شاهه صاحب، سنڌ جو قومي شاعر
[b] -1 ادبي شاعر
[/b] هي اُهي شاعر آهن، جي زبان تي پورو عبور هئڻ ڪري، ملڪ جي هر سامهون ايندڙ سوال تي شعر چون ٿا. جنهن ۾ پنهنجي علمي قابليت، زبان جي خوبين، دل جي جذبات، فطرت جي مصوري، قصن، ڪهاڻين، دوستن ۽ محبوبن جي تعريف، وڏن ماڻهن، بزرگن ۽ حاڪمن جي ثنا ۾ صرف ڪندا آهن. سندس ڪلام، توڙي نفاست ۽ نزاڪت گهڻي هوندي آهي، ليڪن مقصد ۽ ارادن معمولي هئن ڪري، ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ انهن جي ڪلام مان سواءِ ادبي فائدي جي، ٻيو ڪو به وڏو فائدو حاصل ٿي نه ٿو سگهي.
[b] -2 اخلاقي شاعر
[/b] هي انهيءَ شاعر جو قسم آهي، جي تصوف جي رازن، فلسفي جي پيچيده سوالن، انسان جي اعليٰ امنگن تي غور ۽ فڪرڻ بعد، پنهنجي خيالن کي نظم جي لڙيءَ ۾ پوئڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پوءِ ڪڏهين اهي راز ۽ خيال، مثنوي مولانا روم وانگر قصن ۽ ڪهاڻين جي صورت ۾ بيان ڪن ٿا. ڪڏهن حافظ شيرازي ۽ سعدي شيرازي وانگر غزلن ۽ بيتن جي جدا جدا طرزن ۾ ظاهر ٿا ڪن.
[b] -3 قومي شاعر
[/b] هن قسم جا شاعر، ملڪ ۽ قوم سان محبت رکي ڪري، ماڻهن جي سياسي، اخلاقي، اقتصادي حالتن جو غوري سان مطالع ڪرڻ بعد، قوم جي ڪمزورين، خامين، مشڪلاتن ۽ خوبين کان بخوبي واقفيت حاصل ڪرڻ بعد، انهن جي ڪارڻن ۽ اسبابن تي فڪر ٿا ڪن. قوم جو ماضي، حال ۽ مستقبل سندن اڳيان رهي ٿو. پوءِ هو قوم لاءِ ڪو نصب العين مقرر ڪن ٿا ۽ انهي تي پهچڻ لاءِ، جي خيال ۽ تجويزون سندن دماغ ۾ وهن ٿيون، تن سڀني ڳالهين کي، هو پنهنجي ڪلام ۾، قوم اڳيان پيغام جي صورت ۾ پيش ڪن ٿا.
جيڪڏهن شاهه صاحب جي ڪلام تي نظر ڪبي هت، هن ۾ پوين ٻن قسمن جي شاعرن جون خاصيتون، خاص طرح ڏسڻ ۾ اينديون.
جنهن صورت ۾، شاهه صاحب اخلاقي توڙي قومي شاعرجي حيثيت ۾، پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ انهي صورت ۾ ٻنهي پهلوئن مان، هر هڪ تي جدا ڪتاب لکي سگهجي ٿو. تنهن ڪري سندس شعر جي تصوفي ۽ اخلاقي ڪمالات جو بيان ڪرڻ تصوف جي ماهرن ۽ فلسفي جي عالمن لاءِ ڇڏي، آءٌ صرف سندس قومي شاعر جي پهلوءَ کي، پنهن محدود معلومات ۽ وسائل مطابق بيان ڪرڻ جي وس آهر ڪوشش ڪندس.
منهنجو اهو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي. سندس اڳيان سنڌ ملڪ جو خاص تخيل هو، جنهن تي ايندڙ فصل چوٿين ۾ بحث ڪيو ويندو. اهڙيءَ طرح سان کيس سنڌي قوم جو به خاص تخيل هو. جنهن جو احوال به جدا جڳهه تي آندو ويندو. هتي صرف هي ٻڌائڻ مقصود آهي ته کيس جنهن ملڪ ۽ قوم جو تخيل هو، انهيءَ ملڪ جو گهڻو ڀاڳ، هن پيرين پنڌ ڪري ڪري گهمي ڏٺو. اتي جي ماڻهن سان گڏ گذراريائين، سندس عادتن ۽ اخلاقن کان واقف ٿيو. سندس جهونا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائين، سندن رسمن ۽ رواجن جو غور سان مطالع ڪيائين. سندس سياسي، معاشرتي، اخلاقي، اقتصادي حالتن کي نظر مان ڪڍيائين، انهن جي ڏکن ۽ سورن ۽ مستقبل تي غور ڪيائين. انهن جي ڪمزورين ۽ خامين کي معلومات حاصل ڪيائين.
مطلب ته انهيءَ زماني جي سنڌ جي حالات جو کيس پورو پورو مطالع ٿي ويو هو. ايتري ساري معلومات بعد هن پنهنجي شعر ۾ جيڪي چيو آهي، انهيءَ تي جيڪڏهن قومي نقطه نگاهه سان غور ڪبو ته هيٺيون ڳالهيون نمايان طورآهن:
[b] 1. وطن جي حب ؛
[/b] شاهه صاحب جي ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ ڪلهوڙن جهڙن ڪٽر مذهبي خيالن جي حاڪمن جي حڪومت هئي ۽ اورنگزيبي سياست جو دور چالو هو، ليڪن شاهه صاحب تي نه اورنگزيبي سياست اثر ڪيو ۽ نه گهڻي قدر اڪبري سياست جو اثر ٿيو، بلڪه هن تي قديم سنڌي سياست جو اثر پيو. هن وطن جي حب کي عين اسلام جي احڪام پٽاندر ايمان جو جزو سمجهي، سنڌ کي پيار ۽ محبت ڪئي. (پئن اسلامزم) جو خيال سندس وهن ۽ گمان ۾ به نه آيو. هن بين الاقواميت کي پئن اسلامزم کان جدا ٿي سمجهو. سندس ڪلام ۾ ڪٿي به مسلمان ملڪ يا مسلمان قوم ڏي اشارو ڪو نه آهي. سندس سڄو ڪلام وطن جي محبت، آزادي، ترقي ۽ اقتدار جي جذبات سان ڀريو پيو آهي.
چوي ٿو ته:
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار.
ٻئي هنڌ چيو اٿس ته:
واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه
بت منهن جو بند ۾، قيد م ڪريجاه
پر ڏيهياڻي پرينءَ ري ڌار م ڌريجاه
ٿڌي مٽي ٿر جي ولهيءَ وسائجاه
پويون ٿئي پساهه، ته نجاه مڙهه ملي ۾
(شاهه)
[b] -2 ديسين جي محبت
[/b] شاهه صاحب جي ڪلام مان ٻي جا نمايان ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي، سا سنڌ ديس جي رهاڪن جي اُڪير ۽ محبت آهي. هن وٽ هندن ۽ مسلمانن جي تميز وطن ۽ قوم جي لحاظ کان ڪا به ڪا نه آهي. جي سندس ڪلام تي نظر وجهندئو ته،
ديسي سيڻ ڪجهن پرديسي ڪهڙا پرين
جو آواز هڪ طرف ٻڌڻ ۾ ايندو ته :
جيها جي تيها مون مارو مڃيا
ٻي طرف ڪنن تي پوندو.
باوجود ان جي ته هو محمد ڪارڻيءَ جو مڃڻ ضروري ڄاڻي ٿو. هو صاف چئي ڏئي ٿو ته سچي مسلماني، تڏهين ئي ماڻي سگهبي، جڏهن دوبينائي دور ڪري اشهد جي اک سان، دنيا جي شين ۽ ماڻهن کي ڏسبو. هو پيغمبر اسلام کي رحمت العالمين سمجهي ٿو ۽ حق کي اسلام سمجهي چوي ٿو ته:
ڏسڻ ڏسين جي - ته همه کي حق چئين
شارڪ شڪ م ني- انڌا انهيءَ ڳالهه ۾
مسلمانن جي جدا گانه قوم جي نظريي کي اميراڻي ذهنيت جو نتيجو سمجهي ٿو. هن جي خيال موجب جهڙيءَ طرح سج جي روشني ۽ هوا کي، چند شخصن ۽ طبقن جي ملڪيت تسليم ڪرڻ ۽ بنائڻ، انسان ذات جي گهڻائي سان ظلم ۽ دشمني ڪرڻ جي برابر ٿيندو. اهڙيءَ طرح حق کي به محدود ڪري، ڪنهن مخصوص گروه جي ملڪيت يا ورثو بنائڻ، ساڳي ذهنيت جو نتيجو ٿيندو. هو هندن ۽ مسلمانن جي موجوده مصنوعي تفاوتن تي جڏهين نظر ڪري ٿو ته به اختيار ٿي چوي ٿو ته:
ان پر نه ايمان، جو ڪلمي گو ڪوٺائيين،
دُعا تنهن جي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان
منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهئين.
ساڳيءَ طرح هندن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته:
ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر نه ڪوٺائين،
هندو هڏ نه آهئيـــــــن، ڄڻــــــــيو تو نه جڳاءِ،
تلڪ تنهين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.
ڪفر ۽ اسلام کي روحاني دنيا جون، ٻه حقيقي منزلون يا حالتون سمجهي بحث ڪري ٿو. تنهن ڪري ملن ۽ پنڊتن جي انسان ذات جي وچ ۾ پيدا ڪيل بي معنيٰ فرقن ۽ تفاوتن کي هو حق جي سامهون پردا ۽ حجاب ٿو سمجهي.
آخر اهڙو اندر جو اُجريل ۽ صاحب نظر، اهي منصوعي فرق جا نظريا ڪيئن قبول ڪري ٿي سگهيو؟
[b] -3 ملڪ جي آزادي_ خوش حالي ۽ ترقي
[/b] شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ٽين خاص ڳالهه ملڪ جي آزاديءَ، خوش حالي ۽ ترقيءَ جو تصور، اُميد ۽ آرزو آهي، اوهان جيڪڏهن سندس ڪلام تي غور سان نظر ڪندا ته ڪيترن جڳهن تي زنجيرن جي ٽٽڻ، قلعن ۽ ڪوٽڻ جي ڪرڻ، قيدن ۽ بندن کان آزادي ٿيڻ لاءِ، دعائون گهريل ڏسندا.
هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
جسو زنجيرن ۾ راتو ڏينهان روءِ
ڳچيءَ ڳانا لوهه جا، زيريون، زنجير
ٻئي طرف چوي ٿو ته:
منهن جي آس اها ڪڏهين ڪيرائيندي ڪوٽ کي
جڏهين سرتين، جيڏين ۽ ڀر وارين قومن کي آزاديءَ ۾ خوش حالي جي زندگي گذاريندو ڏسي ٿو ۽ پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن کي غلام ۽ پٺتي پيل ڏسي ٿو ته به اختيار زبان مان نڪريو ٿو وڃيس.
مون جيڏيون ملير ۾، ٿيون چونڊن موڪ مها
شاهه صاحب سنڌ جي سهسين سينگارن، پلر جي پالوٽن، پٽن جي پاهن، کٿوري خوشبوءِ، مندائتن مينهن جو ته شائق ٿو ڏسجي، سنڌ ۾ سڪار لاءِ خاص دعائون ٿو گهري، ڏڪارين ۽ موزين جي ڏيهه مان پاڙ پٽڻ جي پٺيان آهي. جڏهن جڳ ۾ مانڊاڻن جي وار، اتر پار ڏي ڪڪر ڪارونڀار ۽ مندائتن مينهن جي وسڻ جا ويس ڏسي ٿو ته، هڪ انقلابي وانگر خوش ٿئي ٿو. کيس خبر آهي ته مهانگو ميڙڻ ۽ پنجن مان پنڌرهن ڪرڻ وارا (چور بازاري) جلد ختم ٿيڻ وارا آهن ۽ سگهوئي هاري هر جو مٺيو هٿ ۾ ڪري، ملڪ جي سياسي جمود واري زمين کي کيڙي، ان ۾ آزاديءَ جو ٻج پوکڻ وارا آهن. جلد ئي سک جي ساوڪ ٿيندي ڏولائي جا ڏينهاڙا ويندا، سينگهار سکيا ۽ ستابا ٿيندا.
شاهه صاحب جي باريڪ بيتن نظر سنڌين جا عيب به سندس اڳيان پڌرا ڪري ڇڏيا هئا، ۽ کيس انهن ۾ هيٺيون خاميون ڏسڻ ۾ آئيون.
[b] -1 احساس ڪمتري
[/b] هن ملڪ ۾ هيءَ عام چوڻي آهي ته (ولايت جي ڪٻر سنڌ ۾ سينا) سا حقيقت شاهه صاحب هو بهو اکين اڳيان ڏٺو ڏٺي. ان وقت سنڌ اندر هر صديءَ ۾ ڌرتيءَ جي ڌٻڻ، سنڌونديءَ جي ڦيرن گهيرن، لوڏن ۽ سوڪن جي واقعات، آبپاشيءَ جي واقعات، آبپاشي جي ذريعن جي پوري انتظام نه هئڻ، بارش جي گهٽ هئڻ، اندروني ۽ بيروني ڌاڙيلن جي حملن (پوءِ اهي حاڪمن طرفان هئا يا ڌاڙيلن طرفان) حالتون غير تسلي بخش بنائي ڇڏيون هيون.
شهري زندگي تمام ڇٽي هئي. ماڻهن جو گهڻو تعداد مال تي گذران ڪرڻ ڪري خانه بدوش زندگي گذاريندو هو. آبادي به سدائين ساڳ زمين تي نه هئڻ ڪري آبادگار پيا پٽ بدلائيندا هئا، ان ڪري علم ۽ بي ترقيءَ لاءِ سندن واسطي حالتون سازگار نه هيون. ان جي مقابلي ۾ دهلي، گجرات ۽ پنجاب طرف حالتون مختلف هيون، بارش گهني، آبادي جام، خانه بدوش زندگي گهٽ هئڻ ڪري امن امان وڌيڪ، شهري زندگيءَ جي زياده هئڻ ڪري اتي جا رهاڪو علم ۽ آسودگيءَ ۾ سنڌين کان وڌيڪ هئا. نتيجو اهو نڪتو ٿي ته ، هر ٻاهران آيل ماڻهو سنڌ ۾ اچڻ بعد معتبر شمار ٿيڻ ۾ ٿي آيو، پنجاب جا پير افغانستان جا حمله ڪندڙ، دهليءَ جا نواب تن جو ملڪ ۾ ڌاڪو ويهي ويو، اڪبر جي قومي سياست، اورنگزيب جي مذهبي پاليسي، مهدوي طريقت، دهليءَ جي نوابن جي طرز معاشرت، مغلن جي فارسي، سنڌ کي ون ويڙهي جيان ويڙهي ويل هئي. ننڍو دماغ (i) ۽ گڏهن ۽ اٺن جي هلائڻ واري قوم (ii) طعنا سنڌين کي صرف هن وقت ڪو نه ٿا ڏيڻ ۾ اچن، پر ان وقت به وڏيرن ۽ ملن جو ڪثير طبقو پاڻ وساري ويهي
(i) 1938ع ۾ سردار پٽيل چيو (ii) لياقت علي خان 1948ع ۾ چيو.
رهيو. سنڌي قوم جي تهذيب، زبان، آزاديءَ ۽ ترقيءَ جون ڳالهيون وسري ويون هين.
شاهه صاحب نهايت درد دل سان، اهي حالتون محسوس ڪيون ٿيون ڏسجن ۽ انهن کي نظر ۾ رکي سنڌين کي خطاب ڪيو اٿس ته:
ايءَ نه مارن ريت جئن سيڻ مٽائين سون تي
وري ٻئي هنڌ چوي ٿو ته:
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.
[b] -2 ابن الوقتي:
[/b] سنڌين ۾ ٻي وڏي خامي جا شاهه صاحب ڏٺي هئي، سا هئي، سندس وڏيري ڪلاس جي ابن الوقت هني مثال مشهو ٿي ويو آهي ته.
جيڪو واءُ لڳي ان کي سامهون ٿجي
هتي جا وڏا ماڻهو ڍنڍ جي پکين وانگر، هميشه پاڻي يعني سُک سان ٻڌل هئا، جيڪو پاسو زور ڏسندا هئا وڃي ان جو طرف وٺندا هئا. اصولن ۽ مقصدن خاطر جيئنڻ ۽ مرڻ جي سُتي ئي ڪا نه پيل هين.
جيئن اڄڪلهه جي حالت آهي ته، جڏهين انگريزن جي حڪومت هئي ته سنڌي وڏيرن، انهن جي غلاميءَ وارا لقب ۽ عزتن حاصل ڪرڻ ۾ فخر ٿي سمجهيو. هاڻ جڏهين هوا بدلي آهي ۽ گورن جي جاءِ ڪارن ولاري آهي ته اسانجا اهي ماڻهو وري هنن بدليل حاڪمن جي ڪنجڪ جهلڻ ۾ مشغول آهن. اهڙي ساڳي حالت شاهه صاحب به ڏٺي ۽ ڏاڍو درد ٿيو ٿو ڏسجيس، اهڙِي حالت ۾ چوي ٿو ته :
هي منهن ڏيئي ٻن، تون وهه کائي نه مرين؟
تان جي ملير جھائيون، توسين سڱ نه ڪن
تون ڪيئن منجهان تن، پاڻ ڪوٺائين مارئي!
ان وقت قحط الرجال ڏسي، کيس سنڌين جي قديم بهادري ۽ غيرت جا ڪم ياد اچن ٿا. سومرن جو مرندي مري وڃڻ پر غير سنڌي اقتدار اڳيان ڪنڌ نه نمائڻ، دريا خان جو پٽن سوڌو قربان ٿي وڃڻ، ليڪن خوشيءَ سان ڌارين جي غلامي قبول نه ڪرڻ، کيس هن شعر چوائڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا.
اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪک
آديسي اٿي ويا، پئي اُڏامي رک
سامي کڻي سنک، وجھائي واٽ ٿيا
اهو مٿين طبقي جي ماڻهن جو حال هو. ليڪن جڏهين هن ڳوٺن جو سير ڪيو، عام غريب ماڻهن سان مليو، مارئيءَ جي حب الوطني، سسئيءَ جي وفاداري، سهڻيءَ جي سرويچيءَ جا قصا ٻڌائين ٿي ته وري دل نٿي لوڙهيائين ۽ چئي ٿي ڏنائين ته:
اڇا سي آهن، سزاوار سنڱين جا
ويٺا وجھائين، جي سناسي سڻئين.
[b] -3 خانه جنگي
[/b] سنڌين ۾ شاهه صاحب وڏي خامي (نفاق) جي ڏٺي. بدويانه زندگيءَ جو اهو هڪ مکيو جزو ٿيندو آهي ته قبيلا قبيلن ۾، مائٽ مائٽن ۾ حسد ۽ اڻ سهائيءَ ڪري وڙهيا ويٺا هوندا آهن. خود مطلبي سندن زندگيءَ ۾ گهر ڪري ويهي وڃڻ ڪري، منجهانئن سڀڪو سياري جي سوڙ پيو پاڻ سوريندو آهي. جيتوڻيڪ بهادريءَ ۽ قربانيءَ جو مادو گهڻو هوندو اٿن پر شير شاهه جو شڪرو گهر جا ڪڪڙ ماري، وانگر سڀڪو اوزار پاڻ تي پيا آزمائيندا آهن، پنهنجي تي آيا رهندا. ڌارين تي همت ئي ڪا نه ٿيندي اٿن ۽ انهن جي غلامي ڪرڻ تي فخر پيا سمجهندا آهن. انهيءَ ڳالهه سندن قومي شيرازو ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو. نه قوم ۾ اتحاد ۽ اتفاق رهيو هو ۽ نه وري متحد نصب العين ئي ريهو هئن، قومن جي هستي مقصدن جي قائم رکڻ سان رهي سگهي ٿي اهڙين نفاق وارين حالتن کي ڏسي شاهه صاحب سنڌين کي هيٺين طرح مخاطب ٿئي ٿو.
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ
پسو پکيڙن، ماڻهئان ميٺ گهڻو
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو.
ڌڻ ڌارڻ ڌار رهڻ، اي نه سنگهارن سٽ
وري جڏهن قديم اوج ۽ نفاق ياد پونس ٿا ته بي اختيار چيو وهي ته:
ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾
ڳاهي ڳاهه فراق جي، ڪيا ڌارون ڌار
نڄاڻا ڪيهار، ميلو ٿيندو سجھڻين.
[b] -4 آرام طلبي
[/b] چوٿين خامي جا شاهه صاحب سنڌين ۾ ڏٺي، سا هئي سستي، ڪاهلي ۽ آرام طلبي جي. هر ڪنهن مشڪلات کي منهن ڏيڻ کان پئي گسايو. (سک جا سانگي) ٿيڻ جي عادت منجهن ويهي ويئي هئي. گذر به سکيو ملي، گهڻي تڪليف نه هجيس، ترقي به بنا مشقت جي حاصل ٿئي. آزادي به آسمان مان ڪڙڪي اچي، دوست به گهر ويٺي ملي، باقي پاڻ ڪوشش ڪو نه ڪندا هن جڏهين چوطرف نظر ڊوڙائي ته دنيا جون ٻيون قومون ۽ ملڪ ترقي ڪندا وڃن ٿا. هتي اڃا سستي لڳي پيئي هئي، نڪو ٿا پاڻ سڃاڻن، نڪو ٿا نصب العين مقرر ڪن، نڪو جفاڪشي ڪرڻ تي پاڻ کي هيرين. ماڻهن جون اهي حالتون ڏسي ڏاڍو ڏک ٿي ٿئيس ۽ چئي ٿي ڏنائين ته:
جڏهين ستيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري
تڏهين تنهين کي، ساٿ ستي ئي ڇڏيو.
ٻئي چوي ٿو ته:
غافل غفلت ڇوڙ، تون ڪيئن اڻاسي اوجهرين
چپانا چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ
نيڻن ننڊا کوڙ ، ورن ۾ واڪا ڪرين.
وري چوي ٿو ته:
وهين ۽ ويلا ڪرين، اي نه اڪنڊ آهه
سي لاڳاپا سڀ لاهه، اوريان اڀارين جي .
هن جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل عيب ۽ خاميون سنڌين ۾ ڏٺيون، ته منجهن ڪي خوبيون به محسوس ڪيائين، جنهن ڪري خوش ٿي ٿيو ۽ اميدون ۽ آسرا پيدا ٿي ٿين.
سنڌين جون خاص خوبيون جي کيس ڏسڻ ۾ آيون سي هيٺيون هيون:
[b] -1 حب الوطني
[/b] شاهه صاحب سنڌين ۾ جي خوبيون ڏٺيون، تن مان پهرين سندن ديس سان پيار ۽ محبت هو. هن عام ڀٽن ۽ مڱڻهارن کان وطن لاءِ بهادريءَ سان ڪٽجي مرڻ وارو قصو ۽ ڪهاڻي، دودي سومري جو ماڻهن کي چاهه سان ٻڌندي ڏٺي، شادين ۽ خوشيءَ جي موقعن تي مارئيءَ جي وطن ۽ مارن جي اڪير جا گيت گهرن ۾ زالن ۽ ڳائيندڙن کان دلچسپي سان ڳائيندي ٻڌا. عام سنڌين جي ڳوٺن ۽ پٽن جي محبت جا داستان ٻڌائين ۽ ڏٺائين. هن ڏٺو ته سنڌ جا ماڻهو اڪثري وطن ڇڏي ٻين ملڪن ۾ وڃي گهڻي وقت تائين رهڻ لاءِ خوشيءَ سان تيار نه هئا. جيڪڏهن ڪي مسافرين ۾ ويندا هئا، ته سرهن وانگر اکيون هميشه جبل (سنڌ) کنيو پيا نهاريندا هئا ۽ سندن آس اميد هميشه اها پئي رهي آهي ته ڪڏهين ٿو مولا واڳ وطن تي وارين، انهن ڳالهين مٿس ڏاڍو اثر ڪيو ٿو ڏسجي. مارئي جي سر ۾ شاهه صاحب جهڙي نموني وطن جي اُڪير ۽ پيار کي ظاهر ڪيو آهي، سو ڄڻ ته سنڌي دهقاني زندگيءَ جي حقيقي اکين ڏٺي تصوير چٽي اٿس. هن تي ڌارين جي تهذيب، تمدن، پيسي، علم ۽ ترقيءَ وغيره جو ڪو به اثر نٿو ٿئي. هو ٻين جا بنگلا ڏسي پنهن جون جهوپڙيون مٽائڻ عيب سمجهندا هئا، هن وٽ ڌارين جي لباس (ٺاٺ) محلاتن (تمدن) کاڌن خوراڪن (شاهوڪاري) قلعن ۽ ڪوٽن (لشڪر ۽ سپاه) کان پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي سادگي، خانه بدوشي، مسڪيني، بي سرو ساماني، بي علمي، اٻوجهائي هزار ڀيرا وڌيڪ پسند هئي. هو ور ور ڪريو عمر (حڪمران قوم) کي چئي ٿو ته:
پٽ نه پهريان سومرا، جان ڪي تسان جيان
آءٌ ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان
جيسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو
[b] -2 قومي محبت
[/b] بي خوبي جا شاهه صاحب سنڌين ۾ ڏٺي، سا هئي ديس واسين ۽ مارن جي پياس، هنن تي مسئلهء وحدت الوجود جو اثر قديم وقت کان، مختلف درويشن ذريعي پئي پيو اهي. تنهن ڪري هنن تي اورنگزيبي سياست ۽ مسلمانن جي جدا گانه قوميت جي نظريي جو ڪو اثر ڪو نه پيو. سندن انهيءَ حقيقت کي مارئيءَ جي واتان، هيٺين طرح بيان ڪري ٿو:
الست بربڪم جڏهين ڪن پيوم
قالو بليٰ قلب سين، تڏهين تت چيوم
تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
[b] -3 سرويچي
[/b] ٽين خوبي جا شاهه صاحب کي عام سنڌين ۾ خاص طرح ڏسڻ ۾ آئي، سا سندن همت، قرباني ۽ سرويچيءَ جي مادي جي هئي، اگرچ سندن وڏيري ڪلاس خود مطلبي، بزدلي جي خرابين ۾ غرق ٿيو پيو هو، ليڪن غريب طبقو هر قسم جي مشڪلاتن، مصيبتن ۽ تڪليفن کي منهن مقابل ٿيڻ جو عادي ٿي چڪو هو، جنهن ڪري منجهن برداشت ۽ قربانيءَ جو عظيم الشان مادو موجود هو. راءِ ڏياچ جو سخا ۾ سر ڏيڻ، سسئيءَ جا پنهونءَ خاطر جهنگ ۽ جبل جهاڳڻ، مومل جون راڻي لاءِ راتيون وهائي ڏينهن ڪارڻ، ليلان جو چنيسر لاءِ ليلائڻ، سهڻيءَ جو ميهار لاءِ ڪاريءَ رات ڪنن ۾ گهڙڻ، وڻجاي جي ونيءَ جو ور لاءِ جر تڙ ڏيا ٻارڻ ۽ وڻ ٽڻ وائٽيون ٻڌڻ، سنڌين جي صداقت ۽ قربانيءَ جا مثال سندس اکين اڳيان هئا، تنهن ڪري ساري رسالي ۾ اڪثري اهڙي قسم جي واقعن کي پسند ڪري، انهن جو ذڪر ڪيو اٿس، هن کي سر مڱڻ، سر گهرڻ، سرڏيڻ جي ڳالهه راءِ ڏياچ جي آکاڻيءَ خاص اثر ڪيو ٿو ڏسجي. اهڙِ طرح سسئي جو گهر ٻار پنهنجي ور(مقصد) لاءِ قربان ڪري جبل جهاڳڻ کيس پسند آيو آهي، چوي ٿو ته:
وريتيون ورو، آءٌ نه ورندي ور ريءَ
جاڏي هن جبل جو، تانگهينديس ترو
جتن ساڻ ذرو، نينهن نبيرڻ نه ٿئي
مومل جي قصي ۾ راڻي بنا ڪاڪ ڪڙهي، وڻ ٽڻ جلي وڃن ٿا. مومل جي جان پيئي جهري، جيستائين راڻو نٿو مليس، سهڻيءَ جي سر ۾ چوي ٿو ته:
تڙ تڪڻ، تار گهڙڻ، اي ڪاڻيارن ڪم
ٻئي هنڌ چوي ٿو ته:
جنهن کي ساڻ پريان جا سور،
تنهن کي ندي ناهه نگاهه ۾
وري چوي ٿو ته:
ائين هوندي مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
[b] -4 رواداري
[/b] چوٿين خاصيت ۽ خوبي جا شاهه صاحب سنڌين ۾ ڏٺي سا هئي مذهبي ڪٽر پڻي ۽ تعصب جي گهٽ هئڻ جي هو پاڻ کي بهترين سنڌيءَ جو نمونو تصور ڪري انهن جي فلاسفي هيٺين طرح ادا ٿو ڪري:
پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي
انڪري هن جيڏانهن نظر ٿي ڪئي تيڏانهن سڄڻ سامهون پئي آيس. هو چوي ٿو ته کر ڀلي جيئن ۽ سندس پرين جي ملڻ جون اميدون ڏسي ساڙ ۾ سڙن، هن کي کر جي کارڻ جو ذرو به خطرو نه هو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته کر آهي کاري سگهندو، جن جو پريتڻو ماٺو هوندو. هن ڏٺو ته سنڌي دوستيءَ ۽ محبت جي بنياد تي هر ڪنهن سان سٺو برتاءُ ڪرڻ لاءِ تيار هئا، مذهب جو مطلب هنن وٽ پريت ۽ محبت هئو ۽ نه ڪفلت ۽ نفاق.
هن ڏٺو ته جيتوڻيڪ ڪيترا ڏسڻا وائسڻا مذهب جي نالي ۾ ظاهر داري ڪيو، منهن اجرو رکيو اچن، پر دل ۾ هچارا آهن ۽ وصال کي ويجها نه آهن.
تنهن ڪري هن هيٺين اصول کي پسند ٿي ڪيو:
جيڏانهن ڪريان پر ک، تيڏانهن سڄڻ سامهون.
مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين مان اوهان پروڙي سگهيا هوندا ته شاهه صاحب سنڌ ملڪ جي ماڻهن جي عادتن ۽ حالتن جو غور سان مطالع ڪرڻ بعد، هڪ طرف قوم جي ڪمزورين ۽ خامين کان، واقف ٿيو ته ٻئي طرف انهن جون خاصيتون ڏٺائين، جنهن تي ويچار ڪري هن سنڌين لاءِ ڪي سنيها ۽ تجويزون سوچيائين جن تي تفصيلوار بيان ٻئي هنڌ ڪيو ويندو. جي خاصيتون هڪ قومي شاعر جون ٿينديون آهن، سي سڀ شاهه صاحب ۾ موجود هيون ۽ هو هر نقطي نگاهه کان سنڌ ملڪ ۽ قوم لاءِ نياپي ۽ پيغام ڏيڻ جو حقدار آهي.