ھوا روپوش اچڻي آ . . . !!
شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڦاسي جي خبر تاريخ جي ھڪ بدترين خبر ھئي ۽ ھي نوجوان ان رت جي درياءَ ۾ پنھنجي سوين ساٿين سميت شامل ٿي ويو. ڪھڙي اک ھئي جيڪا ڀٽي صاحب جي خاطر نه رُني ھئي، ڪھڙو غريب ورڪر ھو جنھن ڪفن سر ٻڌي اچي ميدان نه مچايو ھو، ھڪ بي ھٿيار ڇوڪري، وردي واري جنرل ضياءَ جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون، ڇو ته ھن جي قافلي ۾ سر ڏيڻ وارا ساٿي شامل ھئا. ان وقت ھر ھنڌان ھڪ پلاند جو پيغام ھو، جيڪو جھر جھنگ جھاڳي ھر روح جي ڪاڪ محل ۾ کاٽ ھڻي رھيو ھو انھن ڏينھن ۾ گھر گھر ماتم ھو ۽ بينظير ڇڙوڇڙ ڪارڪنن جي لاءِ ھڪ آس ۽ اميد ھئي. ھي سرخ گلابن جي ھڳاءُ جو دور ھو. ائين ئي سياسي رومانس جي ريشمي احساس کي ساڻ کڻي عطا دل جيل به جھاڳيا. جيڪي سياسي ورڪر ايم آر ڊي تحريڪ جي وقتن ۾ جيلن ۾ رھيا ھوندا انھن کي عطا دل جو اھو مڌر آواز اڄ به سماعتن ۾ گونجندو ھوندو، جڏھن باريڪن مٿان شام جا پاڇا لڙڪي لھندا ھئا تڏھن ھن جو آواز گونجندو ھو:
گولين کان ڀي ڪين ڊڄن ٿا سوين سلام سوڍن تي،
ڪوڙا، قيد ۽ ڏنڊ جي ھوندي، قوم سڄي آ روڊن تي.
ھڪ بھادر ۽ باھمت ورڪر جيان عطا دل جيل جي انھي جھان کي آباد رکي، پنھنجيون حسين يادون اتي ڇڏي آيو. انھي عطا دل جي اکين وقت جا انيڪ ڦيرا ڏٺا ۽ پنھنجي سون جھڙي جواني ڏئي وار چاندي ڪيائين پر ھن سان وقت ڪا ٺڳي ڪانه ڪئي. ھن کي آدرشن جي نيلام بازار جھوري وڌو. وقت بدليو ظلمتن جي ڪاري دور جي بدران عوامي راڄ جا نغارا وڳا. وري مديني جا مير ڪر بادشاھ بينظير جي رقصن سان شھيد راڻي کي بادشاھي به ملي، پر عطا دل سميت انيڪ انھن اذيتن ڀوڳيندڙ ڪردارن جي لاءِ ڪارو چڪر نه بدليو ته نه بدليو.
قسمت جا عجيب کيل آھن ته اھو فلسطيني کجين جھڙو ڊگھو عطا دل ھڪ اھڙي بيماري جي ور چڙھي ويو جو گذريل ٻارنھن سالن کان ھو مڪمل طور پيرالائيز ٿيل آھي. ھڪ ھنڌ، ھڪ جاءِ تي پيل عطا دل جي اکين ۾ اڄ به اھا ئي روشني سلامت آھي جيڪا انھن ڏينھن ۾ ھوندي ھئي جڏھن ھو اڪيلو ھٿيار کڻي مزاحمتي قافلن جي سرواڻي ڪندو ھو.
عطا دل فاضل، بينظير ۽ قاضي محمد بخش ڌامراھ جي دور کان ھن دور جو سفر ڏاڍو ڏکيو طئه ڪيو آھي، ان وچ ۾ ھن رڳو شھيدن جي لال لھو جي ڪھاڻي پنھنجي اکين جي نيرن سان لکي آھي پر ھن ته ڳاڙھا ڳڀڙو پتنگن جيان پچندي به ڏٺا آھن ته پنھنجي انھن محبوب يارن جو وڇوڙو به ڀوڳيو آھي. جيڪي ھلي اچي ھن جي سار لھندا ھئا، ھاڻي به ھن جون اکيون در ۾ واجھائن ٿيون ته ڪٿان حسن درس لڏندو ٽھڪ ڏيندو ساڻس اچي ملندو ۽ ڪٿان عاشق انصاري مرڪندو مھڪندو اچي نمودار ٿيندو. عطا دل جو اھو حوصلو آھي جو ھن ڪڏھن سنگت کي سارڻ نه وساريو آ. پيرالائيز ھئڻ جي باوجود به ھو سندس نالي سان جڙيل اڪيڊمي پاران فنڪشن آرگنائيز ڪري سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي نوجوانن کي ھمٿائيندو رھي ٿو. ھو پاور ۽ پئسي ھٿان پيرالائيز ٿيل ذھنن جي لاءِ ھڪ زندھ مثال آھي. ھن کي ڪنھن کان ڪا به شڪايت نه آھي. ھن ڪڏھن پنھنجي قربانين کي ڪنھن ڳاڙھي بندي تي لکي سنڌ مٿان قرض نه ڪڍيو آھي. ھو ھڪ اھڙو ڪردار آھي جيڪو اکين سان ڏسندو رھي ٿو ته منزل انھن ماڻي جيڪي شريڪ سفر ئي نه ھئا. پر ھو پنھنجو ڪم ڪندو ٿو رھي، وقت کي ڪي ٻيا گذاريندا ھوندا، ھن قسم جي ڪردارن کي وقت گذاريندو رھي ٿو رھي ۽ جيئڻ سان انھن جي جستجو جاري رھي ٿي.
ھو بقول استاد بخاري جي ”اسان سان ڪچھريون ڪريو دوستو، ھليا وينداسين اوچتو اوچتو“جا نياپا اماڻيندو ٿو رھي. عطا دل اڄ به پنھنجن انھن سمورن جدوجھد ۽ جيل جي دور وارن ساٿين کي خوب ساري ٿو ۽ ھو اڄ به ڪمال جي شاعري ڪري ٿو.
بھارن کي ٻڌايو ھو فضا، خاموش اچڻي آ،
الائن مان تپش تاڻي، ھوا روپوش اچڻي آ،
لُکن ۾ لِڱ پيا سڙندا، گلابن جا فصل ڇڻندا،
ايندي ير! اوچتو بارش، مند مدھوش اچڻي آ.
انھي مدھوش مند جي آمد ۽ انتظار ۾ اکيون ڏيل ڏيئا ڪري ويٺل شاعر ۽ سياسي ورڪر عطا دل انھن سوين پاسيرو ٿيل قومي ڪارڪنن جي لاءِ ھڪ نياپو آھي، جيڪي پنھنجي قافلي جي سرواڻن جا پير ڏسي نااميدي جي ھڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آھن.
امير منڌرو
بدين