![تنهنجي نگري ڏور اسان کان, ليکڪ : عطا دل تنهنجي نگري ڏور اسان کان, ليکڪ : عطا دل](https://books.sindhsalamat.com/assets/images/books/tunhinji_nagri_ata.jpg)
تنهنجي نگري ڏور اسان کان
ڪتاب ”تنهنجي نگري ڏور اسان کان“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب عطا دل جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امير منڌرو لکي ٿو: ”ھن جي جواني ھن کان لوھ پائي ڪانه ڀڳي ھن ته پنھنجي جواني جو ھر پل نھايت ئي آھستي آھستي بيرحم حالتن جي گھاڻي ۾ پيڙھجندي ۽ انھي جي آوازن مان مزا ماڻيندي گذاريو. ھو پنھنجي دور جو ڪو مخدوم بلاول ته ڪونه آھي نه ڪو سرمد آھي پر ھو ته بس ھڪ عام سياسي ورڪر ۽ شاعر آھي جيڪو ائين ئي جدوجھد جي جھان ۾ ڪُڏي ڪاھي پيو ته پوئتي ڪنڌ ڦيڙائي به ڪونه ڏٺائين ته قافلو باقي ڪيترو بچيو آھي، ۽ سالار ڪيڏانھن ويا.“