ڪليگ
هن هڪڙي دفعي چيو هو، “مون کي پٽ نه آهي، پر مونکي جيڪڏهن پٽ هجي ها، ته هو هوبهو تو جھڙو هجي ها. تو وانگر سوچي ها. تو وانگر ڳالهائي ها. تو وانگر دنيا ڏانهن ۽ زندگيءَ ڏانهن رويو رکي ها.”
مون کائنس پڇيو هو، “دنيا ۽ زندگي ڏانهن اختيار ڪيل منهنجو رويو پسند اٿئي؟”
جواب ڏنو هئائين، “ماءُ کي پنهنجي اولاد جي هر ڪا ڳالھ پسند هوندي آهي.”
مون اچرج مان ڏانهنس ڏٺو هو. هوءَ عمر ۾ مون جيتري ٿيندي. مون کان وڏي نه هوندي. مون سندس شخصيت ۾ ممتا جي موجودگيءَ کي محسوس ڪيو آهي. هوءَ شفيق آهي. مهربان آهي. مان سندس موجودگيءَ ۾ بنا هٻڪ جي پنهنجن اندر جي اُڌمن جو اظهار ڪري سگھندو آهيان. جيڪي سوچيندو آهيان، تنهن کي لفظن جي صورت ڏيندو آهيان.
مذهب، سياست ۽ زندگيءَ جي باري ۾ بنا رک رکاءَ جي ڳالهائي ويندو آهيان. منهنجي زندگيءَ ۾ هوءَ ڪنهين جي رقيب ٿي نه آئي آهي. هوءَ ڪنهين جي به جاءِ والارڻ نه آئي آهي. هوءَ ڪنهن جي حق تلفي ڪرڻ نه آئي آهي. هوءَ منهنجين محبتن ۽ وابستگين ۽ ذميدارن ۾ حصيدار ٿيڻ نه آئي آهي. هوءَ انهن ڳالهين کان بلند آهي، بالاتر آهي، اُٽلندو مان جڏهن به خيالن ۽ سوچن جو قافلو ڪاهي تصور جي رڻ ۾ رلڻ لڳندو آهيان، هوءَ مون کي منهنجين ذميدارين کان آگاھ ڪندي آهي. مون کي ڀٽڪڻ نه ڏيندي آهي. مان ڪنهن ڪنهن وقت سوچيندو آهيان ته مان کانئس عمر ۾ ڪافي ننڍو هجان ها ۽ پوءِ قدرت سان وڙهي جھڙي هن وٽان جنم وٺان ها. يا هوءَ عمر ۾ مون کان بيحد ننڍي هجي ها ۽ منهنجي ڌيءَ ٿي پيدا ٿئي ها، پر ائين نه ٿيو آهي. جيتوڻيڪ ائين ٿيڻ گھرجي ها! پوءِ اسان کي پنهنجي رشتي جي وضاحت ڪرڻي نه پوي ها. ها به سمجھاڻي ڏيڻي نه پوي ها.
هڪ دفعي مون کيس چيو هو، “تون مريم نه آهين. مان عيسيٰ نه آهيان، پر تنهن هوندي به، مان تنهنجي بيگناهيءَ خاطر صليب کي لبيڪ چوندس.”
هن کي سنڌوءَ سان منهنجي محبت جي خبر آهي. هوءَ اسان جي نرالي ۽ پراسرار محبت جي رمز کان واقف آهي. کيس خبر آهي ته مان سنڌوءَ کان سواءِ ڪنهين سان به محبت ڪري نه سگھندس.
هڪ دفعي مون کان پڇيو هو، “ڇا هوءَ به تو سان بيپناھ محبت ڪندي هئي؟”
تڏهن وراڻيو هوم، “مان هن جي محبت جو انت لهي نه سگھيو هوم.”
پڇيو هئائين، “پوءِ توهين هڪ ٻئي کان جدا ڇو ٿي ويا آهيو.”
چيو هوم، “اسين ظاهري طرح هڪ ٻئي کان جدا آهيون. پر حقيقت ۾ هڪ ٻئي کان جدا نه آهيون. هوءَ مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي ٿي نه سگھندي، مان هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو ٿي نه سگھندس. مان واريءَ مثل آهيان. مٺ مان سرڪندو رهندو آهيان، مان پارو آهيان، ڪوبه مون کي هٿ ۾ جھلي نه سگھندو.”
هوءَ آسمان وانگر عظيم آهي، وشال آهي، بلند آهي. ماڻهو اُفق جي هن پار آسمان کي زمين سان ملندي ڏسندا آهن. نظر جو فريب کائيندا آهن. ديد جو دوکو کائيندا آهن. اصل ۾ آسمان هميشه وانگر ڌرتيءَ کان دور هوندو آهي. ڌرتيءَ جي پهچ کان لامحدود هوندو آهي. مان ڌرتي آهيان. ڌرتيءَ جي دز آهيان. مان آسمان جي بلندين تائين اُڏامي نه سگھندس.•