لڄارا لفظ دامن ۾( ”رب زدني علماءَ“)
مونکي اجازت ڏيو ته آئون اعتراف ڪريان ته آئون نڪو شاعر ۽ نڪو شاعري منھنجي. جيڪو لکيو اٿم ته اھا بس منھنجي دل جي احساسن جي رڳو ڊائري آھي، ٿوڙي وٿيءَ سان گڏ شاعري ۽ ڊائري ڄڻ ته ٻئي جاڙيون ڀينرون آھن منھنجي احساسن جون پورنما چنڊ سدائين غور ۽ گيان جي ڪڏھن اندر ته ڪڏھن ٻاھر ڦرندو رھيو آھي، ڪڏھن سوچي ڪونه سگھيس ته ڇا لکان ۽ ڇا نه لکان؟ اڄ به ورھين پڄاڻان اھوئي ويچاريان ويٺو ته ڇا لکڻ کپندو ھو ۽ ڇا نه لکڻ کپندو ھو!؟
حياتي جي پڇاڙڪي پنڌ ۾ بھتر ٿيندو ته وڏي ٻرانگھه کڻي ڊگھي ڊوڙ پائي پنڌ کُٽائجي؟ يا وري آھستي آھستي ڌيري ڌيري وک کڻجي، يا ته دم پيو پٽجي يا دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏجي، ٻيو ڇا ڪجي؟
سچ اھو آھي ته محبوبه کان ويندي مھراڻ جي مڙني ماڻھن تائين سڀني منھنجي من اندر کي خوب موھيو. پر جنھن سڀ کان سرس، اھو رڳو ھڪڙو، حسن درس، جنھن جي عاشقي ۽ شاعري وصال کان ويندي وڇوڙي کان پوءِ به منھنجي روح جي رھنمائي ڪندي ٿي رھي ۽ جلا بخشيندي ٿي رھي. حسن درس، جنھن منھنجي لاڙ جي سٻاجھي شاعر سڄڻ سومري سان مخاطب ٿيندي ڄڻ ته سنڌ ۽ مون سميت لاڙ جي سمورن لکندڙن سان مخاطب ٿيندي ھي سٽون سرجي ڇڏيون ھيون ته:
پريمو ڪولھيءَ کان پڇندين ته توکي ھو ٻڌائيندو
اکيون ڪھڙيون، پرين ڪھڙا سڄڻ دل جو چڪڻ ڪھڙو
سيارو ڦوھ جوانيءَ ۾، نه تو سوچيو ته ڪيئنءَ لکجي
پيالو پُر اکيون ڇلڪن، اسان جو ٻيو سڪڻ ڪھڙو
سٽو اڏرن اٿن ڌڙڪن، وڄن ٿيون ساز وانگي جي
لڄارا لفظ دامن ۾ ، ڀلا تن کان لڪڻ ڪھڙو.
بس دوستو! شاعريءَ توڙي ڊائريءَ کي لکئي جو ليک ڄاڻي مٺو ٿجي ۽ ماٺو ٿي رھجي.
ايترو ڪافي آھي.
اوھان جو پنھنجو
عطا دل بدين
29.09.2013
ايڊريس؛
دل ھائوس، نزد يو بي ايل بدين