ديوانگي
مان سمجھان ٿو، ماٺ ۾ مون کي ڪي ورهيه گذري ويا ها، جو سنڌوءَ مون کان پڇيو هو، “ڇا پيو سوچين؟”
مون ڪنڌ کڻي، ٿڪل ٿڪل نگاهن سان هن ڏانهن ڏٺو هو، چيو هيم، “توکي ڳوليندي ڳوليندي مان روح جي گھراين تائين ٿڪجي پيو آهيان سنڌو.”
سنڌوءَ جي چپن تي سدا حيات مرڪ تري آئي هئي. پڇيو هئائين، “ته پوءِ ڀلا پنهنجي ڳولا جو سلسلو ختم ڇو نٿو ڪرين؟”
“اهو سلسلو ظاهري طرح منهنجي موت سان ختم ٿيندو.” چيو هيم، “پر يقين ڪر سنڌو، مرڻ کان پوءِ منهنجو روح تنهنجيءَ چاهت ۾ هو اجنتا جي عبادتگاهن کان وٺي اشوڪ جي زرين اقوال تائين پاراتو مليل ارواحن جي قافلي ۾ ڀٽڪندو رهندو. توکي ڳوليندو رهندو.”
هڪدم ڳنڀير ٿي ويئي، پڇيو هئائين، “ائين ڇو آهي؟”
وراڻيو هيم، “ڇو جو تنهنجي آرزوءَ ۾ جيئن ۽ تنهنجي آرزوءَ ۾ مرڻ مون کي نصيب جي صورت ۾ قدرت طرفان تحفي ۾ مليو آهي.”
تڏهن ڏک وچان پڇيو هئائين، “مون کي وساري ان عذاب کان ڇوٽڪارو حاصل ڇو نٿو ڪرين؟”
“تون منهنجي لاءِ لاشعور جو لازمي حصو آهين.” چيو هيم، شعوري طرح توکي وسارڻ جي ڪوشش کي منهنجو لاشعور شڪست ڏيئي ڇڏيندو.”
هن کاڏي هيٺان هٿ ڏيئي، ٽِڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏٺو هو ۽ چيو هو، “نه تون مونکي سمجھ ۾ آيو آهين ۽ نه ئي تنهنجي چاهت مون کي سمجھ ۾ آئي آهي.”
“چاهتن جي نئين رسم جو درس اسان کي ڀٽ ڌڻيءَ کان مليو آهي.” چيم، “تون مون کي ويجھو هوندي مون کان پري ٿي ويندي آهين ۽ جڏهن مون کان پري هوندي آهين، تڏهن منهنجي ويجھو هلي ايندي آهين.”
سنڌوءَ ٿڌو ساھ کنيو. پوءِ ماحول جي اداسائي گھٽ ڪرڻ لاءِ چيائين، “تنهنجو مرض لاعلاج آهي.”
“اهو عاشق ئي ڪهڙو جنهن جو علاج ٿي سگھندو هجي!” مون سندس عميق اکين ۾ ڏسندي چيو هو، “منهنجو عشق عزازيل وارو آهي.”
سنڌو ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي هئي. چيو هئائين، “تنهنجي باري ۾ ماڻهن سي آءِ ڊي ۽ اطلاعات واري کاتي جي عملدار جو به اهو ئي خيال آهي.”
مان به کلي پيو هوس. چيو هيم، “هڪ سجدي کان انڪار ڪري عزازيل لکين سالن جي عبادت کي رائگان ڪري ڇڏيو هو.”
سنڌوءَ پڇيو هو، “پوءِ ڇا سوچيو اٿئي؟”
ورائي پڇيو هيم، “ڇا جي باري ۾.”
“پنهنجي باري ۾.”
“مان توکان سواءِ اڻپورو، بي معنيٰ ۽ مبهم آهيان.”
“۽ منهنجي باري ۾ ڇا سوچيو اٿئي؟”
مون غور سان سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو هو. الاءِ ڇا هو منهنجين نظرن ۾، جو هن هڪدم نگاهون جھڪائي ڇڏيون. مون ڏانهنس ڏسندي چيو هو، “ازل جي ابتدا تنهنجي لاءِ منهنجيءَ جستجوءَ سان ٿي هئي. ان کي سڏيائون ڪائنات جو آغاز. ابد ٿيندو ان ڏينهن، جنهن ڏينهن تنهنجي لاءِ مسلسل جستجوءَ جو سلسلو ختم ٿي ويندو. ان ڏينهن کي سڏيندا ڪائنات جو انت.”
سنڌو بيچين ٿي پيئي. چيو هئائين، “تون چريو ٿي پوندين، چريو ٿي پوندين.”
پڇيومانس، “تون مون کي سڄو ۽ هوشمند ٿي سمجھين؟”
اٽڪندي اٽڪندي چيو هئائين، “مون کان پري رهي ڏس.”
“توکان پري رهي ڏٺو اٿم.” چيو هيم، “مفاصلا محبت کي شدت جو احساس بخشيندا آهن. پر، تون ته هر دم، هر لمحي مون وٽ موجود آهين. منهنجي ورح ۾ آهين. ذهن ۾ آهين. تصور ۾ آهين. تو کان مان ڪيئن جدا ٿي سگھندس!”
۽ پوءِ اُها ئي ماٺ، صدين جي ماٺ. خاموشي!•