راءِ : مٺل جسڪاڻي
اقبال جون مختلف لکڻيون ۽ سندس پهريون شعري مجموعو توڙي پهريون ڪهاڻين جو مجموعو به مون پڙهيو آهي. هن جي لکڻين ۾ ڪو به ميڪ اپ شيڪ اپ نه هوندو آهي. جهڙو پاڻ صاف سٿرو ۽ سادو آهي، اهڙي صاف سٿري ۽ سادي ٻولي ۾، جيڪي هن جي آسپاس جون، عام معمول جون ڪهاڻيون آهن، اهي لکي ٿو.
هن وقت مون وٽ سندس ٽيون ڪتاب، جيڪو ڪهاڻين جو مجموعو آهي ۽ ڇپائي لاءِ تيار آهي، اهو پڙهڻ ۽ پنهنجي راءِ ڏيڻ لاءِ پهتل آهي. سندس ڪهاڻيون ڳوٺاڻن يا اهڙين شهرين جون آهن، جيڪي ڳوٺن مان لڏي اچي شهر ۾ رهڻ لڳا آهن. ڪي ڪهاڻيون پيار ڪهاڻيون آهن، ته ڪن ۾ عام سماجي مسئلا، مشڪلاتون، موجهارا، گهريلو اختلاف، جهيڙا جهڳڙا به آهن ته ڪي ٻيا عام معمول جا پر اهڙا موضوع به آهن، جيڪي بلڪل نوان آهن. ڪهاڻين ۾ ڪٿي منظر نگاري به آهي ته ڪٿي گفتگو به آهي. ڪنهن ڪهاڻي ۾ تمام ٿورا، ته ڪنهن ۾ ڳچ سارا ڪردار به آهن. منجهن صرف روعداد نه آهي، صلاحون به آهن، علاج به آهي.
منهنجي خيال ۾، مون کي مجموعي طور راءِ لکڻ بدران، واري واري سان سندس ڪهاڻيون پڙهندو، رايو لکندو وڃان، ته جيئن اقبال پاڻ منهنجي راين سان متفق ٿئي نه ٿئي، مطمعن ٿئي نه ٿئي، پر گهٽ ۾ گهٽ آئون خود مطمعن هجان ۽ جڏهن ڪو به منهنجي راءِ پڙهندڙ، مون کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري، ته آئون پنهنجي راءِ جو بچاءُ ڪري سگهان.
”اڌڙوٽ دوست“ هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي آهي. جيڪڏهن هي ڪهاڻي آئون لکان ها، ته ”ٽئين شادي“ طور پڙهندڙن تائين پهچايان ها. ڪهاڻي ۾ نه ٻيءَ شادي پهرين جي ۽ نه ٽئين شادي پهرين ۽ ٻيءَ شادي سبب پيدا ٿيل اختلافن ۽ مونجهارن جي ڪري، پر ٽي ئي شاديون مخصوص مجبوري جي ڪري ٿيون آهن. ڪارج جي حساب سان ڪهاڻي عام رواجي، پر ڪارائتي آهي.
”جهرمر جهرمر ڪهڪشان“ ڪهاڻي جي پڄاڻي تي ڏنگين ۾ لکيل آهي ”نوٽ: عورتن جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ ملهايو ويو، انهي موقعي تي لکيل تاثر“. اها تاثراتي ڪهاڻي پڻ حق سچ جي چٽي عڪاسي ڪندڙ، وقتائتي ڪهاڻي آهي. ڪاش! عورتن جو عالمي ڏينهن ائين نه، جيئن گهربل آهي، تيئن ملهائجڻ شروع ٿئي، ۽ ان ڏينهن تي مرتب ٿيندڙ سفارشن تي عمل به ٿئي، ته جيئن عورتن سان ٿيندڙ بي واجبين جو خاتمو به اچي سگهي. چمڪ ڌمڪ وارن ڏيکاءُ جي تقريبن ۾ مظلوم عورتن جي مالڪي نه، انهن جي تزليل جو عمل ڏکوئي ٿو.
”اڌورا خواب“ ڪهاڻي، ٻاراڻي عمر کان شروع ٿي، پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪائيندي، آخر هن موڙ تي پهچي ٿي: ”ائين اسان جا ننڍڙا پتڪڙا پير شايد جواني جي پهرين ڏاڪي کي ڇُهي رهيا هئا، پنهنجي ڌيءَ جي وڌندڙ جسم کي محسوس ڪندي، (جو هن جي وڌندڙ جسم سان لڳي رهيو هو ته هن جا قدم به جواني جي ڏاڪي تي چڙهي رهيا هئا) هڪ ڏينهن رابيل جي ماءُ هن کي چيو .... پٽ رابيل تون هاڻ وڏي ٿيندي پئي وڃين، ڇوڪرن سان راند نه ڪندي ڪر ته رابيل کي اهو احساس ئي نه ٿيو هو ته هو واقعي جواني جي راهه تي تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي رهي هئي، چيائين امان.... مون سان منور هوندو آهي، پر وري به چيائين .... منور کان جُدا ٿي ٻي ڪنهن سان راند نه ڪجانءِ..... ڪڏهن ائين ٿيو به نه هيو جو رابيل مون کان سواءِ ٻي ڪنهن سان راند ڪندي هجي.... تڏهن به سختي سان منع ڪندي ماءُ چيس ته اڄ کان پوءِ تون واه ۾ نه وهنجندين .... تڏهن رابيل کي اوچتو احساس محسوس ٿيڻ لڳو....ڀانءِ ... هو جوان ٿي وئي آهي ۽ مون به چيو مانس ته رابيل تون وڏي پئي ٿئين..... اڄ کان پوءِ پاڻ واه ۾ نه وهنجنداسين ٺيڪ آهي منور .... رابيل ڄڻ منهنجو چوڻ مڃي ورتو- آءُ ته ڪڏهن ڪڏهن وهنجي وٺندو هوس پر رابيل منهنجي چوڻ کي آخري ليڪو سمجهي ڪڏهن به نه وهنجندي هئي.... البت واه جي ڪپ تي ويهي ٻين ٻارن کي ۽ مون کي ڏسندي هئي.“
عجيب تجسس سان ڪهاڻي اڳتي وڌي ٿي، ”تان جو آءُ انٽر تي اچي پهتس ۽ رابيل مئٽرڪ پاس ڪري چُڪي هئي، ته ائين اوچتو خبر پئي ته رابيل جي پيءُ کي پروموشن ڏيئي ڪراچي بدلي ڪيو ويو، رابيل جي گهر ۾ خوشيون هيون پر رابيل مون کان جدا نه ٿيڻ پئي چاهيو.... اسان ٻنهي جو غم سڀني محسوس ڪري ورتو هو، پر .... اسان ڪجهه به نه ڪڇي سگهياسين... هفتي، ڏهه ڏينهن اندر هو هتان شفٽ ٿي چڪا هئا.“
”رابيل مون کان تمام گهڻو پري هلي ويئي هئي.... اسان ته اڃا پيار جا ٻول ٻوليائي ڪو نه هئا.... اسان ته اڃا مٺڙين مٺڙين ڳالهين جي شروعات ئي نه ڪئي هئي، آءُ ته اڃا همت ئي نه ساري سگهيو هوس ته رابيل کي چئي سگهان ها ته رابيل آءُ توسان ڪيترو پيار ٿو ڪريان.... ۽ رابيل به مون کي بي انتها چاهيندي به انهن لفظن جو اظهار نه ڪري سگهي هئي، اسان ته اڃا انهن لفظن جو اظهار نه ڪري سگهيا هئاسين ته اسان هڪٻئي کان ڪڏهن به جدا نه ٿينداسين، ته جدا ٿي وياسين.... اسان هڪٻئي کان جدا ٿي وياسين....“
۽ پوءِ ڪهاڻي جي پڄاڻي هيئن ٿئي ٿي ”مون ۽ رابيل جيڪي خواب دل تي دل ۾ سانڍيا هئا، اهي بنا تعبير جي تُٽي چڪا هئا. سڀ خواب اڌورا رهجي ويا.... سڀ تعبيرون اڌ ۾ رهجي ويون.....“
”اڌورا خواب“ ڪهاڻي پڙهڻ جهڙي آهي، ڇو ته نئين نه هجڻ باوجود نئين ڪهاڻي آهي ۽ اهڙين ڪهاڻين پڙهڻ جي نئين نسل کي وڌيڪ ضرورت آهي. ڇو ته هن ڪهاڻي ۾ پيار هوندي به ليڪا لتاڙيل نه آهن، نه پيار جو پرڻو ٿئي ٿو، نه ئي پيار جي نالي ۾ ڪو پاپ ٿئي ٿو.
”نماڻي جا نيڻ“ ڪهاڻي ۾ ”اقبال“ جي ”ڪائنات“ هن ڪتاب ۾ پڻ آهي! ڪائنات، هن ڪهاڻي ۾، مکيه ڪردار جي ڌيءَ نه آهي، سڳي سئوٽ جي ڌيءَ آهي. ڪهاڻي ۾ ڪائنات جو ذڪر ڪندي اقبال لکي ٿو ”پنهنجي هر ڳالهه مون سان سليندي آهي، هن پنهنجي مستقبل جي هر واڳ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي آهي، پنهنجي ماءُ پيءُ جون دل آزاريندڙ ڳالهيون به مون سان شيئر ڪندي آهي“. حيرت ۾ وجهندڙ، هڪ سچي ڪهاڻي محسوس ٿئي ٿي. ڇو ته ڪهاڻيءَ ۾ هڪ هنڌ ڪائنات چوي ٿي ”منهنجي ماءُ آهي جيڪا پٽن جو بدلو هر وقت انهي ڪري وٺي ٿي جو هو هن جا پٽ آهن، منهنجي ٻن ڀينرن جي شادي ٿي وئي آهي، منهنجي به ڪرائي ڇڏيو.“ ان تي کيس ورندي ملي ٿي ”ڌي.... جتي ڪٿي ڳالهه ساڳئي آهي، هتي به تنهنجي لاءِ پينگها ڪو نه رکيا ويندا جو توکي ويهاري پيا جهولائيندا.... اهي گهريلو ڳالهيون جتي ڪٿي آهن..... اهي مسائل ۽ مسئلا هر گهر ۾ آهن.... مون سمجهايو ته سمجهي وئي، هونئن به منهنجي هر ڳالهه سمجهي ويندي آهي“.
هي ڪهاڻي، پنهنجي الڳ نوعيت جي، غير معمولي ڪهاڻي آهي.
”پيار جي ورهاست“ ۾ پهرين شادي، ان مان ٿيل نياڻي ۽ پوءِ پهرين زال جي بيماري سبب، ماءُ ڌيءَ جي رضامندي سان ٿيل ٻيءَ شادي کان پوءِ، گهر ۾ متل ٻڙڌڪ تي مبني، هي ڪهاڻي به مقصد ۽ سبق ڏيندڙ ڪهاڻي آهي.
”جيئڻ جنين ڪاڻ“ اقبال بلوچ جي قلم مان اڪريل اڪبر بلوچ جي پيار ڪهاڻي آهي. اهڙي پيار ڪهاڻي، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ياد نه پيو اچي، ته ڪو اهڙي پيار ڪهاڻي مون اڳ ۾ ڪٿي پڙهي آهي، يا ڪنهن ناٽڪ (ڊرامي يا فلم) ۾ به اهڙي ڪهاڻي مون کي نه پئي سُجهي. هن ڪهاڻي ۾، هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ، ٻن سوٽن ۾ پيار ٿئي ٿو، ڇوڪريءَ جي ماءُ ضد ڪري، ڌيءَ کي ڀاءُ جي پٽ سان پرڻائي ڇڏي ٿي ۽ ڇوڪرو ٻئي ڪنهن سان شادي نه ٿو ڪري، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ٿي پوي ٿو، ته اها ڇوڪري ٽيهن سالن کان پوءِ، سندس ٻار سميت، پزا هٽ تي ملڻ اچي ٿي، ۽ ملڻ کان پوءِ مُڙس ڏانهن موٽي وڃي ٿي... سوٽ ماسات سان شادي جي مخالفت ڪندڙ هي ڪهاڻي ضرور پڙهن. پيار ۾ ويساهه رکندڙ به هي ڪهاڻي پڙهن. جيڪو به هي ڪهاڻي پڙهي، اهو پرائڻ جي به ڪوشش ڪري. وڏي ڪم جي ڪهاڻي آهي.
”ڪُلها ننڍا بار وڏا“ عام پڙهندڙ جي پڙهڻ جهڙي ڪهاڻي آهي. انهن کي ضرور پڙهائڻ گهرجي، جيڪي زندگي کي سمجهي نه سگهيا آهن. جن جي ٿوري آمدني باوجود، سندن ننڍن ڪلهن تي وڏا بار اچي وڃن، جن کي ماءُ جي خدمت ڪرڻ، زال سان نڀائڻ، ڀينرون ۽ ڀائر نپائي، سنڀالي، انهن کي پڙهائي، وڏو ڪري، پرڻائي، پوءِ پنهنجي ٻچن جي سک جو انتظام ڪرڻو هجي، اهي مايوس ٿيڻ بدران هن ڪهاڻي مان سبق پرائين.
”سهڻي ۽ پارس“ اهڙن ٻن ننڍڙن گهراڻن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي پنهنجيون نياڻيون پڙهائڻ لاءِ، ڳوٺ مان لڏي حيدرآباد ۾ اچي رهن ٿا. ڳوٺاڻي ماحول مان نڪري، شهر جي مختلف مسئلن، مونجهارن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا. ٻنهي کي هڪ هڪ پٽ ۽ هڪ هڪ نياڻي جو اولاد هوندو آهي. انهن جي ”گهرن ۾ هڪ تهذيب يافته ماحول هو، گڏوگڏ آزادي به هئي، ڪنهن قسم جي اجائي رنڊڪ نه هئي ته ڪو ڇوڪرين کي ٻاهر نه ڇڏجي، گهمڻ ڦرڻ لاءِ قيد ڪجي، يا موبائيل نه ڏجي، پر ايتري ذهني آزادي نه هئي جو هر قسم جي ڇڙواڳي هجي“. ان کان اڳتي ڪي عام رواجي، هلڪيون ڦلڪيون غلطيون ٿين ٿيون، پر نيٺ ٻنهي دوستن جا چار ئي ٻار ڊاڪٽر بنجي ويندا آهن، ٻئي دوست پنهنجن پٽن ۽ ڌئيرن جي شادين جي تيارين ۾ لڳي ويندا آهن ۽ آخر ڪار هو ٻئي دوست نه، مائٽ ٿي پوندا آهن. هي ڪهاڻي ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ سوچيندڙن ۽ ڳوٺ ڇڏي شهر ۾ اچي رهندڙن جي، نه صرف عڪاسي ڪري ٿي، پر نون جي رهنمائي به ڪري ٿي.
”عظيم فنڪار“ سچ کي ويجهي، هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي، جيڪو روزگار جي ڳولا ۾ رلندي، دوست جي صلاح تي عمل ڪندي، منجهس موجود فنڪاراڻيون صلاحيتون ڪتب آڻي، ناميارو فنڪار ٿي، مال مليڪت وارو ٿي پوندو آهي، ته کانئس غربت جو هر لمحو وسري ويندو آهي ۽ عياشين ۾ پئجي وڃي ٿو، ته آهستي آهستي ڳائڻ مان حاصل ٿيل ملڪيت خرچ ٿيڻ شروع ٿئي ٿي، بيمار ٿئي ٿو ته رهڻ لاءِ سندس بهترين بنگلو وڪڻي، مسواڙي فليٽ ۾ رهي ٿو، نيٺ ته پيسا اڏائيندڙ اهو فنڪار، علاج لاءِ سرڪار کي اپيل ڪري ٿو، سندس ساٿي فنڪار به اهڙي گهُر ڪن ٿا.... هن ڪهاڻي جيترو به جيڪڏهن ناميارن فنڪارن کي عقل هجي، سرت ۽ سمجهه هجي، ته پيري ۾ مفلسي جا ڏينهن نه گذارين. اهڙي سوچ ملي ٿي، هي ڪهاڻي پڙهڻ سان، جيڪا سچ کي گهڻي ويجهي ۽ غير روايتي ڪهاڻي آهي.
”باجي“ ٻيءَ ٻولي جو مروج لفظ اقبال جي اها ڪهاڻي پڙهائي ٿو، جنهن جي شروعات ”باجي“ جي گذاري وڃڻ جي خبر سان هن ريت آهي:
”اڄ خبر پئي ته ”باجي“ گذاري وئي، سڀني جي باجي، سڄو ڳوٺ، سڄو پاڙو، هن کي باجي جي نالي سان سڏيندا هئا، ايتري قدر جو هن جا پٽ به هن کي باجي جي نالي سان سڏيندا هئا، ڄڻ ته هو سڀني جي باجي هئي، جيئن هو پرڻجي ڳوٺ ۾ آئي ته گهوٽ جي ڀيڻن هن کي باجي، باجي ڪري سڏيو ته ڇا، جو سڄي ڳوٺ وارن کڻي هن کي هن نالي سان سڏڻ شروع ڪيو، ڏسندي ڏسندي اهو نالو هر وات ۾ پئجي ويو، اصل ۾ ته هن جو نالو زينت النساءِ هو، پر اڌ نالو زينت صرف هن جو مڙس وٺندو هو، گهڻن ماڻهن کي ته هن جي اصلي نالي جي خبر ئي نه هئي“.
ان کان اڳتي به عجيب قسم جي، پڙهڻ ۽ پرائڻ جهڙي، اهڙي گهريلو ڪهاڻي آهي، جنهن گهر جا ٻار وڏا ٿي پرڻجن ٿا، ته هڪ ٺهيل گهر ڦٽي ويندو آهي. ماءُ پيري جا ڏينهن ناٺي جي در تي پورا ڪري وفات ڪري ٿي، ته پُٽ پهرين ان جو لاش پنهنجي گهر کڻي، پوءِ مرڻي جو اطلاع صرف ان ڪري ڏيندا آهن، ته جيئن هر ڪو چئي ”ابا ماءُ سڀاڳي هئي جو پنهنجي پٽن جي هٿن ۾ سرهي ٿي.“
اقبال جي مرضي، اهڙي ڪهاڻي آئون لکان ها ته اها ”باجي“ نه ”سڀاڳي ماءُ“ جي عنوان سان هجي ها.
”تسبيح مڻيادار“ ڪهاڻي جي ابتدا ته هر ملازم، ملازمه کي تمام گهڻي وڻندي، پر اڳتي به اهڙي ڪهاڻي نه آهي، جو پڙهندي، اڌ ۾ ڇڏي ڏجي. سچ ته اقبال بلوچ بردبار ليکڪ آهي، جنهن بنا خوف جي، هي ڪهاڻي لکي آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون ۾ ايتري همٿ نه آهي، جو آئون پنهنجي آس پاس جي ڪهاڻي، ائين لکي، پڙهندڙن تائين پهچائي سگهان. آفرين، اقبال بلوچ، آفرين.
”پهريون پيار“ به عجيب ڪهاڻي آهي، اقبال بلوچ جي آس پاس جي، هڪ پيار ڪهاڻي آهي. جيڪڏهن هي ڪهاڻي واقع ”سانول جا سور“ جي ليکڪ جي آهي، ته پوءِ اقبال کي تمام گهڻيون شاباسون.
”سون سستو ماني مهانگي“ جي به ڪهڙي ڳالهه ڪجي! پڙهندي پڙهندي، مون کي، منهنجو، ڳوٺ وڃڻ ياد اچي ويو. عيد نه، عيدون ياد اچي ويون! جيڪو به ڳوٺ کان پري رهندو هوندو، ان کي ته هي ڪهاڻي وڻندي ئي، پر ٻيا به پڙهندي اڌ ۾ نه ڇڏيندا. هونئن، هن ڪهاڻي جي آخر ۾ به هڪ نوٽ لکيل آهي، جنهن ۾ ليکڪ ڄاڻايو آهي ته ”سعودي عرب جي بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ جي موقعي تي ڏاج ۾ سون سان ٺهيل ڪمرو ۽ سون سان ٺهيل باٿ روم به ڏنو آهي، انهيءَ خبر مان متاثر ٿي هي ڪهاڻي لکي اٿم“.
”دفن ٿيل راز“ دفن نه رهيو، اهڙي ڪهاڻي جو روپ ڌاري ظاهر ٿيو، جنهن کي گهڻا اديب ۽ دانشور شايد پسند نه ڪن، پر سچ ته سچ آهي، سچ لکندڙ ليکڪ ته لکندا نه...
”ان باڪس ڪچهري“ ڪهاڻي عنوان مان ئي جديد دور جي جديد ڪهاڻي آهي. فيس بوڪ کان واقف پڙهندڙ پڙهي، ڪي ته لطف اندوز به ٿيندا، پر جيڪي ان باڪس ڪچهري ۾ گهڻو حصو وٺندا رهندا آهن، منهنجي خيال ۾ اهي پاڻ کي ڳوليندي، ڪهاڻي مان ڪيترين ئي اوڻائين جي نشاندهي به ڪندا.”
”مري جيئاري ويو“ هڪ اهڙي پوليس واري جي ڪهاڻي آهي، جنهن لاءِ ڪهاڻيڪار کي لکڻو پيو ”هونئن پوليس کاتي وارا سپاهي ڏاڍا بي رخا ٿيندا آهن پر اميد علي هڪ ته بهادر ڏاڍو هو ۽ ٻيو تمام گهڻو رلڻو ملڻو ۽ بااخلاق هو، پنهنجي غربت ڪڏهن به ظاهر نه ڪندو هو، سدائين پيو مسڪرائيندو هو“.... ”هڪ ڏينهن ٽوڪ ڪندي چيومانس ته اميد علي پوليس جا سپاهي ايترا خلوص، محبت وارا ته نه هوندا آهن، پر تون ته انهن جي ابتڙ آهين، چيائين انهي ڪري جو آئون ايماندار آهيان“.
اعتبار نه ڪرڻ جهڙي، پر اعتبار ڪرڻو پوندو، اهڙي هي ڪهاڻي آهي.
”پياري تنهنجي پريت“ جي ابتدا ئي اهڙي سچائي سان، جنهن کان اڪثريت واقف هجڻ باوجود ڄڻ بي خبر هوندي آهي! اڳتي به تمام سٺي ڪهاڻي آهي. زبردست. اهڙيون ڪهاڻيون به تمام گهٽ لکيون ويون آهن! سبب ليکڪ پاڻ ٻڌائين، ته اهڙيون سچيون ڪهاڻيون لکڻ مهل کين ڪهڙو خوف ٿيندو آهي؟
سرائيڪي ڪهاڻي ”نينهن نڀايا جوين تون“ سنڌي ۾ ڇو نه؟ سرائڪي ۾ ڇو؟ سنڌي ڪهاڻي جي مجموعي ۾ ٻيون سڀ سنڌي، هي هڪ سرائڪي ڇو؟ ۽ اهڙا ٻيا به گهڻا سوال منهنجي ذهن ۾ به آهن، ته مجموعو پڙهندڙن جي به ذهن ۾ اڀرندا. سرائڪي گهٽ لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي، ان ڪري ڪهاڻي پڙهڻ ۾ ڏکيائي پنهنجي جاءِ تي، پر بهرحال ڪهاڻي پڙهڻ جهڙي آهي.
”جهوري جنهن جندڙي“، ”سڄي سنڌ پرين جو پاڇو“ واري شاعر حسن درس جي حادثاتي وڇوڙي تي لکيل هڪ احتجاجي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ حسن درس جو، حادثي کان اڳ جو، ڪو خاص ذڪر نه آهي، ان ڪري حسن کان اڻ واقف پڙهندڙ کي، هي ڪهاڻي ٿوري گهٽ متاثر ڪندي.
”جي ترسي پوين ها“ مختصر پر گهڻي اهم ڪهاڻي آهي. مون کي پڙهندي پڙهندي، بلڪل سچي ڪهاڻي به لڳي ۽ کل به آئي، هر پڙهندڙ کي، هي ڪهاڻي پڙهندي، ڪا نه ڪا ياد ضرور ايندي.
”مــاڻـهو جـو ٻـچو“ مختصر ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي تي راءِ ڏيڻ بدران پڙهندڙن لاءِ جيئن جو تيئن ورجائڻ ٿو چاهيان، ته جيئن اقبال بلوچ جي لکڻي، ٻولي، لهجي ۽ ٻين پهلوئن جو، پڙهندڙ پاڻ اندازو ڪري سگهن:
پندرهن سالن جو ڇوڪر..... سڄي گهر جو ڪم ڪار .... ٿانو ٻهاري، ٻهارو پوچو، صفائي سٺائي، چنڊ ڦوڪ ۽ گاڏين جي صفائي بعد ٻنپهرن جي ماني، پچائي، گهر جي مالڪياڻي اڳيان رکي ٿو.
انهن تازين پچيل مانين مان ٻه تازيون مانيون ڪڍي، نوڪر کي ڏيندي، مالڪياڻي چوي ٿي .... هي مانيون وڃي، ڊاگي کي ڏيئي آ.....
ڇوڪرو، مالڪياڻي جي پاليل ڪتي ڊاگي کي مانيون ڏيئي اچي ٿو. اهو ڊاگي... مالڪياڻي جي ايئرڪنڊيشڊ روم ۾ هزارين روپين جي صوفه سيٽ تي ويٺو هو. ڀر ۾ ويٺل عاليشان پلنگ تي مالڪياڻي پاليل ٻلي سان پيار ڪندي کير پياري رهي هئي...
هڪ ماني ڇوڪر کي ڏيندي ڇڙپ سان چيائين هي وٺ کاءِ ماني.....
سڄي ڏينهن جو ٿڪل ۽ ساڻو ٿيل هي ڇوڪرو رات جو گيرج ۾ سمهي رهندو آهي.
”دعـائـون“ ڪري پيسا گهرندڙ نوجوان ڇوڪري ۽ سٺ سال ڄمار واري جي گفتگو تي مشتمل، هي عام معمول جي ڪهاڻي، غير معمولي انداز ۾، مختصر ڪهاڻي طور لکيل آهي. سماج جي چٽي عڪاسي آهي. پڙهڻ ۽ پرائڻ جهڙي ڪهاڻي آهي.
”آئون بيوه آئون غريب“ اهڙي غريب بي واهه عورت جي ڪهاڻي آهي، جيڪا غريب هجڻ باوجود پنهنجي نياڻي کي پڙهائڻ جي جستجو ۾ خانگي اسڪول ۾ اڌ في معاف هجڻ باوجود باقي رهيل اڌ في به معاف ڪرڻ لاءِ پرنسيپال کي منٿون ٿي ڪري. منٿ ميڙ دوران ٿيل ڪجهه ڊائلاگ هتي ئي پڙهي وٺو:
پرنسپال... مائي ڏانهن ڏسندي چيو .... امان تنهنجي وات ۾ ڇا آهي... ڇا پئي کائين.
آءُ اها ٻنهي جي ڳالهه ٻولهه خاموشي سان ٻڌي رهيو هوس...
مائي چيو ... ابا وات ۾ مين پوري ۽ گٽڪو پيل اٿم..
۽ هٿ ۾ مٺيون سوپاريون هيس..
ادي... هر روز ڪيترن پئسن جو اهو نشو ٿي ڪرين ...
بس ابا، انهن گٽڪن ۽ سوپارين ۾ سو روپيا خرچ اچيو وڃي، مٿان وري چانهه به ٻه ٽي دفعه پيان ٿي بس آءُ سڄو ڏينهن پورهيو ڪريان ٿي.... پئسا ٻچن جي کاڌي ۽ منهنجن گٽڪن ۾ ئي پورا آهن.
پرنسپال چيو.. هر روز سو روپين جو نشو ڪري مهيني ۾ ٽي هزار نشي ۾ وڃائين ٿي. پر ٻچن جي ننڊڙي جي في جا اڍائي سو روپيا نه ٿي ڏيئي سگهين.
مختصر ڪهاڻي آهي. سچي ڪهاڻي آهي. معاشري جي چٽي عڪاسي آهي.
”DEATH CASE“ کي ”ڊيٿ ڪيس“ به لکجي پئي سگهيو، ان جو سنڌي ترجمو به ڪري پئي سگهيو، پر اقبال ڪهاڻي جو عنوان ائين، جيئن جو تيئن، انگريزي ۾ لکيو، رکيو آهي! هي به مختصر ۽ سچي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ رٽائر ڪندڙ ۽ رٽائر ملازم جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، پونئيرن کي پينشن ملڻ جي حوالي سان آهي. هن ڪهاڻي ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته.... آئون ٻڌائيندس ته ڪهاڻي ڪير پڙهندو؟
”ٽريفڪ چالان“ ڪهاڻي ”ال راشي ول مرتشي“، ”ڏنو پٽ ڇٽي جو“ مختصر، روايتي ڪهاڻي آهي، پر جيستائين ائين ٿيندو رهندو، تيستائين هر ڪهاڻيڪار، پنهنجي پنهنجي سوچ ۽ سمجهه مطابق ساڳئين ڪهاڻي وري وري لکندو رهندو.
تاثراتي ڪهاڻي، هڪ حقيقت هڪ فسانو، ”تلهار جي هڪ ڇوڪري“، ٽن عبارتن تي مشتمل، منهنجي خيال ۾ صرف هي ئي هڪ ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ ڪردار جو نالو ئي ڪهاڻيڪار جو سندو نالو يعني ”اقبال بلوچ“ لکيل آهي، هن ڪهاڻي ۾ نثر، شاعري، موسيقي، فنڪشن، فڪشن، گهڻو ڪجهه موجود آهي. ڪجهه روايتي، ڪجهه غير روايتي ڪهاڻي آهي. تاثراتي ۽ علامتي هجڻ باوجود حقيقت کي گهڻي ويجهي ۽ ڪم جي، ڪارائتي ڪهاڻي آهي.
مجموعي طور ڪهاڻين ۾ خيالن ۽ ٻوليءَ جي سادگي پنهنجي جاءِ تي، پر گهڻن هنڌن تي ٻوليءَ جو غلط استعمال به ٿيل آهي، ڪٿي لفظن ۾ صورتخطيءَ جون غلطيون آهن، ته ڪٿي لفظ بگاڙي، بلڪل غلط لفظ به استعمال ڪيل آهن. ڪهاڻيڪار پاڻ توڙي ٻيا پڙهندڙ به، مجموعي ۾ شامل سڀني ڪهاڻين کي ڀلي ته ڪهاڻي چون ۽ مڃين، پر منهنجي خيال ۾، هن مجموعي ۾ ڪجهه ڪهاڻيون آهن، ڪجهه ڳالهيون آهن، جيڪي جيئن جو تيئن، اوڻيهه ويهه جي گهاٽي واڌي سان لکيون ويون آهن. ان هوندي به، سڀ جون سڀ ڪهاڻيون توڙي ڳالهيون پڙهڻ جهڙيون آهن.
[b] مٺل جسڪاڻي
[/b] ٽنڊوڄام
خميس، 10 جون 2016ع