دُکي، سُکي ايڪسپريشنس!
جڏهن به
سامراجي ٻلي جي تِکي نُنهن
سنڌ جي سرير جي، ڪنهن به حصي کي
رانڀو ٽِيو هوندو ته
ستارن جون جهرمر مُرڪون
۽ چنڊ جا سڀئي ٽهڪ
سج جي سُڏڪي ۾ سڙي ويا هوندا
۽ اسان جي اندر جو ڪوئي ”صادق فقير“
ڪر موڙي جاڳي پيو هوندو
۽ ڏاڍو دُکي هوندو!
مُراد! جي موت،
ڀاڳيءَ جي ڀاڳ اَڀاڳ کي
جڏهن اسان ساريو هوندو
ته ذهن ۾ عجب جي ڪارونجهر ڪپار تي
تروٽ جو ٿلهو، تيز واءَ جي
ٿپڙن ٿپيو هوندو، چٿيو هوندو
۽ اسان جي اندر جو ڪوئي ”صادق فقير“
ڪرموڙي جاڳي پيو هوندو!
۽ ڏاڍو دُکي هوندو
يا جڏهن به
ڏڪار جو راڪاس رنڀيو هوندو
۽ ڪنهن ”مسڪين“ (مسڪين جهان خان کوسو) جي
ملڪ جي ماروئن کي
جنبيو هوندو، کنڀيو هوندو
ته اسان جي اندر جو ڪوئي ”صادق فقير“
ڪر موڙي جاڳي پيو هوندو
۽ ڏاڍو دکي هوندو
سانوڻ جي مهيني، گهاٽي مينهن ۾
پلر جي پالوٽ تي يا ڪنهن ڀُوريءَ ڀٽ
اُرهه جي ساوڪ تي
يا همرچي ويل، نارين جي ناچ تي
اسان جي اندر جو ڪوئي ”صادق فقير“
ڪر موڙي جاڳي پيو هوندو
۽ ڏاڍو سکي هوندو!
يا جڏهن به ڪنهن قريبي دوست کان
زندگيءَ جي ڪنهن ونهوار ۾
ڪائي ڀل ٿي هوندي
۽ پڇتاءَ جي دوزخ ۾ سڙي
اسان جي ڏکويل اناءَ جي اڳيان
ازالي خاطر وري موٽ کاڌي هوندي
۽ هو سڙي ڳريل رٻڙ جهڙي
مُرڪ کي وڏي زور سان تاڻي، چپن تي آڻي
جهُڪي، نمي پيو هوندو!
ته اسان جي اندر جو ڪوئي ”صادق فقير“
ڪر موڙي جاڳي پيو هوندو
۽ ڏاڍو سکي هوندو!
سمنڊ ڪناري
ٻن پريمين جو جوڙو
ڀنل واريءَ تي ڊوڙيو هوندو
۽ شراب جي رنگ جهڙيءَ
ڪنهن شام جو
پيتل سجُ
ٿيڙ کائي، ٿڙيو هوندو!
ته اسان جي اندر جو ڪوئي ”صادق فقير“
ڪر موڙي جاڳي پيو هوندو!
ڪر موڙي جاڳي پيو هوندو!!
ڪر موڙي جاڳي پيو هوندو!!!
-*-