موٽڻ محال آهي
سنڌوءَ مون ڏانهن غور سان ڏسندي چيو هو، “مان ويراڳڻ آهيان. مون وٽ ڇا رکيو آهي!”
سنڌوءَ کان پڇيم، “تنهنجي جواب کي انڪار سمجھان.”
سنڌوءَ چيو، “تو مون کان سوال ته نه ڪيو هو!”
“ها، مون سوال نه ڪيو هو،” چيم، “پر تو سوال لاءِ گنجائش به ته نه ڇڏي آهي!”
چيائين، “مون ته پنهنجي اندر جو حال اوريو آهي.”
چيم، “تو ته ڪجھ لفظن ۾ پنهنجي اندر جو حال اوري ورتو آهي. مان پنهنجي اندر جو حال اوري ورتو آهي. مان پنهنجي اندر جو حال ڪنهن سان اوريان!”
“مون کي غير ٿو سمجھين!”
“منهنجي چاهت، منهنجي سچائي ٿي شڪ اٿئي!”
“مان تنهنجن چريائين کان واقف آهيان.”
“منهنجي محبت کي چريائي ٿي سمجھين!”
“ها.”
“ڇو؟”
“ڇو جو محبت ڪرڻ وارا تو وانگر محبت نه ڪندا آهن.”
“هو ڇا ڪندا آهن؟”
“عقل کان ڪم وٺندا آهن.”
“اُها محبت ئي ڪهڙي جيڪا عقل جي محتاج هجي!” چيم، “محبت واپار ته ناهي سنڌو!”
سنڌوءَ ٿڌو ساھ کنيو ۽ چيو، “تو وانگر محبت ڪرڻ وارا گھڻو وقت جِي نه سگھندا آهن.”
مون سنڌوءَ جي عميق اکين ۾ نهاريندي چيو، “مون کي وڌيڪ جيئڻ جي ڪا به آرزو ناهي سنڌو.”
سنڌو هڪدم اداس ٿي پيئي.
سنڌوءَ کان پڇيم، “منهنجي موت جي ڳالھ ٻڌي تون هڪدم اُداس ڇو ٿي پوندي آهين.”
جواب ڏيڻ بدران، مون ڏانهن ڏسندي سنڌوءَ پڇيو، “تون منهنجو آهين نه؟”
چيم، “مان توکان سواءِ ڪنهن جو به ٿي نه سگھندس.”
چيائين، “پوءِ جڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهين، تڏهن مان اُداس نه ٿينديس ته ڀلا ٻيو ڪير اُداس ٿيندو.”
چيم، “چڱو، مان اهڙيون ڳالهيون نه ڪندس.”
منهن تي مرڪ تري آيس. چيائين، “تون سٺو ڇوڪرو آهين!”
هڪدم حيرت وچان چيم، “تون مونکي ڇوڪرو ٿي سمجھين!”
هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيائين.
چيم، “چري مان پوڙهو ٿي ويو آهيان.”
کلي پيئي. پوءِ پيار مان چيائين، “چريا، محبت ڪڏهن به پوڙهي نه ٿيندي آهي، تنهنڪري محبت ڪرڻ وارا به پوڙها نه ٿيندا آهن.”
چيم، “مون وٽ تنهنجي فلسفي لاءِ ڪوبه جواب ڪونهي.”
پوءِ سنڌوءَ پڇيو، “اڳاڻو ڇا پيئي گھريئه مون کان؟”
پڇيم، “ڏيئي سگھندينءَ؟”
“مان ويراڳڻ آهيان. مون وٽ ڪجھ به ڪونهي.” سنڌوءَ چيو، “ٿي سگھي ٿو ته توکي ٻئي ڪنهن هنڌان وٺي ڏيان.”
چيم، پوءِ مونکي ٿورڙي بي رخي، ٿورڙي قطع تعلقي ۽ ٿورڙي سرد مهري وٺي ڏي.”
پڇيائين، “محبت ۾ ٿڪجي پيو آهين؟”
چيم، “مان محبت ۾ ان مقام تي وڃي پهتو آهيان، جتان منهنجو موٽڻ محال آهي.”•