شاهه صاحب جي زندگيءَ جو مختصر احوال
مير عبدالحسين خان ٽالپر، مرزا قليچ بيت، ليلارام وطن مل، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، مسٽر ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر سورلي، مولوي دين محمد وفائي، ڪلياڻ آڏواڻِي ۽ غلام محمد شهواڻي.
انهن صاحبن شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ جي احوال يا ڪلام جي تشريح کي حتيٰ امڪان دائره تحرير ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
جيئن ته هن ڪتاب جو مقصد صرف شاهه صاحب جي زندگيءَ جو احوال پيش ڪرڻ نه آهي، بلڪ سندس پيغام جي سياسي مقصد ۽ مردان جي سمجھڻ لاءِ ڪوشش آهي. ان ڪري شاهه صاحب جي زندگيءَ جي سمورن قصن ۽ ڪهاڻين کي بيان ڪرڻ مناسب نه سمجهي هت فقط تعارف طور سندن مختصر احوال پيش ڪجي ٿو.
پاڻ سيد امير علي هراتيءَ جي فرزند سيد حيدرعلي جي اولاد مان، جي سنڌ جي مٽياري سيدن جي نالي سان سڏجن ٿا، جي جرار پوٽه قبيلي مان آهن. اهي سيد پنهنجي نسبت امام موسى ڪاظم جي صاحبزادي جعفر (ثاني) الحواري سان ڪن ٿا.
سيد حيدر بابت تاريخي شجرن مان معلوم ٿئي ٿو ته امير تيمور جي هندوستان اچڻ جي زماني (801 کان 806هه) ۾ سنڌ ۾ آيل ٿو ڏسجي. سيد صاحب سنڌ جو سير ڪندي هالاڪنڊيءَ ۾ آيو، جو شهر هاڻي هالن جي نالي سان سڏجي ٿو. اتي ڪجھ وقت رهي پيو ۽ پوءِ ارباب شاهه محمد هالي جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس سيد امير علي پيدا ٿيو. انهيءَ کي ٽي پٽ ٿيا.
1. سيد شرف الدين
2. سيد احمد
3. سيد مرتضى
پهرين جو اولاد، ”شرف پوٽه“ سڏجڻ لڳا ۽ ٻي جو اولاد سندس فرزند سيد امير علي جي نالي ”ميرڻ پوٽه“ جي نالي سان مشهور ٿيا. ٽئين سيد مرتضى کي ڪو به اولاد نه ٿيو. هو شاهه ڀريي جي نالي سان مشهور ٿيو، سندس مقبرو مانجھند جي اتر ۾ آهي.
مٿي ذڪر ڪيل سيدن جي اولاد جو گھڻو حصو ڪجھ وقت هالن ۾ رهڻ بعد اتان لڏي ڪجھ پنڌ رستي جي لڳ هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو. جنهن ڳوٺ جو نالو اتان جي هڪ مَٽَ ڀريندڙ فقير ، جو رستي تي مسافرن جي پيئڻ لاءِ پاڻي جو مٽ ڀريون ويٺو هوندو هو، جنهن ڪري مٽ وارو ڳوٺ پئجي ويو، جو اڳتي هلي ڦير گھير بعد مٽياري ٿي ويو. سيدن پنهنجي عروج واري زماني ۾ ان ڳوٺ جو نالو بدلائي ”مٽ علوي“ رکڻ جي ڪوشش ڪئي. جيئن ته ان وقت سنڌ جي رسم الخط فارسي هئي ۽ ان ۾ ”ٽ“ جو اکر نه هئڻ ڪري اهو ”متعلوي“ ٿي لکڻ ۾ آيو ان ڪري اهي سيد مٽياري يا متعلوي سيد جي نالي سان مشهور ٿي ويا.ساڳي نموني تي لڪيءَ جي ڳوٺ وارا سيد لڪياري يا لڪعلوي جي نالي سان مشهور ٿي ويا هئا. ڀڳي ٺوڙهي جبل جي ڀرواري ڳوٺ جو، جنهن ۾ سيد رهندا هئا، لڪ وارو ڳوٺ يا لڪي ڳوٺ پئجي ويو. جنهن تي سيدن پنهنجي عروج واري زماني ۾ لڪعلوي نالو رکيو هو. ان ڪري اهي به سيد لڪياري يا لڪعلوي سيد سڏجڻ لڳا.
مٿي ذڪر ڪيل سيدن جو هالن مان لڏي مٽياري وڃي رهڻ وارو پورو زمانو معلوم ٿي نه ٿو سگھي. ليڪن قديم روايتن مان ائين معلوم ٿي سگھي ٿو ته هو 830هه کان 840هه جي وچ ڌاري وقت ۾ اوڏانهن لڏي ويل ٿا ڏسجن. مٽياريءَ ۾ گھڻو وقت رهڻ بعد جڏهن سندن اولاد گھڻو ٿيو ۽ وڌيا ويجھيا. تڏهن گذر جي تنگي، باهمي تعصب، گھرو جھڳڙن، رسم رواج جي خامين ۽ خرابين جي ڪري هنن مان ڪيترن مٽياري کي ڇڏي وڃي ٻاهر ٻين ڳوٺن ۾ پنهنجي سهولت خاطر رهڻ شروع ڪيو.
مٽياري جي رهائش جي دوران ۾ سيدن جو خاندان چئن مکيه قبيلن ۾ ورهائجي ويو.
(الف) [b]جرار پوٽه :[/b] هي سيد جلال عرف جرار جو اولاد هئا. انهيءَ قبيلي چار مکيه درويش پيدا ڪيا. هن وقت مٽيارين جي شهر ۾ انهيءَ قبيلي جو ”ڄاموٽ“ سيد عالي شير آهي.
1.[b]سيد شاهه رڪن الدين : [/b]هي صاحب پير طريقت هو، کيس فيض مخدوم بلاول جي خليفي مخدوم ساهڙ (سوائي)لنجار کان مليو. شاهه رڪن الدين جو مقبرو مٽيارين جي شهر ۾ آهي، سندس وفات جي پوري تاريخ معلوم نه ٿي سگھي آهي، ليڪن معلوم ائين ٿئي ٿو ته 350هه ۽ 380هه جي وچ ڌاري وفات ڪئي ٿي ڏسجن.
مخدوم ساهڙ جو مقبرو انڙ پور اسٽيشن جي ڀر ۾ ٽڪريءَ تي آهي.
2. [b]سيد هاشم شاهه سخي [/b] : هي صاحب سندس پڙڏاڏي سيد رڪن الدين جو سلسلي وار فيض يافته هو. پاڻ 1100هجري 14ربيع الاول ۾ وفات ڪيائون، سندن مزار مٽيارين جي شاهه رڪن الدين جي قبي جي ڀر ۾ آهي، جتي سال بسال مٿين تاريخ تي ميلو لڳندو آهي ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو زيارت جي لاءَ گڏ ٿيندا آهن.
سندن اولاد مان هن وقت مسند نشين پير حاجي بقادار شاهه آهي. سخي هاشم شاهه ڪيترن سيدن جو ڏاڏو پير آهي.
3. [b]سيد شاهه عبدالڪريم[/b] : هي صاحب مٽيارين جي شهر ۾ 944هجريءَ ۾ ڄائو ۽ وڏي ٿيڻ بعد اتان لڏي ٽنڊي محمد خان (گوني) تعلقي بلڙي جي ڳوٺ ۾ وڃي سڪونت پذير ٿيو. هن سيد عبدالقدوس ۽ شاهه ابراهيم کان فيض طريقت حاصل ڪيو، جو صاحب قادري طريقي جو بزرگ هيو. سندن ملاقاتون مخدوم نوح سان به گھڻيون ٿيون هيون ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ صحبت جو مٿس گھڻو اثر رهيو. هو صاحب ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. صبر ۽ کاند ۾ ڪافي شهرت حاصل ڪيائين، جنهن بابت ڪيئي قصا مشهور آهن. پاڻ 1030 هجريءَ ۾ بلڙيءَ ۾ وفات ڪيائون. سندن مقبرو به اتي ئي آهي. سندن وفات جي تاريخ 15 ذوالقعد تي سال به سال اتي ميلو لڳندو آهي. اتي هزارين معتقد زيارت لاءِ ايندا آهن، جتي ذڪر، سماع ۽ راڳ ٿيندو آهي. سندن درگاهه جو مسند نشين هن وقت پير ميان غلام حيدر شاهه صاحب آهي.
4.[b] سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي [/b] : جنهن جي حياتيءَ جو احوال مختصر طور هيٺ ڏنو ويندو ۽ جنهن جي پيغام جي تشريح لاءِ هي ڪتاب لکيو وڃي ٿو.
[b] (ب) باقيل پوٽه : [/b]هن قبيلي جا فرد سيد محمد باقر جي اولاد مان آهن. هن پاڙي مان ڪيترائي بزرگ ۽ عالم ٿي گذريا آهن. سيد شهمير شاهه مشهور عالم ۽ صاحب شريعت بزرگ (جو مولوي محمد هاشم ٺٽويءَ جي گروهه جو هو) به ان قبيلي مان هو. انهيءَ پاڙي جو ”ڄاموٽ“ هن وقت سيد مير ادل شاهه ولد سيد حاجي محمد شاهه ، آزاد خيال ۽ تمام وڏو زميندار آهي.
[b](ح) موسى پوٽه :[/b] جي پاڙي وارا سيد محمد موسى شاهه جي اولاد مان آهن. هن خاندان مان ڪيترائي وڏا زميندار ۽ با اثر شخص ٿي گذريا آهن. هن قبيلي جو وڏو سيد طبيب شاهه مخدوم نوح جي مکيه خليفن مان هو ۽ اڃا تائين انهيءَ خاندان جو تعلق مخدوم هالن وارن سان اچي. هن وقت انهيءَ قبيلي جو ڄاموٽ، ذوالفقار علي شاهه سيد محمد علي شاهه هڪ با اثر سمجھدار ۽ زميندار آهي.
[b](د) معين پوٽه :[/b] هن پاڙي وارا سيد مئيڏنه شاهه ولد سيد محمد جي اولاد مان آهن. سيد مئڏنه شاهه جنهن جي اولاد سعيد پور نالي ڳوٺ، گوني تعلقي ۾ ٻڌايو، جنهن مان سيد محمد ڪامل شاهه مشهور ۽ معروف ٿي گذريو آهي ۽ ان جا ڀائٽيا اڃا اتي رهن ٿا.
مئيڏنه شاهه جي فرزند سيد احمد کي ٻيو پٽ سيد ڌڻيڏنه شاهه هو جنهن جو فرزند سيد ابراهيم شاهه ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي سمي سنڌ جي حاڪم جي وزيراعظم دريا خان جو دوست هو۽ ان وقت چانگن جي بغاوت کي ختم ڪرڻ جي مهم ۾ هو شهيد ٿي ويو. سندس مزار خانوٽ تعلقي ڪوٽڙيءَ جي ڀر ۾ آهي. سيد ابراهيم شاهه کي ٻه فرزند هئا، هڪ سيد بدرالدين شاهه هو جنهن جو پوٽو سيد حيدر هڪ مشهور معروف سنڌ جو عالم، قرآني حافظ ۽ صاحب طريقت بزرگ هوهو مخدوم بلاول جي خاص خليفن مان هڪ هو، جنهن مخدوم بلاول سان گڏ سمي گھراڻي جي سنڌي حاڪمن جي اقتدار کي لڏندڙ ڏسي شاهه بيگ ارغون جي مخالفت ۾ آخري ڪوشش ڪئي. سيد محمد ميران جونپوري جڏهن افغانستان ڏانهن سنڌ مان لنگهي وڃي رهيو هو ۽ پنهنجي مهدوي طريقي جي اشاعت به ڪندو ٿي ويو، تڏهن شاهه حيدر جي طرفان ان جي کلي مخالفت ٿي، جنهن ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو ته مخدوم صاحب جي رسد جون ٻيڙيون ٻڏي ويون.
سيد صاحب ڻهيءَ تحريڪ ۾ سنڌي اقتدار لاءِ خطرو محسوس ڪيو هو ان ڪري ئي ان جي مخالفت ڪئي هئائون. سيد حيدرعلي جي ڳوٺ ۾ 4 شعبان روز سومر 937هجري ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مزار به اتي آهي جتي سال به سال انهيءَ تاريخ تي ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ آس پاس جا هزارين ماڻهو زيارت لاءِ اچي ختمي ۾ شريڪ ٿين ٿا. مسند جو هاڻوڪو جاءِ نشين هن ڪتاب جو لکندڙ آهي.
سيد ابراهيم شاهه جو ٻيو فرزند سيد ڌڻيڏنو شاهه هو، جنهن جي اولاد کي ڳاڙها سيد ڪري سڏيندا آهن. هنن جا پويان لڏي وڃي ڪوٽڙِي ۾ ويٺا. جن منجھان سيد علي اڪبر شاهه معروف ٿي گذريو آهي. انهن مان سيد ڪبير شاهه لس ٻيلي وارو مشهور شاعر ب پيدا ٿيو جنهن جي مزار اٿل جي ڳوٺ لس ٻيلي رياست ۾ آهي.
مٿي ذڪر ڪيل مختصر تاريخ مٽياري خاندان جي سيدن جي ناظرين جي واقفيت لاءِ تعارف طور پيش ڪئي ويئي آهي. شاهه عبداللطيف به انهيءَ خاندان جو فرد هو. هو صاحب سيد شاهه حبيب جو فرزند هو ۽ 1102هجريءَ مطابق 1689ع ۾ تعلقي هالا جي ڳوٺ ڀئي پور ۾ ڄائو. سندس ڄمڻ واري هنڌ پراڻي نصير واهه جي ڪپ تي لونگ فقير خيرپور رياست واري جي ٺهرايل مسجد اڃا تائين موجود آهي.
شاهه صاحب شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي فرزند شاه جمال جو پڙ پوٽو آهي. هن ابتدائي تعليم ۽ تربيت پنهنجي ڳوٺ ۾ وري جڏهن مڪاني ملان ۽ مولوي، پير ۽ فقير سندس علمي ۽ روحاني اڃ کي سيراب نه ڪري سگھيا، تڏهن فقيري ويس ڪري سنڌ جي سير تي نڪري پيو ۽ جهنگ، جبل ، درياهه ، برپٽ، ٿر ۽ بر ڏوري جھاڳي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گھميو، جنهن ڪري هر طبقي جي ماڻهن سان ملڻ ۽ رهڻ جوموقعو مليس ۽ سندن حالات جذبات ۽ روايات مان پوري طرح واقف ٿي سگھيو. انهيءَ دوران ۾ سنڌ جي مکيه عالمن، فقيرن، صوفين، جوڳين، بيراڳين جي صحبت به حاصل ڪيائين جن درويشن جي صحبت ۾ گذارڻ جوموقع مليس تن مان مکيه هيٺيان هئا....
[b]1.شاهه عنايت صوفي (شهيد) :
[/b] سندس رهائش جھوڪ، تعلقو ميرپور بٺوري ۾ هئي، سندس مقبرو به اتي آهي. پاڻ 1130هجريِءَ ۾ شهيد ڪيا ويا. سندن شهادت جي ڏينهن 17صفر تي ميلو لڳندو آهي، جتي هزارها ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن، هو وڏو باڪمال ۽ صاحب اثر بزرگ هو، سندس مفصل احوال ٻئي فصل ۾ ايندو.
[b]2.مخدوم محمد معين ٺٽوي :
[/b] هي بزرگ ٺٽي جي شهر جو رهاڪو، وڏو عالم ۽ درويش هو. هو شاهه ولــي الله دهلويءَ جي مکيه شاگردن مان هڪ هو. شاهه صاحب سان خاص دوستي هئس. 1160هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.
[b]3.شاهه عنايت الله رضوي :
[/b] هي صاحب نصرپور جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. سيد نصرالدين ولد سيد خيرالدين شاهه بکريءَ جي اولاد مان هو.
شاهه صاحب جي زماني ۾ پير مرد ٿي چڪو هو. سنڌيءَ ۾ عمدو شاعر هو. سندس رسالو ڇپجي چڪو آهي. نصرپور ۾ سندس مزار آهي. سندس خاندان مان مصري شاهه سنڌ جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي.
[b]4.مخدوم محمدي :
[/b] خيرپور رياست جي گھڙن جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. هڪ وڏو ديندار درويش شخص هو. 1171هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.
[b]5.مخدوم محمد هاشم ٺٽوي :
[/b] هي ٺٽي جي شهر ۾ مشهور عالم ۽ شريعت جو پائبند ۽ پرهيزگار شخص هو. سندس فتوائون مشهور آهن. 1172هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.
[b]6.سيد شهمير شاهه :
[/b] باقيل پوٽه مٽياري سيدن مان هڪ وڏو عالم ۽ شريعت جو پائبند شخص هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي مکيه شاگردن مان هو. شاهه صاحب جون ان سان گھڻيون ملاقاتون ٿينديون هيون.
[b]7.مخدوم صابر ولهاري :
[/b] انهيءَ وقت جي وڏن عالمن مان هڪ نقشبندي طريقي جو مرشد هو. سندس مقبرو تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ آهي.
[b]8. مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو :
[/b] هڪ وڏو اهل الله، نقشبندي طريقي جو مرشد ۽ عالم فاضل شخص هو. سندس مزار ڳوٺ لنواري تعلقي بدين ۾ آهي. پاڻ 1182هجريءَ ۾ وفات ڪيائون.
[b]9.صاحبڏنو فقير فاروقي :
[/b] خيرپور رياست جي درازن ڳوٺ ۾ رهندو هو، اتي ئي سندس مزار آهي. صوفي طريقي جو بزرگ هو. سنڌ جي مشهور معروف شاعر سچل فقير جو ڏاڏو هو. 1192هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.
[b]10.مخدوم دين محمد سيوهاڻي :
[/b] سيوهڻ جي شهر جو هڪ وڏو عالم، صوفي ۽ سهروردي طريقي جو بزرگ هو. هي صاحب شرعي فيصلن جو ايڏو ماهر هو، جوميان نور محمد ڪلهوڙو به شرعي معاملن ۾ کانئن مشورو وٺندو هو.
[b]11.سيد محمد بقا لڪياري :
[/b] سيد محمد راشد روضي ڌڻي سندس فرزند هو، جو سڀني راشدي سيدن جو ڏاڏو هو جنهن جا سنڌ ۾ لکها مريد ٿيا. پير پاڳارو ۽ جھنڊي وارو ان جي اولاد مان آهن. شاهه صاحب سان واٽ ويندي ملاقات ٿي هيس. نهايت سادي زندگي بسر ڪندو هو. سندس مزار قبرستان شيخ طيب ۾ آهي. 1192هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.
[b]12.مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي :
[/b] هي صاحب ڳوٺ گروهڙ تعلقو کپرو جو ويٺل هو. ذات جو مڱريو هو. وڏو مجذوب، عالم، مناظري ۽ مباحثي جو ماهر هو. مخدوم محمد زمان لنواريءَ جي مکيه خليفن مان هو. نقشبندي طريقي جو هو. 1192هجري ۾ شهيد ٿيو.
[b]13.مدن ڀڳت :
[/b] هي هڪ هندو درويش هو ۽ شاعر به هو. شاهه صاحب سان خاص رستو هوس. سندس شاهه صاحب سان رهاڻين ۽ ملاقاتن جا قصا گھڻا مشهور آهن. هو، سندس ڳوٺ جو ويٺل هو.سندس ڪجھ ڪلام سنڌ جا قديم هندو ڀڳت شاهه صاحب جي ڪلام سان گڏ ڳائيندا هئا.
ازانسواءِ شاهه صاحب ڪيترن ئي هندو فقيرن جي صحبت مان مستفيد ٿيو. جهڙوڪ، جوڳي، ويراڳي، آڌوتي، ڪاپڙي، سامي، سنياسي ۽ نانگا وغيره . ساڻن گڏجي پاڻ سندن مندرن ۽ تيرٿ ياترائن جا سير ڪيائين ۽ سندن متن، طريقن، سرمن ۽ رواجن مان بخوبي واقف ٿيو. غالباً متفرقا هندو ويدانيت جو خاص اڀياس ڪيائين. شاهه صاحب جي گڏ ڪيل ڪلام سان گڏ سندس رسالي ۾ ڪيترن ئي هندو فقيرن جا بيت بيراڳ هنديءَ جي سُر ۾ ڏنل آهن. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اهڙي قسم جا بيت ۽ ڪلام سندس مجلس ۾ عام طرح ڳايا ويندا ها، جنهن ڪري اهي شاهه صاحب جي ڪلام سان گڏجي ويا آهن.
شايد نوجوانيءَ ۾ سنڌ ۾ جدا جدا طرفن ۾ سير ڪيا هئائون. اتر طرف رياست بهاولپور مان لنگهي ملتان تائين ويل ٿو ڏسجي. هڪ دفعي شاهه عبدالڪريم جي قبي لاءَ اتان ٻيڙين رستي ڪاشيءَ جون سرون به آنديون هئائون. الهندي طرف ڏسجي ٿو ته لس ٻيلي ۾ هنگلاج ويل هو. ڏکڻ طرف سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي ابراهيم حيدري، ريڙهي، کارو ڇاڻ، پوربندر ۽ ڪڇ ڀڄ جا ڪي حصا ڏٺل ٿا ڏسجنس. ابراهيم حيدري، ريڙهي، کارو ڇاڻ طرف شاهه عبدالڪريم ۽ سندس سلسلي جا مريد هئڻ انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ڏين ٿا. ڪڇ رياستن جي رهاڪن جي رسمن، رواجن ۽ قديم روايتن کي رسالي ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جنهن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته کيس ان ملڪ جو به چڱو اڀياس آهي. سُر سريراڳ ۽ سامونڊيءَ مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته شايد سمنڊ جي ڪناري واري ملڪن ۽ ماڻهن سان به ڪجھ وقت گذاريو اٿس.
شاهه صاحب ڪاٺياواڙ جي علائقي ۾ به ويل ٿو ڏسجي. جھونا ڳڙهه جي سير وقت راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل چارڻ جو حال احوال معلوم ڪري انهيءَ کي پنهنجي ڪلام ۾ آندو اٿس جو ڄڻ ته اتان ويهي ڪلام پيو چوي. شاهه صاحب کي جيسلمير سان به دلچسپي رهي آهي جو چوي ٿو ته :
جيسلمير ائين جس، جي الله ڪارڻ لنڊيون.
شڪارپور جي طرف نوشهري، ابڙي ۽ ترائي ابڙي جي پاسي ۾ ويل آهي جو اتي شاهه صاحب جا اوتارا آهن. چوڻ ۾ اچي ٿو ته شاهه صاحب اتي اچي رهيو هو.
درياهه جي ڀر ۾ رهڻ ڪري مينهن، ڪانهن، درياهه جي ڪنن ۽ بيتن جو ذڪر سهڻيءَ جي سُر ۾ چڱي طرح بيان ڪري سگھيو آهي. زندگيءَ جو اول حصو سير سف، ملاقاتن ۽ صحبتن ۾ گذارڻ ڪري هن ملڪ جي ماڻهن جي حالات کان پوري طرح واقفيت حاصل ڪئي. سنڌين جي خانهء بدوش زندگي، دهقاني عادتن ۽ سادگيءَ جو مٿس خاصو اثر ٿو ڏسجي. سنڌ جي زميندار، مولوين، پيرن ۽ حاڪمن جي صحبت مان خوش نه ٿيڻ ڪري هن گھڻو ڪير عوام سان لاڳاپو ۽ تعلق رکيو. تصوف جي علم جو مٿس گھڻو اثر پيو. حياتيءَ جا آخري ڏينهن، ڏهاڪو کن سال هو ڀٽ تي آستان ٺاهي ويٺو ۽ پنهنجي صحبتين ۽ فقيرن سان گڏ پنهنجي حاصل ٿيل معلومات مطابق زندگي گذارڻ لڳو. انهيءَ وچ۾ ڪافي ڪلام چئي چڪو هو. سو پنهنجي مجلس ۾ راڳ جي صورت ۾ چوائڻ شروع ڪيائين. راڳ سرود سان ڳائڻ جو، مذهبي مخالف هوندي به دستور وڌائين. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اول سندس ڪلام به سنڌ جي ٻين بزرگن جي طرز تي ڳايو ويندو هو جو ڏوهيڙن ۽ لوڙائو جو نمونو هو. مخدوم نوح ، غوث بهاوالحق ، پير پٺو وغيره درويشن جا ڪلام ڪم و بيش انهيءَ طريقي تي ڳايا ويندا ها. سنڌ ۾ بيت، وايون ۽ گيت، نڙ، دلي،يڪتاري يا دهل تي ڳايا ويندا هئا يا سماع ۾ چيا ويندا هئا. ليڪن شاهه صاحب وٽ دهليءَ جي ٻن گوين اٽل فقير ۽ چنچل فقير نالي اچڻ بعد سندس راڳ هندوستاني طريقي راڳ مطابق پهريون دفعو تنبوري تي ڳائڻ جو رواج پيو.
شاهه صاحب کان اڳ ۾ ڪيترائي شاعر سنڌ ۾ ٿي گذريا آهن ۽ پوءِ به گھڻا ٿيا آهن پر شاهه صاحب پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندس مرتبو دنيا جي مکيه شاعرن سان شمار ڪري سگھجي ٿو. جهڙي طرح امراءُالقيس، قبل اسلام عرب جو وڏو قومي شاعر هو ۽ فردوسي ايرانين جو، ۽ شيڪسپيئر انگلنڊ جو، اهڙي طرح شاهه کي بجا طور تي سنڌ جو قومي شاعر سڏي سگھجي ٿو. ڇو ته شاهه صاحب کي سنڌ جي شاعرن ۾ خاص فوقيت حاصل آهي.
هي جو چوڻ ۾ اچي ٿو ته شاهه صاحب اڻ پڙهيل هو سو پوريءَ طرح صحيح نه آهي چوڻ ۾ اچي ٿو ته هو سفر ۽ حضر ۾ هميشه پاڻ سان گڏ قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو رکندو هو. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ان وقت جي علم مان چڱيءَ ريت واقف هو. البت سنديافته عالم نه هئڻ ڪري هن کي علمي ماهرن ۾ شمار نه ٿو ڪري سگھجي. سندس ڪلام ۽ خيالات مان سندس مختلف ذريعن سان حاصل ڪيل معلومات جو پتو پئجي سگھي ٿو. سندس وفات به عين جذب جي حالت ۾ ٿي. چيو وڃي ٿو ته هڪ دفعو وٽن راڳ ٿي رهيو هو. جڏهن مجلس متي، تڏهن مٿس اچي جذب ۽ وجد طاري ٿيو. عين انهيءَ وقت سندس روح پرواز ڪري راهه رباني ورتي. سندس انتقال جي تاريخ 14صفر 1165هجري بمطابق 1752ع آهي. سندس مزار ڀٽ جي ڳوٺ ۾هالن جي شهر کان 4ڪلوميٽر پري اوڀر ۾ آهي. سندس مقبرو غلام شاهه ڪلهوڙي ٺهرايو. کانئن پوءِ سندن ڀائٽي جو پُٽ سيد جمال، سجاده نشين، ٿيو، اول ۾ گاديءَ تي تڪرار هو، پر آخر ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي فيصلي مطابق سيد جمال، سجاده نشين ٿيو. هن وقت سندس اولاد مان غلام شبير شاهه ولد سيد پير شاهه ڏنو شاهه سجاده نشين آهي. پير شاهه ڏنو شاهه فقيرتن ۽ درويش صفت بزرگ هو. سندس درگاهه تي هر جمع رات تي راڳ ٿيندو آهي ۽ هر سال تاريخ 14،15صفر جي ميلو لڳندو آهي. سندس سلسله طريقت جا مريد ۽ معتقد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهن.