ڪھاڻيون

امرجليل جي سنڌو

ڪتاب ”امر جليل جي سنڌو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڏاهي ڏات ڌڻي امر جليل جي تجريدي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

امر جليل هڪ هنڌ لکي ٿو:
”دل پٿر جو تاج محل ناهي جو جٽاءُ ڪري. دل ديوانن جي وستي آهي، بيگانن جي بستي آهي. آباد آهي ته سرءُ جي سانت به بهار ڀائنجي. پر جي هڪ وار اُجڙي ته تصور جا شهر ويران ڪيو ڇڏي.
مون سنڌو جي اکين ۾ غم ڏسي ورتو. غم جڏهن به سنڌوءَ جي عميق اکين ۾ گھر ڪندو آهي تڏهن سنڌو مونکي سنڌ وانگر عظيم، سنڌ وانگر پيڙيل، سنڌ وانگر ستايل نظر ايندي آهي.“

  • 4.5/5.0
  • 3974
  • 2215
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Amar Jaleel Ji Sindhu

  الزام

نه ٻڌايائين ته ڪٿان پئي ڳالهايان. سموري ملڪ ۾ ٽيليفون تارن جو ڄار وڇايل آهي. ضد ڪيم ته فقط ايترو چيائين، “اسين زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد آهيون. منهنجي لاءِ ايترو ڪافي آهي ته مان تنهنجو آواز ٻڌي سگھان ٿي.”
چيم، “پر تڏهن به.”
“ڇا اهو تمام ضروري آهي؟”
“ضروري ته ناهي.”
“ته پوءِ ضد ڇو ٿو ڪرين.”
“مان ضد ڪرڻ جو حق نه ٿو رکان سنڌو.” چيم، “پر تڏهن به دل چاهيندي آهي ته ڪعبي جي رُخ کان باخبر رهان.”
“تنهنجي ۽ سچل جي وچ ۾ ڏيڍ سئو سالن جي وڇوٽي آهي.” سنڌوءَ چيو، “ماڻهو توکي سنگسار ڪري ڇڏيندا.”
“مون مرڻ کان انڪار ته نه ڪيو آهي.” چيم، “جيڪو موت تنهنجي محبت ۾ ملندو، مان تنهن موت کي لبيڪ چوندس.”
ڄڻ سوچ ۾ ٻڏي ويئي. ڪجھ گھڙيون خاموش رهي. هن نه ڳالهايو. مون ڳالهايو. پڇيم، “ڇا پيئي سوچين سنڌو؟”
“جي!” ڇرڪ ڀريندي ڳالهايائين. چيائين، “ڪجھ به نه”
“مون کان لڪائين ٿي؟”
“تو کان لڪائڻ لاءِ مون وٽ ڪجھ به ڪونهي.”
“مان وري به ضد نٿو ڪريان.”
“منهنجي ڳالھ جو يقين نه اٿئي!”
“تنهنجي هر ڳالھ منهنجي لاءِ آفاقي پيغام آهي.”
“تون بنهه ڪافر ٿي ويو آهين.”
“ان الزام جي مون ڪڏهن ترديد نه ڪئي آهي.” چيم، “ان الزام جي سچل به ترديد نه ڪئي هئي. ان الزام جي منصور به ترديد نه ڪئي هئي. ان الزام جي بلها شاھ به ترديد نه ڪئي هئي. مون سندن پيرن جي خاڪ جو مٿي تي محراب ٺاهيو آهي. منهنجي محبت عبادت آهي.”
هوءَ ٻيهر خاموش ٿي ويئي. ڄڻ ڪائنات خاموش ٿي ويئي.
چيم، “مان سمجھان ٿو ڳالهائڻ لاءِ اسان وٽ وقت محدود آهي.”
ٿڌو ساھ کنيائين. چيائين، “گذريل جنم ۾ به اسان جون ڳالهيون اڌ ۾ رهجي ويون هيون. موجوده جنم ۾ به اسان جون ڳالهيون اڌ ۾ رهجي ويون آهن. اسين ڳالهين کي مڪمل ڪرڻ لاءِ خالق کان هڪ ٻئي جنم جي التجا ڪنداسين.”
چيم، “ان جنم ۾ به اسان جون ڳالهيون مڪمل نه ٿينديون.”
پڇيائين، “ڇو؟”
ورڻيم، “اُها محبت جنهن جي ابتدا ڪائنات جي آغاز کان اڳ جي هجي، تنهن محبت جون ڳالهيون سوين جنمن ۾ به پوريون نه ٿينديون آهن.”
پڇيائين، “ائين ڇو آهي؟”
چيم، “مون کي خبر ناهي.”
پڇيائين، “ان جو حل؟”
وراڻيم، “نرواڻ.”
“ٻڌمت جي طرف لاڙو رکيو اٿئي ڇا؟”
“مان آنند آهيان. مون گوتم کان گيان ورتو آهي.”
مون هڪ دفعي تنهنجي ڳچي ۾ لوھ جو ننڍڙو صليب ڏٺو هو.”
“اهو صليب اڄ به منهنجي ڳچي ۾ پاتل آهي.”
“تون صليب ڇو پائيندو آهين؟”
“گوتم جيڪڏهن رومي سلطنت جي حدن ۾ پيدا ٿئي ها ته هن کي صليب تي مرڻو پوي ها.” چيم، “محبت ڪرڻ وارن جي تاريخ صليب سان وابسته آهي. صليب کي مون مذهبي اهڃاڻ نه مڃيو آهي.”
گھڙي کن ۾ الاءِ ڇا سوچي ورتائين! “هڪ دفعي ڪراچيءَ جي عجائب گھر ۾ گهمندي تو چيو هو ته ڪڏهن ڪڏهن صديون اک ڇنڀ ۾ گذري وينديون.”
“ها مون کي ياد آهي.” چيم، “مان ان وقت گوتم جي مجسمي آڏو بيٺو هوس..
“ڇا اڄ به ان راءِ تي قائم آهين؟” آهستي پڇيائين.
“ها، اڄ به ان راءِ تي قائم آهيان.” چيم، “ڪڏهن ڪڏهن لمحا وري صدين وانگر اينگھجي ويندا آهن.”
پڇيائين، “ڪيئن؟”
چيم، جن لمحن ۾ تون نه هوندي آهين، سي لمحا عذاب وانگر طويل ٿي ويندا آهن ۽ جن لمحن ۾ تون هوندي آهين، سي لمحا اک ڇنڀ ۾ گذري ويندا آهن.”
پڇائين، “في الحال موڪلايون؟”
چيم، “مان تنهنجي رضا تي راضي آهيان.”
“چڱو.”
“چڱو.”•