ڪھاڻيون

امرجليل جي سنڌو

ڪتاب ”امر جليل جي سنڌو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڏاهي ڏات ڌڻي امر جليل جي تجريدي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

امر جليل هڪ هنڌ لکي ٿو:
”دل پٿر جو تاج محل ناهي جو جٽاءُ ڪري. دل ديوانن جي وستي آهي، بيگانن جي بستي آهي. آباد آهي ته سرءُ جي سانت به بهار ڀائنجي. پر جي هڪ وار اُجڙي ته تصور جا شهر ويران ڪيو ڇڏي.
مون سنڌو جي اکين ۾ غم ڏسي ورتو. غم جڏهن به سنڌوءَ جي عميق اکين ۾ گھر ڪندو آهي تڏهن سنڌو مونکي سنڌ وانگر عظيم، سنڌ وانگر پيڙيل، سنڌ وانگر ستايل نظر ايندي آهي.“

  • 4.5/5.0
  • 3974
  • 2215
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Amar Jaleel Ji Sindhu

رهجي ويل خط

اسلام آباد
سن 1974
نالا سڀيئي تنهنجا،
مان گمنام، بدنام آهيان!
توکي وسارڻ جي ڪوشش ۾ جڏهن ناڪام ٿيندو آهيان، تڏهن آسمان جي وسعتن ڏانهن ڏسندو آهيان، جيئن آسمان مون کان دور آهي ۽ منهنجي پهچ کان پري آهي، تيئن تون مون کان پري آهين، ڄڻ قطبن جي ٻئي پار آهين! ڇا، مون حقير لاءِ اهو غنيمت نه آهي، ته مان آسمان کي ڏسي سگھندو آهيان. آسمان کي نگاهن جي لمحن سان محسوس ڪري سگھندو آهيان! مون جيئن آڪاش کي ڇهڻ ۽ هٿ لڳائڻ جي خواهش نه ڪئي آهي تيئن توکي حاصل ڪرڻ جي تمنا به نه ڪئي آهي. اسين وڇوڙن جا مسيحا آهيون. ملڻ اسان لاءِ موت آهي. اسين فراق جي خزان ۾ ٽڙندا آهيون ۽ وصال جي بهارن ۾ ڪومائجندا آهيون. دل جي زخمن لاءِ احساس جو ايترو مرهم ڪافي آهي، ته تون منهنجي آهين، ۽ مان پنهنجين سمورين ڪوتاهين سميت تنهنجي حوالي کان سواءِ اڻپورو آهيان! تون منهنجي ابتدا آهين، تون ئي منهنجي انتها آهين ۽ تون منهنجو آغاز آهين ۽ تون ئي منهنجو انجام آهين. حرف اول تون ۽ منهنجو حرف آخر تون آهين! مون توکي خوابن ۾ چاهيو آهي، تنهن ڪري توکي تعبيرن ۾ حاصل ڪرڻ جي آرزو نه ڪئي آهي.
نه دنياداري سکي سين، ۽ نه وضعداري ۽ هينئر جڏهن راهه وفا ۾ نڪتا آهيون ته لٽا ليڙون ڪري رڻ جا راهي به نه ٿي سگھيا آهيون. شهرن جي چؤواٽن ۾ ترسي پيا آهيون. اڄوڪي دؤر ۾ پٿرن جي کوٽ ڪونهي. ڪمي آهي ته منصورن جي ڪمي آهي. اسين عشق جي نئين رسم جا پيغمبر آهيون. اسان کي سرمدن جو الهام مليو آهي. شهر جي چؤواٽن تي سنگسار ٿيڻ لاءِ اسين ترسي پيا آهيون. هاڻي تون ئي ٻڌاءِ منهنجي زندگي، منهنجي بندگي ته توکي وسارڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ مان آسمان جي وسعتن ڏانهن ڇو نه ڏسان!
ڪنهن مون کي ڪالھ ٻڌايو پئي ته جنهن کي مان آسمان سمجھي ويٺو آهيان. سو آسمان ناهي، فقط نظر جو فريب آهي. نگاھ جو دوکو آهي! مون هن سان بحث نه ڪيو هو. کيس سيرو پوري کارائي ۽ گيليلو جي دوربين ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو هو.
منهنجي آرتي! اسان جي سرن مٿان بيٺل چنڊ ستارن وارو آسمان جيڪڏهن نظر جو فريب آهي ۽ نگاھ جو دوکو آهي ته پوءِ اسين پاڻ پنهنجو آسمان اُڀو ڪنداسين. اسين پاڻ پنهنجو آسمان ٺاهينداسين. اسين پنهنجي آسمان کي يادگيرين جي ثريائن ۽ زهرائن سان سينگارينداسين. اسين پنهنجي آسمان تي اڻ وسرندڙ ساعتن ۽ لمحن جا ستارا ٽاڪي ڇڏينداسين. اسان کي نيل آرمزاسٽرانگ وارو ڪوجھو چنڊ نه گھرجي. اسين پنهنجي آسمان تي چاهتن جو چمڪندڙ چنڊ چاڙهي ڇڏينداسين.
تو پنهنجي خط ۾ پڇيو آهي ته مان تو ڏانهن ڪڏهن ايندس؟
چري، تون مون کي سڏي ته ڏس! مان ڪائنات جون سموريون سرحدون اورانگھي، پابندين جي ديوارن کي ڪيري، زندان جي زنجيرن کي ٽوڙي تنهنجن قدمن تي اچي سر رکندس. اسين منڪر، زندگيءَ ۾ فقط هڪ سجدو ڪندا آهيون. مون توکي سجدو ڪيو آهي. تون مون کي سڏي ته ڏس. منهنجي تعبير مان پنهنجيءَ دل لاءِ تو کان درد جو نذرانو وٺڻ ايندس. مان تو کان قربتن جي ساعت جي خيرات نه گھرندس. مان تنهنجي طفيل پنهنجو دامن غمن سان ڀري موٽي ويندس.
مون کي تنهنجي جواب جو انتظار ڀڳل شيشي وانگر روح ۾ چڀندو رهندو.
فقط تنهنجو،
توکان سواءِ ڪنهنجو به نه.