ وچين دؤر ۾ بہ سوانح عمرين جا ڪي ٽڙيل پکڙيل مثال ملن ٿا، جيئن ٻين صدي BCE ۾ ڪلاسيڪل چيني تاريخدانن سيما ڪيان Sima Qian، شجي Shijji، يعني تاريخي رڪارڊ (Historical Records) ۾ پنھنجو مختصر جائزو ڏنو آهي. ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي پھرين صدي BCE ۾ سائيسرو جا خط letters of Cicero يا اوائلي عسيائت واري دؤر ۾ سينٽ پال جا خط “letters of saint Paul” بہ اهڙيون لکتون آهن جن ۾ مختصر سوانح حيات جا ڪي بيان ۽ اشارا ملن ٿا. ان کان علاوہ جولين قيصر Jullian Caesar’s commentaries جون ڪميٽريون بہ ملن ٿيون. جيتوڻيڪ اهي لکڻيون قيصر Caesar بابت ٿورو ٻڌائن ٿيون، پر اهي تحريرون پنھنجي جوهر ۾ حياتي جي واقعن بابت بيان جون مختصر جهلڪيون ضرور رکن ٿيون. ان جي باوجود سينٽ آگسٽائن جو 400 BCE ۾ لکيل ”اعتراف“ (Confessions) منفرد درجو رکي ٿو. ”اعتراف“ ۾ اهڙا خيال ۽ گڏيل ڳالھيون هيون جن کي جديد مغرب (اولھہ) ۾ سوانح حيات چئجي ٿو، جيڪي 15 صدي عيسوي ۾ يورپ ۾ نئين سجاڳي دوران اڀريا جنھن جو پھريون مثال انگلينڊ ۾ نورفوڪ Norfolk جي مذهبي صوفي مارجري ڪيمپ Margery Kempe پيش ڪيو. ان کان علاوہ سورنھين صدي جي اٽلي ۾، اٽليءَ جي فزيشن ۽ ائسٽرو لاجر astrologer,جيرو نيمو ڪارڊانو Gironimo Cardano جي سوانح حيات autobiography of Gironimo cardano ۽ گولڊ اسمٿ ۽ اسڪلپٽر بينوينيوٽو سيليني جي مھم جوئي Goldsmith & sculptor Benvenuto Cellini adventures of جو، جڏهن تہ 17 صدي ۾ انگريز تاريخدان ۽ سفارتڪار لارڊ هربرڊرٽ آف چربري جي سوانح حيات Autobiography of Lord Herbert of cherbury ۽ celley cibber’s apology for the life of comedian (colley cibber’s 18 صدي ۾ سوانحي ادب جا نشاطِ ثانيا يعني نئين جنم کان نئين روشني تائين جا ڪجهہ مثال آهن جيڪي ان دؤر ۾ سوانحي ادب جي تخليق جا بنيادي سُتون بڻيا. ان کان علاوہ پوئين دؤر ۾ بہ ڪجهہ قابل قدر لکتون ۽ تحريرون سامھون آيون، جيڪي پنھنجي جوهر ۾ اعليٰ پيشڪش جي لحاظ کان منفرد ۽ پنھنجي خوبصورت انداز بيان جي ڪري متاثرڪندڙ ثابت ٿيون جن ۾ ”ايڊورڊ گبن جي سوانح“، بينجمن فرينڪلن جي ڪاميابي جو سفر“سياسي ۽ سماجي مفڪر”جين جيڪس روسو“ جا ”اعتراف“ قابل ذڪر آهن.
توڙي جو سوانح حيات جو ڳاڻيٽو ”تاريخ“ جي مضمون طور نہ ڪيو ويندو آهي. پر جيئن تہ ٻنھي جو تعلق ماضي سان آهي، ان ڪري تاريخ جي سھيڙ، تنظيم، ترتيب ۽ جوڙجڪ ۾ سوانح حيات مکيه ماخذ ۽ ذريعي جو ڪم ڏيندو رهيو آهي ۽ هڪ لحاظ کان سوانحي ادب تاريخ جي صحيح ڇنڊ ڇاڻ ۾ اهم ڪردار جو حامل آهي.
زير بحث ڪتاب،”ابراهم لنڪن جي سوانح حيات“، اسان جي محبوب ۽ محترم ليکڪ بلوچ صحبت علي جي پورهئي جو ثمر آهي جيڪو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي وسيع اڱڻ ۾ هڪ وڌيڪ ڪارائتو ۽ فخر جوڳو اضافو آهي. هي ڪتاب هن کاهوڙي، جاکوڙي ۽ اڻ ٿڪ ليکڪ جو 33 هون ڪتاب آهي. جيڪو هن پنھنجي محنت ۽ چاھہ سان سنڌي پڙهندڙن جي ڄاڻ، معلومات ۽ ادبي، سياسي، سماجي ۽ انقلابي تسڪين لاءِ پيش ڪيو آهي. هي ڪتاب ترجمو آهي. ”ترجمو“ ادبي لحاظ کان عالمي طور مڃيل، دلچسپ، معلوماتي ۽ شاندار پورهيو آهي. ترجمي جي پنھنجي الڳ سڃاڻپ، خاصيت ۽ ادبي انفراديت سڀني قومن وٽ تسليم ٿيل حقيقت آهي. اهو ئي سبب آهي جو خود اصل ٻولي ۾ ڪنھن ڪتاب کي پڙهڻ وارا، ان جي ترجمي کي بہ پڙهڻ چاهيندا آهن. ڇاڪاڻ تہ هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾خيالن کي پيش ڪرڻ سان هڪ طرح جي نواڻ ۽ ترجمي جو مٺاڻ بہ ان ترجمي ڪيل ڪتاب ۾ اچي وڃي ٿي ۽ پڙهندڙ ان مان هڪ جدا لطف حاصل ڪندا آهن. ادب ۾ ترجمي جي اهميت ۽ افاديت کي نہ صرف قبول ڪيو ويو آهي بلڪ اها هڪ تاريخي ۽ ناقابل ترديد حقيقت آهي تہ ادبي حوالي سان انساني فڪر جي پکيڙ جيتري ترجمن وسيلي ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي، اهڙي ڪنھن بہ ٻئي ذريعي سان نہ ٿي سگهي آهي. ان حوالي سان سنڌي ٻولي ۽ ادب جو استاد ”محمد ابراهيم جويو “ لکي ٿو تہ؛ ”هندستان ۽ يونان جي ادب ۽ علم جو عربي ۾ترجمو: يورپي ٻولين جي علمي ۽ ادبي ذخيري جو دنيا جي ٻولين ۾ ترجمي ذريعي منتقل ٿيڻ، جديد دنيا جي ڄاڻ جون اهي زوردار ڌارائون ئي ان جي مھذب بنجڻ ۽ مھذب هجڻ جو مکيه سبب بڻيون آهن“.
اسان جي پياري دوست بلوچ صحبت علي جو هي سنڌي ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب آمريڪا جي 16هين صدر ابراهم لنڪن جي سوانح حيات بابت آهي جيڪو ان دؤر جي آمريڪا جي سياسي، سماجي، اقتصادي، معاشي، معاشرتي، نفسياتي ۽ مذهبي خيالن، رجحانن، روين، قدرن ۽ تڪرارن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن آڏو ان دؤر جي آمريڪا جو سمورو سماجي، سياسي ۽ تھذيبي منظرنامو سامھون اچي وڃي ٿو. هي ڪتاب توڙي جو سوانح حيات آهي. پر هن ڪتاب ۾ اڄ جي ”مھذب“ آمريڪا ۾ ان دؤر ۾ رنگ ۽ نسل جي بنيادن تي ٿيل تشدد، جهيڙن، جنگين، مذهبي ۽ سماجي اڻبرابري جھڙن غير انساني قدرن ۽ واقعن جو بيان آهي تہ انسان جي تھذيب ڏانھن وڌڻ، قانون، آئين، سياست جمھوري ادارن، علائقائي وسعت ۽ سماجي ارتقا جي ڪھاڻي بہ آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هي هڪ فرد جي جدوجھد، قربانين، ڪاميابين، ناڪامين، حاصلاتن ۽ اڻ ٿڪ محنت جو داستان بہ آهي، ابراهم لنڪن توڙي جو هڪ غريب هاري پورهيت گهراڻي ۾ پيدا ٿيو هو پر هو پنھنجي سچيتائي، اڻٿڪ محنت، چاھہ، پورهئي ۽ جدوجھد سبب آمريڪا جي تاريخ جو رخ تبديل ڪندڙ عالمي سطح جو انقلابي اڳواڻ بنجي سامھون آيو هو. ابراهم لنڪن( 1809 کان 1865ع) آمريڪا جي تاريخ جي سڀ کان اهم ۽ اثرائتين شخصن مان هڪ هو. سنداس اڳواڻي دوران آمريڪي گهرو جنگ (1861ع کان 1865ع) جي پڄاڻي، غلامي جي خاتمي جي ڪوشش ۽ قومي اتحاد لاءِ ڏنل قربانيون، آمريڪا جو مستقبل سنواري ڇڏيو. هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيل لنڪن پنھنجي محنت، ذهانت، بھادري ۽ حوصلي جي ڪارڻ ئي 16 هون آمريڪي صدر بڻيو.
لنڪن تڏهن صدر بڻيو، جڏهن آمريڪا اندر غلامي ۽ رياستي حقن بابت شديد تڪرار هلي رهيو هو. ڏاکڻي رياستن آمريڪي وفاق کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو آخرڪار گهرو جنگ جو سبب بڻيو. 1800ع کان 1865ع تائين آمريڪا وڏي تبديلي جي دؤر مان گذريو. ان عرصي دوران علائقائي وسعت، سياسي ارتقا، معاشي تبديليون ۽ غلامي بابت وڌندڙ وار آمريڪا کي خوفناڪ گهرو جنگ ڏانھن وٺي ويا. آمريڪي خانہ جنگي (1861ع کان 1865ع) آمريڪي رياستن جي وچ ۾ وڙهي ويندڙ هڪ داخلي/اندروني جنگ هئي. ڏکڻ ۾ واقع 11 رياستن آمريڪا کان آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اتر وارين رياستن سان مسلح جنگ وڙهي. ان جنگ جو بنيادي ڪارڻ آمريڪا جي آفريڪي باشندن جي غلامي متعلق انھن رياستن جو پاڻ ۾ اختلاف هو. اتر واريون رياستون انھن غلامن کي آزاد ڪرڻ چاهين پيون ۽ غلامي جي خلاف قانون سازي ڪري ان کي قانون جي خلاف قرار ڏيڻ چاهين پيون. جڏهن تہ ڏکڻ وارين رياستن جي معيشيت جو دارو مدار ڪپھہ جي پوک تي هو ۽ غلامن کي ان جي پوک ۾ محنت مزدوري ۽ هارپي لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. ان ڪري اهي غلامي جو سلسلو جاري رکڻ چاهين پيون. هي جنگ صنعتي دؤر جي اولين جنگين منجهان هڪ آهي جنھن ۾ ريل گاڏي، ٽيلي گراف، ٻاڦ تي هلندڙ بحري جھاز ۽ صنعتي بنيادن تي تيار ڪيل اسلحو وڏي پئماني تي استعمال ڪيو ويو. هي جنگ آمريڪا جي تاريخ جي خوني ترين جنگ هئي. جنھن ۾ لڳ ڀڳ 6 لک ويھہ هزار آمريڪي سپاهين ۽ آمريڪي عوام جي اڻڄاتل پر وڏي تعداد کي پنھنجون زندگيون وڃائڻون پيون. ان جنگ ۾ اتر وارين رياستن کي ابراهم لنڪن جي قيادت ۾ فتح حاصل ٿي ۽ آمريڪا جو گڏيل رياستن ۾ غلامي جو خاتمو ٿيو. ”جيمز ايم ميڪ فرسن“ ڪتاب ” battle-cry of freedom ۾ بيان ٿو ڪري تہ ”لنڪن مشڪل حالتن ۾ آمريڪا کي متحد رکڻ لاءِ انتھائي دانشمندي ڏيکاري“. لنڪن کي آمريڪا جي عظيم ترين صدرن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. ”ڊورس ڪرينز گوڊون“، ڪتاب team of rivals ۾ بيان ڪري ٿي تہ،”لنڪن شاندار سياسي حڪمت عملي رکندڙ هو. هن آمريڪا کي نئين سر ٺاهڻ جو خواب ڏٺو. پر سندس شھادت نئين تعمير جي عمل کي مشڪل بڻائي ڇڏيو“. لنڪن تاريخ جو هڪ اهم اڳواڻ هو. جنھن غلامي جو خاتمو آندو ۽ جمھوريت کي مضبوط ڪيو.
ابراهم لنڪن جي سوانح حيات تي لکيل هن ڪتاب ۾ اهو تاريخي جڳ مشھور خط بہ شامل آهي جيڪو هن پنھنجي پٽ جي استاد ڏانھن لکيو هو. جنھن جي شھرت، مقبوليت، اهميت ۽ افاديت نہ صرف اڄ بہ قائم آهي پر ان ۾ ڏينھن و ڏينھن اضافو ٿيندو رهيو آهي. لائق پڙهندڙن آڏو ان سبق آموز ۽ نصيحت ڀرئي خط مان ڪجهہ اقتباس هيٺ ڏجي ٿو. لفظن جي آفاقيت ڌيان طلب ۽ داد لائق آهي؛
اي استاد!
”جيڪڏهن تون کيس سيکاري سگهين تہ هن کي ڪتابن جا عجائبات سيکار. کيس سيکاريو تہ ڌوڪو ڏيئي ڪامياب ٿيڻ کان وڌيڪ ڀلو ۽ بھتر عزت سان ناڪام ٿيڻ آهي. کيس ان لوڌ جي پٺيان نہ لڳڻ جي، قوت عطا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو، جتي هر هڪ سواري تي چڙهڻ جو خواهشمند آهي. هن کي سيکاريو تہ چاپلوسن ۽ خوشامندڙن کان پاسيرو رهي. هن کي سيکاريو تہ نقل ڪرڻ کان ناپاس ٿيڻ بھتر آهي. هن کي اهو بہ ٻڌايو تہ هو ڀلجي بہ پنھنجي ضمير جي قيمت نہ لڳائي. هن کي سيکاريو تہ هو هنبوشيون هڻندڙ ڇڙ وڇڙ انبوھہ ڏانھن ڌيان نہ ڌري ۽ جيڪڏهن سمجهي ٿو تہ هو حق تي آهي تہ کيس مڙس ماڻھو ٿي بيھڻ ۽ منھن ڏيڻ جو هنر ڏيو. هن کي ڇڏيو تہ مقصد جي جستجو، ۽ منزل جي حاصلات لاءِ پاڻ ۾ بي صبرو ٿيڻ جي همت پيدا ڪري. هن کي ھميشہ اهو سيکاريو تہ هو پنھنجي پاڻ تي اعتماد رکي تہ جيئن هن جو انسانيت مٿان ايمان ھميشہ لاءِ پختو رهي“.
جيئن تہ سموري آمريڪي کنڊ تي يورپي مھاجرن وڏي پيماني تي هجرتون ڪري، آمريڪا جي مڪاني ماڻھن جي 95 سيڪڙو آبادي قتل ڪري ڇڏي هئي. يا بکون ڏيئي ماري سندن منظم نسل ڪشي ڪئي هئي، تنھنڪري، ان سنگين ڏوھہ کي لڪائڻ جي لاءِ دنيا جا تاريخدان قديم براعظم آمريڪا جي تاريخ لڪائڻ جي شعوري ڪوشش ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ 1854ع ۾ ريڊ انڊين قبيلي”سياٽل“ جي سردار جو آمريڪي صدر جي نالي لکيل هڪ خط مان ڪجهہ ٽڪرا پيش ڪجن ٿا تہ جيئن ان مان اسان جا هم وطن سنڌ جي مسئلن بابت پڙهي، سمجهي غور ۽ فڪر ڪري سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بھتري لاءِ ڪي واٽون ۽ ڪي راهون ڪڍي سگهن؛.
”واشنگٽن جي فرمانروا اسان کي چورائي موڪليو آهي تہ هو اسان کان اسان جون زمينون خريد ڪرڻ ٿو گهري. هن اسان جي قبيلي جي ماڻھن لاءِ پنھنجي دوستي، نيڪ نيتي جي جذبن جو پڻ اظھار ڪيو آهي. اها سندس مھرباني. اسين اها ڳالھہ ڀلي ڀت ڄاڻون ٿا تہ کيس اسان جي دوستي جي ڪا بہ ضرورت ڪانھي. پر پوءِ بہ اسين سندس اهڙي آڇ تي ٿڌي دل سان سوچينداسين، ڇو تہ اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ اسين جيڪڏهن کين پنھنجون زمينون نہ بہ وڪڻي ڏيون. تڏهن بہ گورا بندوقون کڻي ايندا ۽ اسان کان اسان جون زمينون زوري کسي وٺندا“. هو وڌيڪ لکي ٿو تہ؛
”هن ڌرتيءَ جو هر گوشو، هن مٽيءَ جو ذرو ذرو اسان جي قبيلي وارن لاءِ مقدس شيءَ جي حيثيت رکي ٿو. ديال جي هر وڻ جا نوڪدار چمڪندڙ پن، سمونڊ جو هر وارياسو ڪنارو، گهاٽن ٻيلن ۽ جهنگن ۾ ڇانيل ڌنڌ ۽ انھن جي گهاٽي ٿڌي ڇانو، هن ڌرتيءَ جو هر ميداني علائقو، ڀون ڀون ڪندڙ ڀونر، ڀُڻ ڀُڻ ڪندڙ پوپٽ، هر جيت جڻيو اسان لاءِ مقدس آهي. وڻن جي ٽارين ۽ پنن ۾ جيڪو رس گردش ڪري ٿو، هو اسان جي قبيلي جي ماڻھن جي ياد ۾ تجربي موجب اسان ڳاڙهن هندستاني لوڪن جي يادگيري جو دفتر آهي“.
هو وڌيڪ لکي ٿو تہ؛
”گورا ماڻھو مرڻ پڄاڻان، پنھنجي جنم ڀومي کي وساري ويھن ٿا. اسان جا ماڻھو مرڻ کان پوءِ بہ هن سدا ملوڪ سھڻي ڌرتي کي نہ ٿا وسارين، ڇو تہ اها اسان ڳاڙهن لوڪن جي جيجل ماءٌ آهي. اسين هن ڌرتيءَ جو جز آهيون. ان جا حلالي پٽ آهيون ۽ اها اسان جي جُز آهي. هن چمن جا سھڻا سيباڻا گل، من موهيندڙ خوشبوئن ڀريل دلين وارا ماڻھو، اسان جا ڀائر آهن. هرڻيون، گهوڙا، عظيم عقاب وغيرہ. انھن سڀني کي اسين پنھنجا ابي امان ڄاوا سمجهون ٿا. پھاڙن جون بلند چوٽيون، چراگاهن جي ماڪ، گهوڙن جي جسم جي گرمائش ۽ هتان جا ماڻھو، اسين سڀ هڪ ڪٽنب آهيون. تنھنڪري واشنگٽن جي سردار جڏهن اسان کي اهو چورائي موڪليو آهي تہ هو اسان کان اسان جون زمينون خريد ڪرڻ چاهي ٿو تہ ڄڻ هن اسان کان گهڻو ڪجهہ گهري ورتو آهي. هن اهو بہ چورائي موڪليو آهي تہ هو اسان جي رهڻ ڪھڻ لاءِ ڪجهہ علائقو مخصوص ڪرائي ڇڏيندو تہ جيئن اسين اتي ان علائقي ۾ آسودگي سان رهي سگهون. ريوانڊون پنھنجي خط ۾ آمريڪي فرمانروا سان وڌيڪ هنن لفظن ۾ مخاطب ٿئي ٿو ۽ هو لکي ٿو تہ؛ زمين جي خريداري يا ان جي وڪري بابت اسين اوهان جي تجويزن تي ويچار ڪنداسين، پر اهو معاملو ايڏو ڪو سولو ڪونھي. ڇو تہ اسان جي لاءِ هي ڌرتي مقدس آهي. نھرن ۽ دريائن ۾ وهندڙ، جرڪندڙ ۽ چلڪندڙ پاڻي محض رڳو پاڻي ئي ناهي پر اهو اسان جي نظر ۾ پنھنجن ابن ڏاڏن جي رت مثل آهي. جيڪڏهن اسين ڪنھن دٻاءُ ۾ اچي لاچار ۽ بيوس بڻجي، مجبوري هيٺ، پنھنجي هي زمين اوهان کي وڪڻي بہ کڻي ڏيون، تڏهن بہ ياد رکجو تہ اها مقدس آهي. ڍنڍن جي اُجري جر ۾ نظر ايندڙ هر هڪ ڌنڌلو پاڇولو منھنجن ماڻھن جي يادن ۽ انھن سان لاڳاپيل واقعن جو داستان ٻڌائي ٿو. دريائن جي وهندڙ پاڻي جي گڙ گڙاهٽ ڄڻ تہ منھنجي بزرگن جي آواز جو پڙاڏو آهي. اسان جي ابن ڏاڏن جي رک مقدس آهي. انھن جون قبرون اسان لاءِ مقدس مقام آهن. اسين ڄاڻون ٿا تہ گورا اسان جي روايتن کان اڻ واقف آهن. انھن جي نظر ۾ زمين تہ مڙئي زمين آهي. سندن نظر ۾ زمين بہ ڄڻ تہ خريد ۽ فروخت ٿيندڙ ڪا شيءَ آهي. ڌرتي ماءُ جھڙي املھہ، مقدس ۽ ٻاجهاري وستي سان سندن اها روش فقط ان ڪري آهي جو اُهي ان جي افاديت کان اڻ واقف آهن. کين ڪھڙي خبر تہ ڌرتيءَ جو رشتو ڇا کي چئبو آهي. اُهي تہ ان اجنبي يا ست ڌارئي ماڻھو وانگر آهن، جيڪو رات جي اونداهيءَ ۾ ڪنھن چور وانگر اچي ٿو ۽ زمين مان کيس جيڪو ڪجهہ وڻي ٿو، سو ڇني وٺي ٿو. ان جي نظر ۾ ڌرتي سندس سرتي نہ پر ڄڻ تہ سندس دشمن هوندي آهي. هو ان سان ويري وارو ورتاءُ ڪري ٿو ۽ جڏهن ان کي ختم ڪري پنھنجي زيرپا ڪري ٿو تہ پوءِ وري ڪنھن ٻي ڌرتي کي فتح ڪرڻ ۽ پنھنجي ماتحت بنائڻ لاءِ اڳتي وڌي ٿو. هو ڌرتي ماءُ جي آڪاش کي خريد ڪيل شين جيان سمجهي ٿو. هو ان ڌرتي تي لٽ مار ڪري ٿو. ان کي اجاڙي برباد ڪري ٿو ڇڏي. سندس هٻڇ ۽ حوس ۾ توسيع پسندي، ڌرتي جي ذرخيزي ۽ مال متاع کي ڳيھي ۽ ڳڙڪائي ڇڏي ٿي. هو ڌرتي مار ۽ ماڻھو مار جو ماهر آهي. جيڪي ماڻھو هن ڌرتي تي زيادتي ڪن ٿا، زور زبردستي ۽ ظلم ڪن ٿا. اهي حقيقت ۾ هن ڌرتي جي سچن سپوتن سان زيادتي ڪن ٿا.
زندگيءَ جو ڪاپو ماڻھو جي اڻت ناهي، ماڻھو تہ ان ۾ شامل انيڪ ڌاڳن منجهان فقط ڪنھن هڪ ڌاڳي مثل هوندو آهي. زندگي جي ڄار سان کيڏڻ ذريعي ماڻھو ڌرتي سان جيڪو سلوڪ ڪري ٿو، جيڪا هلت هلي ٿو، سا حقيقت ۾ تہ هو پنھنجي پاڻ سان هلي ٿو. پر اسين اوهان جي ان آڇ تي بہ سوچ ويچار ڪنداسين تہ اسان جا ماڻھو، اوهان پاران تجويز ڪيل مخصوص علائقي ۾ منتقل ٿي وڃن ۽ ان علائقي تائين محدود رهن. اسين سڀني کان الڳ ٿلڳ ڪنھن ڪنڊائتي گوشي ۾ ۽ ڌار رهنداسون ۽ امن سان رهنداسون. اسان جي حياتي جا باقي بچيل ڏينھن ڪيئن گذرندا. ان ڳالھہ جي ڪھڙي اهميت آهي. ڪجهہ بہ نہ. ان بابت ڪنھن کي ڳڻتي ٿيندي. ڪير اسان جي آئندي بابت سوچيندو...۽ ڪير فڪرمند ٿيندو. اسان جي نسل وارن پنھنجن وڏن کي اڳرائي ڪندڙ، زورآور دشمنن هٿان شڪست کائيندي، انھن جي آڏو پنھنجا ڪنڌ جهڪائيندي ڏٺو آهي. اسان جا جوڌا ۽ بھادر جوان اهڙين شڪستن تي هميشہ شرمسار ٿيا آهن ۽ شڪست کائڻ کان پوءِ پنھنجن ازلي ويرين کان پلاند وٺي کين رڳو سيکت ڏيڻ جي عزم ڪرڻ بدران پنھنجا باقي ڏينھن سستي ۽ ڪاهلي ۾ گذارين ٿا ۽ ائين ئي پنھنجي بھادري تي داغ لڳائين ٿا ۽ پاڻ کي پوري قبيلي ۽ نسل کي غلامي جي ذلت ڀرئي اوڙاھہ ۾ ڌڪي ڇڏين ٿا.
اهي سڻڀا، سوادي ۽ مٺاڻ سان ڀرپور کاڌا کائي ۽ نشي آور شراب پي، پنھنجن جسمن کي بگاڙي ۽ گندو ڪن ٿا. مڌ ۽ مايا جي موھہ ۾ مست بڻجي غلامي جي سُک ڀري ننڊ جا هيراڪ بنجي ويا آهن ۽ ائين پنھنجن ماڻھن سان سندن بيوفائي جي نتيجي ۾ اسان جي قبيلي جا ماڻھو نڌڻڪا ۽ بيواھہ ۽ موڳا بڻجي، نراسائي جي عالم ۾ پنھنجو جيون گهارين ٿا. انھن جي ڪنھن کي بہ ڪا چنتا، ڪا اونو، ڪا ڳڻتي ڪانھي. اسين پنھنجي زندگي جا باقي ڏينھن ڪٿي گذارينداسين. تنھن ڳالھہ جي ڪھڙي اهميت آهي. اسان جي حياتي جا اهي ڏينھن ڪٿي گهڻا تہ ڪو نہ آهن. چند ڪي پھر، ڏينھن، ٻہ ٽي وڌيڪ سيارا... ۽ پوءِ! ...۽ پوءِ بس! انھن عظيم قبيلن جي نسلن مان جيڪي ڪنھن زماني ۾ هن ڌرتيءَ تي رهندا هيا. باقي ڪو بہ ڪو نہ بچندو. يا وري جيڪي هاڻي ننڍن ننڍن گروهن يا ٽولن جي صورت ۾ جهنگن ۽ ٻيلن ۾ ڀٽڪندا ۽ رلندا وتن ٿا، سي ئي وڃي، انھن ماڻھن جي قبرن تي ماتم ڪرڻ لاءِ بچندا، جيڪي ڪنھن دؤر ۾ ايترائي طاقتور ۽ پراميد هيا، جيترا هن وقت اوهين آهيون. .... سڀ ڪجهہ تہ ختم ٿي ويو آهي، لٽجي چڪو آهي!...تہ پوءِ باقي بچيو بہ ڇا آهي؟. زندگي جو سمورو لطف، سڀئي البيلايون ۽ رنگينيون بہ ختم ٿي چڪيون آهن. هاڻي تہ بس رڳو جيئڻو ئي آهي. ڪنھن زندہ لاش وانگر پر، نہ اتان کان ئي ، ان نقطي کان ئي، جيئڻ جو امنگ جاڳي ٿي. جيئڻ جي نئين سر سڪ اٿي ٿي ۽ شروعات ٿئي ٿي.
خوشگوار، باوقار، آزاد، زندگيءَ کي ماڻڻ ۽ ان لاءِ جيئڻ جي سڪ ۽ ان جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪرڻ جي شروعات. اسين رڳو هڪ ئي ڳالھہ ڄاڻيون ٿا تہ اوهان جو خدا ۽ اسان جو خدا هڪ ئي آهي. ساڳيو آهي، ڪو ٻيو ناهي. هي ڌرتي ان کي نھايت ئي پياري آهي. سڀني انسانن، سڀني قومن جو جيڪو حشر ٿيڻو آهي، گورا ان کان ڇٽل نہ آهن ۽ ائين بہ ٿي سگهي ٿو تہ اسين پاڻ ۾ ڀائر ئي هجون. اهو تہ اسين ايندڙ وقت ۾ ئي ڏسنداسين تہ توهين ڪھڙي راھہ جي چونڊ ڪيو ٿا؟ ڀائپي واري يا ڪا ٻي؟. اوهان جو حشر ۽ اوهان جي نسلن جو حشر ڪھڙو ٿو ٿئي؟. سو بہ ڏسڻو آهي ۽ ڏسي رهبو“.
هڪ آمريڪي ريڊ انڊين جو آمريڪا جي ان وقت جي صدر کي لکيل هي خط مادر وطن سنڌ جي دانشور، ليکڪ، اديب، شاعر ۽ هر وطن دوست ماڻھو کي سنڌ جي موجودہ سياسي حالتن ۾ زمين جي وڪري ۽ والار ۽ پاڻي تي قبضي جي سازشن متعلق سوچڻ، سمجهڻ، پرجهڻ ۽ پرورڻ ۽ غور و فڪر ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. هن خط کي اسان جي محبوب ليکڪ، شاعر ۽ مترجم بلوچ صحبت علي صاحب جي ترجمو ڪيل هن وقتائتي ڪتاب ابراهم لنڪن جي سوانح حيات جي پس منظر ۾ ڏسڻ سان آمريڪا سان گڏ سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو نقشو بہ چٽو ٿي سامھون اچي وڃي ٿو ۽ سنڌ جي گهڻگهرن لاءِ پڻ فڪر، عمل ۽ جدوجھد جا نوان گس، نوان خطرا ۽ نوان چيلينجز پڻ واضع ٿين ٿا.
ابراهم لنڪن جي سوانح حيات پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ ڌرتي جي تاريخ ۾ انسان ذات ڪيڏا نہ عظيم ۽ عجيب ماڻھو پيدا ڪيا آهن. جيڪي زندگي ۾ ڪيتريون نہ صعوبتون سھن ٿا، تڪليفون برداشت ڪن ٿا، طعنن، مھڻن کي منھن ڏين ٿا. پر پوءِ بہ هو ڇا ڇا نہ ڪن ٿا. هو تاريخ جو رخ موڙي ڇڏين ٿا ۽ صدين تائين اهڙي ڇاپ ڇڏين ٿا، جنھن کي مٽائڻ ممڪن ئي ناهي.
هي ڪتاب ترجمي نگار جي پورهئي جو ثمر ۽ سندس عشق جو اظھار آهي. اميد آهي تہ اڄ جڏهن اسان جو ملڪ بہ خانہ جنگي، قومي سڃاڻپ جي بحران، قومي تضادن، مذهبي فرقيواريت، فرقيوار جنونيت، ڪٽرپڻي، نسلي برتري ۽ اهڙن ٻين انيڪ سياسي، سماجي، معاشرتي، نفسياتي براين ۽ بڇڙاين ۾ گهيريل آهي، تڏهن سنڌ جا گهڻگهرا، هن سوانحي ڪتاب ۾ پيش ٿيل تاريخي، سياسي ۽ سماجي ڳالھين، راين، واقعن ۽ فڪر جي روشني ۾ پنھنجن خيالن ۽ نظرين جي تشڪيل ڪندا ۽ پنھنجي عمل ۾ رد عمل جي رخ جو تعين ڪندي سنڌ جي قومي خودمختياري، حق حاڪميت، صوفي ڪلچر، مذهبي رواداري، سماجي برابري ۽ قومي سڃاڻپ لاءِ واٽن جو تعين ڪري پنھنجي جدوجھد کي سڦل ڪري، ڌرتي ماءُ جي ٿڃ ملھائيندا.
ٿڪيائي ٿر ٿيلھہ چڙھہ چڪيا ئي چوٽئين،
هلندي هوت پنھون ڏي ڀوَ مڙئي ڀيل،
اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.
شاھہ
اين-اي-بلوچ
دادو (سنڌ)