لطيفيات

پيغام لطيف

شاهه عبداللطيف جي شخصيت ۽ سندس شاعريء تي اڻ ڳڻيا ڪتاب ڇپيا آهن پر لطيفيات ۽ لطيف جي پيغام کي سولائيء سان سمجهڻ لاء سائين جي ايم سيد جو لکيل هي ڪتاب ”پيغامِ لطيف“ اهم ڪتاب آهي۔ هن ڪتاب ۾ لطيف سرڪار جي شخصيت، سندس ڪلام، لطيف سائين جو علامه اقبال سان تقابلو ڪرڻ سان گڏ سندس هر پهلو تي تمام گهرائي سان سمجهاڻي ڏنل آهي۔ هي ڪتاب لطيف سرڪار کي سمجهڻ لاء اهم حيثيت رکي ٿو۔هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم عبداللطيف انصاري ڪئي آهي
  • 4.5/5.0
  • 6696
  • 2003
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغام لطيف

ڊاڪٽر اقبال جو نقطه نگاهه

[b]1.وحدت الشهود:
[/b] اسلام جي برتري مذاهب عالم تي، ڊاڪٽر اقبال، برعڪس شاهه صاحب جي، مسئله وحدت الوجود کي قومن جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ ٿو سمجهي، هن جي نزديڪ انسان جو آخري ڪمال هن ۾ نه آهي، ته پنهنجي هستي فنا ڪري، هستيءَ مطلق ۾ جذب ٿي وڃي، بلڪ شرف انسانيت انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته انسان پنهن جي اندر خودي پيدا ڪري، خود ذات مطلب کي، پنهن جي اندر جذب ڪري و چوي ٿو ته:
خودي کو کر بلند اتنا که هر تقدير سي پهلي
خدا بنده سي خود پوچهي، بتا تيري رضا کيا هي

(بال جبريل)

ڊاڪٽر اقبال يورپ جي فيلسوف هيگل تي انهيءَ ڪري سخت نقط چيني ڪري ٿو، جو هو مسئله وحدت الوجود جو حامي هو ۽ سندس لاءِ چوي ٿو ته:
طائر عقل فلک پرواز اوداني که چيست
ماکيان کمزوز و مستي خايه گيرد بي خروس

(پيام مشرق)

انهيءَ سبب ڪري يونان جي حڪيم افلاطون کي سندس بي ثباتي دنيا جي راين سبب راهب ديرينا ۽ از گروه خيال قومن ۾ زندگي نٿا ڦوڪين، مورڳو انهن کي موت جي ننڊ سمهارين ٿا.

ڊاڪٽر اقبال نابوديءَ جي برخلاف آهي شاهه صاحب وانگر ته:
”نابوديءَ نيئي وڃي عبد کي اعليَ ڪيو“

کي نٿو مڃي هو خوديءَ ۾ سڀ ڪجهه ڏسي چوي ٿو ته:

پيکر هستي ز آثار خودي ست
هرچ مي بيني ز اسرار خودي ست
و انمودن خويش راخوئٿ خودي ست
خفته در هر ذره نيروئي خودي ست
فطره چون حرف خودي ازبر کند
هستيءَ بي مايه را گوهر کند
کوءَ چون از خود رود صحرا شود
شڪوه سنج جو شش دريا شود

ڊاڪٽر اقبال انسان جي انفراديت جو زبردست حامي آهي ۽ بني نوع انساني جي ترقيءَ ۽ اصلاح لاءِ انسان ڪامل، جي رهبري جي ضرورت محسوس ٿو ڪري، سندس نظر ۾ مذهب اسلام (جو دين فطرت آهي) جا پيروڪار مسلمان ئي، اها رهبري ڪرڻ جا لائق آهن. سندس خيال پر مسلمان دين فطرت جا پاسبان، فڪر ۽ عمل جي وحدت جا رهنما آهن، جن جي نگاه ۾، انسان ذات جي موجوده، مصيبتن کان نجات صرف مسلمانن جي ذريعي حاصل ٿي سگهندي، انڪري هو چوي ٿو ته:

تو نه مٽ جائيگا ايران کي مٽ جاني سي
نقشئه مئي کو تعلق نهين پيماني سي
زنده رکهني هي زمانه ڪو حرارت تيري
ڪب ڪو قسمت امڪان هي صداقت تيري
ختم ڪاهي ڪو هو، ڪام ابهي باقي هي
نور توحيد کا اتمام، ابهي باقي هي

(بانگ درا)

[b]-2 مسلمانن جي جداگانه قوميت
[/b] ڊاڪٽر صاحب مٿي ڏيکاريل نظريي جي ڪري مسلمانن کي دنيا جي ٻين قومن کان مذهب جي بنياد تي علحده قوم ڪري سمجهي ٿو، ملڪ، نسل، رنگ وغيره جي بنيادن تي قومن جو نظريو، سندس اڳيان فرسوده ۽ نقصان ڪار آهي، سندس انهن خيالن جي شهادت، سندس هيٺين بيتن مان پئجي سگهندي:

قلب مسا از هندو روم شام نيست
مرز بوم ابو او بجز اسلام نيست
با وطن وابستئه تقدير اهم

برنسنب بنياد تعمير اهم
ملت مارا اساس ديگر است
اين اُساس اندر دل ما مضمر است
مدعائي ما، مال ما يکيست
طرز و اندازو خيال ما يکيست
ماز نعمتهائي او اخوان شديدم
يک زبان و يک دل و يک جان شيديم
(رموز خودي)

ٻي هنڌ بانگ درا ۾ هيٺين طرح چوي ٿو:

اپني ملت پر قياس اقوام مغرب سي نه ڪر
خاص هي ترکيب مين قوم، رسول هاشمي
ان کي جمعيت کا هٿ ملڪ ک ونسب پر انحصار
قوت مذهب سي مستحکم هي جمعيت تري
دامن دين هاتهه سي چهوٽا تو جميعت کهان
اور جمعيت هوئي رخصت تو ملت بهي گئي
قوم مذهب سي هي، مذهب جو نهين تم بهي نهين
جذبه باهم جو نهين، محفل انجم بهي نهين

(بانگ درا)

[b]-3 وطن پرستيءَ جي مخالفت
[/b] ڊاڪٽر اقبال قوميت جي نظريي جي بنياد، مذهبن تي رکندي، حب الوطني کي بت پرستيءَ سان تشبيهه ڏيندي، ان کي مذهب لاءِ زهر قاتل ٿو سمجهي. موجوده زماني ۾ دنيا جي قومن جي باهمي جهڳڙن جو بنياد انهي ڳالهه کي ٿو سمجهي، تجارت جي فروغ واسطي ٻين ملڪن کي قبضي ۾ آڻڻ جو ڪارڻ به انهيءَ کي ٿو ڄاڻي، انسان ذات کي ڪن ملڪن ۾ محدود ڪري، ان کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي برخلاف آهي. نه ٻڌن، بلڪ ساري دنيا کي پنهنجو وطن ڪري ڄاڻن، سندس انهيءَ خيال جي تائيد ان جي هيٺين بيتن مان ٿئي ٿي:

ان تازه خدائون مين بڙا سب سي وطن هي
جو پيرهن اسکا هي وه مذهب کا کفن هي
اقوام جهان مين هي رقابت تو اسي سي
تسخير هي مقصود تجارت تو اسي سي
هو قيد مقامي تو نتجيه هي تباهي
ره بحر مين آزاد وطن صورت ماهي

_______________
رهي گا راوي وليل وفرات ۾ کب تک
ترا سفينه گه هي بحر بيگران کي لئي

_______________

جوهر مايا مقاسي بسته نيست
باده تندش بجائي بسته نيست
_______________

مسلم امتي دل با قلمي مبند
گم مشو از جهان چون وچند

______________________
هي ترک وطن سنت محبوب الاهي
دي تو بهي نبوت کي صداقت کي گواهي

دنيا جي انهن قومن لاءِ، جي وطن تي بنياد ٿيون رکن هيٺين طرح فرمائي ٿو
:
اُن چنان قطعه اخوت کرده اند
بر وطن تعمير ملت کرده اند
ٿا وطن راشمع محفل سا ختند
نوع انسان را قبائل سا خند
مرد مي اندر جهان افسانه شد
آدمي از آدمي بيگانه شد
روح از تن رفت وهفت اندام ماند
آدميت گم شد و اقوام ساند

(رموز خودي)
-4 مذهب ۽ سياست جي اجتماعيت:
ڊاڪٽر اقبال دين کي دنيا جي ڪاروبار کان علحده نٿو رکڻ گهري، هو اسلام کي منظم دين ڪري زندگيءَ جي هو مسئلي ۾ ان جي رهبري ضروري سمجهي ٿو، هو انهيءَ رستي زمين تي عدل ۽ انصاف قائم ڪري، امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ گهري ٿو، اڄوڪي دنيا جي دستور جنهن ۾ سياست کي مذهب کا علحده ڪيو ويو آهي. کي پسند نٿو ڪري.

هن جي نظر ۾ سياست حڪومت دين کان جدا ڪرڻ بعد بي روح ٿي پيئي آهي ۽ ڪاغذي عهدنامن، قانونن ۽ قاعدن مان جان نڪري ويئي آهي، انهيءَ جي تائيد ۽ سندس هيٺيان بيت شاهد آهن:

مري نگاهه مين هي يه سياست لادين
کنيز اهر من و دون نهاد، مرده ضمير
هوئص جو ترک کليا سي حاکمي آزاد
فرنکيون کي سياست هي ديوبي زنجير
متاع غير په هي جب نظر انکي
تو هين هر اول لشکر کليسيا کي سفر
(ضرب کليم)
”هوئي دين دولت مين جس دم جدائي
هوس کي اميري، هوس کي وزيري“

هو گذريل اسلامي دور جي ياد مسلمانن کي تازه ڪرائي ٿو. ان وقت لشڪر جو سپهه سالار ۽ مسجد جو امام ساڳيو هو. ان جي هڪ هٿ ۾ تلوار هئي ته گلي ۾ قرآن لٽڪيل هودو هوس، دين ۽ دنيا ٻنهي ۾ پورو هوندو هو. هو مسلمانن کي دنيا جي امامت ڪرڻ جي تلقين ٿو ڏئي.

-5 جارحانه ذهنيت
ڊاڪٽر اقبال مسلمانن کي انسانن جي رهبري جو لائق سمجهي غلبه اسلام آڻڻ ۽ خلاف ڪبريٰ قائم ڪرڻ ٿو گهري. مسلمانن کي دنيا ۾ دارالاسلام قائم ڪرڻ لاءِ جهاد جي تلقين ٿو ڪري ۽ کين ياد ٿو ڏياري ته هو تلوارن جي پاڇي ۾ پلجي جوان ٿيا آهن. خود سندن قومي نشان به انهي ڪري خنجر ۽ هلال ٺهرايو ويو آهي. سندس انهيءَ خيالن جي شهادت سندس هيٺين بيتن مان ملي سگهندي:

به نکته سر گذشت ملت بيضا سي هي پيدا
که اقوام زمين ايشيا کا پاسبان تو هي

سبق پهر پڙهه صداقت کا، عدالت کا، شجاعت کا
ليا جائي گا تجهه سي کام دنيا کي امامت کا

نهين تيرا نشيمن قصر سلطاني کي گنبذ پر
تو شاهين هي بسيرا کر پهاڙون کي چٽانون مين

يا

در ڪف موسيٰ همين شمشير بود
ڪار او بالاقر از تدبير بود
پنجه حيدر که خيربر گير بود
قوت اولر همين شمشير بود
(رموز بي خودي)

سوچا يهي هي اي مرد مسلمان کبهي توني
(ضرب کليم)

آ تجهه کو بتائون مين تقدير اهم کيا هي
شمشير وسنان اول طائوس و رباب آخر
(بال جبريل)

شاهه صاحب ۽ ڊاڪٽر اقبال جي نظرين جي هن مختصر وضاحت مان ظاهر آهي ته ٻنهي پنهنجي نقطه نگاهه کان انسان ذات جي ترقي ۽ اصلاح ٿي گهري. انهي واسطي قومن کي بيدار ڪري منجهن روح ڦوڪڻ ٿي گهريو. جيتونيڪ سندن طريقه ڪار الڳ هئا ليڪن ڪيترا نقطه ساڳيا ڏسيائون ٿي. مثلن:

[b]-1 عشق جي تلقين
[/b] ٻنهي وٽ هر قومي مرض جو علاج عشق قرار ڏنو ويو آهي. سندن چوڻ هو ته عشق کان سواءِ انسان بي جان آهي. جيستائين ڪن قومن عشق جي شراب مان ڍڪ نه پيتو آهي ان وقت تائين هو ڪو به وڏو ڪم ڪري نه سگهندا.
شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

”جئان وهي تئان واٽ، ڪپر پڇن ڪوڙيون
جن کي سڪ ساهڙ جي، سي گهيڙ پڇن نه گهاٽ
جن کي عشق جي اساٽ، سي واهڙ ڀانئين وکڙي“

”پاڻ م کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ
عشق ساڻ اٺاءِ، پير پريان جي پار ڏي“

”سڪڻ انئين نه سڌ، جيئن لڪيو لياڪا پانئين
پئي پريان جي نه ٿئين، مٿي اڱڻ اڌ
اي پڻ ڪوڙي سڌ، جيئن کليو کلايو سمهين“

ڊاڪٽر اقبال چوي ٿو ته:

عشق کي هين معجزات سلطنت وفقر و دين
عشق کي ادنيٰ غلام صاحب تاج ونگين
عشق مکان مکيي، عشق زمان و زمين
عشق سراپا يقين او ريقين فتح باب
در جهان هم صلح وهم بيکار عشق
آب حيوان، تيغ جوهر دار عشق
جب عشق سکهاتا هي آداب خود آگاهي
کهلني هين غلامون پر اسرار شهنشاهي

[b] 2. قرباني
[/b] ٻنهي صاحبن جو چوڻ آهي ته خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ تڪليف برداشت ڪرڻ کان سواءِ ڪا به قوم ترقي ڪري نه سگهندي.
شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

”سڪڻ ۽ سوري ٻئي اکر هيڪڙي
وهڻ واٽڙين تي ڪارڻ ضروري
ٻنهي جي پوري، جيءَ ڏني وريءَ نه جڙي“

”پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پورو پريتڻو
ڏک پريان جو ڏبل ۾ واجھٽ جيئن وڄاءِ
سيخن مانبچاءِ، جي نالو ڳيڙءَ نينهن جو“

ڊاڪٽر اقبال چوي ٿو ته:

ميارا بزم بر ساحل ڪه آنجا
”حيات بر ڪناره نرم خيز ست
بدريا غلط باموجش در آويز
حيات جاودان اندر ستيز است“

[b]3ــ خوڊ شناسي:
[/b] ٻنهي صاحبن هڪ مشهور حديث ته:
”من عرف نفسه فقد عرف نفسه“

مان سبق وٺي قوم کي پاڻ سڃاڻڻ جي تلقين ڪئي آهي، شاهه صاحب فرمائي ٿو ته :
پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ
پنهون ٿيس پاڻ سئي، تان سور هئا.

هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪو پيهي
”وفي انفسڪم افلاتبصرون“ سوجهي ڪر سهي
ڪڏهن ڪا نه وهي، هوت ڳولڻ هٽ تي

اسين سڪهون جن کي، سي تان اسين پاڻ
هاڻ وڃ گمان، صحي سڇاتا سپرين

ڊاڪٽر اقبال فرمائي ٿو ته:

ڊهونڊهني والا ستارو کي گذر گاهونکا
اپني افکار کي دنيا مين سفر کر نه سکا
اپني حکمت کي خم و پيچه مين ايسا الجها
زندگي کي شب تاريک سحر کر نه سکا
جس ني سورج کي شعاعون کو گرفتار کيا
آج تک فيصله نفع وضرر کر نه سکا

انهن متفق نقطن جي علاوه ٻنهي جي تعليم جا ٻيا ڪي پهلو بلڪ هڪ ٻئي جي برعڪس آهن. مثئلن شاهه صاحب جي تعليم مساوات ۽ جمهوريت طرف ڇڪي ٿي مگر ڊاڪٽر صاحب فخطائيت ۽ قومي برتري جو سبق سيکاري ٿو.
شاهه صاحب سنڌين کي دنيا جي قومن اڳيان بنا ڪنهن مذهب ۽ مدت جي تميز جي آزاد ۽ ترقي يافته ڪري هڪ جهڙي درجي تي آڻن گهري ٿو ته ڊاڪٽر صاحب وري مسلمانن کي شجاعت، عدالت وغيره جي ذريعي ٻين قومن جي ليڊرشپ ڪرائڻ گهري ٿو. جيئن هٽلر، نسل جي بنياد تي جرمنن جي ٻين قومن تي ليڊريءَ جو قائل هو تيئن ڊاڪٽر صاحب وري مسلمانن کي مذهبي بنياد تي امامت ڪرائڻ گهري ٿو. چاهي ڊاڪٽر صاحب ڄڻ ته ” ان اکر ڪم عندالله انقاڪم“ کي وساري ڇڏي ٿو، انهي جي برعڪس شاهه صاحب چوي ٿو ته:

”ڪا نه پڇي ٿو ذات جي آيا سي اگهيا“