سون سستو ماني مهانگي
اڄ رات به عيد رات هئي چڱا خاصا ماڻهو اچي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيا ڳوٺ واري اوطاق ۾ ڄڻ ميڙاڪو مچي ويو، ٽهڪن جا ٽهڪ لڳي ويا، ڪچهري ۾ هڪڙي پڇيو ..... ابا .... اها ته ڏي خبر عرب بادشاهه واري خبر مون ٻڌي آهي ته هن پنهنجي پيءَ کي شادي جي ڏاج ۾ سون جو ڪمرو ٺهرائي ڏنو آهي، جيسيتائين آئون ڳالهايان جيسيتائين ٻي ٻه سُر ڀرائيندي چيو ..... اي ادا سون جو ڪمرو ڇا، هن ته باٿ روم به سون جو ٺهرائي ڏنو آهي.
هاڻ ..... هڪ ٻئي بزرگ رڙ ڪندي چيو ڇا ڪاڪوس به سون جو .... پر هن سون جي ڪاڪوس ۾ هوءَ بادشاهه زادي ڪندي ڇا ..... اڃان ڪو ٻيو ڳالهائي ها ...... مون وچ ۾ ڳالهايو .... سائين بس وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون، مون سڄي ڳالهه انهن کي تفصيل سان سمجهائي..... بس يار ..... ڪٿي چور سڃا ته ڪٿي ڍور سڃا ..... ڀلا هوءَ سون جي ڪاڪوس ۾ به اهو ئي ڪندي جيڪو اسان مٽيءَ جي ڪاڪوسن ۾ ڪندا آهيون، مون وري به ڳالهه ڪٽيندي اڳتي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو .... مون چيو .... ٻي ڪا ڳالهه ڪريو ..... ڇو اچي ..... سون جي باٿ روم پويان اچي پيا آهيو..... مون پنهنجي ننڍي ڀاءُ کان پڇيو، ڏي خبر پاڻ چندو ڪري، ڳوٺ جي غريبن لاءِ راشن ۽ ڪپڙن لاءِ پئسا گڏ ڪيا هئا اهو راشن ۽ عيد جا ڪپڙا غريبن تائين پهتا، منهنجي ڀاءُ تفصيل ڏيندي چيو ته چندي وارن پئسن مان ايترو ٿيو جو پنجاهه غريبن جي گهرن ۾ عيد کان اڳ راشن ۽ ڪپڙا پهچي ويا، وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيائين، هڪ ٿيلهي ۾ ڏهه ڪلو اٽو، پنج ڪلو چانور، کنڊ، چانهه، سيويون، کير جا دٻا، گرم مصالحو ۽ روڪڙا پنج سئو رپيا انهن غريبن جي گهر تائين پهچاياسين، چيائين ادا پنهنجي ڳوٺ ۾ ڏاڍي غربت آهي، غريب تمام گهڻا آهن پر اسان ڪوشش ڪري ڪجهه غريب ۽ بيواهن تائين راشن پهچايو آهي، مون کي ڄڻ سڀ تفصيل ٻڌائي ويو، اتي هڪ غريب روئي رهيو هو، مون هن کان پڇو مانس ڇا ٿيو ادا .... ڇو ٿو روئين، روئيندي چيائين..... ادا توهان جو موڪليل راشن ۽ ڪپڙا مليا، توهان جي مهرباني ڇا اسان جي زندگي سدائين ائين گذرندي.... مون دلاسو ڏيندي چيومانس، بس ادا روئڻ بند ڪر، دل هلڪي نه ڪر، الله پاڪ وڏو آهي ڪنهن نه ڪنهن وسيلي ڌڻي رزق پهچائيندو آهي، هڪ ٻئي همراهه به روئيندي چيو ..... ته ادا انهن جا سمهڻ جا ڪمرا ۽ ڪاڪوس به سون جا، اسان آهيون جو آهيون جو ٽي ويلا ماني به نٿا کائي سگهون.
عيد ڏينهن نماز، ختم ٿي بيواهن جا يتيم يتيم ٻار جهوليون جهليو بيٺا هئا، ڏهه رپيا، ويهه رپيا، ماڻهن پئي ڏنا، هونئن ڳوٺ وارن کي اها خبر هوندي آهي ته انهن مان ڪير حقدار آهي يا نه .... سڀ حقدار هئا، سڀني کي خبر هئي ته اهي ٻار ڪنهن جا ڪنهن جا هئا، سڀ يتيم ۽ غريب هئا، اسان جهڙا چند ماڻهو ڪجهه مڇي مانيءَ وارا آهن، جيڪي شهرن ۾ رهندا آهن، ڪجهه دڪان وارا، ڪجهه هوٽلون هلائيندڙ آهن، ڳوٺ جا اڪثر غريب غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن، اسان جي هر سال عيد وارن ڏينهن ۾ ميٽنگ ٿيندي آهي ته غريبن ۽ بيواهن کي ڪهڙي نموني سنڀالجي انهن کي پنڻ تي مجبور نه ڪجي، انهن جي نوجوان ٻارڙن کي روزگار سان ڪيئن لڳائجي اسان هڪڙي ٽرسٽ به قائم ڪئي آهي ٽرسٽ جو ڪم ئي اهو آهي ته ٻارن کي پڙهائي، اڳتي هلڪي ڦلڪي نوڪري ۾ لڳائجي، غريب بيواهه عورتن کي سلائي مشينون ڏيندا آهيون، انهن جي ڇوڪرين کي پڙهائي سان گڏ سلائي ڪڙهائي سينٽر کولي ڏنا آهن، پڙهنديون به آهن ۽ سلائي ڪڙهائي به سکن ٿيون، جن مان ڪجهه ماسترياڻيون به ٿي ويون آهن، ايئن غربت جي خاتمي ۾ اسان چند ماڻهو لڳا پيا آهيون، جو اهي ڳوٺ وارا سڀ اسان جا پنهنجا مائٽ آهن، اسان غربت کي ختم ته نه ڪري سگهيا آهيون پر چڱي خاصي غربت گهٽ ڪري سگهيا آهيون.
هڪڙو مائٽ ..... مون ڏانهن هٿ ٻڌي بيهه رهيو ۽ مون ڏانهن مخاطب ٿيو .... چيائين ابا ...... الله توکي سکيو رکي ...... هڪڙي مدد ڪرين ته چوانءِ ..... مون چيو ها ابا چئو، چيائين...... منهنجي گهرجي ڇت ٽمي ٿي گهر پراڻو ٿي ويو آهي، هيل جي زور واري برسات ٿي ته منهنجو گهر ڪِري پوندو ..... ابا .... مون کي گهر جي مرمت ڪرائي ڏيو..... مون هن سان واعدو ڪيو ته ٽرسٽ تنهنجي گهر جي مرمت ۾ مدد ڪندي پر مون کي ڳوٺ جي مائٽن جا اڪثر گهر ذهن ۾ ڦري آيا جن جا گهر قابل مرمت هئا.
عيد جا ٻه ڏينهن گذاري واپس شهر اچي ٿو وڃان ٻه ڏينهن بعد آفيسون به کلي ٿيون وڃن، آئون آفيس ۾ ويهان ٿو، آفيس جي سڀني پٽيوالن کي گهرائي، سڀني کي سئو سئو رپيا خرچي ڏيان ٿو، آفيس کان شام جو گهر ايندي گاڏي ۾ ويهان ٿو، آفيس جي ارد گرد گهمندڙ پينو فقيرن جو ٽولو اچي ٿو وڃي، جيڪي روز هوندا آهن پر عيدن جي موقعي تي وڌيڪ به هوندا آهن ۽ ضرور ايندا به آهن آئون هڪ سئو جو نوٽ ڪڍي هڪڙي ڇوڪري کي ڏيان ٿو چوانس ٿو ته سڀني کي ڏهه ڏهه رپيا ورهائي ڏجان سڀ دعائون ٿا ڏين، ٻئي ڏينهن گهران نڪران ٿو نيشنل بينڪ جي سامهون ماڻهن جي قطار لڳي پئي آهي، ڪاڙهي ۽ اس ۾ هيءَ قطار انهن ماڻهن جي هئي، جيڪي بجلي ۽ گئس جا بل پياري رهيا هئا، ايئن ڪيترائي تصور ذهن ۾ اچن ٿا ۽ بس اسٽاپن جا سول اسپتالن جا، اسٽيشن جا ..... دوائن وٺڻ وارن جا، غربت ۾ پلجندڙ ڪکائن جهوپڙين ۾ رهندڙ غريبن جا، غربت سبب پنهنجا جسم وڪڻندڙ عورتن جا، غربت سبب پنهنجون عزتون پنهنجن هٿن سان لٽائڻ جا عصمت دري جا واقعا..... اخبارن ۾ پڙهندڙ هزارين بيروزگاري سبب خودڪشين جا واقعا، معصوم ٻارڙن کي وڪرو ڪرڻ جا واقعا، اهي سڀ ذهن ۾ ڦري اچن ٿا ته اتي سعودي بادشاهه جي پنهنجي ڌيءَ کي ڏاج ۾ ڏنل سون سان ٺهيل باٿ روم جو تصور ذهن ۾ اچي ٿو ته دنيا جي اڌ آبادي ماني جي ڳڀي بدران مٽي کائين ٿا، مانيءَ جي ڳڀي لاءِ در در ڀٽڪن ٿا، ڪچرن جي ڍيرن مان هزارين ٻارڙا ماڻهن جو اڇلايل کاڌو کائين ٿا، تڏهن هن نظام تي اکين مان ڳوڙها نڪري ٿا پون، ٽشو سان اکين مان نڪتل ڳوڙها اگهان ٿو.
(نوٽ: سعودي عرب جي بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ جي موقعي تي ڏاج ۾ سون سان ٺهيل ڪمرو ۽ سون سان ٺهيل باٿ روم به ڏنو آهي، انهيءَ خبر مان متاثر ٿي هي ڪهاڻي لکي اٿم.)