زندگي
مان بيهي رهيس. سنڌوءَ ڏانهن ڏٺم. هوءَ ڪجھ وکون کڻي بيهي رهي ۽ منهن ورائي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. سنڌوءَ پڇيو، “ڇا پيو ڏسين.”
چيم، “تقدير جو فيصلو.”
پڇيائين، “تقدير ۾ اعتقاد اٿئي ڇا؟”
ورڻيم، “نه چاهيندي به آهي!”
پڇيائين، “سبب.”
جواب ڏنم، “مان تنهنجو آهيان، پر تنهن هوندي به توکان پري آهيان. ان ۾ تقدير جو دخل ناهي ته ٻيو ڇا آهي.”
سنڌوءَ پڇيو، “تنهنجي ڪيفيت سان ٺهڪندڙ شاھ لطيف جي هڪ بيت جي هڪ سٽ ٻڌايانءِ؟”
هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
سنڌوءَ شاھ لطيف جي بيت جي هڪ سٽ جھونگاريندي چيو،
“ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.”
چيم، “شاھ لطيف اهو بيت منهنجي لاءِ چيو آهي.”
پڇيائين، “ايڏو يقين اٿئي؟”
وراڻيم، “مون کي ويجھو هوندي تون مون کان پري نه هجين ها ۽ مون کان پري هوندي مون کي ويجھو محسوس نه ٿئين ها ته مان جيڪر شاھ جي بيت بابت ايڏي وڏي دعويٰ نه ڪريان ها.”
سنڌوءَ جي نرڙ تي ريکائون اڀري آيون. هوءَ منهن ورائي ڪينجھر جي ڪنارن تي هلڻ لڳي.
ساڻس وک کڻندي چيم، “مان تنهنجي پهرين جملي سان متفق نه آهيان.”
پڇيائين، “ڪهڙو جملو؟”
چيم، “تو چيو هو زندگيءَ جو سفر پراسرار آهي.”
پڇيائين، “ته ڇا زندگيءَ جو سفر پراسرار ناهي؟”
“نه.” وراڻيم، “زندگي جو سفر غير يقيني آهي.”
پڇيائين، “غير يقينيءَ مان ڪهڙي مراد اٿئي.”
جواب ڏنم، “مون جھڙن انسانن جو سفر اڻپورو رهجي ويندو آهي.”
پڇيائين، “ڇو؟”
وراڻيم، “اسين وقت هٿان دغا کائي ويهندا آهيون.”
۽ پوءِ ڪيتري دير تائين اسين خاموشيءَ سان ڪينجھر جي ڪنارن تي هلندا رهيا سين.
سنڌوءَ مون کان پڇيو، “نوري ۽ ڄام تماچي جي باري ۾ ڪهڙو رايو اٿئي؟”
چيم، “نوري مظلوم هئي.”
اچرج مان پڇيائين، “ڪيئن؟”
چيم، “هڪ شهنشاھ شڪار ڪندي کيس ڏٺو. هوءَ شهنشاھ کي وڻي ويئي. شهنشاھ ساڻس شادي ڪري ڇڏي. ان شاديءَ ۾ نوريءَ جي مرضي کي دخل حاصل نه هو.”
سنڌوءَ چيو، “ڄام تماچي کيس پَٽَ راڻي ڪيو هو.”
“دولت سان دل جو ويران اڱڻ آباد نه ٿيندو آهي سنڌو.” چيم، “نوري حال کان مطئمن نه هئي. ماضيءَ سان ناتو جوڙڻ لاءِ هوءَ ڳھ ڳٺا ۽ ويس وڳا لاهي پراڻا ۽ ڦاٽل ڪپڙا پائيندي هئي. جنهن سان محبت هئس تنهن کي وساري نه سگھي. کائنس جدا ٿيڻ کان پوءِ به کيس ياد رکندي آئي هئي. نوريءَ جو حال ماضيءَ لاءِ ماتم ڪندي گذريو هو.”
سنڌوءَ پڇيو، “آسائشون محبت جي محروميءَ کي ڀري نه سگھنديون آهن ڇا؟”
سندس عميق اکين ۾ ڏسندي چيم، “چاهتن جا امين هڪ محبت لاءِ هزارين آسائشون قربان ڪري ڇڏيندا آهن.”•