2. پاڻ سڃاڻڻ
”وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻي پار،
ٿي ستي ٻڌو سندرو، پرت پنهونءَ سين پار،
نائي نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.“
ان جي هيءَ معنى به ٿي سگھي ٿي ته ٻين يا ڌارين جي درن تي ڇو وڃين رُلين ۽ ڌڪا ٿو کائين، هوت (مقصد) تنهنجي هٿ ۾ آهي، رڳو همت جي درڪار اٿئي، ته پاڻ وٽان ئي هٿ اچي ويندئي.
پنهنجو قومي نالو نشان، اصل نسل ۽ قديم روايات جي واقفيت قدر ۽ قيمت، سڀ پاڻ سڃاڻڻ جي معنى ۾ اچي وڃن ٿا. دنيا ۾ انسان ڪنهن خاص مقصد جي لاءِ پيدا ٿيل آهي ۽ ان کي خاص فرض پورا ڪرڻا آهن، انهيءَ مقصد، مراد ۽ فرض اداين لاءِ، هر هڪ ماڻهو ۽ قوم کي پنهنجو پنهنجو پارٽ ادا ڪرڻو آهي.
اهڙيءَ طرح سان سنڌين لاءِ به ڪو نصب العين هوندو ۽ انهيءَ جي سڃاڻپ ۾ ئي سنڌين جي پاڻ سڃاڻڻ جو راز لڪيل آهي. سنڌين جو نصب العين اهو آهي ته، جڏهن اقوام عالم کي پنهنجي ’ڪتيل سُٽ‘ جي پرک لاءِ صراف ’عالم‘ وٽ سرتين جي سامهون سڏ ٿيندو، تڏهن انهيءَ کي ڪجھ هجي، جو ڏيکاري سگهن ۽ شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪرڻو پوين.
ان جو سڃاڻن تڏهن حاصل ٿي سگھندو، جڏهن هر هڪ سنڌ جو رهاڪو، پنهنجي شخصي ۽ طبقاتي نفعي کي قوم جي گڏيل مفاد جي لاءِ قربان ڪرڻ سکندو، پاڻ سڃاڻڻ ۾ شخص جي فنا آهي ۽ قومن جي لاءِ بقا آهي. قوم جي نفعي جي لاءِ، پاڻ کي ماري يا فنا ڪري، هڪ قطري کي قومي قالب ۾ فنا ڪرڻ، پاڻ سڃاڻڻ جو بنيادي سبق آهي، شاهه صاحب فرمائي ٿو ته :
”مر ته موچاري ٿيين، ويهي جيءَ ۾ جوءِ،
منڌ! مرڻا پوءِ، پهچندئن پنهونءَ کي.“
شاهه صاحب جو سمورو ڪلام، غور سان پڙهي ڏسبو ته مقصد، محبوب، منزل، مارن وغيره کي پهچڻ لاءِ ڏکن ۽ ڏاکڙن، ڪشالن ۽ مصيبتن جو سهڻ ۽ برداشت ڪرڻ، ضروري امر آهي. گھر ويٺي، بنا محنت ۽ تڪليف جي، ان درجي تي پهچڻ، ڪوڙيون سڌون ڪرڻ آهن.