امڙ ڏانهن خط
سن 1975
منهنجي امڙ،
اڄ مون کي سنڌوءَ جو ڪراچيءَ مان لکيل خط مليو آهي. سندس خط ڏسي مون کي تعجب ٿيو آهي، ورهين کان پوءِ سندس خط ڏسي اکين کي اعتبار نه آيو، پر دل شاهدي ڏني ته نيري لفافي ۾ پوسٽ ڪيل ۽ نيري ڪاغذ تي لکيل اهو خط سنڌوءَ جو ئي هوندو. مون تنهنجي حڪم جي پيروي ڪندي ڪڏهن ڪڏهن سنڌوءَ کي خط لکيو آهي. هوءَ منهنجن خطن جو جواب نه ڏيندي آهي. اتفاق سان تقدير جي سرحدن کي اورانگھي هوءَ جڏهن به مون سان ملندي آهي، منهنجن خطن جو ذڪر ڪندي آهي. مون کانئس اڄ تائين اهو نه پڇيو آهي ته هوءَ منهنجن خطن جو جواب ڇو نه ڏيندي آهي. منهنجي اڻ مئي پيار لاءِ ايترو ڪافي آهي جو هوءَ منهنجا خط هئين سان هنڊائيندي آهي ۽ پوءِ جڏهن به زندگيءَ جي رڻ ۾ اوچتو ملي ويندي آهي، تڏهن منهنجي هر هڪ خط جي هڪ هڪ سٽ جو ذهر ڪندي آهي.
هڪ دفعي سنڌوءَ مون کان پڇيو هو، “تون ناستڪ ڇو آهين؟”
تڏهن چيو هوم، “ڪير ٿو چوي ته مان ناستڪ آهيان.”
سنڌوءَ چيو هو، “سمورو جڳ ٿو چوي ته تون ناستڪ آهين.”
“جڳ کي ڇڏ.” مون سنڌوءَ کان پڇيو هو، “تنهنجو ڪهڙو رايو آهي؟”
سنڌوءَ وراڻيو هو، “مان سمجھان ٿي تون ناستڪ آهين.”
“نه سنڌو، مان ناستڪ نه آهيان.” چيو هوم، “مون تون سان محبت ڪئي آهي ۽ پنهنجي محبت عبادت آهي.”
سنڌو عظيم آهي، بلند آهي، بهادر آهي. اهو منهنجو ايمان آهي، پر هن دفعي سندس خط ۾ مون کيس ڊنل، هيسايل ۽ پريشان محسوس ڪيو آهي. هوءَ رت، باھ ۽ موت جي شهر ڪراچيءَ کان بيزار ٿي ويئي آهي. اهو شهر جنهن جي گھٽي گھٽي اسان گڏجي گھمي آهي. تنهن شهر ۾ اڄ سنڌو پاڻ کي اوپرو محسوس ڪري رهي آهي. اهو شهر جنهن اسان جي محبت کي مکڙيءَ مان ٽڙي گل ٿيندي ڏٺو آهي. تنهن شهر ۾ سنڌو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهي آهي. سنڌو جي ان قسم جي ڪيفيت سبب مان فڪرمند ٿي پيو آهيان، منهنجي ماءُ! مون کي تنهنجي آٿت جي ضرورت آهي. سنڌوءَ کي تنهنجي آٿت جي ضرورت آهي.
مون کي ٻڌاءِ منهنجي ماءُ ته مان سنڌوءَ کي ڪيئن يقين ڏياريان ته ڪراچي اسان جي محبت جو شهر آهي. ڪراچي اسان جي اڻميي پيار جو امين آهي. ان شهر تاريخ جي هر دور ۾ اسان جي محبت کي آزمائش جي سوريءَ تي لٽڪندي ڏٺو آهي. اسين محبت ڪا امين آهيون. اسين نفرتن جو واپار ڪري نه سگھنداسين. اسين محبتن جي شهر کي باھ بارود ۽ موت جو شهر ٿيڻ نه ڏينداسين.
سنڌو منهنجي ڳالھ شايد نه به مڃي. هوءَ توسان ضرور ملڻ ايندي تون کيس منهنجي طرفان تلقين ڪجانءِ ته هوءَ ڪراچيءَ جي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ ڳاٽ اوچو ڪري هلي. ڇو جو ڪراچيءَ جي گھٽي گھٽي اسان جي محبت جي، اسان جي پيار جي شاهد آهي. محبت ڪرڻ وارا باھ ۽ بارود سان روح نه ريجھائيندا آهن. هوءَ تنهنجي ڳالھ نه ٽاريندي آهي.
اڄوڪي خط ۾ مون کي چيني جي باري ۾ به ڪجھ لکڻو هو، پر سمورو خط سنڌوءَ جي ذڪر سان ٽمٽار ٿي ويو آهي. چيني جي باري ۾ تون فڪرمند نه ٿيندي ڪر. چينو ڏاڍو چالاڪ ٿي پيو آهي. سياست کي سمجھڻ لڳو آهي.
في الحال موڪلايون ٿا منهنجي ماءُ.
تنهنجو اڻٿائينڪو پٽ