3. سنڌ جي اندر ٻاهر وارن سياسي ۽ مذهبي نظرين جو سنڌ تي اثر
جن ٽن سياسي نظرين جو اثر هو سي هيٺيان هئا.
1. سنڌ جي جدا قوميت، خودارادي، سياسي اقتدار ۽ ترقيءَ جو نظريو.
2. هندوستان جي متحده قوميت، اقتدار ۽ ترقيءَ جو نظريو.
3. مسلمانن جي جدا قوميت، مذهبي نظام، اقتدار ۽ ترقيءَ جو نظريو.
[b]1. سنڌ جي جدا قوميت، خودارادي، سياسي اقتدار ۽ ترقيءَ جو نظريو.
[/b]
انهن خيالن جا ماڻهو ته سنڌ ۾ گھڻي وقت کان پي رهيا:
اهو انهيءَجذبي جو ئي اثر هو، جو سنڌ جي حاڪم دودي سومري سڄي قوم سوڌو دهليءَ جي حاڪمن جي برخلاف لڙي فنا ٿيڻ قبول ڪيو، ليڪن آڻ نه مڃي، جيتوڻيڪ اندروني اختلاف هوندي دهليءَ جي حاڪمن جي زبردست طاقت جي اڳيان هو سٽ جھلي ڪين سگھيو، ته به سنڌ جي سرزمين تي پنهنجي بهادريءَ ۽ حب الوطنيءَ جو اهڙو غير فاني مثال ڇڏي ويو، جو اڃان تائين ڳوٺن ۾ سندس ڪهاڻيون ڀٽ ۽ مڱڻهار ڳائيندا وتن ٿا.
سومرن کان پوءِ سنڌ سمن جي هٿن ۾ آئي، جي پنهنجي ابتدائي دور ۾ دهليءَ جي حاڪمن جي اثر هيٺ هئا، پر هو آهستي آهستي سندن آخري حاڪم جي حڪمراني ۾ اندروني آزادي حاصل ڪري چڪا هئا. انهيءَ دور ۾ سنڌ اندر علم، هنر ۽ سلامتيءَ جي واڌاري ڪري سنڌين ۾ سنڌي زبان، تهذيب تمدن جي ترقيءَ ۽ سياسي آزاديءَ جو جذبو پيدا ٿي چڪا هئا.
ڄام نظام الدين جي عام ۾ شهرت ۽ مقبوليت جو وجھ وٺي، سندس وزير دريا خان سنڌ جي قومي تحريڪ جي سرپرستي ڪئي. مخدوم بلاول جهڙي زبردست عالم ۽ پير طريقت سندس ٻن خليفن سيد حيدرعلي ۽ مخدوم ساهڙ (جنهن جو شاهه رڪن الدين جي معرفت مٽياري ساداتن تي اثر پيو) سميت انهيءَ تحريڪ جي واڌاري لاءِ خاص دلچسپي ورتي سندن ساري تحريڪ جو بنياد هيٺين مکيه ڳالهين تي هيو.
1) کين تاريخ اسلام جي مطالع ۽ ذاتي تجربي مان بخوبي معلوم ٿي چڪو هو ته، ملڪ جي حاڪمن جي سياست هميشه خودغرضي ۽ طبقاتي مفاد جي بنياد تي پي هلي آهي.
عوام جي اڪثريت کي ڪڏهن به ان مان فائدو نه پهتو آهي. تنهن ڪري عام ماڻهن هميشه حڪومت کي ناپسنديده نگاهن سان پي ڏٺو آهي. اسلام جي واڌاري ۽ ساري انسانذات جي سڌاري جهڙا وڏا مقصد، حاڪمن جي حڪومت جي ذريعي حاصل ڪرڻ خام خيال هو. اهو ڪم بهتر نموني تي درويش ۽ عالمن جي تزڪيه نفس ۽ اخلاقن جي درستيءَ واري تعليم ذريعي زياده آسانيءَ سان حاصل ٿي سگھندو، ان ڪري هنن سياست کي مذهب کان الڳ رکڻ مناسب ٿي سمجھيو.
2) سنڌ جي زبان، تهذيب، تمدن ۽ سياسي آزاديءَ جي حفاظت ۽ بچاءَ لاءِ اهو امر نهايت ضروري هيو ته، سنڌ جي جملي باشندن جي بنا تميز مذهب جي، انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ، همدردي ۽ مدد ورتي وڃي، تنهنڪري سنڌ جي رهاڪن کي هڪ قوم ڪري شمار ڪرڻ ضروري هيو.
3) هر اها سياسي تحريڪ جا مذهب جي نالي ۾ هلائي ويندي، خصوصاً ان وقت مخدوم محمد ميران جونپوري جي هلايل ”مهدوي“ هلچل جا ڪم و بيش اڄڪلهه جي پئن اسلام ازم جي تحريڪ جا جزا پاڻ ۾ رکندڙ هئي، سا سندس نظر ۾ سنڌي مفاد لاءِ نقصانڪار هئي. ان ڪري اسلام جي نالي ۾ هوشيار طاقتور مسلمان حاڪمن، قومن ۽ تهذيب جو تسلط ۽ اقتدار سنڌ تي قائم ٿيڻ جو امڪان هو.
[b]2. هندوستان جي متحد قوميت جو نظريو.
[/b]
هندوستان ۾ آيل مسلمان درويش ۽ بزرگ ابتدا کان وٺي ٻن راين ۽ گروهن ۾ ورهايل هئا.
[b]هڪڙا[/b] : مذهب ۽ سياست کي اسلام جي اصولن موجب ڌار شي نه سمجهي، انسان ذات جي ترقيءَ ۽ فلاح شريعت اسلام جي ذريعي حاصل ٿيڻ ۾ اعتماد رکندا هئا، تنهنڪري شريعتي حڪومت جي لاڳو ڪرڻ جا حامي هئا.
[b]ٻيا [/b]: مذهب کي سياست سان گڏ هلائڻ جي پاليسيءَ کي اسلامي تاريخ ۾ ناڪامياب ٿيندو ڏسي ۽ ان مان جيڪي عوام کي نقصان پهتا هئا، انهن کي مد نظر رکي مسلمانن جي مذهبي اعتقادات کي سياست کان الڳ رکڻ جي فائدي ۾ هئا. انهن کي معلوم هو ته خود خلفاءِراشدين جي تسليم شده بهترين دور حڪومت ۾ اندروني اختلافن ڪري ئي خليفا قتل ٿيا. ڪربلا جو واقعو انهيءَ پاليسيءَ جو نتيجو هو، بني امين ۽ بني عباسين جا باهمي جھڳڙا، خونريزيون ۽ عربن جون ٻيون خانهءجنگيون انهيءَ پاليسيءَ جي غير مفيد هئڻ جي لاءِ ڪافي دليل هيون.
ازانسواءِ خود اسلام جي تخيل نسبت مسلمانن ۾ اختلاف پيدا ٿي چڪو هو. انهن مان ڪي ان راءِ جا هئا ته اسلام جي اصل مقصد يعني انسانذات جي ترقي ۽ فلاح حاصل ئي ٿي ڪين سگھندو جيسيتائين ان کي منظم دين ڪري، هڪ جدا گانه ملت جي آئين (جوڙ جڪ) طور نه هلايو ويو آهي. انهن جي نظر ۾ مسلمان هڪ چونڊيل قوم هئا ۽ اسلام انهن جي رهبريءَ جو قانون هيو.
ٻين جي راءِ موجب اسلام دين فطرت، دنيا جي سڀني مذهبن جو نچوڙ ۽ انسانذات جي لاءِ بنا ڪنهن تميز ملڪ، نسل، قوم، لباس، زبان ۽ مذهب جي هڪ بهترين لاحيه(دستور) عمل ۽ طريقه زندگي هو. ان ۾ تنگ خيال ۽ تعصب کي ڪا جاءِ نه هئي. اسلام جي دائري کي ڪنهن گروهه يا فرقي ۾ محدود ڪرڻ سندس بنيادي اصولن جي برخلاف هو.
انهن ”فاينما تولوافثم وجھ الله“ جي مطابق هر هڪ انهيءَ بنيادي حق (اسلام) جا ترورا ڏٺا ٿي. تنهنڪري مسئلهء وحدت الوجود جي ماتحت عملي سياست کان علحدو ٿي حق بلند ڪرڻ لڳا.
خواجه معين الدين اجميري انهيءَ گروهه جي مکيه ڪارڪنن مان هو. اڪبر بادشاهه انهيءَ گروهه جي اثر هيٺ اچي هندوستان جي متحده قوميت جي نظريه کي، ڪن بنيادي اصولن جي ماتحت عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. سندس ساري تجويز جو نچوڙ هيٺيون ٿي سگھي ٿو.
1) جنهن صورت ۾ دنيا جي اڪثر مذهبن جي بنيادي اصولن پٽاندڙ هندوستان جي رهاڪن کي هڪ ٻئي جي نزديڪ آڻي هڪڙيءَ ڏوريءَ ۾ پوئي، متحده قوم بنائڻ ضروري هو، هن جي خيال موجب خود اسلام به انهيءَ مقصد جي لاءِ آيو هو. الله کي مڃڻ، سڀني پيغمبرن ۽ ان جي ڪتابن تي بنا ڪنهن فرق جي ويساهه آڻڻ، حيات بعدالممات (موت کان پوءِ جي حياتي) جزاءِاعمال (ڪيل عملن جو ڦل) چڱن ۽ نيڪ ڪمن ۾ اعتبار ڪرڻ، ماڻهن جي وچ۾ سياسي، اقتصادي ۽ معاشرتي عدل ۽ انصاف قائم ڪرڻ اسلام جا بنيادي مقصد هئا. انهن مان ڪابه ڳالهه اتحاد، هند کان روڪيندڙ نه هئي.
2) هنن جي راءِ اها هئي ته جيڪڏهن اسلام کي منظم دين ۽ مسلمانن کي هڪ جداگانه ملت جي صورت ۾ قائم رکيو ويندو ته هن جو عالمگير ۽ بين الاقوامي جذبو ۽ ڪشش فنا ٿي ويندي، ۽ هو هڪ فرقي جي محدود دائري ۾ بند ٿي ويندو. هندوستان جهڙي ملڪ ۾ جتي گھڻو تعداد غير مسلمن جو هو، اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ جي ڪري خود اسلامي مقصدن جي تبليغ، فروغ ۽ ترقيءَ ۾ رنڊڪ پئجي ويندي، سندن خيال ه۾ فصل (جدائي)کان وڌيڪ وصل (ميلاپ) جي ذريعي گھڻو فائدو حاصل ٿيڻ وارو هو.
3) هنن جي راءِ موجب مذهب ۽ سياست کي گڏي هلائڻ ملڪ جي ۽ ماڻهن کي فائدي بدران نقصان پهچائيندو. هڪ طرف سياست ملن مولوين جي تعصبن، ذاتي ڪاوشن(دشمنين) خودغرضين ۽ اختلاف راءِ جو آکاڙو بڻجي پوندي، ته ٻئي طرف وري مذهب انسانن ۾ محبت جي بدران، زور ۽ زبردستي بغض ۽ عداد پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪتب آندو ويندو. ان کي اهل سياست جي، ذاتي ۽ طبقاتي مفاد لاءِ اوزار ڪري ڪتب آڻڻ جو انديشو رهندو. جنهن جي رد عمل ڪري مذهب جو نالو بدنام ٿيندو ۽ سندس جاذبيت جو مادو گھٽ ٿيندو.
4) حڪومت عوام جي ڀلي لاءِ هئڻ گھرجي، نه ڪي خاص طبقي، گروهه يا قوم جي مفاد جي لاءِ، جيئن ته غير مسلمان هندوستان ۾ گھڻا هئا، ان حالت ۾ حڪومت کي صرف مسلمانن جي قبضي هيٺ هلائڻ، حاڪم ۽ محڪوم جو فرق رکڻ انصاف، عدل ۽ اسلامي اصولن جي عين برخلافي هئي. تنهنڪري هنن آئين اڪبري ٺاهي، حڪومت ۾ هندو مسلمانن کي شريڪ ڪري ڪاروبار هلائڻ پسند ڪيو.
سنڌ ۾ مغلن جا گورنر، انهن جا همدرد ۽ صوفي حضرات ان نظرئي جا پوئلڳ هئا.
[b]3. مسلمانن جي جداگانه قوميت جو نظريو
[/b]
جيئن مٿي ڏيکاري آيو آهيان، انهيءَ نظرئي کي مڃڻ وارن جو به ابتدا کان وٺي، هندوستان خواه سنڌ ۾ هڪ گروهه رهندو پي آيو آهي. خلافت جو قيام، مهدين ۽ مجددن جو پيدا ٿيڻ، شريعتي حڪومت ۾ غلبه اسلام آڻڻ جون تجويزون، جهاد جا جذبا ۽ موجوده زماني جو پئن ـ اسلام ازم سڀ هڪ سلسلهء زنجير جون جدا جدا ڪڙيون آهن. جهڙيءَ طرح سان متحده قوميت جي نظرئي، خاص طرح شهنشاهه اڪبر جي ڏينهن ۾ زور ورتو، اهڙيءَ طرح مسلمانن جي جدا قوميت جي نظرئي اورنگزيب جي ڏينهن ۾ زور ورتو. انهيءَ وقت ڌاري سنڌ جي سياست تي مخدوم ميران جونپوريءَ جي مهدوي تحريڪ (جنهن ارغونن ۽ ڪلهوڙن تي ڪافي اثر ڪي) ۽ اورنگزيبي سياست جو اثر پيو. تنهنڪري بهتر ائين ٿيندو ته اول مهدوي تحريڪ، جنهن جو روح روان سنڌ ۾ شاهه بيگ ارغون جي ڏينهن ۾ قاضي قاضن هڳ، جو مختصر احوال پيش ڪجي.
[b](الف) مهدوي تحريڪ
[/b]
هن تحريڪ جو باني سيد محمد ميران جونپوري هو. جيڪو جونپوري جي شهر ۾ 842 هجريءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ افغانستان جي ڳوٺ ”فراه“ ۾ سنه 911 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. سيد صاحب زهد، تقوى ۽ درويشيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن صاحب ستن سالن تائين لاڳيتو ورد ۽ وضائف ڪيا، روزه رکيا ۽ هڪ گوشه نشين زاهد جي زندگي گذاري، انهيءَ عرصي دوران چيو وڃي ٿو ته، کيس هڪ غيبي آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته ”انت مهدي“ اول ۾ هن آواز کي ڪا اهميت ڪانه ڏني، ليڪن جڏهن اهو آواز مسلسل ڪيترن ورهين تائين، سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳو، تڏهن هن کي يقين ٿي ويو ۽ پاڻ کي مهدي ڪوٺائڻ لڳو.
هي نائين صدي هجري وارو زمانو هندوستان اندر سخت بدامني طوائق الموڪي جو هو. روز بادشاهيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون هيون. اهڙي ڪابه مرڪزي حڪومت باقي نه رهي هئي، جا هندوستان جي اندر مسلمانن جو شيرازو درست ڪري، دستور شريعت جاري ڪري سگھي. حق تي هلندڙ عالم دين گھٽ هئا. جاهل پيرن جي عمل جي ڪري مسلمانن ۾ گمراهي ڦهلجڻ لڳي هئي. هي حال ڏسي سيد صاحب شريعت جي زنده ڪرڻ ۽ چڱن عملن جي ڪرڻ سمجھو ۽ خلق خدا کي سنئين راهه تي آڻڻ ۽ مسلمانن کي نظام شريعت مطابق هلائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي، هن جي صداقت ۽ قلب پاڪائي هن جي آواز ۾ اهڙو ته اثر رکيو هو، جو ٿوري عرصي ۾ هزارها ماڻهو سندس معتقد ٿيا ۽ خود ڪيترن ئي ملڪن جا والي به سندس مريدي جي دائري ۾ داخل ٿي ويا. سندس مريدن جا طرز طريقا عاشقانا ۽ والهانا انداز جا هئا. جنهن ڪري امير ۽ فقير، اعلى ۽ ادنى سڀ هڪ صداقت مندي جي رسيءَ ۾ پوئجي هڪ ٿي ويا. انهيءَ تحريڪ جا مکيه اصول هيٺيان هئا.
[b]1) هجرت ڪرڻ
[/b] سندن چوڻ هو ته جيسيتائين ماڻهو قيدي وطن کان آزاد ٿي، گھر ٻار جو اسانگو لاهي لڳ لاڳاپا ڇڏي، جماعت ۾ داخل نه ٿيو آهي، ان وقت تائين منجهس ڪا وڏي اميد رکڻ اجائي آهي. ان ڪري ان راهه ۾ ترڪ وطن ضروري هو.
[b]2) ترڪ مال
[/b] سندس رايو هيو ته ٻي وڏي رنڊڪ انسان جي راهه ۾ کيس اعلى ارادن ۽ ڪمن کان روڪڻ لاءِ مال ۽ ملڪيت جي محبت هئي، ۽ سندس تحريڪ جي حلقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ، اهو به ضروري هو ته، هو پنهنجن ملڪيت ميمبران تحريڪ جي حوالي ڪري ته اهي ان کي تحريڪ جي راهه ۾ خرچ ڪن.
[b]3) جان جي قرباني
[/b] ان تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو به ضروري شرط هو، ته لاڳاپا لاهي، خوف خطرا ڦٽا ڪري سر تريءَ تي رکي، مخالفن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃڻو هو. سندس اهو عقيدو هو ته نظام شريعت قائم ڪرڻ جي لاءِ طاقت جو هٿ ۾ هئڻ ضروري آهي. ان لاءِ زوري زبردستي ۽ تلوار استعمال ڪرڻ کان نه ڪيٻائڻو آهي.
رواجي طرح لفظ مهدي جي معنى ”هدايت حاصل ٿيل“ آهي، ۽ انهيءَ نقطه نگاهه کان، هر مذهبي رهبر پاڻ کي انهيءَ نالي سان سڏائي سگهي ٿو. ليڪن مهدي جي نالي سان حديثن ۽ روايتن مطابق، خاص معنى ۽ مطلب ڪڍيا ويا آهن. جهڙوڪ عيسائين ۽ يهودين سان جنگ، اسلام کي نئين سر زنده ڪرڻ(اسلام لاءِ جهاد) ڪعبي جي لڪل خزانن کي هٿ ڪرڻ ۽ ورهائڻ وغيره. انهيءَ ڪري مسلمان انهيءَ نالي کي رواجي طرح ڪتب آڻڻ جي برخلاف پي رهيا آهن ۽ انهيءَ سبب ڪري عام مسلمانن ۽ عالمن ۾ سيد صاحب جي مخالفت وڌي ويئي. ان کان سواءِ سندن مريدن ۽ پوئلڳن زيادتين کان ڪم وٺي، کيس مهدي آخرالزمان سان تشبيهه ڏيڻ شروع ڪئي. مجدد ۽ مهدي اسلام جا نئين سر زنده ڪندڙ، رهبر پي تسليم ڪيا ويا آهن. سمجھيو ويندو آهي ته مجدد، هڪ هزار سال گذرڻ بعد جڏهن مسلمان مذهب کي وساري ڇڏيندا آهن ۽ مذهب ۾ ڪيئي بدعتون پئجي وينديو آهن، تڏهن مهدي پيدا ٿيندو آهي. ليڪن مهدي ڪم و بيش ساڳين مقصدن لاءِ، صرف هڪ دفعو پيدا ٿيڻ وارو آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ دعواى سان اڄ تائين ڪيئي ماڻهو پيدا ٿي چڪا آهن. اهي تحريڪون موجوده زماني جي زبان ۾ پئن ـ اسلام ازم جي تحريڪ سان تشبيهه رکيندڙ ۽ هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون هيون، جن جو مکيه مقصد اهو پي رهيو آهي، ته مسلمانن کي منظم ڪري دنيا تي اسلام جو غلبو آڻجي.
[b](ب) اورنگزيبي سياست
[/b]
مٿي ڏيکاري آيو آهيان ته، مهدي تحريڪ کان سواءِ سنڌ تي اورنگزيبي سياست جو وڏو اثر پيو، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته ان سياست جا بنيادي اصول بيان ڪيا وڃن، جن جي آڌار تي ان کي قائم ڪيو ويو هو.
1. هنن جو چوڻ هو ته، جنهن صورت ۾ پيغمبر اسلام آخري نبي ۽ سندس مذهب مڪمل دين آهي، تنهن صورت ۾ انسان ذات جي فلاح، بهبودي ۽ نجات صرف انهيءَ دين وسيلي ئي حاصل ٿي سگھندي. اهو مقصد تڏهن ئي حاصل ٿي سگهندو جڏهن انهن جي پوئلڳن کي خلافت يا اسلامي حڪومت جي ذريعي منظم ڪري غلبه اسلام آندو ويندو. انهيءَ قوم جي رهبري لاءِ آئين قرآن شريف جي بنياد تي هئڻ گھرجي ۽ ان جي سمجهاڻيءَ لاءِ سنت نبوي ڪافي آهي. تنهنڪري سياست کي مذهب کان ڌار نه ڪري سگهبو.
2. انهيءَ دين جي مڃيندڙ يا پوئلڳن کي دنيا جي ٻين قومن کان جدا نسل، زبان، رنگ ۽ جاگرافي جي اختلافن جي ويڇي بنا، اعتقادن تي، هڪ ڌار قوم يا ملت ڪري رکڻو آهي. انهيءَ قوم يا موجوده زماني جي زبان ۾ ”پارٽي“ جي تنظيم، اصلاح ۽ ترقيءَ ۾ دنيا جي تعمير ۽ ترقيءَ جو راز سمايل آهي. تنهنڪري قومن جي اڳواڻي، رهبري ۽ حڪومت جو حق صرف انهيءَ کي ئي آهي ۽ ٻي ڪنهن قوم يا جماعت کي ملڪي معاملن ۾ دخل اندازي يا شموليت جو حق نه هئڻ گھرجي. اهو نظريو فسطائيت جا جزا رکندڙ هو.
3. سندن نظر ۾ اسلام جا عالمگير اصول، عملي دنيا ۾ ڪا خاص صورت اختيار ڪري ڪين سگھندا، جيستائين انهن جي فروعات تي گھڻو توجھ نه ڏنو ويو آهي. جهڙي طرح ڪنهن به ملڪ جو آئين (ڪانسٽيٽيوشن) تڏهن ڪارگر سگھندو
آهي، جڏهن ديواني ۽ فوجداري ڪاروبار هلائڻ لاءِ قاعدا قانون ٺاهي، ان تي عمل ڪيو ويندو آهي. تنهن ڪري فروعات دين يعني شرعي قانون تي توجھ ڏيڻ ازحد ضروري آهي. انهن جي ئي ذريعي اصول دين جي حفاظت ٿي سگھي ٿي ۽ مسلمانن جي ترقي ٿيندي.
4.سندن رايو هو ته، جنهن صورت ۾ اسلام مڪمل دين آهي ۽ ان جا پوئلڳ جدا قوم ۽ هڪ خاص نصب العين جا مالڪ نه آهن ته ان حالت انهن لاءِ، آئين به خاص ۽ جدا هئڻ ضروري آهي، انساني عقل خام ۽ اڻپورو آهي، انهيءَ ڪري اهڙي خاص قوم جي لاءِ آئيني جوڙجڪ سواءِ الهامي ڪتاب جي، جو قرآن جي صورت ۾، انساني هدايت لاءِ آخري سند ٿي آيل آهي، ٻيو ڪوبه ٿي نه ٿو سگھي. اسلامي حڪومت جي رهبري لاءِ قرآن شريف ، سنت نبوي، روايات خلفاءِراشدين، مذهب ائمه سنت ۾ ڪافي مواد ۽ ذخيرو موجود آهي. تنهنڪري ڪنهن به قومي آئين ٺاهڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي.
مختصر طور اورنگزيب جي ڏينهن ۾ اهي مسلمان جي جداگانه قومي نظرئي يا بنيادي اصول هئا
کهڙن واري ميان عبدالرحمان بزرگ جا قتل به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي هئا.
آءٌ سمجهان ٿو ته، سنڌ اندر يا ٻاهر سياسي ۽ مذهبي نظرين جو بيان غير مڪمل رهجي ويندو جيڪڏهن آءٌ ٻن مکيه مسئلن، جن اسانجي سنڌي سياست تي گھڻو اثر ڪيو آهي، تن جي مختصر سمجھاڻي پيش نه ڪندس.
1. مسئلهء وحدت الوجود
2. مسئلهء وحدت الشهود
[b]1.مسئلهء وحدت الوجود
[/b]
مسلمانن ۾ انهيءَ نظرئي جو باني شيخ محي الدين محمد بن علي عرف ابن العربي هو. کيس شيخ الاڪبر به ڪري سڏيندا هئا. هو ڏکڻ اسپين ۾ مورثيا جي شهر ۾ 560هجريءَ مطابق 1164ع ۾ ڄائو هو ۽ حاتم طائي جي اولاد مان هو. هن 568هجريءَ ۾ پورچوگال جي موجوده گاديءِ واري شهر لزبن ۾ شيخ ابوبڪر بن خداف کان ابتدائي تعليم ورتي هئي. انهيءَ وقت اڀرندي اسپين جو گورنر سلطان محمد هو. ابن العربي ابتدائي تعليم وٺڻ کان پوءِ سيولي ويو، جتان ڪارڊووا ويو، ۽ اتي بيت المقدس مان ٿيندو، سير سفر ڪندو، اچي دمشق ۾ رهيو، جتي سنه 638هجري بمطابق 1240ع ۾ وفات ڪيائين.
جبل قاضيون تي، قاضي محي الدين زڪي جي ”مقام“ منجھ دفن ٿيل آهي. ستينءَ صديءَ جي شروع ۾ جنهن اسلامي تصوف وارن نظرين وحدت الوجود جو بنياد ابن العربي وڌو هو. شاهه صاحب جي زماني ۾ سنڌ اندر ان نظرئي جا گھڻائي اثر رسوخ وارا درويش ۽ بزرگ ڦاٿل هئي، بلڪ وحدت الوجود جا علمبردار هئا. خصوصاَ محمد معين ٺٽوي، شاهه ولي الله دهلوي جو شاگرد، شاهه عنايت صوفي جھوڪ وارو، صاحبڏنو فقير درازن وارو، جن سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جون ملاقاتون ٿيل هيون، ۽ سندس وڏو ڏاڏو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو خود وحدت الوجود جا قائل هئا. شاهه صاحب خود مثنوي مولانا روم پڙهندڙ هو، انهيءَ ۾ وحدت الوجود جو ذڪر هو.
نظرئي وحدت الوجود کي همه ’اوست‘ به سڏيندا آهن. جنهن جو مطلب آهي ته جملي هستيءَ جو حقيقي بنياد ”هستي مطلق“ يا ”وجود ڪل“ آهي. اهو ”وجود ڪل“ ئي الله آهي ۽ ان کان سواءِ ڪابه چيز عالم ۾ موجود نه آهي، جملي ڪائنات سندس پرٿويءَ جو مظهر يا عڪس آهي. جنهن شيءِ کي ”عالم صفات“ ڪري سڏجي ٿو. ان کي ڪا جدا هستي نه آهي.
جيئن ماڻهوءَ جو آئيني تي عڪس يا ڌرتيءَ تي پاڇولي يا سڏ جو پڙاڏو، ڪا جدا حيثيت ڪانه رکن ٿا، ان وانگر صفات پڻ بس ڪا جدا حيثيت نه ٿا رکن، بلڪ ذات حقيقي تي مدار رکندڙ ۽ عڪس مثل آهي. انهيءَ مسئلي جي فلسفيانه يا صوفيانه پهلوءَ جو بيان ڪرڻ اسان جي هن ڪتاب جو مقصد نه آهي، انڪري انکي ڇڏي هتي صرف هي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته انهيءَ نظرئي جو اثر ملڪي سياست تي ڪهڙو ٿو پوي. جنهن صورت ۾ ان نظرئي مطابق وجود ڪل شيءِ جو هڪ ئي آهي، انڪري انجي مڃيندڙن جي رهبر پاليسي محبت ۽ ميلاپ رهي ٿي، ۽ نه نفرت نفاق. اهو فلسفهء ”عالم ڪثرت“ جي ظاهري اختلافن جي پويان، هڪ لڪل يڪ جووي جو راز کولي ظاهر ڪري ٿو.
اهو مذهب جي اختلافن، سچ ۽ ڪوڙ، سزا ۽ جزا، نفع ۽ نقصان، گناهه ۽ ثواب وغيره جي ظاهري تفاوت تي هڪ اهڙي نموني جي روشني وجھي ٿو، جنهنڪري انهن جي صورت ئي بدلجي ٻي ٿيو وڃي. مذهبي حڪومت جي طرفدارن ڪٽر ملن ۽ مولوين هميشه ان کي خطري جي نگاهه سان ڏسي، ان جي مخالفت پي ڪئي آهي، اهو نظريو جيتوڻيڪ محبت ۽ ميلاپ، فراخدلي ۽ ترقي پسند خيالن جو پيدا ڪندڙ آهي، ليڪن هر شيءِ حد کان وڌي وڃڻ جي حالت ۾ صحيح طرح استعمال نه ڪرڻ ڪري، فائدي بدران نقصان ڪري ٿي. اهڙيءَ طرح سان هن نظرئي جي غلط استعمال جي ڪري دهريت، بت پرستي، لاديني، انرڪزم (يعني ڪنهن به پابنديءَ کي نه قبولڻ) پيدا ٿين ٿا.
جڏهن مذهب جا طرفدار مذهب جي نالي کي غلط طرح استعمال ڪن ٿا، ۽ انڪري گھڻا ظلم ۽ خرابيون پيدا ٿين ٿيون، تڏهن ان جي رد عمل ۾ وحدت الوجودي پيدا ٿين ٿا. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي، مذهب کي غلط نموني استعمال ڪرڻ جي ڪري، ان جي مخالفت ۾ هڪ اهڙو گروهه پيدا ٿي پيو، جو کليو کلايو مذهبي پابندين ۽ اعتقادن جي برخلافي ڪرڻ لڳو. انهيءَ وقت جي شاعرن جي ڪلام مان هيٺيان اقتباس ان جي ثابتي ڏين ٿا.
”جڏان منبر، مسجد، مناري ويران نه ٿيسين،
حال حقاني ميان سچو حاصل نه ٿيوي“
(سچل)
”هڪ هندو ٻيو مسلمان ٽيون وچ وڌئون وير
انڌن اوندهه نه لهيتن کي سچ چوندو ڪير“
(سچل)
”بهشت دلاسو، دوزخ دڙڪو
ڪوڙي سامي، تنهن جو ڪوڙو ڪڙڪو“
(شاهه نصير)
[b]2) مسئلهء وحدت الشهود
[/b]
هن جو ٻيو نالو ”همه از اوست“ جو نظريو آهي. هن مطابق توڙي جو جملي هستيءَ جو بنياد وجود ڪل (خدا) آهي، ليڪن پيدا ٿيڻ کان بعد عالم ناسوت (مادي دنيا) به پنهنجي هستي رکي ٿو.
هستي مطلق (خدا) پاڪ ۽ اعلى آهي. عالم صفات سان انکي تشبيهه ڏئي نه ٿي سگھجي. مادو پنهنجي دائري اثر هيٺ قادر آهي. انهيءَ مسئلي جي فلسفيانه باريڪ بينين کي ڇڏي آءٌ هتي ان جي سياست جي اثر جي باري بابت روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪندس. انهيءَ نظرئي جي ڪري هر شيءِ جا ٻه پهلو ٿين ٿا. هڪ طرف جي روح آهي ته ٻئي طرف مادو آهي. سچ آهي ته ڪوڙ به آهي. جي ثواب آهي ته گناهه به آهي. تنهنڪري نفعو ۽ نقصان. سزا ۽ جزا به لازمي شيون ٿيو پون. انڪري جماعت انسانيءَ کي انهيءَ گمراهيءَ مان ڪڍي راهه ثواب ۽ حق طرف هلائڻ جي لاءِ مذهبي شريعت ۽ جماعتي قاعدن ۽ قانونن جي ضرورت پوي ٿي. اهو فلسفو عالم وحدت جي يڪ وجودگيءَ جي باوجود عالم ڪثرت جي ظاهري اصولن کي هڪ حقيقت ڪري مڃيو وڃي ٿو. ان مطابق ”سو پرين سو پساهه“ ۽ سو ”ويري سو واهرو“ نه آهي. اتي محبت سان گڏ ڪلفت کي به جاءِ آهي. جيتوڻيڪ اهو نقطه نگاهه به هڪ حد تائين پنهنجي اندر ڪي خاصيتون رکي ٿو، مگر جي ان کي بنيادي طرح ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي ته اهو دوئي ڏي ڇڪيندڙ آهي. جيئن انسان اڪثر افراتفري جو شڪار پي رهيو آهي، تيئن هن نظرئي جو ملڪي سياست تي غلط نموني اثر پي پيو آهي، جنهن جي نتيجي ڪري ملڪ ۾ مذهبن جي اختلاف نسلي ۽ ملڪي امتيازات، فرقي بنديون، نفرت، تعصب قانون انڌاـ ڌنڌ مذهبي شريعتن جي تقليد. فسطائيت (ڊڪٽيٽرشپ) پي پيدا ٿيا آهن. آزاد راءِ جمهوريت ۽ وسيع النظري کي گھڻو نقصان پي پهتو آهي.
دنيا ۾ جڏهن شخصي آزاديءَ جو ايتري قدر ناجائز فائدو ورتو وڃي ٿو، جو جماعتي اخلاق ختم ٿيڻ کي اچيو ويجھوپئي ۽ ڇڙواڳي ايتري قدر زور وٺيووڃي، جو ساري اجتماعي زندگي پرزه پرزه ٿيو پوي ۽ جڏهن ڪشاده خياليءَ جي نالي ۾ مفاد عام جو خيال نه رکي، هر چيز کي جائز قرار ڏنو وڃي ٿو ته ان جي رد عمل ۾، مذهبي ڪٽر پڻو ۽ فسطائيت منهن ڪڍن ٿا، ۽ مذهب ۽ قوم جي نالي ۾ چند ماڻهو عجيب غريب ڪم ڪن ٿا.
شاهه صاحب جي زماني ۾، ڪلهوڙن جي مذهبي حڪومت انهيءِ نقطه نگاهه جي پيدائش هئي. شخصي اعتقادن يا راين جي اختلاف تي به حاڪم ڪاوڙجي ويندا هئا ۽ مذهب جي نالي ۾ مخالفن کي موت جي سزا تائين سزائون ڏنيون وينديون هيون. غير مسلمانن کي زوريءَ مسلمان ڪرائڻ هڪ دستور بڻجي ويو هو. مذهبي تعصب وڌي ويل هيو. مذهبي آزادي يا اعتقادي اختلاف برداشت نه ڪيا ويندا هئا. مذهب اسلام انجي بنيادي اصولن کان هيٺ لهي، فروعات ۽ فرقه بنديءَ جو شڪار بنجي پيو هو.
مسئلهء وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي هن مختصر سمجھاڻي پيش ڪرڻ بعد، آءٌ شاهه صاحب جي زماني ۾ اهل طريقت جي هيٺين مکيه طريقن يعني :
1) قادري
2) چشتي
3) سهروردي
4) نقشبندي
جو مختصر احوال پڙهندڙن جي معلومات لاءِ پيش ڪندس.
[b]1. قادري طريقو
[/b]
هن طريقي جو باني شيخ محي الدين ابو محمد عبدالقادر بن ابي صالح موسى جيلاني آهي، جو سنه 470 هجري مطابق سنه 1077ع ۾ ڄائو هو، ۽ سنه 561 هجري مطابق 1166ع ۾ وفات ڪئي هئائين. سندس مقبرو بغداد ۾ آهي، ۽ کيس عام طرح سان ”بادشاهه پير“ جي لقب سان سڏيو ويندو آهي. عنيةالطالبين، فتوح الغيب ۽ مجالس ستين، سندس مکيه تصنيفون آهن. جن ۾ قادري طريقي جو تفصيلي ذڪر آيل آهي. انهيءَ طريقي جا پوئلڳ اڪثر وحدت الوجودي آهن.
هي حسيني ساداتن مان هو ۽ عباسين جي حڪومت جي زماني ۾ پيدا ٿيو. ڪربلا جي واقعي کان وٺي بني اميه ۽ بني عباس حاڪم، بني فاطمين کي شڪي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ انهن تي سختيون ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته انهن مان کين سياسي خطرو هوندو هيو. ”بادشاهه پير“ پهريون ئي سادات هيو، جنهن مان بني عباس حاڪم راضي هئا. انهيءَ جو مکيه ڪارڻ اهو هو ته هي صاحب سياست کان عليحدو ٿي، ماڻهن جي تزڪيه نفس (اندر جي اجارڻ) ذريعي صلاحيت (سڌاري ڪرڻ) جو قائل بڻيو ۽ مذهب کي سياست کان عليحده رکڻ جي ڪوشش ڪيائين. سنڌ ۾ ان وقت عباسي حاڪمن جي حڪومت ختم ٿي چڪي هئي. ليڪن علمي ۽ روحاني لاڳاپا جاري ها. ان ڪري سنڌ ۾ قادري طريقي جو گھڻو اثر پيو.
سنڌ ۾ جيلاني پيرن کان سواءِ جي سڀ انهيءِ طريقي جا پوئلڳ آهن، ٻيا به ڪيترائي بزرگ انهيءِ طريقي سان واسطو رکندڙ آهن. راشدي خاندان. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو ۽ انڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ صوفي حضرات انهيءَ سلسلي سان واسطو رکندر هئا.
انهيءِ طريقي جون مکيه ڳالهيون هيٺيون آهن.
1) برن ڪمن جي ڪرڻ کان توبهه ڪري، اخلاقن کي درست ڪرڻ جي لاءِ، سچيءَ دل سان مرشد جي هٿ تي بعيت ڪرڻ.
2) اعمالن جي درستگيءَ سان گڏ تزڪيه نفس لاءِ عبادت ڪرڻ ۽ وڏي آواز سان الله جي نالي جو ذڪر ڪرڻ.
3) مسلمانن جي جماعتي نظام ۽ معاشرتي ترقي، پاڻ سڃاڻڻ، اندر اجارڻ، اخلاق درست ڪرڻ ۽ سلسلي طريقت جي ذريعي حاصل ٿي سگھندو، ۽ نه حڪومت جي دٻاءَ وسيلي. انهن ڳالهين جو سياست تي اهو اثر پوي ٿو ته، مخلص ڪارڪنن جو هڪ گروهه حڪومتي ڪاروبار کان عليحدو ٿي، ماڻهن کي اشرف المخلوقات جو صحيح نمونو بنائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. قادري طريقو عبادت ۽ رياضت طرف مائل ڪري سياسي مها ڄار کان علحدگي جا اثر پيدا ڪري ٿو.س
[b]2. چشتي طريقو
[/b]
هن طريقي جو باني خواح معين الدين محمد حسن چشتي هو، جو سنه 537 هجري مطابق 1142ع ۾ سجتان ۾ ڄائو، وڏي ٿيڻ بعد هن سمرقند ۾ وڃي دنياوي علم حاصل ڪيو. اتان هارون جي ڳوٺ ۾ اچي ڪري حضرت شيخ عثمان هاروني کان سلسلهء طريقت ۾ بيعت ڪري فيض ياب ٿيو. مرشد سان گڏ گھڻن شهرن جو سير ڪيائين. انهيءَ سير ۽ سياحت جي دوران هن بغداد ۾ شيخ نجم الدين ڪبرى ڪبروي طريقي جي شيخ، حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني ۽ شيخ شهاب الدين سهروردي سان ملاقاتون ڪيون. اتان خراسان ۽ دهلي جو سير ڪندو، آخر اچي اجمير جي شهر ۾ رهيو، ۽ اتي ئي سنه 633هجريءَ مطابق سنه 1236ع ۾ وفات ڪيائين. سندس سلسله طريقت جو جيتوڻيڪ سڌيءَ طرح سنڌ تي گھڻو اثر نه پيو ليڪن جيئن ته ساري هندوستان تي سندس سلسله طريقت جو خاص اثر پيو، انڪري سنڌ به اڻسڌيءَ طرح ان کان مستفيد ٿيندي رهي.
سندس سلسله جو اثر مغل شهنشاهن تي گھڻو پيو ۽ انهن مان پهرين جي سياست ته انهيءَ رنگ ۾ رنڱجي ويئي.
چشتي طريقي جون مکيه ڳالهيون هيٺيون آهن.
1) ظاهري ۽ باطني اخلاق درست ڪرڻ.
2) فروعات کان وڌيڪ مذهب جي بنيادي اصولن تي زور ڏيڻ.
3) سچ جي ڳولا هر جاءِ ۽ هر هنڌ ڪرڻ.
4) خلق خدا کي خُلق ۽ محبت جي رستي نيڪي ۽ اصلاح جي رستي تي هلڻ لاءِ ڇڪڻ.
اڪبري سياست جو بنياد انهيءَ سلسلي طريقت جي اثر هيٺ ئي پيو. شاهه صاحب تي انهيءَ سلسلي جي ڪيترن ئي ڳالهين جو اثر پيل ٿو ڏسجي. راڳ، سرود، پيغام، محبت فرقه بنديءَ کان پاسو وغيره سڀ چشتي فيض جون حاصلات هيون.
[b]3. سهروردي طريقو
[/b]
هن طريقي جو باني شيخ عبدالمجيب سهروردي هيو. سنددس نالو عبدالقادر ڪنيت ابوالنجيب ۽ لقب ضياءُالدين ۽ نجيب الدين هئا. هو صديقي خاندان مان هيو، سنهه 491 هجري مطابق 1097ع ۾ سهرورد شهر ۾ ڄائوهو، ۽ ٻاهتر سال جي عمر ۾ سنه 563 هجري مطابق 1168ع ۾ شهر بغداد ۾ وفات ڪيائين. هن سندس چاچي ابو حفض وجيهه الدين سهروردي ـ امام محمد غزالي مشهور عالم جي ڀاءُ امام احمد غزالي، شيخ حماد، شيخ محي الدين عبدالقادر جيلاني جي صحبتن مان فيض پرايو. ظاهري علم بغداد جي نظاميه درسگاهه مان حاصل ڪيائين. هو ڪو وقت انهيءَ وڏيءَ درسگاهه جو مدرس پڻ ٿي رهيو. سندس ڪيترا خليفا ٿي گذريا آهن، جن جي نالن ٿي سهروردي طريقي جون شاخون نڪتيون ۽ ملڪان ملڪ پکڙيون. جن مان مکيه شاخون هي آهن.
[b]1. شهابيه سهرورديه :
[/b] هن شاخ جو باني شيخ شهاب الدين سهروردي هو، جنهن جو مکيه خليفه شيخ بهاؤالدين ذڪريا ملتاني ٿيو. مخدوم نوح جو پڻ تعلق ان شاخ سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهي سلسلي جو غوث بهاؤالحق ۽ مخدوم نوح ذريعي سنڌ تي گھڻو اثر پيو.
[b]2. ڪبرويه سهرورديه :
[/b] هن شاخ جو باني شيخ نجم الدين ڪبرى هو جنهن سلسلي سان واسطو رکندڙ لنواري واري بزرگن جا وڏا ۽ مظدوم بلاول هئا.
[b]3. فردوسيه سهرورديه :
[/b] هن شاخ جو باني شيخ نجيب الدين فردوسي هيو، جو ٽن واسطن سان شيخ نجم الدين فردوسي ڪبرى سان وڃي ملي ٿو.
[b]4. مولويه روميه سهرورديه :
[/b] هن سلسلي جو باني مولانا روم (صاهب مثنوي) آهي. جو هڪ نسبت سان ڪبرويه ۽ ٻي نسبت سان حضرت قطب الدين ابهري جي واسطي سان حضرت ابو نجيب تائين پهچي ٿو.
[b]5. جلال بخاريه سهرورديه :
[/b] هي شاخ مخدوم جهانيان سيد جلال بخاري جي نالي سان منسوب آهي. هي سلسلو حضرت غوث بهاؤالحق ذڪريا جي واسطي سان ابو نجيب سهرورديءَ تائين پهچي ٿو. هن سلسلي جا پوئلڳ پڻ سنڌ ۾ گھڻا آهن. ڪي اڄ جي درگاهه سان واسطو رکندڙ آهن، ته ڪي انهيءَ ڪٽنب جي شاخ حضرت قطب الدين جهانيا پوٽا حيدرآباد سان واسطو رکندڙ آهن.
[b]6. صفويه سهرورديه :
[/b] هي سلسلو شيخ صفي الدين اردبيلي جي نالي سان منسوب آهي، جو چئن واسطن سان حضرت قطب الدين ابهري جي وسيلي شيخ ابو نجيب تائين پهچي ٿو.
[b]7. خلوتيه سهرورديه :
[/b] هي شاخ شيخ محمد خلوتي جي نالي سان منسوب آهي.
[b]8. شطاريه سهرورديه :
[/b] هي شاخ حضرت عبدالله شطار جي نالي سان منسوب آهي.
[b]9. ابراهيم سوقيه سهرورديه :
[/b] هي شاخ حضرت ابراهيم وسوقي قطب مصري جي نالي سان منسوب آهي.
[b]10. رسول شاهيه سهرورديه :
[/b] هي شاخ سيد رسول شاهه، خليفه حضرت جهانيا جي نالي سان منسوب آهي.
[b]11. سدا سهاگيهه سهرورديه :
[/b] هي شاخ حضرت شاهه موسى سدا سهاڳ احمد آبادي المتوفي سنه 852 هجري جي نالي سان منسوب آهي، جو حضرت ابراهيم سيد جي واسطي سان شيخ ابو نجيب تائين پهچي ٿو.
هن طريقي ۾ مکيه ڳالهيون هيٺيون آهن.
ذڪر ــ سماع ــ رقص ــ راڳ جو ٻڌڻ ــ وجد ۾ اچڻ ، سياسي نقطه نگاهه کان هن طريقي جا اڪثر مشائخ حڪومت وقت سان دوست پي رهيا آهن، سنڌ ۾ هن سلسله طريقت جو گھڻو اثر پي رهيو آهي.
[b]4. نقشبندي طريقي
[/b]
هن طريقي جو باني محمد بن محمد خواجا بهاؤالدين نقشبندي جو بخارا جي شهر ۾ سنه 768هجري مطابق 1327ع ۾ ڄائو، ۽ اتي 791 هجريءَ مطابق 1388 ۾ وفات ڪيائين. هندوستان ۾ انهيءَ طريقي خواجا باقي باالله ۽ امام احمد رباني مجدد الف ثاني سرهندي جي ڪري زور ورتو.
سنڌ ۾ شاهه صاحب جي زماني کان ٿورو اڳ انهيءَ سلسلي طريقت جو چڱو اثر پيدا ٿيو. مخدوم آدم ٺٽوي، مخدوم ابوالقاسم، مخدوم محمد زمان لونواريءَ وارو، سندس خليفه ميان عبدالرحيم گرهوڙي، مخدوم محمد معين ٺٽوي، سيد محمد بقا لڪياري ڪن واسطن سان ۽ حضرت سرهندي انهيءَ سلسلي طريقت جا مکيه بزرگ هئا.
هن طريقه جون مکيه ڳالهيون هيٺيون آهن.
تزڪيه نفس جي لاءِ شريعت جي پابندي، خفي (ڳجهو)ذڪر ۽ مراقبو ڪرڻ.
احڪام مذهبي رائج ڪرڻ لاءِ منظم طريقي سان ڪوشش ڪرڻ. انهيءَ طريقي جو هندوستان خواهه سنڌ جي سياست تي گھڻو اثر پيو. هندوستان ۾ اورنگزيبي سياسيت ۽ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي مذهبي حڪومت تي انهيءَ طريقي جي بانين جي مذهبي خيلات گھڻو اثر وڌو.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جيڪي مذهبي احڪامن لاءِ فرمان حڪومت کان جاري ڪرايا (جن مان مذهب مان بدعتن جي دور ڪرڻ، صورت ۽ سيرت شريعت موافق گذارڻ لاءِ حڪم ٿيل هئا) سي به انهيءَ سلسلي جون ڪڙيون هيون.