وهم
اکيون بند ڪري مٿو مها آتما گوتم جي قدمن ۾ رکي ڇڏيم. روح جو بي انتها ڪروڌ ٺاپر ۾ بدلجي ويو ۽ پوءِ ڄڻ سوچ جون سوين صديون گذري ويون. تاريخ جا آڻ لکيل ۽ اڌ ۾ ڇڏيل اڻپورا باب پورا ٿي ويا. مڪمل ٿي ويا. تڏهن مون ڪنهن جي مقدس قدمن جو ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌو.
اکيون کوليم. سنڌوءَ کي سامهون ڏٺم.
چپن تي لازوال مرڪ هئس، پڇيائين، “ڪيئن آهين؟”
“ٺيڪ آهيان.” کائنس پڇيم، “تون ڪڏهن کان آئي آهين؟”
“ڪافي دير کان آئي آهيان.” چيائين، “سمجھيم، شايد ننڊ ۾ آهين. توکي جاڳائڻ مناسب نه سمجھيم.”
ڏک جي ڇيت ساھ سان وچڙي پئي. دل چاهيو ته چوانس، اُها شام منهنجي ظاهري وجود جي آخري شام هئي. جڏهن تو ٽيليفون تي روئڻهارڪي آواز ۾ چيو هو، ڪُجھ دير کان پوءِ منهنجو نڪاح پئجي ويندو ۽ مان هن حياتي ۾ وري شايد توسان ملي نه سگھنديس. اوچتو وحشتون در درين مان ڪاهي پيو هيون. مون آفيس جي درِيءَ مان ٻاهر نهاريو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لان تي طرحين طرحين جا ٿوهر آسمان ڏانهن ٻانهون اُڀيون ڪري بيهي رهيا هئا. ڪمري ۾ لڳل اسپيڪر مان محمد جمن جي ڳايل ڪلام جو آواز آيو هو. “او ڪنهن کي دلڙي ڏيڻ ڪنهن کان ڌار ٿيڻ.” ان شام کان پوءِ هر رات اوجاڳي جي رات آهي. ورهيه ٿيا آهن جو ننڊ نيڻن کان رٺل آهي. هينئر جڏهن به سمهبو ته اهڙي نموني سمهبو جو اُها ننڊ حياتيءَ جي آخري ننڊ هوندي. سجاڳي ٻئي جنم ۾ ٿيندي.
“ڇا پيو سوچين!” سنڌوءَ جو آواز ٻڌم. سوچ جي مراقبي مان ڪنڌ کڻي ڏانهس ڏٺم.
جيڪي دل چاهيو، سو نه چيم. کانئس پڇيم، “گھر ويئي هئيئن ڇا؟”
“ها.” چيائين، “تنهنجي گھر ويئي هيس. چيني ٻڌايو ته تون ٽيڪسيلا ويو آهين. مون کي پڪ هئي ته تون جوليان جي عبادتگاھ ۾ ملندين.”
“ڪيئن آهين؟” کانئس پڇيم.
“ٺيڪ آهيان.” پڇيائين، “تون هتي ڇا پيو ڪرين!”
“ڇا پيو ڪريان!” تعجب وچان ڏانهنس ڏٺم. چيم، “نهايت خطرناڪ ڪم ڪري رهيو آهيان.”
پڇيائين، “مها آتما گوتم ٻڌ جو مجسمو چورائڻ آيو آهين ڇا!”
انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، “نه”
پڇيائين، “ته ڇا سڪندر اعظم ۽ اشوڪ جي پوريل خزانن جي تلاش ۾ آهين؟”
چيم، “تمام خطرناڪ ڪم ڪري رهيو آهيان.”
هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي چيائين، “سچ کي دفن ڪرڻ آيو آهين ڇا!”
“ها برابر. اهو به خطرناڪ ڪم آهي.” چيم، “پر مان دنيا جو سڀ کان خراب ۽ خطرناڪ ڪم ڪري رهيو آهيان.”
گھڙي کن ترسي پڇيائين، “سِج کي بم گولو هڻڻ آيو آهين ڇا!”
“تمام خراب ڪم جو مرتڪب ٿي رهيو آهيان سنڌو.” چيم، “ڏاڍو خطرناڪ ڪم ڪري رهيو آهيان.”
خفي ٿي پيئي. چيائين، “ڪا ڇوڪري اغوا ڪرڻ جو پروگرام رٿي رهيو آهين ڇا!”
“اهو ڪم تنهنجي ملڻ کان اڳ ڪندو هوس.” چيم، “پر مان ته دنيا ۾ سڀ کان خراب ڪم ڪري رهيو آهيان.”
“سچ پڇين ته مون کي تو منجھان ڪنهن چڱي ڪم جي ڪا اميد به نه آهي.” ڪاوڙ لڳس. پڇيائين، “تنهنجي خراب ڪم جي نوعيت ڪهڙي آهي؟”
“منهنجي ويجھو اچ.” کيس سڏيم.
هوءَ منهنجي ويجهو مها آتما گوتم ٻڌ جي قدمن ۾ ويهي رهي.
سڙٻاٽن ۾ چيم، “سنڌو، منهنجي زندگي، مان هن وقت سوچي رهيو آهيان.”
“چريو ٿي پيو آهين ڇا!” مون کي ڇڙٻ ڪڍندي چيائين، “سوچڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي.”
“آهستي ڳالهاءِ.” سندس وات تي هٿ رکندي چيم.
منهنجو هٿ پري ڪندي چيائين، “عجيب ماڻهو آهين. مون کي ڳالهائڻ به نه ٿو ڏئين.”
“سڄي گڙٻڙ ڳالهائڻ سان ٿيندي آهي.” مون سڙٻاٽن ۾ کيس سمجھائيندي چيو، “بس، ڳالهائڻ ڇڏي ڏي.”
سخت لهجي ۾ پڇيائين، “ٻوسٽ سان ٺاھ ڪري ڇڏيان.”، ڪير ٿو توکي ٻوسٽ سان ٺاھ ڪرڻ لاءِ چوي!” چيم، “خاموش رهڻ جو مطلب ٻوسٽ سان ٺاھ ڪرڻ ته ناهي!”
“مون سان چالاڪي ٿو ڪرين!”
“ڇا اهو ممڪن آهي؟”
“توتي ڪهڙو اعتبار!”
سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ کڻندي چيم، “اهو ڄاڻندي به ته مان توکان سواءِ مبهم آهيان، اڻپورو آهيان، تون منهنجيءَ ڳالھ تي اعتبار نه ٿي ڪرين!”
انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيائين، “مون کي تنهنجي ڪنهن به ڳالھ تي اعتبار نه آهي.”
“توکي حق آهي ته تون منهنجي ڪنهن به ڳالھ تي اعتبار نه ڪرين.” چيم، “منهنجي محبت هڪ طرفي آهي. مان تاريخ جي هر دور ۾ تنهنجي لاءِ مرندو رهيو آهيان. تاريخ جي هر دور ۾ تون مون کان جدا ٿيندي رهي آهين.”
سوچ جون ريکائون پيشانيءَ تي پکڙجي ويس. پختي آواز سان چيائين، “ڪابه محبت هڪ طرفي نه ٿيندي آهي.”
“تون بر حق آهين. تون ازل کان آهين.” چيم، “توکي چاهڻ جي ڏوھ ۾ مان ڪڏهن سورين تي ۽ ڪڏهن صليبن تي لٽڪندو رهيو آهيان. سنڌو منهنجي زندگي، منهنجي بندگي، منهنجي محبت هڪ طرفي آهي.”
هوءَ اُداس ٿي پيئي.
هن منهنجي تصور کي پنهنجي بي پناھ ۽ بي غرض محبت سان آباد ڪري ڇڏيو آهي. تڪليفن ۽ آزمائشن ۾ هڪ گھڙيءَ لاءِ به هن منهنجو ساٿ نه ڇڏيو آهي. هوءَ منهنجي شڪتي آهي. هوءَ منهنجي طاقت آهي. هوءَ منهنجو شعور آهي. هوءَ منهنجو استحڪام آهي. مون سندس محبت کي پنهنجين رڳن ۾ رت بدران ڊوڙندي محسوس ڪيو آهي. مون سندس چاهت کي پنهنجي ساھ سان هلندي ۽ دل ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪيو آهي. اسان ٻنهي چاهتن جي نئين رسم جي شروعات ڪئي آهي. مان جڏهن به هڪ طرفي محبت جو ذڪر ڪندو آهيان سنڌو بيحد اداس ۽ اٻاڻڪي ٿي پوندي آهي. ان ڏينهن به ائين ئي ٿيو. مون هڪ طرفي محبت جو ذڪر ڪيو ۽ هوءَ اداس ٿي پيئي.
مان سوچ سمنڊ جي پاتال ۾ گم ٿي ويس. زمان ۽ مڪان جون پابنديون ختم ٿي ويون. باب الطق ۾ ابن منصور الحلاج کي سنگسار ۽ شهيد ٿيندي ڏٺم. منصور الحلاج جو عضوو عضوو ڪپي ڌار ڪرڻ کان پوءِ جڏهن جلاد سندس اکيون ڪڍڻ آيا ته تڏهن هن آسمان ڏانهن ڏٺو ۽ الله سان مخاطب ٿيندي چيو، “هي بي خبر آهن، هي جيڪي ڪجھ ڪري رهيا آهن، تنهنجي راھ ۾ ۽ تنهنجي خوشنوديءَ لاءِ ڪري رهيا آهن. هنن کي پنهنجي رحمت کان محروم نه ڪجانءِ.”
مون منصور الحلاج جو رت آسمان ڏانهن اڏامندي ڏٺو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
سنڌوءَ پڇيو، “ڇا پئي سوچيئه؟”
“الاءِ ڇا پئي سوچيم.” چيم، “منهنجي هر سوچ تي تنهنجي سوچ حاوي هوندي آهي.”
“ڳالھ ٽارڻ جو استاد آهين.”
“ڪهڙي ڳالھ؟”
“توکان پڇيم پئي، ته ڇا سوچي رهيو هئين.”
“ڇا ڪندئين پڇي.”
“مون کي غير ٿو سمجھين؟”
“مان رني ڪوٽ وانگر پُر اسرار آهيان سنڌو.” چيم، “منهنجي شڪسته وجود مان ماڻهو تنهنجي ياد جا آثار ڳولي لهندا.”
مرڪ چپن تي تري آيس. چيائين، “ان سان ملندڙ جُلندڙ جملو تو پنهنجي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ به استعمال ڪيو هو.”
“منهنجيون ڪهاڻيون تنهنجي وجود جو حصو آهن.” چيم، “توکي ڪو اعتراض آهي.”
کلي پيئي. پڇيائين، “ڪيترا دفعا محبت جي ريهرسل ڪري چڪو آهين.”
چيم، “مون فقط هڪ محبت ڪئي آهي ۽ اُها ئي منهنجي آخري محبت آهي.”
اکين ۾ روشنيءَ جا ڪرڻا لهي آيس. پچيائين، “مون سان ملائينديس! ڪير آهي!”
“سموري سنڌ کي خبر آهي ته هوءَ ڪير آهي.” سندس اکين ۾ نهاريندي چيم، “جيڪڏهن تون بيخبر آهين ته پوءِ وڏي بدنصيب آهين.”•