ڪانگريس جو ٽيھون اجلاس
انھن ۾ سڀني کان وڌيڪ مشھور آمريڪا جو اڳوڻو صدر جان ڪوئنسي آرم هيو. جيڪو ابراهم جي پارٽي وهگ Whig party” جوميمبر هيو. ان وقت آرم جي عمر 80 سال هئي. هن پنھنجي دؤر ۾ تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون هيون. هو غلامي جي مخالفت ۾ ابراهم کان بہ گهڻو اڳتي هيو ۽ پنھنجي خيالن جو کلي عام اظھار ابراهم سان ڪندو رهندو هيو. پنھنجي سيٽ تي ويھي، لوڻو هڻي، ابراهم جارجيا جي اليگزينڊر بيچ اسٽيفنس کي ڏسي سگهي پيو. جيڪو بعد ۾ نائب صدر جي عھدي تي فائز ٿيو. ان جي پاسي ۾ ئي ٽي نيسي جو اينڊريو جونسن ويٺو هيو. جيڪو لنڪن جي صدارت واري زماني ۾ هن جو نائب صدر منتخب ٿيو. ان اجلاس ۾ ڊيوڊ ولموٽ بہ هيو. جنھن انسداد غلامي تي مضمون لکيا هيا.
انھن سڀني ناليوارن عظيم سياستدانن کي شايد اها خبر نہ هئي تہ انھن مان سڀني کان وڌيڪ عظيم ۽ گهڻو مشھور شخص انھن جي پٺيان ويٺو آهي. جيڪو پنھنجي بيڊولي لباس ۽ پنھنجي ڊگهي قد جي ڪري اڪثري ڪري پريشان رهندو آهي. هن کي سمجهہ ۾ نہ ايندو هيو تہ ايڏن وڏن هٿن پيرن جو هو ڪري تہ آخر ڪري ڇا؟ انھن کي ڪاٿي لڪائي؟.
ڪانگريس جي ان ٽيھين اجلاس جي سامھون تمام وڏا وڏا پريشان ڪندڙ مسئلا پيا هيا. هڪ تہ ميڪسيڪو جي لڙائي جو مسئلو هلي رهيو هيو ۽ ٻيو اخلاقي مسئلو غلامي جو هيو. ان مسئلي ميمبرن ۾ تمام گهڻو اختلاف پيدا ڪري وڌو.
جنھن وقت لنڪن ڪانگريس جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هو ان وقت آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي جنگ ختم ٿي چڪي هئي. پر جنگ کان پوءِ جا اثر اڃان تائين هلي رهيا هيا. ان جنگ جي دوران ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو پوڪ James Knox Polk آمريڪا جي صدارت تي فائز هيو. ڊيموڪريٽڪ هئڻ جي سبب جي ڪري پوڪ وهگ پارٽي Whig party” ۾ بدنام ٿي ويو هو.
ڪانگريس جي ان اجلاس جي دوران لنڪن گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڪميٽين ۾ مصروف هيو. انھن ماڻھن جو مقصد اهو ثابت ڪرڻو هيو تہ هن لڙائي ۾ جنھن سرزمين تي سڀ کان اڳ ۾ رت وهيو، اها ميڪسيڪو جي سرزمين هئي. ان ڪري آمريڪين هڪڙي غيرمنصفاڻي جنگ ۾ تشدد پسنديءَ جو ثبوت ڏنو. ان سلسلي ۾ لنڪن اسپاٽ ريزوليشن Abraham Lincoln's Spot Resolutions بہ پاس ڪرايو ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ميڪسيڪو سان جنگ ڪري آمريڪا سخت جارحاڻي ڪاروائي ڪئي آهي ۽ ان مقابلي ۾ جنگ ڪرڻ وارن جي حمايت نہ ڪرڻ کپي. ان جو فقط اهو مقصد هيو تہ صدر پوڪ پنھنجي زماني ۾ هڪ غيرمنصفاڻي جنگ جي ڪري گهڻو بدنام ٿي وڃي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ان جي جاءِ تي وهگ Whig party” پارٽي جو ڪو ٻيو ماڻھو صدر ٿي اچي.
ان لڙائي ۾ ابراهم جا ڪيترائي پاڙيسري دوست ۽ هم وطن ماريا ويا يا وري زخمي ڪيا ويا. ان ڪري ان ريزوليشن جو هڪڙو تڪڙو نتيجو اهو نڪتو جو ابراهم نہ فقط ڪانگريس ۾ غيرمقبول ٿي ويو پر جنھن علائقي مان هو اليڪشن وڙهي پيو اتي ۽ سڄي رياست ۾ هن جي مخالفت شروع ٿي ويئي. بلي هرن ڊن مسلسل پنھنجي دوست جي حمايت ۾ مضمون لکي ڪري ابراهم تي ٿيل سخت حملن کي متوازن بنائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. پر ابراهم ان لڙائي جي خلاف، صدر پوڪ جي خلاف ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي خلاف پروپيگنڊا ۾ مسلسل مشغول رهيو.
ظاهري طور تي تہ ائين لڳي رهيو آهي تہ لنڪن هر وقت عملي سياست ۾ ئي مشغول رهيو ۽ پنھنجي نظرين ۽ لائحه عمل کي خدا حافظ چئي ويٺو هجي، پر ائين هيو ڪو نہ. هو صرف غلاميءَ جي خاتمي جي مسلسل ڪوشش ڪندو رهيو. هو پرامن ۽ قانوني طور تي غلامي جي خاتمي جي لاءِ ڪوشان هيو. ان سلسلي ۾ هن هڪڙو بل ٺاهيو، جنھن جي ڪري ئي ڪولمبيا جي ضلع ۾ غلامن کي آزادي ملي وڃي ها، پر هي بل منظور نہ ٿيو.
ڪانگريس جا ٻيا اجلاس ختم ڪرڻ کان پوءِ، لنڪن هڪدفعو وري اسپرنگ فيلڊ موٽي آيو ۽ پنھنجي زال ۽ ٻارڙن سان معمولي گهر ۾ رهڻ لڳو. هن کي توقع هئي تہ هن دفعي هن کي ڪانہ ڪا معقول نوڪري ملي ئي ويندي. پر جڏهن هن کي رياست اوريگن جي سيڪريٽري جي نوڪري ملي تہ ميري ايڏو پري وڃي رهڻ پسند نہ ڪيو ۽ ابراهم کي انڪار ڪرڻو پيو. ان کان پوءِ هڪ دفعو هن وري ٻيھر پنھنجي قانون وارو/وڪالت وارو ڌنڌو اختيار ڪيو.
اٺين جڊيشل ڊسٽرڪٽ جي سرڪٽ ڪورٽ ٻارنھن هزار ميلن جي علائقي تي مشتمل هئي. ان ڪري ابراهم کي پنھنجي حلقي ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ هن کي گهڻو رلڻو پيو، هن گپ ۾، بارشن ۾، ڌوڙ ۾، دز ۾، مٽيءَ ۾، برفباري ۾ ، گهوڙي تي سوار ٿي، هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين رلندو رهندو هو، اهڙي ريت هن کي گهر کان هفتن جا هفتہ ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ مھينو بہ ٿي ويندو هو، پري رهندو هيو.
مختلف ڳوٺن، علائقن ۾ جتي جتي عدالتون قائيم هونديون هيون، هو ججن سان، جيوري جي ماڻھن سان ۽ ٻين وڪيلن سان ملاقاتون ڪندو رهندو هو. سڀ هن جي لطيفن، چرچن ڀوڳن جي فن مان لطف اندوز پيا ٿيندا رهندا هيا. هو انھن سان ادب، شاعري ۽ سياست تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي ڪچھري ڪندو رهندو هيو. لنڪن کي اهڙين محفلن جو رُوح روان سمجهيو ويندو هو. هونءَ تہ هو ظاهري طور تي خاموش ۽ اداس لڳندو هو، پر هو ڪڏهن ڪڏهن اوچتو بيھي اهڙو تہ لطيفو ٻڌائي ڇڏيندو هو جو مڙئي ماڻھو کلي کلي کيرا ٿي پوندا هيا. هن جي بنان محفلن ۾ مزو ئي نہ هوندو هو.
عدالتن ۾ اهڙي طرح آڏي پڇا ڪرڻ دوران هو پنھنجا ڪيس اهڙي تہ سادگي ۽ منطقي انداز ۾ پيش ڪندو هو، جو هن جا دليل ڪورٽ کي قبول ئي ڪرڻا پوندا هيا. ان ڪري هو اڪثر ڪري ڪيس کٽيندو هو.
مالي اعتبار سان لنڪن اڃان تائين پنھنجي وڪالت جي عروج تي نہ پھتو هيو. ڪيترن سالن کان پوءِ هن الينواءِ ريل روڊ کان هڪڙي ڪيس ۾ پنج هزا ڊالر في ورتي هئي. هي هن جي سڀني کان وڏي ۾ وڏي في هئي. پر هن کي غريبن جا ڪيس مفت ۾ وڙهڻ تي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. ڪنھن عيار ماڻھوءَ، ڪنھن بيواھہ عورت جي پينشن جي اڌ رقم هڙپ ڪري ڇڏي هئي. لنڪن ان بيواھہ عورت جو ڪيس مفت ۾ وڙهيو. هڪڙو ٻيو ڪيس جنھن ۾ هن هڪڙو پئسو بہ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ڊف آرمز اسٽرانگ جي خلاف خون جو ڪيس داخل ٿيل هيو. ڊف آرمز اسٽرانگ لنڪن جي پراڻي دوست جيڪ آرمز اسٽرانگ ۽ هن جي گهرواري جو پٽ هيو. جنھن تي هڪڙي شخص جيمس منيرڪر جي خون جو الزام هيو. اکين ڏٺي شاهدن ۾ هڪڙو ڪاري رنگ وارو ايلن نالي ماڻھو بہ هيو. جنھن حلف کڻي عدالت ۾ بيان ڏنو هو تہ مون چنڊ جي روشني ۾ ڊف ڪو منيرڪر تي حملو ڪندي ۽ ان کي قتل ٿيندي ڏٺو آهي.
لنڪن هون بہ ڪافي هوشيار وڪيل هيو ۽ اهڙن موقعن تي هن جي ذهانت جا دروازا ويتر وڌيڪ کلي ويندا هيا. هن انھن شاهدن ۽ خاص ڪري ايلن جي بيان ٻڌڻ کان پوءِ عدالت ۽ جيوري کي مخاطب ٿيندي چيو هو تہ؛ ”مان پنھنجي دليلن سان اها ڳالھہ ثابت ڪندس تہ هن شخص ايلن جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن ڪڏهن بہ ڊف ڪومنيرڪر تي حملو ڪندي چنڊ جي روشني ۾ نہ ڏٺو، ڇو تہ جنھن رات اهو شخص ماريو ويو هو ان رات آسمان تي چنڊ تہ مورڳو هيو ئي ڪونہ“.
لنڪن هڪدم هڪڙي جنتري عدالت ۾ پيش ڪئي ۽ ڏينھن، تاريخ ۽ وقت جو تعين ڪندي دليل سان اهو ثابت ڪيو تہ جنھن رات منيرڪر قتل ڪيو ويو ان رات چنڊ آسمان تي نہ هيو. اها اوندھہ واري رات هئي. ان ڪري اکين ڏٺي شاهد ايلن جو اهو بيان تہ هن چنڊ جي روشني ۾ منيرڪر کي قتل ٿيندي ڏٺو، اهو سراسر ڪوڙ تي ٻڌل آهي. پنھنجي آڏي پڇا ۽ تقرير ختم ڪندي، هن سڀني گواهن جو هڪڙو دفعو ٻيھر جائزو ورتو ۽ جيوري کي مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو:
”معزز دوستو! منھنجا ميرا ڪپڙا ان ڏينھن ڌوتا ويا هيا جنھن ڏينھن مون وٽ ڌورائڻ لاءِ منھنجي کيسي ۾ هڪڙو پيسو بہ نہ هيو“.
پوءِ لنڪن پنھنجي نيوسيلم جي رهائش ۽ حنا آرمز اسٽرانگ جي مھمان نوازي ۽ دوستي جو ذڪر ڪندي چيو تہ ڪيئن انھن ٻنھي نيڪ انسانن بنا ڪنھن لالچ لوڀ جي، فقط خلق جي خدمت جي خاطر، هڪڙي مفلس نوجوان جي مدد ڪئي هئي. هن کي رهڻ جي لاءِ گهر ۽ کائڻ جي لاءِ ماني ڏني. لنڪن وڏي پرزور لفظن ۾ چوڻ لڳو،”مون کي يقين آهي تہ اهڙي نيڪ سيرت انسانن جو ڇوڪرو خون نہ ٿو ڪري سگهي“.
ابراهم جي تقرير ۽ هن جا دليل ڏاڍا منطقي ۽ مفصل هيا. سڀني ماڻھن اها ڳالھہ قبول ڪئي تہ ڊف تي غلط الزام لڳايو ويو آهي. جڏهن تہ وري جيوري ڊف جي آزاديءَ جي فتويٰ صادر فرمائي تہ ابراهم ان ويل چيو هو،”رب پاڪ کان منھنجي دعا آهي تہ هي سبق هن جي لاءِ ۽ ٻين دوستن جي لاءِ بھتري جو ڪارڻ بڻجي“.
1850ع جي ابتدائي ڏينھن ۾ ماڻھن کي ”جنتري وارو قتل“ ياد رهيو. ابراهم بارش ۾، گپ جي دلدل ۾ گهوڙي تي سوار ٿي، لنڊي پتلون پائي، هوٽلن ۾ رهائش ڪندي، هڪڙي شھر کان ٻي شھر تائين ۽ هڪڙي ڳوٺ کان ٻي ڳوٺ تائين رلندو وتندو هيو.
هنجي شھرت مضبوط بنيادن تي قائم ٿي رهي هئي. ذهني اعتبار کان بہ هن ۾ پختگي پيدا ٿي رهي هئي ۽ هڪ بيمثال ۽ ناقابل فراموش سياستدان بنائڻ ۾ فائيديمند ثابت ٿي.