ڪھاڻيون

جيئڻ جنين ڪاڻ

ڪتاب ”جيئڻ جنين ڪاڻ“ ليکڪ ۽ شاعر اقبال بلوچ جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو آهي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
”سڄاڻ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس اقبال بلوچ پنهنجي وس آهر وقت بوقت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن جون زينت پڻ بڻيون آهن، هن جي لکڻ جو اسلوب منفرد ۽ نرالو به آهي هو ڪهاڻين جي روايتي تقاضائن کان هٽي ڪري پنهنجي هڪ منفرد انداز سان داخلي ۽ خارجي واقعن کي ڪهاڻين ۽ افسانن جو روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اقبال بلوچ جي هن ڪتاب ۾ جتي معاشري جي منفي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، اتي سندس داخلي ڪيفيتن جي اُپٽار جا به عڪس جهلڪندي نظر اچن ٿا، سندس ڪهاڻيون پڙهندي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ذڪر ڪيل واقعا ۽ قصا سندس ذات سان لاڳاپيل هجن، ائين کڻي چئجي ته سندس ڪهاڻيون اقبال بلوچ جي آتم ڪٿا جا ڪجهه پاسا آهن جن کي هو اڃا به سهڻي انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 3900
  • 776
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اقبال بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جيئڻ جنين ڪاڻ

مري جيئاري ويو

اميد علي کي اسان جي پاڙي ۾ رهندي ڪيترا سال گذري چڪا هئا، هاڻ ته هن سان هن جي خاندان سان، اسان جي دعا سلام کان وڌيڪ مائٽن جهڙو سلوڪ ٿي ويو هو، هن جو پورو خاندان انتهائي قربائتو هو، وڏي فيملي هئي اٺ ڏهه ڀاتين تي مشتمل هي گهراڻو، غربت واري زندگي گذاري رهيو هو.
اميد علي پاڻ پوليس کاتي ۾ سپاهي هو، هونئن پوليس کاتي وارا سپاهي ڏاڍا بي رخا ٿيندا آهن پر اميد علي هڪ ته بهادر ڏاڍو هو ۽ ٻيو تمام گهڻو رلڻو ملڻو ۽ بااخلاق هو، پنهنجي غربت ڪڏهن به ظاهر نه ڪندو هو، سدائين پيو مسڪرائيندو هو.
هڪ ڏينهن ٽوڪ ڪندي چيومانس ته اميد علي پوليس جا سپاهي ايترا خلوص، محبت وارا ته نه هوندا آهن، پر تون ته انهن جي ابتڙ آهين، چيائين انهي ڪري جو آئون ايماندار آهيان.
ها! اميد علي انتهائي ايماندار ۽ بهادر سپاهي هو، خرچي يا رشوت جي حساب سان ڪنهن کان هڪ رپيو به نه وٺندو هو، ايتري قدر جو ٿاڻي تي رشوت جي خرچي مان هو پنهنجو حصو ڪڏهن به نه وٺندو هو، پر ڪم ٻين سپاهين کان به ٻيڻو ڪندو هو ۽ ايمانداري سان ڪندو هو.
جيڪا ٽيم، ڀتاخورن، ڌاڙيلن ۽ مافيا جي خلاف وڙهندي هئي، انهي ٽيم ۾ هن جي بهادري سبب هن کي ضرور شامل ڪيو ويندو هو، هاڻ ته هو ٿاڻي جو صوبيدار به ٿي ويو هو، ڪنهن کي منٿلي نه پهچائڻ تي سدائين بدلين جا آرڊر هٿ ۾ کڻيو پيو رُلندو هو، ڪڏهن هڪ ٿاڻي تي ته ڪڏهن ٻئي ٿاڻي تي هوندو هو، ايماندار آفيسر هئڻ سبب هن جي هاڪ ته ڊپارٽمينٽ ۾ گهڻي هوندي هئي.
ننڍڙن چورن، لوفرن ۽ پاٿاريدارن لاءِ ته هو اڪيلو ئي ڪافي هو، جنهن ٿاڻي تي رهندو هو انهي شهر ۾ چورن ۽ لوفرن کي مجال جو ڪا چوري يا دهشتگردي ڪري سگهن، ڪنهن کان ڊڄندو نه هو، ڀلي خان، خان جو پٽ هجي، جي ڪنهن ڏوهه ۾ پڪڙجي پيو ته في الحال ٿاڻي تي پهچائي بند ڪري ڇڏيندو هئس.
آئون ڪڏهن ڪڏهن حيران ٿي ويندو هئس ته هو صرف پنهنجي پگهار مان، ايڏي وڏي خاندان جي سنڀال ڪيئن ٿو ڪري، ٻچن کي ڪيئن ٿو نپائي ۽ ڪيئن ٿو پڙهائي.
سچي ڳالهه ته اها هئي هو صرف کاڌي ۾ ئي پورا هئا، باقي گهر ۾ ڪجهه ڪو نه هئن هن جا ماءُ ۽ پيءُ سدائين بيمار رهندا هئا، هن سان گڏ هن جو هڪ ننڍو ڀاءُ، ننڍي ڀيڻ به رهندا هئا، هن جي زال هن کي ڇهه ٻار ڄڻي ڏنا هئا ته ويتر سورن ۾ پئجي ويا هئا، هو پنهنجي ماءُ پيءُ جي علاج لاءِ سدائين پريشان رهندو هو، جو هو ٻنهي جو علاج، پنهنجي ٺلهي پگهار مان نه ڪرائي سگهندو هو.
منهنجي هن سان گهڻي گهرائپ ٿي وئي هئي گهڻو ڪري دل جا حال مون سان ئي اوريندو هو، آئون هن جي ماءُ پيءُ جي علاج ۽ دوائن ۾ سندس مدد ڪندو هئس، مون کان انهي مدد تي هٻڪائيندو هو، شرمسار به ٿيندو هو، انڪار نه ڪندو هو ڇو ته هو مجبور هو.
هن جي زال، منهنجي ماءُ، منهنجي زال سان ڏک سور اوريندي هئي ۽ پنهنجي مڙس جي ايمانداري تي سدائين پريشان به رهندي هئي ...... ۽ سدائين ٻنهي اکين مان ڳوڙها پيا ڳڙهندا هئس، ماني پيٽ لاءِ پريشان، ٻارن جي سولي پڙهائي به نه ٿيڻ تي زنجيده هوندي هئي، ويتر جو بيمار ماءُ ۽ پيءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ جو بار به هن تي هو سدائين روئڻ لاءِ مجبور هئي، گهڻو ڪري هن جي زال مهيني جي ويهن ٻاويهن ڏينهن ۾ اسان جي گهران اٽو، چانور ۽ کنڊ پتي پئي اوڌر تي وٺندي هئي، ان واعدي تي ته اڳئين مهيني واپس موٽائي ڏيندي پر هو ان پوزيشن ۾ ئي نه هئي ۽ منهنجي زال به ڪڏهن هن کي اوڌر واپس ڪرڻ لاءِ نه چيو.
ائين هن غريب گهراڻي جو وقت گذري رهيو هو، عيدن براتن تي مان سندن مدد ڪندو هئس.
هن جي گهر ۾ بک هئي، بيماريون هيون، هن جا ٻار تعليم لاءِ سورن ۾ هئا، اوچتو هڪ ڏينهن ٻڌوسين ته اميد علي ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ وڙهندي شهيد ٿي ويو آهي، کيس پوليس جي سلامي ۾ دفنايو ويو، گهر ۾ هڪ ئي ڪمائڻ وارو هو اهو به الله کي پيارو ٿي ويو.
ڪجهه مهينا مس گذريا ته هنن جي زندگي ۾ ڦيرو اچي ويو، ڪيترن ئي سالن کان رهندڙ مسواڙ واري جاءِ مالڪ کان خريد ڪري ورتي هئائون.
اميد علي جي وفات کان اڳ سندس ماءُ پيءُ گذاري ويا هئا، هاڻ هن جي گهر ۾ آسودگي ڏسڻ ۾ پئي آئي، اميد علي کي شهادت جو رتبو ملڻ تي، ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ مارجي وڃڻ تي پوليس کاتي کان ٽيهه لک رپيا مليا هئا، اهڙا ٻيا پينشن وغيره جا ويهه لک رپيا مليا هئا، هن جي وڏي پٽ کي پوليس ۾ نوڪري ڏني وئي هئي، هن جي وڏي ڌيءَ کي هيلٿ ورڪر جي نوڪري ملي وئي هئي، هن جي ڀيڻ جي به شادي ٿي وئي.
اميد علي جو اولاد، سندس جيئري سٺي زندگي جا صرف خواب ڏسندو رهيو، پر انهن جي خوابن جي تعبير هن جي مرڻ کانپوءِ ئي هنن کي ملي ۽ سڀ سولا ٿي پيا هئا.
پاڙي ۾ هر ڪنهن جي وات ۾ اها ئي ڳالهه هئي ته اميد علي جنهن پنهنجي حياتي ۾ سک جو ساهه نه کنيو ۽ نه ئي هن جي خاندان ٽي ويلا سولي ماني به کاڌي هن جي مرڻ بعد هن جو گهر ۽ هن جو اولاد ته سکي ٿي پيو.
پاڻ، شهيد ٿي ويو پر پنهنجي گهروارن کي سولو ڪري ويو.