ڪھاڻيون

امرجليل جي سنڌو

ڪتاب ”امر جليل جي سنڌو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڏاهي ڏات ڌڻي امر جليل جي تجريدي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

امر جليل هڪ هنڌ لکي ٿو:
”دل پٿر جو تاج محل ناهي جو جٽاءُ ڪري. دل ديوانن جي وستي آهي، بيگانن جي بستي آهي. آباد آهي ته سرءُ جي سانت به بهار ڀائنجي. پر جي هڪ وار اُجڙي ته تصور جا شهر ويران ڪيو ڇڏي.
مون سنڌو جي اکين ۾ غم ڏسي ورتو. غم جڏهن به سنڌوءَ جي عميق اکين ۾ گھر ڪندو آهي تڏهن سنڌو مونکي سنڌ وانگر عظيم، سنڌ وانگر پيڙيل، سنڌ وانگر ستايل نظر ايندي آهي.“

  • 4.5/5.0
  • 3974
  • 2215
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Amar Jaleel Ji Sindhu

آتم ڪٿا : سنڌو

سنڌوءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ مون کي مباسب نه لڳندو آهي. مون سنڌوءَ جي باري ۾ ڪڏهن ڪو نه ڳالهايو آهي. اڄ به نه ڳالهائيندس. فقط ايترو چوندس: مري وڃڻ کان پوءِ مان جڏهن موهن جو دڙو ٿي پوندس، تڏهن سر ماٽيمر ويلر ۽ سرجان مارشل جھڙا ماڻهو منهنجي کنڊرن مان سنڌوءَ جي ياد جا آثار ڳولي ڪڍندا.
سنڌو ڪا عام رواجي ڇوڪري يا عورت نه هئي جن کي هردم ويس وڳن، سرخي پائوڊر، نيل پالش، پرسن، سينڊلن، هيئر اسٽائيل ۽ ڏوڪڙن جو جنون سر تي سوار هوندو آهي. مون کي ياد ڪونهي ته ايلفنسٽن اسٽريٽ تان لگھندي سنڌوءَ ڪڏهن منهن ورائي دڪانن ٻاهران شوڪيسن ۾ پيپر ميش يا فائيبر گلاس جي سينگاريل ماڊلن، زيورن ۽ ڊزائينر ڊريسن ڏانهن ڏٺو هجي. هن کي ڪا طمع نه هئي. ڪا خواهش نه هئي، سواءِ هڪ خواهش جي ته مان جنگ جي ميدان مان موٽ نه کاوان.
”ماڻهو ڇا چوندا، دنيا ڇا چوندي“ جھڙن الڪن کان آزاد هوندي هئي. ڪيپيٽل سينيما ٻاهران فٽپاٿ تي هارون ڪٻاڙيئي جي پراڻن ڪتابن وٽ ويهي رهندي هئي. چونڊي چونڊي ڪتاب وٺي مون کي ڏيئي ڇڏيندي هئي. هڪ دفعي الاءِ ڪٿان 1866 ۾ ارنيسٽ ٽرمپ پاران جرمني ۾ ڇپايل شاھ جو رسالو وٺي آئي هئي. رسالو مونکي ڏيندي چيو هئائين، کوڙي گارڊن ۾ پرڻن ڪتابن جي ڊھ ۾ پَٽَ تي پيو هو. ڏسجانءِ، اڳتي هلي سنڌ پنهنجي ساڃاھ جو ڀرم ڀوري وجھندي.
ارنيسٽ ٽرمپ وارو ناياب شاھ جو رسالو مون وٽ آهي. پنهنجي ٻين ڪتابن سميت مون شاھ سائين جو اڻ لڀ رسالو انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، گانڌي ڌام کي ڏيئي ڇڏڻ جو ارادو ڪيو آهي. مون کان پوءِ منهنجن ڪتابن جي حفاظت ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونهي. انهن ڪتابن ۾ انيڪ ڪتاب مونکي سنڌوءَ ڏنا آهن.
ڪنهن وقت اوچتو پڇندي هئي، “هل ته هلي لنچ ڪريون.”
سڌو وڃي بوهري بازار ۾ نمڪو پڪوڙائيءَ وٽ بيهندا هئاسين. پڪوڙا ڊبل روٽي وٺي فٽپاٿ تي ڪنڊ پاسي ويهي لنچ ڪري وٺندا هئاسين. ان لحاظ کان به سنڌو عام رواجي عورت نه هئي جو هوءَ هڪ اهم ڊپارٽمينٽ ۾ وڏي عهدي تي ڪم ڪندي هئي. سندس انيڪ ماتحت هئا پر هوءَ انهن ڳالهين کان بينياز هئي. هوءَ خاڪ نشين هئي.
منهنجي ماءُ وانگر درويش هئي.
شروعاتي دور ۾ سنڌوءَ بابت سوال ٻڌي دل ڀرجي ايندي هئي. منهن هيڏانهن هوڏانهن ڪري آليون اکيون لڪائي ڇڏيندو هوس. هڪ دفعي ڪنهن ميٽنگ سانگي يا ڀٽ شاھ جي ميلي تان موٽندي حيدرآباد مان لنگھڻ ٿيو هو. بنا ڪنهن سبب جي الاءِ ڇو حيدرآباد جو شهر مونکي بنھ نه وڻندو آهي. 1974 ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان بدلي ٿي ريڊيو پاڪستان اسلام آباد وڃڻ کان پوءِ مون اڄ تائين منهن ورائي حيدرآباد جو شهر نه ڏٺو آهي. ڪنهن ميٽنگ يا ڪانفرنس ۾ اچڻ ٿئي ته ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ اتان ئي موٽي ويندو آهيان. مونکي چڱي طرح ياد نه ٿو اچي پر مان سمجھان ٿو ته انهن ڏينهن ۾ عنايت بلوچ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر هو. هن ڀٽ شاھ ۾ يا ٻئي ڪنهن هنڌ مون کان ڪمٽمينٽ ورتي هئي ته واپسيءَ ۾ حيدرآباد مان لگھندي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽوڊيوز ۾ انٽرويو ڏيڻ لاءِ ٻه ٽي ڪلاڪ ترسي پوندس.
چئن پنجن ماڻهن جي پينل ۾ ٻه اڍائي ڪلاڪ مون کان انٽرويو ورتو هو. انٽرويو جي شروعات ۾ ئي مون پينل کي چيو هو ته سياست ۽ تاريخ کان وٺي مذهبن تائين هو مون کان بنا ڪنهن هٻڪ جي ڪو به سوال پڇي سگھن ٿا. هنن مذهبن جي مونجھارن بابت مون کان ڪو سوال نه پڇيو ۽ نه ئي سياست ۾ ڪا دلچسپي ڏيکاري. هنن فقط ادب تي ڳالهايو. منهنجين ڪهاڻين تي ڳالهايو. ڪهاڻين ۾ ڪردارن بابت ڳالهايو. تڏهن اوچتو پينل ۾ شامل هڪ خاتون پڇيو، “سنڌو ڪير آهي؟”
مان وائڙو ٿي ويو هوس. اندر ۾ هٿ پيو هو. اهڙي سوال لاءِ مان قطعي تيار نه هوس. انٽرويو جو سلسلو ڇڄي پيو. ڳالهيون ڇڙوڇڙ ٿي ويون. دل ڀرجي آئي. آليون اکيون لڪائڻ لاءِ منهن هيڏانهن هوڏانهن ڪيم. لڙڪ لڙي پيا. اکين تي رومال رکي مان اسٽوڊيو مان ٻاهر نڪري ويس. رڪارڊنگ روڪي ڇڏيائون. تڏهن منهنجي وهي ڪا ٻاراڻي نه هئي. نه ئي مان ڪو رومانٽڪ نوجوان هوس. پنجاھ سالن کان مٿي هوس. پينل جا ميمبر پڻ اسٽوڊيو مان ٻاهر نڪري آيا. مون پاڻ سنڀالي ورتو. منهن تي مرڪ تري آئي. دل ۾ چيم: How childish of me
مون کي ڪا خبر ڪونهي ته ائين ڇو ٿيندو آهي. نه وصل جي تمنا، نه فراق جو اونو. ته پوءِ سنڌوءَ جو نالو يا حوالو ٻڌي دل وياڪل ۽ ويران ڇو ٿي پوندي آهي؟ سنڌو سپنو هجي ها ته شايد تعبيرن ۾ ملڻ جي تمنا ڪري ويهان ها. مون کيس پنهنجين اکين سان ڏٺو هو. ڪيئن قبول ڪريان ته هوءَ منهنجي تصور جو اولڙو هئي. ڪيئن مڃان ته منهنجي اندر جي آئيني ۾ هوءَ اپسرا جو عڪس هئي. هوءَ پاڇو به نه هئي. پاڇو هجي ها ته اوندھ ۾ منهنجو ساٿ ڇڏي ڏئي ها. مون کي اڄ تائين خبر نه پئجي سگھي آهي ته هوءَ منهنجو پاڇو هئي يا مان هن جو پاڇو هوس. هوءَ مون مان هئي يا مان هن مان آهيان؟
سنڌو هئي، جيئن مان آهيان. جيئري جاڳندي. الاءِ ڪيئن ۽ ڪٿان آئي هئي. ان باري ۾ نه مون کانئس ڪڏهن ڪجھ پڇيو هو ۽ نه هن ئي مون کي ڪجھ ٻڌايو هو. اهي ڳالهيون اسان ٻنهي کي بي معنيٰ ۽ بي مقصد لڳنديون هيون. چوندي هئي اِهو ڪافي ناهي ته اسين ٻئي آهيون!
انتهائي غير معمولي حالتن ۾ هوءَ پهرين دفعي منهنجي آڏو اچي بيٺي هئي. انهن ڏينهن ۾ مان اوڙاھ ۾ غرق هوس. اهڙو جڪڙيل هوس جو مون اوڙاھ مان نڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ ڇڏي ڏنا هئا. ويس ٿي غرق ٿيندو. مايوسي ويئي ٿي ورائيندي. انت جو منتظر هوس جو اوڙاھ جي اوندھ ۾ آواز ٻڌم. ٻانهن مٿي ڪري منهنجو هٿ جھل.
مونکي گھگھ اوندھ ۾ ڪجھ نظر نه پئي آيو. ٻيهر آواز ٻڌم، سوچين ڇا ٿو؟ منهنجو هٿ جھل.
مون ٻانهن مٿي ڪئي هئي. هڪ هٿ منهنجي هٿ ۾ پئجي ويو هو. هن مون کي ڇڪي اوڙاھ مان ٻاهر ڪڍي ورتو هو. مون حيرت وچان ڏانهنس ڏٺو هو. منهن تي مرڪ هئس. ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. پڇيومانس، “ڪير آهين؟”
جواب ڏنو هئائين، “مان سنڌو آهيان.”
مونکي نئون جنم ڏنائين. وساريل وچن ياد ڏيارائين. جن راهن تان ڀٽڪي ويو هوس، انهن راهن جو ڏس ڏنائين. اوڙاھ ۾ ڪرڻ کان اڳ واري زندگي جا ورق کولي ڇڏيائين. چيو هئائين، موت، محبت ۽ مقصد کي عقيدو سمجھڻ وارا اوڙاھ ۾ نه ڪرندا آهن.
اوڙاھ ۾ ڪرڻ کان اڳ اڌ ۾ رهجي ويل تحريرن جو سلسلو مون اوڙاھ مان نڪرڻ کان پوءِ وارين تحريرن سان جوڙيو ۽ ڪهاڻي لکيم، منهنجو ڏس آسمان کان پڇو.
مان اهو نه ٿو چوان ته جنمن واري فلسفي ۾ منهنجو عقيدو آهي. پر، جنمن واري ٿيوري مون کي وڻندي آهي. مون کي حيران ڪندي آهي. تپرس ۾ وجھي ڇڏيندي آهي. مان پهرن جا پهر جنمن بابت سوچيندو رهندو آهيان. جيستائين ڪا سائنسي سمجھاڻي نه ملندي آهي تيستائين فلسفو، فلسفو ئي رهندو آهي. اوهان ڪڏهن نئين ڄاول ٻار جي چپن تي آيل مُرڪ بابت سوچيو آهي؟ اسين بالغ مرڪندا آهيون. تجربي ۾ آيل ڪجھ ڳالهيون، ڪجھ واقعا ياد ڪري. ڪڏهن ڪڏهن خوشگوار لمحا پنهنجي ساءِ ذهن تي تري ايندا آهن ۽ اسان کي ننڊ ۾ يا جاڳندي مرڪڻ تي مجبور ڪري وجھندا آهن. ڄاول ٻار کي دنيا ۾ آئي ڪجھ گھڙيون ٿيون آهن. هو نه ڪنهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جھڙو آهي ۽ نه ڪنهن سان اندر جو حال اورڻ لائق آهي ته پوءِ سندس مرڪڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟ اتي جنمن جو فلسفو مون کي اچرج ۾ وجھي ڇڏيندو آهي. اسان جو جنم اسان جي محدود ڄاڻ سبب اسان جو پهريون جنم سمجھيو ويندو آهي. پر ائين نه آهي. اسين اڳ به جنم وٺندا رهيا آهيون. پنهنجي گذريل جنم جون يادگيريون پاڻ سان کڻي ايندا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو نئين ڄاول ٻار کي اسين اڪثر مرڪندي ڏسندا آهيون. ٻار جيئن جيئن نئين ماحول ۾ وڏو ٿيندو آهي تيئن تيئن گذريل جنم جون يادگيريون ذهن نشين ڪندو رهندو آهي. اڳتي هلي کيس گذريل جنم جي ڪابه ڳالھ ياد نه رهندي آهي. ان حيران ڪندڙ معاملن تي انيڪ سڌريل ۽ ترقي ڪيل ملڪن ۾ کوجنائون هلي رهيون آهن. سائنسدانن اٺن ڏهن سالن جي اهڙي ٻار کي اسٽڊيءَ ۾ ورتو آهي، جن کي پنهنجو گذريل جنم ان جنم ۾ سندن گھر گھاٽ، ماءُ پيءُ، ڀائر، ڀينرون، دوست احباب چڱيءَ طرح ياد هوندا آهن. مون وٽ هڪ ڪتاب آهي Past lives of the children ، ٻارن جون گذريل زندگيون. ڪتاب ۾ ويھ چيپٽر آهن. هڪ هڪ چيپٽر ۾ هڪ ٻار جو پنهنجي گذريل جنم بابت دلچسپ ذڪر آهي. ٻار جي ٻڌايل ۽ ڏسيل هنڌن، ماڳن ۽ مڪانن ۾ ثبوت مليا آهن. مون کي جڏهن به وقت ملندو آهي انٽرنيٽ تي گذريل جنمن جي ويب سائيٽ Past lives کولي ويهي رهندو آهيان. جنهن ۾ هڪ ٻه نه، بلڪه هزارين حواله ملندا آهن.
انگريزيءَ هو هڪ محاورو آهي Soul mates اهڙا روح جيڪي عالم ارواح ۾ هڪ ٻئي جي ويجھو هوندا آهن. ڌرتيءَ تي اچڻ کان پوءِ اهڙا روح هڪٻئي کان ڌار ڌار ٿي ويندا آهن. دنيا جي وهنوار ۾ دور دور ٿي ويندا آهن. پر پوءِ اتفاق سان اوچتو جڏهن هڪٻئي جي سامهون ايندا آهن تڏهن هڪٻئي کي سڃاڻي وٺندا آهن. کين عالم اوراح ۾ سندن روحن جو ويجھو رهڻ ته ياد نه هوندو آهي، پر هو محسوس ڪندا آهن ته هنن جو ازل کان پاڻ ۾ ڪو رشتو رهيو آهي، ان قسم جي Phenomenon جي سمجھاڻي ڏيئي نه سگھبي آهي.
اوڙاھ ۾ ڪري پوڻ کان پوءِ مون کي اوڙاھ مان نڪرڻ امڪان کان ٻاهر لڳندو هو. مون کي محسوس ٿيندو هو ته ذلت جي زندگي گذاري مان اوڙاھ ۾ مري کپي ويندس. مان جنهن مقصد لاءِ دنيا ۾ آيو هوس اهو مقصد اڻ پورو رهجي ويندو. تڏهن بيپناھ مايوسيءَ جي عالم ۾ مون آواز ٻڌو هو، ٻانهن مٿي ڪر، منهنجو هٿ جھل.
مون پنهنجو هٿ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو. هن مون کي ڇڪي اوڙاھ مان ڪڍي ورتو هو. مون کي وساريل مقصد ياد ڏياريو هو. جن راهن تان ڀٽڪي ويو هوس، هن مون کي ٻيهر انهن راهن جو راهي ڪري ڇڏيو. هن مون کي منهنجو جنون موٽائي ڏنو. منهنجي ديوانگي مون کي موٽائي ڏني.
۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو هو. جڏهن سنڌوءَ چيو هو مان خوش آهيان ته تون پنهنجي ماڳ، پنهنجي مقصد ڏانهن موٽي آيو آهين. تنهنجا پير اڳ کان پختا آهن. دنيا جو ڪو طلسم توکي ڀٽڪائي نه سگھندو، ڀنڀلائي نه سگھندو.
مون حيرت وچان سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو هو.
سنڌوءَ چيو هو، “مان وڃان ٿي، پر توکان موڪلايان نه ٿي. مان تنهنجي آس پاس رهنديس.
تون مون کي ڏسي نه سگھندين. فقط منهنجي موجودگي محسوس ڪري سگھندين.”
اهڙي هئي امرجليل جي سنڌو.


[b]امرجليل
[/b]17 جون 2012
B.702, Sand View Home
Frere Town, Clifton
Karachi
E-mail: amarjaleel36@gmail.com
amarjaleel@cyber.net.pk
Website: www.amarjaleel.org