نگاھ
منهن ورائي سنڌوءَ ڏانهن ڏٺم. چيم، “تنهنجي باري ۾ پيو سوچيان.”
“منهنجي باري ۾!”
“ها.”
“ڇا پيو سوچين؟”
“سوچيان پيو ته تون سچ پچ آهين به يا فقط منهنجو وهم آهين.”
سنڌو ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي. چيائين، “چرين کي سڱ هجن ها ته تنهنجي مٿي تي به جيڪر چڱا چوکا سڱ هجن ها.”
“مان چريو آهيان!”
“ٻيو نه ته سڄو آهين!”
“ها، تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي خاطر چريو آهيان، پر هونءَ مان وڏو پلستر آهيان.”
“اهو ته تنهنجي شڪل مان ظاهر آهي.”
“ڪا پاڪستاني فلم ته نه ڏسي آئي آهين، جنهن ۾ هڪ ناز ڪڙي هيروئن پنجاھ غنڊن کي موچڙا هڻندي آهي!”
کلندي رهي. مان ڏانهنس ڏسندو رهيس.
پڇيائين، “ڇا پيو ڏسين؟”
چيم، “ڏسان پيو ته تون آهين به يا منهنجي نظر جو فريب آهين.”
چيائين، “ڪهڙيون چرين جھڙيون ڳالهيون پيو ڪرين!”
“هن زندگيءَ جي مام اها ئي آهي سنڌو.” چيم، “جنهن تي هئڻ جو گمان هوندو آهي، سو اصل ۾ نه هوندو آهي.”
“مان تنهنجي سامهون آهيان، تڏهن به منهنجي هئڻ تي گمان اٿئي!”
“مان نظر جي فريب کان ٽهندو آهيان.”
“ته پوءِ اعتبار ڇا تي ڪندو آهين؟”
“دل جي چئي تي.”
“دل ڇا ٿي چويئي؟”
“ڇا جي باري ۾؟”
“منهنجي باري ۾.”
“ته تون آهين.” چيم، “تون ورح آهين، ذهن آهين، تصور ۾ آهين، منهنجين تحريرن ۾ آهين.”
سنڌوءَ پڇيو، “ڀلا هڪڙي ڳالھ ته ٻڌاءِ. زندگيءَ ۾ اهو مقام ڪڏهن ايندو آهي، جڏهن قربت وڇوڙو محسوس ٿيندي آهي ۽ وڇوڙو قربت محسوس ٿيندو آهي؟”
منجھي پيم. جواب سجھي نه آيو.
“چڱو ڀلا، ٻيو سوال ٿي پڇانءِ.”
سنڌوءَ چيو، “زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين ڇو ٿيندو آهي، جو پن پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندا آهن ۽ پٿر ترندا آهن؟”
چيم، “سنڌو يقين ڪر، مونکي سي ايس پيءَ جي امتحان ۾ ويهڻو ناهي.”
سنڌوءَ چيو، “سي ايس پيءَ ۾ ويهڻ وارن کان اٿوپيا جي آبادي ۽ نيوزيلينڊ جي سڪي جو نالو پڇندا آهن.”
چيم، “چڱو ڀلا مان سوال ٿو پڇانءِ؟”
چيائين، “ڀلي پڇ.”
پڇيم، “جنهن کي دل ڏبي آهي، تنهن کان ڌار ڇو رهبو آهي؟”
سنڌوءَ وراڻيو، “چاهڻ وارن جي مقدر ۾ تقدير جو ڪتاب وڇوڙي جي ليڪ وجھي ڇڏيندو آهي.•