گونج ٻڌان ٿو
ورڻيم، “اڄ رات ننڊ نه ڪبي.”
“ڇو؟”
“اڄ رات جاڳبو، ۽ تنهنجو ذڪر ڪبو.”
“منهنجو ذڪر!”
“ها، تنهنجي سونهن، تنهنجي چاهت، تنهنجي قرب جو ذڪر ڪبو.”
“ماڻهن جو تنهنجي باري ۾ رايو غلط نه آهي.”
“ته؟”
“نه تون ڪجھ ڪجھ ٿڙيل آهين.”
“ان رايي جي موافقت يا مخالفت ۾ مون ڪجھ به چوڻ مباسب نه سمجھيو آهي.”
“تون منهنجي باري ۾ ڇو سوچيندو آهين؟”
“ڇو جو منهنجي هر سوچ تنهنجي سوچ سان وابسته هوندي آهي.”
“ڇو سوچيندو آهين منهنجي باري ۾؟”
“ان ۾ منهنجي شعوري عمل جو دخل نه آهي.”
“پر تڏهن به، ڪو جواب ته هوندو تو وٽ.”
“اوندھ ۾ گرفتار ڪنهن شخص کان پڇجي ته تون روشنيءَ جي باري ۾ ڇو سوچيندو آهين، ته ڪهڙو جواب ڏيئي سگھندو.”
خيالن ۾ گم ٿي ويئي.
چيم، “ڪنهن گمراھ کان پڇجي ته رهبر لاءِ ڇو واجھائيندو آهين، ته ڪهڙو جواب ڏيئي سگھندو.”
مون ڏانهن ڏٺائين، ڪجھ نه چيائين.
چيم، “تون منهنجي هر سوچ جي ابتدا آهين.”
“ائين ٺيڪ ته نه آهي.”
“ڇا ٺيڪ نه آهي!”
“مون کان سواءِ به ته دنيا ۾ گھڻو ڪجھ آهي، جنهن جي باري ۾ سوچي سگھجي ٿو.”
“منهنجي سموري تخيل جي ڪائنات جو مرڪز تون آهين. محور تون آهين.”
هوءَ اُداس ٿي پيئي.
چيم، “خبر اٿئي، مان ڪڏهن ڪڏهن ڇا سوچيندو آهيان، ته ڪائنات جي تخليق جو سبب تون آهين، تون نه هجين ها ته جيڪر هيءَ ڌرتيءَ، هيءُ آسمان، چنڊ ستارا، سمونڊ ۽ سپيون، مندر ۽ گرجائون نه هجن ها. ڪجھ به نه هجي ها.”
ٿڌو ساھ کنيائين، چيائين، “مان تنهنجي ايڏي اڻميي پيار کان فڪرمند ٿي پوندي آهيان.”
چيم، “منهنجي پيار ۽ عبادت ۾سرحد نڪتل نه آهي.”
“سرمد جو نالو ٻڌو اٿئي؟”
“ها.”
“منصور الحلاج جو بالو ٻڌو اٿئي؟”
“ها.”
“صوفي شاھ عنايت جو نالو ٻڌو اٿئي؟”
“ها.”
پڇيائين، “مرڻ جي باري ۾ ڪجھ ٻڌائيندين؟”
چيم، “ورهيه ٿيا جو مان تنهنجي لاءِ مري ويو آهيان. مان مان نه آهيان. مان تنهنجيءَ ذات ۾ فنا ٿي ويو آهيان.”•