ويڳي ماءُ
نينسي لنڪن جي موت هنن کان هنن جون ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون بہ ڇني ورتيون هيون. سارا جي عمر انھن ڏينھن ۾ ٻارنھن سال کن هئي. ان ننڍڙي عمر ۾ هن تي گهر جو سڄو ڪم اچي پيو هو. هو پنھنجي پيءَ، ڀاءُ ۽ هنيڪس لاءِ ماني پچائيندي هئي. گهر جو ڪم ڪار ڪندي هئي ۽ اڪيلائي ۾ ويھي پنھنجي قسمت تي پار ڪڍندي هئي. اڪيلي سر، ايترو ڪم ڀلا ڪو ڪيسيتائين ٿو ڪري سگهي. سچ تہ اهو هو تہ هوءَ ان اڻپوري ڪاٺ جي ڪيبن کان صفا بيزار ٿي پئي هئي. ابراهم جي عمر ڏھہ سال هئي، هو پنھنجي غم کي اڪيلي سر پاڻ برداشت ڪري جئيندو رهندو هو. هو نہ ڪنھن سان دل جي ڪا ڳالھہ ڪري پئي سگهيو ۽ نہ ئي وري ڪو هن کي دلاسو ڏيڻ وارو ماڻھو هيو. هرڪو پنھنجي پنھنجي غم ۾ نڍحال هيو.
ٽام لنڪن کي گهڻو ڏک ان ڳالھہ جو هو تہ نينسي ۽ اسپيرو جي موت تي فوتگيءَ جون سڀ ريتون رسمون مڪمل طور تي ادا نہ ٿي سگهيون هيون. نہ فاتحہ خواني ٿي ۽ نہ ئي وري ايصال ثواب جي لاءِ ڪجهہ ڪيو ويو. هو پاڻ تہ پڙهيل لکيل هيو ئي نہ ۽ اوسي پاسي ۾ بہ نہ ڪو مذهبي پيشوا هيو ۽ نہ ئي وري ڪو پادري وغيرہ جيڪو انجيل مبارڪ جي مقدس مخصوص آيتن کي پڙهي ختمو بخشي ها.
هڪڙي ڏينھن ڪنٽيڪي Kentucky جي ڳوٺ جو رهاڪو هڪڙو پادري پارسن الڪن هتي اچي نڪتو. ٽام ان موقعي کي غنيمت سمجهيو. سو هن ٽنھي ٻارڙن ۽ پادري کي پاڻ سان وٺي نينسي جي قبر تي فاتحه خواني جي لاءِ نڪري ويو.
ابراهم ۽ سارا جون دليون ڀرجي آيون. هنن جون بيچين نگاهون مٽيءَ جي ڍير هيٺان ڪجهہ ڳولڻ لڳيون. هنيڪس، ٽام، ابراهم ۽ سارا پنھنجا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا هيا ۽ پنھنجا هٿ سيني تي رکي ڇڏيا هيا ۽ پادري انجيل مقدس جون آيتون پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيون. پادري آيتون پڙهي ايصال ثواب جون دعائون گهرندو رهيو. ٽام سڪتي جي حالت ۾ بت بڻجي ماضي جي جهروڪن ۾ گم ٿي ويو ۽ ٻارڙا ڀنل اکيون کڻي مٿي آسمان ڏانھن نھاريندا رهيا. ڄڻ تہ هو نيري آسمان جي فضائن ۾ ماءُ جي شفيق چھري جي جهلڪ هڪڙو دفعو ٻيھر ڏسڻ چاهين پيا. ڄڻ تہ ممتا جھڙي آواز کي، جيڪا هميشہ جي لاءِ عدم جي فضائن ۾ گم ٿي وئي هئي، هڪڙو دفعو ٻيھر ان کي ٻڌڻ جي تمنا رکن پيا.
انجيل مقدس جي آيتن مان نينسي جي روح کي تہ ضرور سڪون آيو هوندو پر وڇڙي ويل خاندان جي بيچين دلين کي ڪا بہ شي دلاسو نہ ڏيئي سگهي. لفظن سان ڪڏهن جدائي جا زخم ڀريا بہ آهن ڇا؟.
نينسي جي کوٽ هنن جي زندگي ۾ هڪڙو خال پيدا ڪري ڇڏيو هو. هُن جون ڳالھيون هر وقت پئي ياد آيون. هوءُ هنن جي لاءِ اُن کي صاف ڪندي هئي، ان کي اُڻي، هنن جي لاءِ لباس تيار ڪندي هئي. هنن جي لاءِ صابڻ تيار ڪندي هئي. اوندھہ راتين کي روشن ڪرڻ لاءِ ميڻ بتيون ٺاهيندي هئي. هنن جي لاءِ ڪڻڪ کي ڇاڻي، ڌوئي صاف ڪري ڪُٽي رکندي هئي. هنن کي وهنجاري، صاف ڪپڙا پارائيندي هئي. ڪيبن اڻپورو/ نامڪمل هيو تہ ڇا ٿيو، هو ان کي آئيني جيان صاف شفاف رکندي هئي. نينسي کي وڃائي هنن کي اها سُڌ پئي تہ هي نہ فقط هڪڙي محبت ڪندڙ ماءُ کان محروم ٿيا آهن، پر زندگيءَ جون سڀ خوشيون هنن کان کسجي ويون آهن.
گهر جا سڀ ماڻھو نہ فقط پنھنجي گهر کان پر پنھنجي وجود کان پڻ لاپرواھہ ٿي چڪا هيا. سڄو گهر گند جو ڍير ٿي ويو هو. پر هنن کي ڪا بہ پرواھہ نہ هئي. هنن جا ڪپڙا ڦاٽي ويا هئا، بت تي مير چڙهي ويندو هو، وارن ۾ چيڙھہ چڙهي/پئجي ويندي هئي پر هنن کي ڪو بہ احساس نہ هيو. نينسي ڄڻ تہ پاڻ سان گڏ احساس جي دولت بہ کڻي ويئي هئي.
اهڙي ريت هڪڙو پورو/سڄو سال گذري ويو. خزان جي موسم سان گڏ ئي نينسي جو ٻارهو بہ اچي ويو. ورسي کان پوءِ ٽام پنھنجي دل ۾ هڪڙي ڳالھہ سوچي. آخر ڪيسيتائين ٻارڙا ائين ئي پيا تڪليفون ڪاٽيندا. نہ کارائڻ پيارڻ واري، نہ لٽن ڪپڙن ڌوئڻ واري. هنن جي زندگين کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ ڪٿان کان جگر آڻي.
ٽام لنڪن ٽنھي ٻارڙن کي ڇڏي ڪنٽيڪي Kentucky جي سفر جي تياري شروع ڪئي. ٽام جي غيرموجودگي ۾ ٻارڙن جي تنھائي ويتر وڌي ويئي. رات جي اوندھہ ۾ جڏهن هوا خزان جي پنن ۽ وڻن جي ٽارين جو هڪٻئي سان ٽڪرائجي وڃڻ جي ڪري سيٽي جو آواز پيدا ٿئي پيو، تہ ٻارڙا ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳي پون پيا. ڪيبن جي ڇت تي جڏهن سڪل پن آواز ڪن پيا تہ ائين محسوس ٿئي پيو تہ ڪو چيتو ڇت جي ڏارن مان هنن کي گهوري رهيو آهي ۽ اجهو ئي اجهو انھن تي حملو ڪندو. جنگلي ٻلا تہ اڪثر انھن کي جوھہ وجهي نھارين پيا ۽ پنھنجا چنبا ڏيکارين پيا.
ٽام لنڪن، ايلزبٿ شھر پھچي، جونسٽن جي گهر جي پڇا ڳاڇا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. ٽام، سارا بش کي شادي کان اڳ ۾ ئي سڃاڻيندو هو. هن جو مڙس ڊينئل جوسٽن Daniel Johnuston جو اڳ ۾ وفات ٿي چڪو هو ۽ هو پنھنجي ٻن ڇوڪرين؛ ايلزبيٿ، مٽيلڊ ۽ هڪڙي پٽ جون سان گڏ بيواھہ جي زندگي گذاري رهي هئي. سارا بش جا هي ٽيئي ٻارڙا پنھنجي پيءُ جي شفقت کان محروم رهجي ويا ها ۽ ٽام جا ٻيئي ٻارڙا بہ پنھنجي ماءُ جي پيار کان محروم رهجي ويا ها. انھن ٻنھي خاندانن جو تڪليفون بہ هڪ جھڙيون ۽ ساڳيون هيون ۽ انھن جو حل بہ ساڳيو هيو.
ان دؤر جا ماڻھو بہ ڏاڍا سادا ۽ سچا هيا. هنن جي زندگين جيان هنن جا جذبا بہ سچا ۽ پاڪ هيا. ٽام وڏي سادگي سان سارا بش سان مخاطب ٿيندي چيو تہ؛”منھنجي زال کي گذاري، سال ٿي ويو آهي. منھنجا ٻچا بہ تنھنجن ٻچن جيان ويڳاڻا (غمگين/رنجيده) ۽ پريشان آهن. مان تو کي ننڍي هوندي کان ئي سڃاڻان. تون بہ منھنجي طبعيت کان چڱي ريت واقف آهين. مان هتي تو وٽ اُن ڪري آيو آهيان تہ جيڪڏهن تون راضي آهين تہ اسان ٻيئي خاندان ملي ڪري هڪ ڪٽنب بڻجي وڃون ۽ هڪٻئي جي ڏکن کي گڏجي حل ڪيون. مون کي ان معاملي ۾ ٿوري جلدي بہ آهي. مان چاهيان ٿو تہ اهو ڪم سڀاڻي ئي ٿي وڃي تہ بھتر“.
سارا بش وڏي صبر ۽ تحمل سان ٽام جي ڳالھہ ٻڌي ۽ هن ڏي بنان نھارڻ جي ئي چوڻ لڳي؛”مان تنھنجي ڳالھہ سان متفق آهيان. پر مان هن غربت واري زندگي ۾ ٿورو ڪي گهڻو قرضدار بڻجي ويئي آهيان، ان ڪري ان ڪم کان اڳ ۾ قرض جي ادائگي ڪرڻ انتھائي ضروري آهي“.
ٽام، سارا بش جو سمورو قرض ادا ڪري ڇڏيو ۽ ٻي ڏينھن يعني ٻين ڊسمبر 1819ع جي صبح جو هنن ٻنھي شادي ڪري ڇڏي.
هڪڙي ڏينھن صبح جو سارا، ابراهم ۽ هنيڪس خوش ٿيندي ڏٺو تہ هنن جي گهر جي اڳيان هڪڙو ٽانگو اچي بيٺو آهي. ان ۾ الماڙيون، ميز، ڪرسيون، ٿانو، صابڻ ٺاهڻ واري ڪيٽلي، نرم ملائم بستر، گدا ۽ هڪڙي نئين ماءُ جو مسڪرائيندڙ شفيق چھرو نظر آيو. ان سان گڏ هڪڙو نئون ڀاءُ ۽ ٻہ نيون ڀيڻون بہ نظر آيون.
هنن جون هاڻي تنھائي جون راتيون ۽ ڏينھن ختم ٿي چڪا هيا. ٻارڙن کي راند روند ڪرڻ لاءِ نوان دوست ۽ ساٿي ملي چڪا هيا. پر سارا بش جي سر تي هڪڙي ڀريل گهر جون زميواريون اچي پيون هيون. هو پنھنجو صاف سٿرو، سجايل سينگاريل، آرامدہ گهر گهاٽ ڇڏي آئي هئي ۽ هتي اچي هن ڏٺو تہ ڪاٺ جي پٽين جو اڻ پورو گهر هيو، جنھن جي درين ۽ دروازن تي جانورن جون کلون پردن جي جاءِ تي ٽنگيل هيون. ڇت تي سوراخ ٿيل هيا، جنھن تي وڻن جا ڇوڏا پيل هيا. ڪمري ۾، جنھن کي مشڪل سان ڪمرو بہ چئي سگجي پيو، هڪڙي پاسي ڪاٺ جي ڏنڊن جو ٺھيل پلنگ هو ، ان تي بھہ سان ڀريل کل جي چادر چڙهيل هئي. ان کان علاوہ اڻتراشيل ڪاٺ جي هڪڙي ميز. ڀڳل ٽٽل ٻہ ٽي ڪرسيون. بس اهو ئي هو هن نئين گهر جو ڪل اثاثو. هن نئين گهر جو فرش مٽي سان ڀڀوت ٿيل هيو. هن ٻارڙن تي نظر وڌي تہ سارا، ابراهم ۽ هنيڪس جا وکريل وڏا وار، ڪنا، ميرا ڦاٽل ڪپڙا. بدن تي ايترو مير ڄڻ تہ سالن کان نہ وهنتا هجن”. سارا بش جنھن پاسي نظر پئي وڌي تہ هو پريشان ٿيندي پئي ويئي. ڪٿي هن جي شھر وارو ننڍڙو گهر ۽ ڪٿي هن جهنگل ۾ هي بيڪار گهر. جيڪڏهن هو ڪا جھڙي تھڙي عورت هجي ها تہ ان مھل ئي ان ساڳي ٽانگي ۾ ويھي ايلزبيٿ ٽائون ڏانھن پنھنجي گهر واپس هلي وڃي ها. ٻين لاءِ ڪير مصيبت پنھنجي سر کڻي ها. سارا بش جي باري ۾ توهان کي وڌيڪ ٻڌائيندو هلان تہ؛
Sarah Bush Lincoln (December 13, 1788 – April 12, 1869) was the second wife of Thomas Lincoln and stepmother of Abraham Lincoln. She was born in Kentucky to Christopher and Hannah Bush. She married her first husband, Daniel Johnston, in 1806, and they had three children.
پر ٻارڙن جي سر جي ڪري ئي سارا بش هڪڙي شفيق ۽ رحمدل ماءُ ثابت ٿي. ان جي باري ۾ ڊينس هنيڪس لکي ٿو تہ؛
جنھن ڏينھن هو اسان جي گهر آئي، ان ڏينھن اسان سڀ مٽي سان ڀڀوت هئاسين. ميرا، گدلا ۽ ڪنا. هن اسان کي مٿي کان هيٺ پيرن تائين غور سان ڏٺو. ٿورڙو خفا ٿيندي چپن تي مسڪراهٽ آڻي، خاموش رهي، ڪجهہ بہ نہ چيائين. سڀني کان اول هن جيڪا ڳالھہ مون سان ڪئي تہ هي ڇڳو کڻي وڻ جي هيٺان رکي اچ. ان کان پوءِ هن سامان مان هڪڙي بالٽي پاڻي ڀرڻ واري، هڪڙو ٿانو پاڻي ڪڍڻ وارو ۽ هڪڙو صابڻ ڏنو ۽ پوءِ مون سان ابراهم سان ۽ پنھنجي پٽ جون جونسٽن کي چيو تہ توهان وڃي وهنجي، صاف سٿرا ٿي، ماني جي لاءِ تيار ٿي اچو. اسان چاچي سارا جي سامھون ميرا ۽ گدلا رهي ئي نہ ٿا سگهون.
ابراهم ۽ سارا تمام جلدي پنھنجي نئين ماءُ سان ملي جلي ويا هيا. بعد ۾ اهي ٻيئي هن سان ايڏو تہ ويجهو ٿي ويا هئا جو انھن کي اهو ڪڏهن بہ احساس ئي نہ ٿيو تہ هي انھن جي ويڳي ماءُ آهي. لنڪن ان کان پوءِ سڄي زندگي هن جو ذڪر انتھائي احترام ۽ محبت سان ڪندو رهندو هيو. حقيقت بہ اها آهي تہ سارابش هئي بہ ان قابل. هو انھن جي لاءِ رحمت وارو فرشتو ثابت ٿي. سڀ کان اول هن پنھنجن نون ٻارڙن سارا ۽ ابراهم ڏانھن ڌيان ڏنو. سڄو هڪڙو ڏينھن تہ هنن جي چيڙھہ چڙهيل وارن کي ڌوئڻ، صاف ڪرڻ ۽ ڦڻي ڏيڻ ۾ لڳي ويو. پوءِ هُن هنن جي لاءِ نوان ڪپڙا سبيا. وهنجاري سھنجاري نوان ڪپڙا پارايا. ان کان پوءِ هن گهر ڏانھن توجھہ ڏني. هو تہ ان خيال جي هئي تہ هڪڙي ڏينھن ۾ ئي سڄو گهر تيار ٿي صاف سٿرو ٿي جرڪي. خود ڪيبن جي فرش کي هن رهڙي رهڙي صاف ڪيو ۽ ٽام کي دروازي جي لاءِ پردو ٺاهڻ جو چيائين. دروازي تي آخر ڪيسيتائين کل جا پردا ٽنگيل هوندا. درين ۾ بہ پردا لڳائڻا هيا. هوءَ پاڻ سان گڏ گدا ۽ بسترا تہ کڻي آئي هئي پر هتي پلنگ نہ هيا. ان ڪري ٽام کي ٻہ ٽي پلنگ ٻيا بہ ٺاهڻا پئجي ويا. ٽام اهو سڀ ڪجهہ تيار ڪيو جيڪو هن چيو. هو گهر جي صفائي ۾ بہ شامل رهيو. پراڻا بُھہ سان ڀريل گدا هن اڍيڙي ڇڏيا. بُھہ ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ انھن کي ڌوئي صاف ڪيو ۽ نئون ڌوتل بُھہ انھن ۾ وجهي، پلنگن تي وڇائي ڇڏيو ۽ انھن جي مٿان وري پنھنجي گهران آندل نرم پرن وارا بسترا ۽ وهاڻا وڇائي ڇڏيا. هاڻي سڀني ٻارڙن لاءِ بہ پلنگ ۽ بسترا تيار ٿي ويا هئا. ان کان پوءِ هن ٿورو چونو خريد ڪري سڄي گهر کي سفيد ڪري ڇڏيو. هاڻي هي ننڍرو ڪيبن ڪنھن حد تائين گهر لڳي رهيو هو.
ابراهم جي نئين ماءُ هر معاملي ۾ ابراهم جي همت افزائي ڪئي. ماءُ پٽ هڪٻئي سان پيار بہ گهڻو ڪندا هيا. سارابش وڏي همت واري، خوش مزاج ۽ کل مک عورت هئي. هن جي هڪڙي پوٽيءَ پنھنجي ڏاڏي جي باري ۾ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي لکيو تہ:
هوءَ وڏي کل مک، وڏي قد واري ۽ خوبصورت عورت هئي. هن جي گفتگو وڏي شائستا ۽ نرم لھجي واري هئي. پنھنجن وارن جو وڏو گول ٺاهي ٻڌي رکندي هئي. سارا بش جي هڪڙي تصوير مان بہ ائين ئي لڳندو آهي. ان جي تصوير مان بہ ان ڳالھہ جي تصديق ٿئي ٿي.
هي تصوير هن جي پوڙهائپ وارن ڏينھن جي يادگار تصوير آهي ۽ ان ۾ بہ هن جي شخصيت جي دلڪشي،هن جي چھري تي نمايان نظر اچي ٿي.
سارا بش پنھنجي خاندان ۾ ڪنھن ملڪہ جي حيثيت سان حڪمراني ڪئي. هن جي گهر جي فردن بہ جن ۾ ڪافي تعداد ۾ اضافو ٿيو هو، هن سان تمام گهڻي محبت ڪندا هيا. ابراهم خاص ڪري پنھنجي ماءُ سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو. ٻيئي ڄڻا ويھي اڪثر ڪري هڪٻئي سان صلاح و مشورا ڪندا رهندا هيا. ماءُ پنھنجي نئين پٽ جي همت افزائي ڪندي، هن کي آکاڻيون ٻڌائيندي هئي ۽ ڪچھريون ڪندا رهندا هيا. ڏسڻ وارن کي ڪڏهن بہ اها سڌ نہ پوندي هئي تہ هي ٻيئي ماءُ پٽ هڪٻئي لاءِ ويڳا آهن.
آخر ڪرسمس جو ڏينھن بہ اچي مٿان پيو. ٻارڙن کي اڳين سال وارو ڪرسمس جو ڏينھن بہ ياد هيو. جڏهن هنن جو بنان دروازي وارو گهر ڪرسمس جي لاءِ ڄڻ تہ بند پيل هو. هن گهر جون دريون ۽ ڀتيون اڪثر ڪري خوشيءَ جي وڏن ڏهاڙن تي هر خوشي کان محروم هيا ۽ گهر ڀاتين کي سوچن ۾ گم سم ڏسندا هيا. ٻارڙن کي خبر ئي نہ پوندي هئي تہ ڪو عيد جو ڏهاڙو بہ آيو ۽ هليو بہ ويو. 1819ع جي 25 ڊسمبر جو جڏهن سج جي شروعاتي ڪرڻن هن صاف سٿري گهر ۾ خوشي جي ڏهاڙي جو پيام لکيو تہ ائين لڳو ڄڻ تہ سڄو گهر ئي جرڪي پيو هجي. ان ڏينھن هنن جي ماءُ خاص طعام پچايا. جڏهن رات ٿي ۽ سڀ ڪو کاڌي جي ميز جي اڳيان اچي ويٺو تہ ٻارڙن خدا جو شڪر ادا ڪيو. اڄ انھن جو گهر ڪنھن شفيق ماءُ جي مامتا کان قطئي طور تي محروم نہ هيو.