ڊائريءَ جو ورق ريڊيو پاڪستان ڪراچي _ سن 1972
چيم، “ڪجھ انسان زندگيءَ ۾ تمام دير سان ملندا آهن، ڪجھ گھڙين لاءِ ملندا آهن ۽ پوءِ هميشه لاءِ جدا ٿي ويندا آهن.”
هن منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو، سندس اڌ چهرو ڪنسرٽ هال مان ايندڙ ميرانجھڙي روشنيءَ ۾ روشن ٿي پيو، مان ان کان وڌيڪ توهان کي ٻيو ڪجھ نه ٻڌائيندس ته هوءَ بيحد حسين ۽ شانائتي شخصيت واري ڇوڪري آهي، جنهن به اڄ تائين کيس ڏٺو آهي تنهن کيس چاهيو آهي. مون پنهنجي ڪهاڻي “جڏهن مان نه هوندس” ۾ جنهن ڇوڪريءَ جو خاڪو پنهنجي ذهن ۾ ٺاهيو ۽ ڪهاڻيءَ ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي، سا ڇوڪري ڄڻ حقيقت جو روپ ڌاري منهنجي آڏو اچي بيٺي آهي. هوءَ ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار زهره، وانگر پنجاپڻ نه آهي، هوءَ افغان پرشين آهي ۽ هميشه جوجين جون ڳالهيون ڪندي آهي.
چيائين، “مون کي خبر آهي ته ڪجھ عرصي کانپوءِ اسين هميشه لاءِ هڪ ٻئي کان ڌار ٿي وينداسين.”
دل ملول ٿي ويئي، چيم، “مان ٻئي جنم ۾ جلد ايندس.”
چيائين، “مان پڪي مسلمان آهيان. منهنجو هندن جي ٻيهر جنم وٺڻ واري فلسفي ۾ اعتبار ۾ اعتبار ناهي.”
ورڻيم، “هن جنم ۾ تو وانگر مطئمن زندگي گذارڻ وارا ٻيهر جنم وٺڻ جي خواهش نه ڪندا آهن، ٻيهر جسم وٺڻ جي تمنا فقط مون جھڙا انسان ڪندا آهن. جن جون حسرتون ۽ خواب هن جنم ۾ تعبير بنا ٽٽي پوندا آهن.”
هن اونداھ ڏانهن منهن ڪري ڇڏيو. چيائين، “مان توکي تباھ ٿيندو ڏسي نٿي سگھان!”
“مان ڄاڻان ٿو ته مون کي توسان محبت ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي.” چيم، “پر ڇا اهو ضروري آهي ته اسين مبهم گفتگو ڪندا رهون!”
هن ڇرڪي مون ڏانهن منهن ورايو، پوءِ تمام جھيڻي آواز ۾ چيائين، “تون under ground تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي.”
مون حيرت مان کيس ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. مون کلڻ چاهيو، پر کلي نه سگھيس. چيم، “under ground تحريڪ جو خواب به ايندڙ جنم ۾ پورو ٿيندو.”
پوءِ ڪجھ دير تائين نه هن ڳالهايو ۽ نه مون. هال ۾ آرڪيسٽرا تي هو جمالو جي ڌن وڄي رهي هئي. هن اوچتو سوال پڇيو. پڇيائين، “توهين سنڌي ڇا ٿا چاهيو؟”
مان پاسو ورائي ڏانهنس منهن ڪري ويٺس، چيم، “اسين لساني، ثقافتي، تهذيبي ۽ بنيادي حقن جي ڦر مار کان مڪمل آزادي چاهيون ٿا.”
چيائين، “باقي تو منجھ ۽ هڪ باغيءَ منجھ ڪهڙو فرق آهي!”
“جيڪو چنيسر ۽ چيگويرا ۾ آهي.” مون کيس جواب ڏنو. پر پوءِ محسوس ڪيم ته هن نه چنيسر جو نالو ٻڌو هو ۽ نه چيگويرا جو، هن لاءِ وطن فروش ۽ وطن جي تاريخ رت سان لکڻ واري جي وچ ۾ فرق محسوس ڪرڻ ناممڪن هو.
چيائين، “ان کان اڳ جو توکي موت جي سزا ملي، مان مرڻ چاهيان ٿي.”
مون سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ قابو ڪندي چيو هو، “جيڪڏهن وطن جي حب جي عيوض مون کي موت جي سزا جو حڪم ڏنائون ته پوءِ مان پنهنجن قاتلن کي هڪ عرض ڪندس، خبر اٿئي ڪهڙو.”
هوءَ اداس ٿي ويئي. ڀت وانگر خاموش ويٺي رهي. مون چيو، “مان پنهنجن قاتلن کي عرض ڪندس ته توکي هڪ اسٽين گن ڏين. مان اکين تي پٽي نه ٻڌندس. تو ڏانهن ڏسندو رهندس، تون اسٽين گن جي چيمبر جون سموريون گوليون منهنجي سيني ۾ هڻي ڇڏجانءِ.
هوءَ بينچ تان اٿي ويئي. ٻه وکون کڻي بيهي رهي. مون ڏانهن پٺي هئس. چيائين. “مان توکان نفرت ڪري نٿي سگھان. الاءِ ڇو، الاءِ ڇو!”
مان اُٿي وڃي سندس سامهون بيٺم، چيم، “منهنجو پنهنجو ڪو به انفرادي وجود ناهي.”
مون سنڌ ملڪ جي مٽي پنهنجي مٿي ۾ وڌي آهي. تون ان مٽيءَ جو سيندور پنهنجي سينڌ ۾ وجھندين؟”
هوءَ هڪدم وک کن پري ٿي بيٺي. آرڪيسٽرا جا ساز بند ٿي ويا. بتيون وسامي ويون هوءَ گگھ اوندھ ۾ منهنجين اکين کان اوجھل ٿي ويئي.•