وچن
چيم، “تون منهنجي زندگي آهين، مان تنهنجي باري ۾ ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان.”
سنڌوءَ پڇيو، “ائين ڇو آهي، جو تو پنهنجي زندگي مون سان وابسته ڪري ڇڏي آهي.”
مون سنڌوءَ ڏانهن نهاريو. هوءَ مون کي عظمت ۾ آسمان کان اوچي نظر آئي. هن جو حسن ڪنهن به تشبيھ جو محتاج نه آهي. سندس سونهن ڪنهن ڀيٽ جي ڪاٿي کان بلند آهي. هوءَ ايتري قدر ته دلنشين ۽ بينظير آهي جو جملن جي جوڙجڪ ۽ لفظن جي بيهڪ هن جي ابديت آڏو بي معنيٰ آهي، هوءَ احساس آهي يا منهنجي احساس جو لازمي عنصر آهي. هن کي مون محسوس ڪيو آهي. پنهنجي وجود جي اندر ۽ پنهنجي وجود جي ٻاهر. اسان جي پراسرار محبت اظهار جي محتاج نه آهي.
ان دفعي ڳالهين ۾ ويٺاسين ته هن مون کان پڇيو، “ ائين ڇو آهي، جو تو پنهنجي زندگي مون سان وابسته ڪري ڇڏي آهي.”
چيم، “تنهنجي سوال جو بيحد ننڍڙو جواب مون وٽ آهي.”
پڇيائين، “ڪهڙو؟”
چيم، “محبت جي تاريخ ۾ مان تنهنجي حوالي سان ياد ڪيو ويندس.”
هوءَ خاموش رهي.
مون چيو، “جڏهن به انوکي، نرالي ۽ پراسرار محبت جي ڳالھ نڪرندي، ماڻهو تنهنجيءَ ۽ منهنجيءَ محبت جو ذڪرڪندا.”
هوءَ منهنجي پاسي مان اٿي ويئي. ٻه چار وکون کڻي بيهي رهي ۽ پولار ۾ نهارڻ لڳي. مان سندس پاسي کان وڃي بيٺس. پڇيم، “ڇا پيئي سوچين سنڌو؟”
منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺائين ۽ چيائين، “ايڏي وڏي دعويٰ جو مطلب سمجھين ٿو؟”
چيم، “ها، پنهنجي دعويٰ جو مطلب سمجھي سگھان ٿو. پنهنجي دعويٰ جو مفهوم به سمجھي سگھان ٿو.”
پڇيائين، “نباهي سگھندين؟”
سندس عميق اکين ۾ ڏسندي چيم، “تنهنجي محبت ۾ مان جڏهن فنا جي درجي تي پهچندس ۽ موهن جو دڙو ٿي پوندس، تڏهن ماڻهو منهنجن کنڊرن مان تنهنجي ياد جا آثار ڳولي ڪڍندا.”
مون اڪثر سنڌوءَ لاءِ پنهنجي محبت جي باري ۾ سوچيو آهي. مونکي پنهنجي محبت جو ڪو انت نظر نه آيو آهي. مون کي پنهنجي محبت جو ڪو حل سمجھ ۾ نه آيو آهي. بس، هڪ احساس آهي، جيڪو صدين کان منهنجي ساھ ۾ سمايل آهي، هر جنم ۾ اهو احساس منهنجي وجود سان شامل رهيو آهي. هر جنم ۾ مون کيس چاهيو آهي. هر جنم ۾ مون کيس وڃايو آهي.
مون سنڌوءَ کي چيو، “ڪنهن جنم ۾ مان ليکڪ ٿي پيدا ٿيندس، اخبارن لاءِ ڪالم لکندس، رسالن لاءِ افسانا لکندس. منهنجين تحريرن ۾ ڳالھ ٻئي ڪنهن جي هوندي، پر اصل ۾ ذڪر توسان منهنجي محبت جو هوندو.”
محبت جو وچن پاڙڻ لاءِ مان موٽي آيو آهيان.•