ازل جو سفر
چيم، “ها ،مان هليو ويندس.”
آسمان جي وسعتن ۾ نهاريندي پڇيائين، ڪيڏانهن ويندين؟”
چيم، مون کي خبر ناهي.”
منهنجو جواب ٻڌي هوءَ وياڪل ٿي ويئي.
هن نه ڳالهايو.
مون ئي ڳالهايو، چيم، “ڪجھ انسان سفر جي روانا ته ٿيندا آهن، پر منزل تي پهچڻ کان اڳ راهن ۾ گم ٿي ويندا آهن. مان انهن انسانن مان هڪ آهيان.”
لفظن مان ڀڳل جملو جوڙيائين. چيائين، “مان سمجھان ٿي........ مان سمجھي سگھان ٿي، ته تون اوندھ جي ٻئي پاسي.... يعني اوندھ جي آرپار ڏسي نه ٿو سگھين.”
“شايد تون سچ ٿي چوين.” چيم، اوندھ جو سفر دل جي روشنيءَ سان پورو ڪبو آهي.”
هوءَ خاموش رهي.
زهر جھڙي مرڪ چپن تي تري آئي. چيم، “ڪجھ انسان پنهنجي وجود ۾ اُماس جي رات سانڍي جيئندا آهن.”
پڇيائين، “ايڏو مايوس آهين؟”
وراڻيم، “مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به دل کي آس جي رانديڪن سان نه وندرايو آهي.”
هوءَ خاموش ٿي ويئي. خاموش ٿي وڌيڪ اُداس ٿي ويئي.
چيم، مون کي خبر آهي، توکي ڪيڪٽس سان پيار آهي. جيڪي انسان ڪيڪٽس سان پيار ڪندا آهن، سي ٻين لاءِ ڊرائنيگ روم جو سينگار ٿيندا آهن، پر پاڻ اُداس رهندا آهن.”
کلڻ جي ڪوشش ڪيائين. کلي نه سگھي. پڇيائين، “ڪڏهن موٽندين؟”
“مون کي خبر ناهي،” چيم، “مون کي فقط ايتري خبر آهي ته مان هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور موٽي ايندس.”
“ها، تون هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور موٽي ايندين، مون کي خبر آهي.” چيائين، ،تون هر دور ۾ هليو ويندو آهين ۽ مان ٻئي دور ۾ تنهنجي اچڻ جو انتظار ڪندي آهيان. تون وڃ، مان ايندڙ دور ۾ تنهنجو انتظار ڪنديس.”
مون ڏٺو، هماليه جبل جي چمڪندڙ چوٽين کان ڪيٽيءَ جي ڇوڙ تائين سموري تاريخ پاڻيءَ ۾ پسي ويئي.
هن چيو، “الوداع.”
مون کيس جواب نه ڏنو. مون محسوس ڪيو ته مان ازل کان سفر ۾ آهيان ۽ ابد تائين سفر ۾ رهندس.•