ڊائريءَ جو ورق
ڪراچي _ سن 1972
ٽن چئن ڏينهن کان اسان جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند هو. آفيس ۾ هڪٻئي جي سامهون ويهندا هئاسين، ڪنڌ جھڪيل، اکيون هيٺ، اڳ جو هڪٻئي سان ڳالهائڻ لاءِ آتا هوندا هئاسين، سا اڻتڻ پنهنجي جاءِ تي اندر ۾ کوري وانگر کامي رهي هئي. اظهار تي پابندي وجھي ڇڏي هئي سون.
پنجين ڏينهن هن ڳالهايو چيائين، “توکي سمجھڻ تمام ڏکيو آهي. بلڪه ناممڪن آهي.”
مون ڪنڌ کڻي ڏانهس نهاريو. چيم، “مان آلجبرا آهيان ڇا؟”
هن جي ياقوتي چپن تي دلفريب مرڪ تري آئي عورت جي اها مرڪ جيڪا مرد سان زندگيءَ ۽ موت جو سودو ڪندي آهي. پر مان، جنهن سنڌ ملڪ جي مٽيءَ تي سيس نوايو آهي ۽ مون جھڙا مٿي ڦريا جيڪي سنڌو نديءَ جي پاڻي جو قيامت ڏينهن حق بخشائڻ لاءِ ڌرتيءَ سان سر جو سودو ڪري ويٺا آهن، سي هڪ حسين عورت جي دلڪش مرڪ تي منزل نه سٽائيندا آهن.
چيائين، “تون بدلجي ويو آهين.”
وراڻيم، “مان، منهنجو منصب، منهنجي زندگيءَ جو مقصد ساڳو آهي، مان نه بدليو آهيان.”
چيائين، “تون ڳالهين ٺاهڻ جو استاد آهين.”
“توکي غلط فهمي ٿي آهي.” وراڻيم، “ڳالهين ٺاهڻ جو استاد هجان ها ته جيڪر اول توکي ٺاهي وٺان ها.”
هن ٽهڪ ڏنو. ڄڻ ستن سرن جو سنگم ٿيو. پڇيائين، “مون کي ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهين ڇا.”
وراڻيم، “جيڪي شيون مون کي پسند اينديون آهن، تن تي مان پنهنجي حق جي مهر هڻي ڇڏيندو آهيان، اهي شيون هميشه منهنجيون هونديون آهن.”
“ڏاڍو غرور اٿئي!”
“غرور نه، پاڻ تي اعتماد.”
“ڪمال آهي، جيڪا شئي پسند ڪندو آهين، تنهن تي پنهنجو حق جتائيندو آهين!”
“اها منهنجي عادت آهي.”
“چئه ته عادت کان مجبور آهين.” هن چيو ۽ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي.
ازل جي اُداسائي، جيڪا جيءَ ۾ گھر ڪري ويئي آهي، سا منهنجي وجود تي ڇائنجي ويئي. چيم، “مان پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن هوائي ڳالهيون ڪندو آهيان. مون اڄ تائين جنهن کي چاهيو آهي، تنهن کي وڃايو آهي.”
هوءَ ڳنڀير ٿي ويئي چيائين، “هڪڙي ڳالھ پڇانءِ؟”
“ڪجھ پڇڻ لاءِ تنهنجو فارمل ٿيڻ ضروري آهي؟”
“تڏهن به.”
“مان توکان ڪجھ لڪائي نه سگھندس.”
“ڇو؟”
مون سندس ڀورين ناسي اکين ۾ نهاريو، چيم، “مان جيڪڏهن ڪنهن کي حاصل ڪري نه ٿو سگھان ته گھٽ ۾ گھٽ ڪجھ دير لاءِ کيس پنهنجو ته سمجھي سگھان ٿو.”
“تون..”
“چئه، هٻڪين ڇو ٿي؟”
“تون مون سان محبت ته نه ٿو ڪرين؟”
“تون منهنجي ويجهو هوندي به مون کان پري آهين، ڇو جو تو سان محبت ڪرڻ اپسرا سان محبت ڪرڻ برابر آهي.”
“مان اپسرا ناهيان!”
وراڻيم، “نظرياتي اختلافن توکي منهنجي لاٰءِ اپسرا ڪري ڇڏيو آهي.”
چيائين، “تنهنجو ضد اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڀت ٿي بيٺو آهي.”
وراڻيم، “مان اها ڀت ڪيرائڻ نه ٿو چاهيان، مان نظرياتي طرح اهو چوندو ۽ لکندو رهندس، ته سنڌ سان عقوبتون ٿيون آهن. سنڌ اڃان ون يونٽ جي زنجيرن مان آزاد نه ٿي آهي ۽ جيئي سنڌ منهنجي روح جو آواز آهي.”•