شاندار ڪھاڻي
ابراهم لنڪن جي زندگي جدوجھد، حوصلي ۽ اصولن تي بيھڻ جي هڪ شاندار ڪھاڻي آهي، جيڪا نہ رڳو آمريڪي تاريخ ۾، پر پوري دنيا ۾ جمھوريت ۽ انساني حقن جي حوالي سان هڪ مشعلِ راھہ بڻيل آهي. هي ڪتاب ان عظيم اڳواڻ جي سوانح حيات تي تفصيل سان روشني وجهي ٿو، جيڪو هڪ عام غريب خاندان مان اڀري، آمريڪا جي 16هين صدر طور تاريخ رقم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. لنڪن جي قيادت جو سڀ کان اهم ڪارنامو غلاميءَ جو خاتمو آڻڻ هيو، آمريڪي گهرو ويڙھہ دوران قومي اتحاد کي برقرار رکڻ ۽ جمھوريت جي بنيادي اصولن کي مضبوط ڪرڻ هو.
ابراهم لنڪن 12 فيبروري 1809ع تي آمريڪا جي رياست ڪينٽڪي ۾ هڪ غريب پورهيت گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس ابتدائي زندگي ڏکن ۽ مشڪلاتن سان ڀري پئي هئي. تعليم جا موقعا تمام محدود هئا، پر هن پاڻ علم حاصل ڪرڻ لاءِ هرممڪن ڪوشش ڪئي. سندس اڻ ٿڪ محنت ۽ علم سان محبت ئي هئي، جنھن کيس اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏني. نوجواني ۾ هن مختلف ننڍا وڏا ڌنڌا ڪيا، پر پوءِ شوق ۽ لڳن سان قانون پڙهي وڪيل بڻيو، جنھن هن کي صدارت جي ڪرسي سان تعارف ڪرايو.
لنڪن جي سياسي سفر جي شروعات 1830ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي، جڏهن هن سماجي ناانصافين، اڻ برابرين، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿارڻ شروع ڪيو. هن غلاميءَ جي خاتمي لاءِ هڪ مضبوط ۽ چٽو موقف اختيار ڪيو، جيڪو ان وقت جي آمريڪي سماج ۾ هڪ انتھائي اهم ۽ حساس موضوع هو. 1860ع ۾، جڏهن هو آمريڪا جو صدر چونڊجي آيو، تڏهن ملڪ غلاميءَ جي مسئلي تي ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪو هو. ڏاکڻي رياستن غلاميءَ کي برقرار رکڻ لاءِ وڙهڻ جو اعلان ڪيو، جنھن نتيجي ۾ آمريڪا هڪ گهرو ويڙھہ واري بيماري ۾ (1861-1865ع) ۾ وڪوڙجي ويو.
هن ڪتاب ۾ لنڪن جي قيادت، سندس سياسي حڪمت عملي، ۽ جمھوريت لاءِ ڏنل قربانين جو تفصيلي ذڪر آهي. سندس سڀ کان اهم ڪارنامن مان هڪ 1863ع ۾ "امانسيپيشن پروڪليميشن" جو اعلان هو، جنھن غلاميءَ جي خاتمي جو بنياد وڌو. هي فيصلو نہ رڳو آمريڪا، پر سڄي دنيا لاءِ هڪ اهم پيغام هو تہ انسان جي آزادي بنيادي حق آهي، جنھن کي ڪو بہ نظام يا طاقت ختم نٿي ڪري سگهي.
لنڪن جو اصول هو تہ “حڪومت عوام جي، عوام طرفان، ۽ عوام لاءِ هجڻ گهرجي." هن جمھوريت جي تصور کي صرف نظريي طور پيش نہ ڪيو، پر ان کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ پاڻ بہ قرباني ڏني. هن جي قيادت ۾ آمريڪا متحد رهيو، ۽ ملڪ ۾ غلامي جو خاتمو ٿيو. پر سندس عظمت کي سڀني قبول نہ پئي ڪيو، جنھن جو نتيجو 14 اپريل 1865ع تي سندس قتل جي صورت ۾ نڪتو، جڏهن هو هڪ ٿيٽر ۾ ويٺل هو.
هي ڪتاب رڳو تاريخ جو هڪ باب نہ، پر هڪ اهڙو اهم دستاويز آهي، جيڪو پڙهندڙن کي جمھوريت، انساني حقن، ۽ قيادت جي اهميت بابت شعور ڏئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جي ترجمي ڪرڻ جو مقصد اهو آهي تہ اسان جو سماج بہ انھن قدرن کي سمجهي، جيڪي هڪ مھذب ۽ انصاف تي ٻڌل معاشري لاءِ ضروري آهن. لنڪن جي زندگي سيکاري ٿي تہ ايمانداري، محنت، ۽ اصولن تي بيھڻ سان ڪنھن بہ قوم ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي.
هي ڪتاب نہ رڳو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ پڙهندڙن لاءِ، پر انھن لاءِ بہ ڪارائتو ثابت ٿيندو، جيڪي سياست، انساني حقن، ۽ جمھوريت کي وڌيڪ سمجهڻ چاهين ٿا.
مون کي قوي اميد آهي تہ هي ڪتاب پڙهندڙن کي سوچڻ تي ضرور مجبور ڪندو تہ اصل ۽ حقيقي اڳواڻ ڪير هوندو آهي ۽ ڪيئن هڪڙي شخص جون ڪوششون پوري دنيا لاءِ تبديلي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
آخر ۾ صحبت علي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، انھي اميد سان تہ ھو سنڌي پڙھندڙن کي ھن قسم جا ناياب ڪتاب ڏيندو رھندو.
سلامت ھجو
ڪرشن شرما
سنڌ ھائوس اسلام آباد