هائوس ڊوائيڊڊ
هي تقرير تاريخ ۾ ”هائوس ڊوائيڊڊ“"House Divided" جي عنوان سان مشھور آهي. ان تقرير ۾ لنڪن پنھنجي خيالن ۽ جذبن جو اظھار اهڙي دليري، بھادري ۽ جرئت سان ڪئي جو هن جا سڀئي دوست ڊڄي ويا ۽ انھن هن کي التجا ڪئي تہ اهڙي تيز لھجي ۾ اهڙيون تلخ ڳالھيون، اهڙي بيباڪي سان ڪرڻ مصلحت جي خلاف آهن. ان ڪري تون اها تقرير ئي نہ ڪر.
لنڪن جا سڀئي دوست ان ڳالھہ تي زور ڏيئي رهيا هيا تہ صرف بلي هرن ڊن ان تقرير جي قوت، گهرائي جو صحيح اندازو لڳائي سگهيو ۽ ان شايد الھامي انداز ۾ ئي چيو هيو؛
”مسٽر لنڪن توهان اها تقرير ڀلي ڪيو. ڇو تہ توهان کي اها تقرير آمريڪا جو صدر بڻائي ڇڏيندي“.
لنڪن جي ان تاريخي خطبي جو هڪڙو اقتباس هي آهي؛
”جنھن گهر ۾ پاڻ ئي ڏار پئجي ويا هجن، اهو گهر بربادي کان نہ ٿو بچي سگهي. "A house divided against itself cannot stand," منھنجو ايمان آهي تہ هي حڪومت گهڻو نہ ٿي هلي سگهي. اڌ ملڪ غلام ۽ اڌ ملڪ آزاد. مان ائين نہ ٿو چوان تہ آمريڪي وفاق ختم ٿي وڃي. مون کي اها بہ توقع ناهي تہ هي گهر بند ٿي ويندو. پر منھنجو اهو ايمان آهي تہ اها ورڇ ختم ٿي ويندي. اهو ڏڦيڙ گهڻو وقت نہ هلي سگهندو“.
انھن لفظن اترئين علائقن ۾ هڪڙو نئون روح ڦوڪي ڇڏيو هو. انھن ڪارن حبشين جون همتون وڌي ويون هيون. پرڏاکڻي علائقي ۾ ان تقرير سان غم ۽ ڪاوڙ جي هڪڙي لھر اڀري پئي هئي.
لنڪن جي سياسي حريف اسٽيفن اي ڊگلس Stephen Arnold Douglas بہ موقعي مان فائدو ورتو ۽ لنڪن جي تقرير ۽ هن جي جملن کي غلط نموني سان پيش ڪيو ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تہ خود لنڪن پاڻ خانہ جنگي جي باھہ کي ڦوڪو ڏيئي رهيو آهي. ڊگلز Douglas پنھنجي مقصد جي حاصلات لاءِ سياسي ميدان ۾ هر ناروا چال هلڻ لاءِ تيار هيو. ان ڪري هن لنڪن کان مطالبو ڪيو تہ هن نازڪ سياسي مسئلي تي صفائي سان پنھنجي راءِ جو اظھار ڪري. ڊگلز Douglas کي خبر هئي تہ لنڪن کان اها راند کٽڻ لاءِ هن کي هر قسم جا وار ڪرڻا پوندا. ان ڪري هن ڪڏهن بہ وڏن هٿيارن کان پاسو نہ ڪيو. هنکي لنڪن جي صلاحيتن جي خبر هئي. فارسي پھاڪي ۾ ٿورو ترميم ڪري ڊگلز Douglas جي خيالن جو اظھار ٿورو هن ريت ڪري سگهجي ٿو تہ ”لنڪن ويچارو حقير نتون شمرو“. ان ڪري هن کي هروقت ان ڳالھہ جو احساس رهندو هيو تہ لنڪن کان سياسي راند کٽڻ ڪا سولي ڳالھہ نہ آهي. جڏهن پھريون ڀيرو سينيٽ جي ميمبرشپ جي لاءِ لنڪن جي نامزدگي جي خبر هن تائين پھتي تہ هوچوڻ لڳو،” اسپرنگ فيلڊ جي وهگ Whig party” پارٽي ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪامياب ۽ سڀني کان وڌيڪ ايماندار ماڻھو آهي“.
اليڪشن جي تياري جي لاءِ ڊگلس Douglas الينواءِ واپس اچي ويو ۽ وڏي شاندار نموني سان اليڪشن جي دورن جي تياري ڪرڻ لڳو. اليڪشن مھم جا دورا ڇا هيا، هڪ تہ توهان جو ڀڀڪيدار لباس هجي، جنھن ۾ شان ۽ شوڪت جي نمائش ٿيندي هجي. ڪجهہ ماڻھو تہ ڊگلس جي چالاڪين، حرفتن، حرڪتن ۽ تقريري انداز کان ڏاڍو متاثر هيا. ڪجهہ ماڻھو وري ان رونشي مان ئي مطئمن ٿي ٿي ويا. ڊگلز جي گهرواري بہ وڏي فيشن جي شوقين، شائستہ ۽ مھذب عورت هئي. هن جي پوشاڪ، اندازِ گفتگو، چال چلت جي لاءِ الينواءِ تہ ڇا پر خود آمريڪا جي گادي جو هنڌ واشنگٽن ۾ هر ماڻھوءَ جي گفتگو جو موضوع هوندي هئي.
ڊگلز پنھنجي اليڪشن جي مھم لاءِ ريل گاڏي جو هڪڙو گاڏو ڪرائي تي وٺي ڇڏيو. ان ۾ هو پنھنجي گهرواري سان گڏ هڪڙي شھر کان ٻي شھر ۽ هڪڙي ڳوٺ کان ٻي ڳوٺ تائين آساني سان پھچي ويندو هو. ان ڊٻي جي پويان هڪڙي کليل گاڏي ۾ توپ رکيل هوندي هئي. هن جو پتل اس ۾ سون جيان چمڪندو هيو ۽ ان ۾ وري فوجي وردين ۾ ويٺا هوندا هيا. جڏهن هن جو گاڏو ڪنھن ڳوٺ جي ويجهو پھچندو هو تہ هو ان توپ سان گولا باري ڪندو هيو ۽ اعلان ڪيو ويندو هو تہ عظيم سياستدان اسٽيفن اي ڊگلز اليڪشن جي مھم جي سلسلي ۾ تقرير ڪرڻ پھچي ويو آهي.
ان ئي گاڏي جي ڪنھن عام مسافرن واري گاڏي ۾ هڪڙو سنھڙو سيپڪڙو، سڌو سادو ماڻھو، وڏي قد وارو ابراهم لنڪن بہ موجود هوندو هيو. هن وٽ نہ ئي ايتري دولت هئي جو هو هن قسم جي ڪوڙي نمائش تي خرچ ڪري ۽ نہ ئي هن جي اهڙي قسم جي ڪا تمنا هئي.
ٻنھي اميدوارن جا سياسي نظريا مختلف هيا. اليڪشن جا نعرا بہ الڳ الڳ هيا ۽ ٻنھين جو حلقو بہ الڳ الڳ هيو. ٻنھين جي تقرير ۾ هڪڙي مخصوص اپيل هوندي هئي. جيئن هڪڙي ڀيري لنڪن چيو؛
”توهان گهڻن ماڻھن کي ڪجهہ عرصي تائين يا وري ڪجهہ ماڻھن کي گهڻي عرصي تائين بيوقوف ڪري سگهو ٿا پر سڀني ماڻھن کي، سڄي زندگي بيوقوف نہ ٿا ڪري سگهو“.
پھريائين تہ لنڪن ڊگلز سان گڏوگڏ هڪڙي ئي شھر ۾ پيو ڦرندو هيو. ٻيئي الڳ الڳ جلسن ۾ تقريرون ڪندا رهندا هيا. پر پوءِ هن کي خيال آيو تہ جيڪڏهن اسان ٻيئي هڪڙي ئي پليٽ فارم تان تقرير ڪيون تہ اهو وڌيڪ مناسب ٿيندو.
ان ڪري هن ڊگلز کي چيلينج ڪيو تہ هو هڪڙي ئي پليٽ فارم تي مون سان تقريري بحث ڪري. تہ جيئن عوام کي هڪڙي ئي وقت ٻنھين جي نڪتہ نظر جي خوبين ۽ خامين جي خبر پئجي وڃي ۽ اهي سولائي سان پنھنجي ذهن ۾ فيصلو ڪري سگهن. جيتوڻيڪ بعد ۾ ڊگلز کي ان ڳالھہ جو سراسر نقصان ئي پھتو، پر هن لنڪن جي چيلينج کي قبول ڪري ورتو هيو.
اهڙي ريت الينواءِ رياست جي ستن شھرن، اوٽاوا، فري پورٽ، جولس بورو، چارلس ٽن، گليزبرگ، ڪوئنسي ۽ آلٽن کي اهو اعزاز حاصل هيو تہ انھن وٽ ٻنھي عظيم سياستدانن پنھنجون شاندار تقريرون ڪيون. جن آمريڪا جي تاريخ کي متاثر ڪيو.
عوام ۾ وڏو جوش ۽ ولولو ڦهليل هيو. ماڻھو ڏاند گاڏين، ٻيڙين، گهوڙن ۽ مخصوص ريل گاڏين جي ذريعي سفر ڪري پري پري جي علائقن کان اچي هنن جو تقريرون ٻڌندا هيا. گهڻن ماڻھن کي پنڌ بہ سفر ڪرڻو پئجي ويو. انھن ماڻھن اليڪشن جي تيارين کي پنھنجي عروج تي ڏٺو. مشعل کڻي نڪرندڙن جو جلوس، چمڪيدار بينڊ ۽ باجي وارن جو جلوس، ٻيڙين ۾ جل پرين جا ميڙاڪا، جهنڊيون، جهنڊا، مطلب تہ اليڪشن پنھنجي ڌم ڌام سان اڳتي وڌي رهي هئي. انھن ماڻھن هزارن ماڻھن جي ميڙاڪي ۾ شريڪ ٿي سج جي گرمي ۽ تپش بہ برداش ڪئي. فري پورٽ تي تيز برساتن ۾ ڀَڳا پر ڀِڳا نہ ۽ گيلز برگ جي ڇتي سيءَ جتي رت بہ ڄمي ويندو آهي، اهڙو سيءُ بہ برداشت ڪيو. پر پنھنجن محبوب اڳواڻن جو تقريرون ٻڌندا رهيا. انھن جي تقريرن تي هي ماڻھو ڏاڍو خوش ٿيا. مٿي تي پاتل ٽوپيون بہ آسمان ۾ اڇلايون. انھن ڪاوڙ جو بہ اظھار ڪيو. خوشي جو بہ روپ ڏيکاريو ۽ جوش مان تاڙيون بہ وڄايون.
سڄي زندگي انھن کي ان ڳالھہ کان وڏي ٻي ڪا بہ وندر نہ ملي. ٻنھي اميدوارن جون شخصيتون بہ دلچسپ هيون. ڊگلس عام طور تي سفيد رنگ جو يا وري نيري رنگ جو ڪوٽ، سفيد قميص، هيٺ کاڌي جي واسڪيٽ، تمام نفيس سلائي واري پتلون ۽ پالش سان چمڪندڙ جوتا پائيندو هيو. هو ننڍي قد جو پراعتماد پر مغرور قسم جو ماڻھو هيو. ڏاڍو تيز فھم ماڻھو هيو. لومڙي جيان چالاڪ ۽ مڇيءَ جيان ڦڙتيلو هوندو هيو.
لنڪن ڊگلس کان قد ۾ پورو هڪ فٽ ڊگهو هيو. معمولي ڪارو ڪوٽ جنھن جو ٻانھون ھميشہ لنڊيون هونديون هيو. مُرن کان مٿي پينٽ جا پانچا، بغير استري ڪيل قميص ۽ ٽائي پاتل هوندي هيس. عام طور تي هو هڪڙي پراڻي قسم جي شال ۽ پراڻي قسم جي ڇٽي بہ پاڻ سان گڏ رکندو هيو. پر جنھن مھل اهي ٻيئي ڄڻا تقرير ڪرڻ لاءِ بيھي رهندا هيا تہ چند لمحن ۾ ئي سامعين انھن جي ظاهري شڪل، صورت ۽ لباس کي وساري ويھندا هيا. هنن جا ڪن پنھنجي دؤر جي بھترين مقررن جي لفظن کي ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا هيا ۽ انھن کي اهو خيال بہ نہ ايندو هيو تہ ڪير ڪھڙن ڪپڙن ۾ ملبوس آهي. ڊگلس جيڪڏهن لومڙي جيان چالاڪ هيو تہ لنڪن بہ شڪارين جيان سوجهہ ٻوجهہ رکندو هيو.
فري پورٽ جي تقرير ۾ لنڪن اڳ ۾ ئي سوچيل سمجهيل سوال ڊگلز کان ڪيو. هُن ڊگلز کان پڇيو؛ ”ملڪي دستور تيار ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي رياست غلامي جي اداري کي پنھنجي حدن کان خارج ڪرڻ چاهي تہ هن کي ڪھڙو طريقو استعمال ڪرڻو پوندو“.
لنڪن اڳ ۾ اندازو لڳائي ڇڏيو هو تہ ڊگلز ان سوال جو ڪھڙو جواب ڏيندو ۽ هن کي ان ڳالھہ جي بہ خبر هئي تہ جيڪڏهن ڊگلز اهو جواب ڏنو جيڪو هن جي دل ۾ آهي تہ پوءِ ڊگلز جي سياست ۾ شڪست اڻ ٽر آهي ۽ پوءِ ٿيو بہ ائين. ڊگلز ڏاڍو تڪڙي جواب ڏنو تہ جيڪڏهن ڪا رياست غلامي جو انسداد ڪرڻ چاهي تہ ان جي خلاف قانون منظور ڪرڻو پوندو.
سامعين ڊگلز جي ان حاضر جوابي کان مطمئن ٿيا پر لنڪن کي خبر هئي تہ ڊگلز جو اهو بيان تہ ڊگلز جي پنھنجي لاءِ ئي ڏاڍو نقصان ڪار آهي. ان جواب سان ان ڳالھہ جي خبرپئجي ويئي هئي تہ رياست قانون پاس ڪري غلامي کي ختم ڪري سگهي ٿي. ڏاکڻان علائقا جيڪي غلامي جي شدت جا حامي هيا، ڊگلز جي ان جواب کان ڏاڍو مايوس ٿيا. ويندي هن جي پنھنجي پارٽي ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو ۽ پوءِ اهڙي ريت 1860ع واري صدارتي اليڪشن ۾ ريپبليڪن پارٽي جي ڪاميابي يقيني بڻجي ويئي.
رياست الينواءِ جي ستن شھرن ۾ لنڪن ۽ ڊگلز جي مطالعن جو سڄو متن اخبار جي رپورٽرن شارٽ هينڊ جي ذريعي لکي ورتو هيو ۽ اهو متن سڀني اخبارن شايع ڪري ڇڏيو هيو. اهڙي ريت تمام ٿوري عرصي ۾ لنڪن سڄي آمريڪا ۾ مشھور ٿي ويو ۽ هن جو شمار چوٽي جي سياستدانن ۾ ٿيڻ لڳو.
جلسن جي تقريرن ۽ مباحثن کان پوءِ جڏهن لنڪن صفا ٿڪجي چور ٿي پوندو هو ۽ هوٽل جي ڪمري ۾ جوراب ۽ بوٽ لاهي آرام واري ڪرسي تي پير ڊگهيري آرام ڪرڻ چاهيندو هو تہ هن جا خيال هن کي خبر ناهي ڪٿي وٺي ويندا هيا، هو پنھنجي تصوراتي دنيا ۾ گم ٿي خبر ناهي ڇا ڇا پيو سوچيندو رهندو هيو.
اهڙي ئي نموني جڏهن لنڪن ڪونسي جي هوٽل ۾ پنھنجن خيالن ۾ غرق ٿي ويل هيو. تہ مشھور مزاح نگار ڊيوڊ آر لوڪ جيڪو پنھنجو قلمي نالو پيٽروليم دي نيزبي جي نالي سان گهڻو مشھور هيو، لنڪن کي چوڻ لڳو؛
”مون ايڏو معصوم چھرو، ايڏو سنجيدا ۽ ايڏو پروقار چھرو اڄ ڏينھن تائين نہ ڏٺو آهي“.
لنڪن آر لوڪ کي چيو،”مان عوامي ووٽ تہ حاصل ڪري ويندس، پر مون کي توقع نہ آهي تہ رياستي سوچ ۾ ڊگلز کي شڪست ڏيئي سگهندس الائي نہ“. انھن ڏينھن ۾ رياستي مشينري سينيٽ جي مڙني ميمبرن جي چونڊ ڪندي هئي.
هن لوڪ کي اهو بہ ٻڌايو هو تہ ڊيموڪرٽڪ پارٽي کي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ هن جا سياسي حريف پنھنجن مڙني حرامپائين، عيارين، مڪارين ۽ چال بازين کان ڪم وٺي رهيا آهن. ان ڪري ڪيترن ئي ضلعن جي علائقن جي حلقن ۾ ان جو بندوبست ڪيو ويو آهي تہ جيئن ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪامياب ٿي وڃن.
هن دفعي بہ لنڪن جي اڳڪٿي الھامي انداز ۾ سچ ثابت ٿي. 2 نومبر 1858ع جي صبح جو ئي برسات شروع ٿي ويئي. پر اليڪشن جو جوش ۽ جذبو سرد نہ ٿيو ۽ جڏهن اليڪشن کانپوءِ راءِ شماري ڪئي ويئي تہ لنڪن کي هڪ لک پنجويھہ هزار ٻہ سو پنجهتر ۽ ڊگلز کي هڪ لک ايڪويھہ هزار نوي ووٽ مليا. پر جڏهن سينيٽر جي چونڊ ڪرڻ جي لاءِ رياستي ماڻھن جو اجلاس ٿيو تہ 54 ميمبرن ڊگلس جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ ابراهم جي حق م فقط 46 ووٽ پيا.
جڏهن ڪنھن لنڪن کان هن شڪست جو ذڪر پڇيو تہ هن هڪڙي ڇوڪري جو قصو ٻڌايو. جيڪو پيرين اگهاڙي هلي رهيو هو. ٿاٻڙجي پوڻ کان پوءِ هن جي آنڱوٺي ۾ وڏو ڌڪ لڳو. اهو قصو ٻڌائيندو لنڪن چوڻ لڳو تہ ڌڪ ايڏو گهرو هيو جو تہ ان کي کلي ڪري ٽاري بہ نہ پيو سگهجي ۽ وڏي هئڻ جي ناتي سان ويھي ڪري روئي بہ نہ پيو سگهجي.
جيتوڻيڪ لنڪن سينيٽر چونڊجي نہ آيو هو پر سڄي ملڪ ۾ هن جي شھرت ۽ مشھوري وڌي ويئي هئي. اليڪشن جي ڪري جيڪي وڳوڙ ٿيا، انھن جي ڪري ئي 1858ع جي سڄي سال هو پنھنجي وڪالت ڏي توجھہ نہ ڏيئي سگهيو هو. هاڻي هن وڪالت ۾ وڌيڪ ڌيان ۽ دلچسپي سان ڪم ڪرڻ لڳو. پر هو سياست کان بلڪل الڳ نہ ٿيو هو. هاڻي بہ هو تقريرون ڪندو رهندو هو. جيتوڻيڪ ڪن ڪن حلقن ۾ هن جونالو آمريڪي صدرات جي لاءِ ورتو ويندو هو، پر هو پاڻ کي ان عھدي جي لائق نہ پئي سمجهيو. هڪدفعي هن هڪڙي اخبار جي ايڊيٽر کي، جيڪو هن جو وڏو شيدائي هيو، چيو،”مون کي اعتراف آهي تہ مان ان عظيم عھدي جي اهل نہ آهيان“.
پر 1869ع جي اوائلي ڏينھن ۾ ئي هن جي خيالن ۾ تبديلي اچي ويئي ۽ هاڻي هو پنھنجي صلاحيت ۽ پنھنجي قابليت جي باري ۾ ايترو نااميد نہ هيو. خيالن جي ان تبديلي جو وڏو ڪارڻ اهو هيو تہ هن جون تقريرون سڄي ملڪ ۾ وڏي دلچسپي ۽ وڏي غور سان ٻڌيون پئي ويون. نيويارڪ سٽي ۾ ڪوپر يونين ۾ جيڪا تقرير لنڪن ڪئي هئي. اها تہ خاص ڪري ڏاڍي پسند ڪئي وئي هئي ۽ هن جي شھرت ۾ ڪافي اضافي جو ڪارڻ بڻجي ويئي هئي. لنڪن نيو انگلينڊ جو هڪ نجي دورو پڻ ڪيو ۽ هو جتان جتان پئي گذريو، اتان عوامي مظاهرن، هن جي استقبال جي جوش جذبن هنجي هردلعزيزي جي تصديق ڪري ڇڏي هئي. لنڪن انھن ڏينھن ۾ پنھنجي پارٽي طرفان نامزد ٿيل ٻين صدارتي اميدوارن جي حالتن جو بہ جائزو وٺي رهيو هو ۽ هر اميدوار ۾ هن کي ڪانہ ڪا اهڙي خامي ملي پئي ويئي جنھن جي بنياد تي ان اميدوار جي ڪاميابي جا چانسز گهٽ ٿي پئي ويا.
نيويارڪ جو وليم ايڇ سي ورڊ ، اوهايو جي سليمن پي جپيز، پنسلوانيا جو سائمن ڪيمرون، ٻہ قانوندان، هڪڙي آمريڪي عدالت عاليه جو جج ميڪلين ۽ ٻيو مسوري جو ايڊورڊ بٽيس. بس اهي ئي اميدوار هيا. جيڪي لنڪن جي پارٽي طرفان ئي نامزد ڪري سگهي پيئي. پر انھن مان گهڻن کي پنھنجي اليڪشن واري حلقي مان حمايت حاصل نہ هئي ۽ ڪي وري پنھنجي خراب ورتاءَ ۽ انقلابي بيانن جي سبب عوام جي مڪمل تائيد حاصل نہ ڪري سگهيا هيا. پر لنڪن پنھنجي اعتدال پسندي جي ڪري تمام گهڻو مقبول هيو. سڀ کان وڏو اختلافي مسئلو غلامي جو هيو. هڪڙي جماعت تہ مڪمل ۽ فوري غلامي جي خاتمي جو مطالبو ڪري پئي ۽ ٻي وري ان کي برقرار رکڻ تي بضد هئي. لنڪن جو رويو بلڪل ٺيڪ هيو. هو انسداد غلامي جي مسئلي تي سياسي وفاق کي ختم ڪرڻ جي حق ۾ نہ هيو ۽ نہ ئي وري غلامي جي لعنت کي ھميشہ ھميشہ جي لاءِ برقرار رکڻ جي حق ۾ هيو. ان ڪري اترئين ۽ ڏاکڻين ٻنھي علائقن ۾ هو پنھنجي سنجيدہ ۽ صاف نظرين جي ڪري تمام گهڻو چاهيو پئي ويو.
لنڪن کي يقين هيو تہ جنھن وقت ري پبليڪن نيشنل ڪنويشن ۾ صدارتي اميدوار جي نامزدگي جي لاءِ منقعد ڪيو هوندو، تہ هن کي ضرور ڪاميابي نصيب ٿيندي. هن کي پنھنجي علائقي ايلينواءِ ۾ تہ مڪمل تائيد حاصل هئي ۽ هن رياست جو هڪڙو هڪڙو ووٽ صرف لنڪن کي ئي مليو. جنھن وقت ايلينواءِ ۾ ووٽ وڌا پئي ويا، تہ جان هنيڪس ۽ لنڪن جي دوستن وڏو مزو ڪيو. جان هنيڪس ۽ هن جي دوستن ڪاٺ جو هڪڙو تختو هٿ ڪيو ۽ سڄي شھر ۾ ان کي گهمائيندا رهيا. اهو ڪاٺ جو تختو تقريبن ٽيھہ سال اڳ ۾ جڏهن لنڪن رياست ايلينواءِ ۾ داخل ٿيو هو تہ ان وقت ان چيريو هو. ماڻھو ان ڪاٺ جي تختي کي ڏسي چريا ٿي ويا. هنن جي پنھنجي رياست جو ابراهم ڪاٺ جا تختا چيريندو هو، اهوهاڻي آمريڪا جو صدر چونڊيو ويندو.
16 مئي 1860ع تي نيشنل ڪنوينشن شگاگو ۾ منقعد ٿيڻ وارو هو. ريپبليڪن ميمبرن جي آمد شروع ٿي وئي هئي ۽ عوام ۾ جوش جذبو بہ وڌندو پئي ويو. ڪي اميدوار مثال جي طور؛ سپورڊ پاڻ سان گڏ بينڊ بہ کڻي آيو هو ۽ چمڪندڙ وردين ۾ ملبوس ماڻھو سڄي شھر ۾ بينڊ باجا وڄائيندا رهيا. لنڪن جا حامي بہ هر پاسي کان نڪري آيا هيا. اهڙا ماڻھو آئل ڪلاٿ جون وڏيون وڏيون ٽوپيون پائي آيا هيا. جيڪي ڏينھن جي روشني ۾ چمڪنديون هيون ۽ رات جو وري گاسليٽ جي مشعلن جي روشني تي جرڪنديون هيون. لنڪن جا حامي بہ جيڪڏهن بينڊ وارن کان گهڻا نہ، تہ بہ گهٽ ۾ گهٽ انھن جيترو ئي شور ۽ هُل ڪري رهيا هيا.
شڪاگو ليڪ فرناٽ جو علائقو بينڊ جي گانن ۽ موسيقي جي آوازن سان گونجي پيو. ٻي پاسي هوٽل جي ڪمرن ۾ سڀني ميمبرن جا منتظم ۽ رضاڪار وڏي گرمجوشي سان سياسي جوڙ توڙ ۾ مصروف هيا. پنھنجي پنھنجي اميدوار کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن چال کيڏي پئي وئي. سياسي سودا عروج تي هيا. جوڙ توڙ ۽ ڌڙي بازين جا بہ سودا لڳل هيا. لنڪن پاڻ ئي اسپرنگ فيلڊ ۾ رهڻ پسند ڪيو. پر هن جي طرفان جج ڊيوڊ ڊيوس ماڻھن کي آمادہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
لنڪن پنھنجن ماڻھن کي هڪڙو پيغام بہ موڪلي ڇڏيو تہ،” ڪو بہ اهڙي قسم جو معاهدو نہ ڪجو جنھن جو مان پابند ٿي وڃان“.
ويچارو مخلص ۽ ايماندار ابراهم اسپرنگ فيلڊ ۾ ويھي نتيجي جو انتظار ڪري رهيو هو. هن کي ڪھڙي خبر هئي تہ هن جا دوست ۽ هن جا حامي، هن جي ڪاميابي جي خاطر ڪھڙا ڪھڙا سودا ڪري رهيا آهن. لنڪن جي تاڪيد جي باوجود معاهدا ڪيا ويا. جن مان ڪي تہ ڏاڍا اهم هيا. مثال جي طور ڪيترن اهم عھدن جي باري ۾ يقين بہ ڏياريو ويو. پر اهو سڀ ڪجهہ لنڪن جي فتح جي لاءِ ڏاڍو ضروري هيو ۽ آمريڪي عوام ان ڳالھہ کان واقف هئي تہ اهو سڀ ڪجهہ ان عظيم نقصان جي اڳيان ڪجهہ بہ نہ آهي. جيڪو انھن کي ۽ انھن جي ملڪ کي لنڪن جي شڪست جي ڀيٽ ۾ کڻڻو پوندو ۽ اهڙي طرح جا معاهدا ۽ سياسي سودا ڪٿي نہ ٿا ٿين.
سڀني نمائندن جي توجھہ هاڻي دگ دام ڏانھن هئي. هي ڪاٺ جو هڪڙو تمام پراڻو عارضي هال هيو. جيڪو ڪنوينشن جي غرض سان تعمير ڪيو ويو هو. ماڻھن جي نعرن، تقريرن جي گونج جي ڪري سڄو هال پيو وڄي. اميدوارن پنھنجون تقريرون ڪيون. ان زماني ۾ خوش قسمتي سان اهي تقريرون ڏاڍيون مختصر هونديون هيون. ان کان پوءِ ڪجهہ نمائدا تہ ووٽ ڏيڻ ۾ مشغول ٿي ويا. ڪيترا ڀيرا راءِ شماري ٿيڻ کان پوءِ آخرڪار ابراهم ڪامياب ٿي ويو.
ماڻھو خوشيءَ مان نچڻ لڳا. تاِڙين سان هال گونجي پيو. ماڻھن جي شور، هل ۽ نعرن مان لڳي پيو تہ ڪٿي هال جي ڇت نہ ڪري پوي. هوا ۾ ٽوپِيون اڇلايون ويون، جهنڊين جا منظر سامھون هيا.
ڇت تي هڪڙو ماڻھو ويٺو هيو. ان کي اشارو ڪيو ويو تہ هن باھہ جي گولي سان لنڪن جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو.
اسپرنگ فيلڊ ۾ اخبار الينواءِ اسٽيٽ جنرل جي دفتر ۾ لنڪن ۽ هن جا ڪجهہ دوست ويٺا هيا، جيڪي صبر ۽ تحمل سان نتيجن جو انتظار ڪري رهيا هيا. ايتري ۾ انھن کي تار آئي،“خدا جو شڪر آهي اسان کٽي ويا آهيون”.
لنڪن جا دوست ۽ پاڙيسري خوشي مان نچڻ لڳا. هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. جڏهن انھن جو جوش ۽ ولولو ٿورو گهٽ ٿيو تہ لنڪن وڏي خوشي مان چيو تہ؛
”عزيزو! اسان جي گهر ۾ هڪڙي ننڍي قد جي عورت ويٺي آهي، هو ان خبر جو انتظار ڪري رهي آهي. مون کان وڌيڪ هن کي ان تار جو انتظار آهي. جيڪڏهن توهان اجازت ڏيو تہ مان هي تار کڻي وڃي هن کي ڏيکاري اچان“.
لنڪن نامزدگي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. پر اڃان صدارت جي اليڪشن رهيل هئي. ڪنھن بہ اليڪشن جي باري ۾ سو سيڪڙو يقين سان اهو نہ ٿو چئي سگهجي تہ نتيجو ڇا ٿيندو؟. پر ٻين مڙني اميدوارن جي ڀيٽ ۾ لنڪن جي ڪاميابي جا امڪان ڪجهہ گهڻا ئي هيا.
اسٽيفن اي ڊگلس اترئين ڊيموڪريٽڪس جي طرفان ۽ جان سي بريڪنز John C. Breckinridge ڏاکڻي ڊيموڪريٽڪس جي طرفان اميدارن ۾ صدارتي سيٽ تي مقابلو هيو ۽ هڪڙي ٻي نئين جماعت جيڪا ڪانسٽي ٽيوشنل يونين چورائي پيئي، اها بہ اليڪشن وڙهي رهي هئي. ان جي طرفان وري جان بيل اميدوار هيو. پر هن جي ڪاميابي جا چانسز ٻڙي هيا.
6 نومبر 1860ع جو تاريخي اليڪشن ٿيو. ڏاکڻيون رياستون اڃان تائين ڌار ٿيڻ جون ڌمڪيون پئي ڏنيون. ماڻھو وڏي عزم ۽ جذبي سان راءِ ڏيڻ وڃي رهيا هيا. انھن کي خبر هئي تہ هي خالي اليڪشن جي جنگ ناهي پر ان جا نتيجا تمام پري پري تائين ويندا.
اها ڳالھہ سھي آهي تہ لنڪن کي گهڻن ووٽن کان ڪاميابي نہ ملي پر پوءِ بہ هن کي سٺا ووٽ پيا. لنڪن کي 18 لک، 66 هزار، 452 ووٽ ، بريڪن رج کي 8 لک 47 هزار، 953،۽ ڊگلز کي 13 لک، 80 هزار، 202 ووٽ مليا. ۽ جان بيل کي فقط 59 ووٽ پيا.
American presidential election, 1860
presidential candidate political party electoral votes popular votes
Abraham Lincoln
Republican
180 1,866,452
John C. Breckinridge
Southern Democratic 72 847,953
Stephen A. Douglas
Democratic
12 1,380,202
John Bell
Constitutional
39 59
ابراهم لنڪن جيڪو ڪاٺ جي هڪڙي ڪمري ۾ پيدا ٿيو. صدارت جھڙي عظيم منصب تي پھچي ويو. هن جي سامھون ڪيتريون ئي اهڙيون اهم زميواريون هيون ، جنھن تائين پھچڻ هر ماڻھو جو ڪم نہ هيو. لنڪن انھن زميوارين سان جھڙي ريت نڀايو، ان مان هن عظمت جو گڻ نکري نروار ٿئي ٿو. هن جي قسمت ۾ آمريڪي قوم جي رهنمائي هڪڙي اهڙي نازڪ مرحلي تي لکيل هئي، جڏهن سڄو ملڪ نفاق جي باھہ ۾ سڙي رهيو هو.
هاڻي هو آمريڪا جو نئون صدر هيو. ان ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ هن ميري لنڪن جي ان خواب کي سچو ثابت ڪيو، جنھن چيو هو تہ منھنجي شادي ان سان ٿيندي جيڪو آمريڪا جو صدر ٿئي. هاڻي هو آمريڪا جي صدر جي گهرواري ۽ وائيٽ هائوس جي مالڪياڻي هئي.