نه هم آهي، نه ڪلا آهي
خاموشي آهي. هر طرف پولار آهي، مان ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهيان؟ پٿرن سان، جبلن سان؟ ها، مان بي حس، بي رحم ۽ هماليه جي برف وانگر سرد پٿرن سان ڳالهائي رهيو آهيان.
منهنجي خالي جھوليءَ ڏانهن نه ڏس، هلي وڃ، هلي وڃ، مان صدين کان خوابن جي ايوانن ۾ ائين ئي بيٺو آهيان، صدين کان منهنجي جھولي خالي آهي. صدين کان منهنجو ڪشتو خالي آهي. منهنجو بيچين روح گوتم جي عبادتگاھ سان مٿو هڻي موٽي آيو آهي. شانتي! شانتي! شانتي هينوئي جي کنڊرن ۾ وار کولي بيٺي آهي. بي 52 بمبار جھاز بم وسائي رهيا آهن، شانتي! شانتي!.
پٿر جواب نه ٿا ڏين. خاموش آهن، مان فرهاد ناهيان، منهنجي هٿ ۾ ٽيڪم ناهي. مان معاشري جي سڀ کان ڪريل ڪرت ڪندڙن جي ڪڙم مان آهيان. منهنجي هٿ ۾ ڪان ناهي، منهنجي هڪ هٿ ۾ ڪلڪ آهي، ۽ ٻئي ۾ ڪشڪول.
مونکي ياد آهي، تو هڪ ڏينهن چيو هو، ته اسان وقت جي واريءَ تي پنهنجن پيرن جا نشان ڇڏي وينداسين، مون تنهنجي آواز کي پنهنجو آواز سمجھيو هو. اڄ صدين کان پوءِ جڏهن پوئتي منهن ورائي ڏسان ٿو، تڏهن محسوس ڪيان ٿو ته وقت جي واري قبرستان ۾ بدلجي وئي آهي. اسان جي قدمن جا نشان دفن ٿي ويا آهن. دٻي ۽ مياڻيءَ کان وٺي لڪي جبل تائين رستي تي قبرون آهن. اورڙ ۾ جنن ڀوتن جو واسو آهي. ڪالڪان جي مندر ۾ چمڙا چنبڙي پيا آهن. تون چري، منهنجي خالي ڪشتي ڏانهن ڏسي رهي آهين!
پٿر ڪڏهن ڪڏهن جواب ڏيندا آهن. پٿرن رائيڊر هيگارڊ جي امسلو پوگاس سان ڳالهايو هو. امسلو پوگاس وطن پرست هو. هن جي هٿ ۾ ڪهاڙي هئي. آفريڪا جي پٿرن ساڻس ڳالهايو هو، سنڌ جا پٿر ڇو خاموش آهن؟ مان سمجھان ٿو، سنڌ جا پٿر فاسلس ۾ بدلجي ويا آهن.
“منهنجي ڪشتي ڏانهن نه ڏس، هلي وڃ، مونکي خبر آهي، تون مونکي اٿاھ مايوسيءَ کان سواءِ ڪجھ ڏيئي نه سگھندينءَ. هلي وڃ مون ڏانهن ائين نه ڏس، جو ڪٿي منهنجي وجود جي رڃ ۾ نه لهي وڃين! ڦيٿي ۽ ايٽم جي دور جو انسان پنهنجي وجود ۾ هڪ ريگستان کڻي جيئندو آهي. مان ڪلهوڪو ڪاپڙي ناهيان مان بابو بيکاري ناهيان، نه مان سامي آهيان ۽ نه ئي منهنجي سر تي ڪو سيلو آهي. مالها موچاريءَ جا موتي چور چورائي ويا آهن.
پٿر سان پيار جيڪڏهن پاڳلپڻو هجي ها ته هريشچندر جارٿ جيڪر مٿرا جي مورتين کا لتاڙي وڃن ها. نيپال جي ترائين ۾ راوڻ بدران جيڪر سيتا جا بوتا جلايا وڃن ها! جوڳي جوڳ نه وٺن ها. سنياسي بنواس جو رخ نه ڪن ها.
“تنهنجين اکين ۾ اڻتڻ آهي. تنهنجي دل پنهنجي وس ۾ ناهي، تون اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن ڏسي رهي آهين. تون مون کان پري ٿيڻ به ٿي چاهين. مون کي خبر آهي ته تون مونکان ۽ موجوده ٽهيءَ کان جدا ٿي جيئري رهي نه سگھندينءَ. جيڪڏهن مونکي ڪجھ ڏيڻ چاهين ٿي ته مونکي رت ۽ باھ جو دان ڏي. جيڪڏهن ڪٿي ڪا پهچ اٿئي، ته پوءِ ڪنهن ٻيجل کي چئه ته نڪسن جو سر لاهي منهنجي ڪشتي ۾ آڻي وجھي. تون ڪهڙي سوچ ۾ پئجي وئي آهين؟
مان تاريخ سان ڳالهائي رهيو آهيان. تاريخ خاموش آهي. مونکي خبر آهي، جڏهن سوالين جا ڪشتا رت ۽ باھ سان ڀربا، تڏهن تاريخ جا نوان باب لکبا.•