علامت
ڪجھ ڏينهن کان اسلام آباد ۾ گھٽ ۽ ٻوسٽ آهي. اڄ شام مان ڪوھ مريءَ ويو هوس. مال روڊ هزارين ماڻهن جي هجوم سا ڀريل هو، پيھ هئي. ماڻهن جا انبوھ هئا. رنگا رنگي لباسن ۽ ميڪ اپ جي زيبائش هئي. هن وقت جڏهن هيءَ ڪٿا لکي رهيو آهيان، تڏهن شدت سان محسوس ڪريان ٿو ته مان ظاهري طرح هزارن جي هجوم ۾ هيڪلو هوس، پر اصل ۾ اڪيلو نه هوس. مون پنهنجي هٿ ۾ ڪنهنجي هٿ کي محسوس ڪيو هو. اُهو هٿ منهنجي لاءِ اجنبي نه هو. ان هٿ کي مون ازل کان پنهنجي هٿ ۾ محسوس ڪيو هو. اسين ٻئي وک وک سان ملائي هزارن جي هجوم کان ڌار ٿي وياسين. پنڊي پوائنٽ ڏانهن وڌي وياسين.
اسين ٻئي هينئر محبت ۾ ان مقام تي وڃي پهتا آهيون، جتي اسان کي اندر جي اڌمن لاءِ اظهار خاطر لفظن جو سهارو نه وٺڻو پوندو آهي. اسين جملن جا محتاج نه آهيون، اسان خاموش رهڻ جي باوجود پاڻ ۾ گھڻو ڪجھ ڳالهائي ويندا آهيون.
پنڊي پوائنٽ تائين، نه هن ڳالهايو ۽ نه مون. پر تنهن هوندي به اسين خاموشيءَ جي زبان سان هم ڪلام ٿيندا رهياسين. هڪٻئي کي ٻڌندا رهياسين. دائمي محبت زمان، مڪان ۽ جملن جي محتاج نه هوندي آهي. ازل کان هر جنم ۾ خاموش رهندي، اسان هڪٻئي کي سمجھيو آهي.
پنڊي پوائنٽ وٽ مون کيس چيو، “هيءُ جنم پڻ اسين خاموشيءَ جي زبان سان ڳالهائيندي گذاري ڇڏينداسين.”
“خاموشيءَ جي زبان مبهم ۽ علامتي ٿيندي آهي.” هن چيو، “سچي تاريخ قومن جي ماضيءَ تي خاموش شاهدي ڏيندي آهي.”
“منهنجي محبت جي شاهد تون آهين!” چيم، “مون ازل کان توکي روشني جي علامت سمجھيو آهي.”
هن آسمان ڏانهن اشارو ڪندي چيو، “ڪڪر جبلن تي لهي آيا آهن.”
مون ڪڪرن ڏانهن ڏسندي چيو، “ڪڪر ازل کان آزاد آهن ۽ ڪوبه اڄ تائين ڪڪرن کي قيد ڪري نه سگھيو آهي.”
چيائين، “هڪ دفعي تو چيو هو ته جيڪي اسان لاءِ هوندا آهن ۽ اسان جا هوندا آهن، سي اسان کان دور پابندين ۽ بندشين ۾ جنم وٺندا آهن.”
چيم، “مون کي ياد آهي.”
پڇيائين، “ائين ڇو آهي؟”
وراڻيم، ان ڪري ته جيئن محبت دائمي ٿي پوي.
ورائي پڇيائين، “دائمي محبت لاءِ لاڳيتي آزمائش ضروري آهي؟”
چيم، “آزمائش انسان کي ڪندن ڪري ڇڏيندي آهي.”
هن چيو، ،مستقل ۽ لاڳيتي آزمائش اسان ٻنهي کي ڪندن ڪري ڇڏيندي. اسان جو رُوح روشنيءَ سان جرڪي اُٿندا.”
چيم، “منهنجو تصور تنهنجي ياد کان سواءِ رڻ وانگر ويران ٿي ويندو.”
هن چيو، ،مان جتي به آهيان، جيئن به آهيان، تنهنجي آهيان.”
هوءَ سنڌو هئي. هزارن جي هجوم ۾ مان هيڪلو هوس، پر اصل ۾ مان اڪيلو نه هوس، هوءَ مون سان گڏ هئي.•