عشق عبادت آهي
“جي.”
“مون کي حڪم ٿيو آهي ته تنهنجي باري ۾ نه سوچيان. تنهنجي باري ۾ نه ڳالهايان، تنهنجي باري ۾ نه لکان.”
“پوءِ ڇا سوچيو اٿئي؟”
“سوچيان پيو ته ڇا اِهو سڀ ڪجھ منهنجي لاءِ ممڪن آهي.”
“ڇو ممڪن نه آهي؟”
“اِهو سوال تون سنڌو مون کان پئي پڇين!”
“توکان ڪجھ پڇڻ جو حق نه ٿي رکان ڇا؟”
“توکي منهنجي حياتي تي اختيار آهي. مون تنهنجي پيرن جي پڻيءَ جو مٿي تي محراب ٺاهيو آهي.”
“پر ايتري چاهت چڱي ته ناهي.”
“مون محبت ڪئي آهي، واپار نه ڪيو اٿم.”
“تون منهنجي باري ۾ ڇو سوچيندو آهين؟”
“ڇو جو منهنجي ڪابه سوچ تنهنجي محور کان مٿي نه آهي.”
“منهنجي باري ۾ ڳالهائيندو ڇو آهين؟”
“ڇو جو تون ئي منهنجي ابتدا آهين، تون ئي منهنجي انتها آهين.”
“۽ ڀلا منهنجي باري ۾ لکندو ڇو آهين؟”
“ڇو جو منهنجو حرف اول تون آهين، منهنجو حرف آخر تون آهين.”
بندش جي باري ۾ ڇا سوچيو اٿئي؟”
“اجائي آهي.”
“ڪيئن؟”
“مون ازل کان هر جنم ۾ تنهنجي باري ۾ سوچيو آهي، تنهنجي باري ۾ ڳالهايو آهي. تنهنجي باري ۾ لکيو آهي. هن جنم ۾ اها پابندي ته مان تنهنجي باري ۾ سوچڻ، ڳالهائڻ ۽ لکڻ ڇڏي ڏيان، منهنجي لاءِ ناممڪن آهي. مان اِها پابندي قبول ڪري نه سگھندس.”
“مجبوري جي حالت ۾ ڇا ڪندين؟”
“مان ڀڄي پوندس، ڀري پوندس، پر توکي وساري نه سگھندس.”
“ڪوشش ڪري ڏس.”
“اڄ تائين ڪو شخص پنهنجي زندگي، بصيرت ۽ روشنيءَ کي ڪڏهن وساري سگھيو آهي!”
“مان سمجھان ٿي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ اهڙو ته پراسرار رشتو آهي، جو ڪنهن کي ڪو اعتراض هئڻ نه گھرجي.”
“پنهنجي رشتي جي وضاحت ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي سنڌو.”
“ڇو ڏکيو ڪم آهي.”
“ڇو جو عام ماڻهو اسان کي ظاهري اک سان ڏسندا آهن. هو اسان جي اندر جو انت لهي نه سگھندا آهن. اهڙا ماڻهو تنهنجي ۽ منهنجي رشتي کي سمجھي نه سگھندا.”
“مون کي خبر آهي.”
“۽ خبر اٿئي هو اسان جي باري ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن!”
“ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن!”
“چوندا آهن ته تون ۽ مان ڪافر آهيون.”
“اسين ڪافر آهيون!”
“ها.”
“ڪيئن؟”
“اسان ٻنهي عبادت جي حد تائين هڪ ٻئي کي چاهيو آهي.”
“ڇا اهو سچ آهي؟”
“پنهنجيءَ دل کان پڇي ڏس سنڌو.”•