شاهه صاحب جي ڪلام جون خصوصيتون
1. اهو سنڌي قوميت جي جذبي سان ڀريل آهي، وطن ان جي هر شيءِ جي پريت ان جو مکيه جزو آهن. ساري ڪلام جون اڪثر آکاڻيون، سواءِ ڪربلا جي واقعي جي سڀ سنڌي ڪتب آنديون اٿس.
2. سندس ڪلام ۾ ڪتب آندل ٻولي به سواءِ چند حوالن جي صفا سنڌي آهي. ايتري قدر جو ڪي لفظ جن جو رواج اڄڪلهه نڪري ويو آهي، سي نج سنڌي هئڻ ڪري سمجھڻ به ڏکيا پيا لڳن.
3. ٽين خاصيت شاهه صاحب جي ڪلام ۾ اها آهي، ته اصل هندي شاعريءَ جو تتبع ڪندي، جن عورت کي عاشق ۽ مرد کي معشوق بنايو آهي، جو دستور پارسي ۽ عربي شاعريءَ ۾ ڪونه آهي.
4. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ اها به خصوصيت رهي آهي ته ڪلام ۾ قصا سڀ افسوسناڪ پڄاڻيءَ جا بيان ڪيا اٿس، سندس ڪلام تڪڙي نفعي ۽ وقتي ڪاميابيءَ ڏي ماڻهوءَ کي ڪونه ٿو ڇڪي، عارضي نفعو دائمي مقصد جي حصول لاءِ قربان ڪرڻ، سندسن ڪلام جو روح آهي.
5. مثنوي روم وانگر سارا قصا ۽ ڪهاڻيون بيان ڪري پوءِ ان مان نصيحتون نٿو ڏئي، بلڪ هن جي خيال موجب اهي ڪهاڻيون زبان زد عام هئڻ ڪري، ان جو دهرائڻ ضروري نه ڄاڻي، صرف انهن ڪهاڻين يا بيان ڪيل شين مان ڪي نتيجا ڪڍي، سورمن جي جذبات ۽ شين جي صفتن جو بيان ٿو ڪري.
شاهه صاحب مختلف مڪاني ڪهاڻين ۽ شين بنسبت جڏهن ڪجھ چوڻ گھري ٿو، ته انهن جون خاصيتون اکين اڳيان اٿس ۽ سندس هر هڪ بيت جدا معنى رکي ٿو.
[b]1. سُر ڪلياڻ
[/b]
هن سُر جي پهرين فصل ۾ وحدت وجود جو ذڪر ڪري، ٻين فصلن ۾ هو، انهن عاشقن ۽ نيهن وارن جو ذڪر ڪري ٿو، جن جي اڳيان وڏا مقصد ۽ مرادون آهن، جن جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ، هو هر طرح جي قرباني ڪرڻ واسطي تيار آهن. نيهن وارن کي هو ٻن گروهن ۾ ورهائي ٿو. هڪڙا سچا ۽ سرويچ آهن جي ڪڏهن به سسي نه ٿا سانڍين، ڪڙي ۽ قاتل جا هيراڪ ٿيو وڃن، چاڪ اٿن ته به نه ٿا سلين، وهه ڏسيو پيا وهسن، ڪاتيءَ پئي ڪنجھن ڪين ٿا، سيخن ۾ ماهه پچائڻ لاءِ تيار آهن، جن لاءِ سوري سينگار آهي، نيزي تي سر چاڙهي نروار ٿيڻ جي لاءِ تيار ويٺا آهن، جن کي مقصد ۽ معشوق جي راهه مان موٽڻ ۽ مڙڻ مهڻو آهي. سوري ۽ سيج برابر اٿن، تن جو ذڪري ڪري چوي ٿو ته :
”سوري آهي سينگار، اصل عاشقن جو،
مڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نظاري نروار،
ڪسڻ آهي قرار، اصل عاشقن جو“
ٻيا سڌڙيا آهن، جي ڪات ڪلالن جا ڏسيو موٽيو وڃن، ڏوران نهاريو، شرابن جو سڌون پيا ڪن، هنن وٽ هي هڏ ۽ چم پيارو آهي، مٿو ماٽي وٽ لاهي رکڻ کا پيا ڇرڪن. انهن لاءِ چوي ٿو ته :
”سڌڙيا شراب جون ڪهه پچارون ڪن،
ڪات ڪلالن ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃن،
پڪون سي پين، سر جنين جا سٽ ۾.“
[b]2. سُر يمن ڪلياڻ
[/b]
هن سُر ۾ عوام جي مصيبتن، تڪليفن، اهنجن ۽ ايذاون جو ذڪر ڪندي، ملڪ جي خدمت جي خواهش رکندڙن کي مخاطب ٿي، ڪي هدايتون ۽ نصيحتون ڏئي ٿو. چوي ٿو ته :
”سگھن سُڌ نه سور جي، ته گھايل ڪيئن گهارين،
پئل پلو پٽ تي، واڍوڙيل نه وارين،
پر پچن پرينءَ لاءِ، هي هنجون هارين،
سڄڻ جي سارين، تن رويو وهامي راتڙي.“
کين وري صلاح ڏئي ٿو ته جي سچ پچ اوهان ملڪ ۾ ماڻهن جي محبت رکو ٿا ته:
”اگھائي سگھا ٿيا، جي ويٺا وٽ ويڄن،
ترسي طبيبن، چيٺي هوند چڱا ڪيا“
”وهڻ ويڄن وٽ، جي سکين ته سگھو ٿئين،
اڳين عادتن مٽ، ته اگھا عاجز نه ٿئين.“
ليڪن ساڳئي وقت خود ـ مطلب ۽ جاهل ڪارڪنن يا ملڪي ليڊرن جي ڦندي ۾ ڦاسڻ کان منع ڪندي چوي ٿو ته :
”ڪٺيس ڪويڄن، جو تن طبيب نه گڏيا،
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻا ڏيل ڏکو ٿيو“
پوءِ کين پتنگن جا مثال ڏيئي مقصد ۽ مراد لاءِ، مرڻ ۽ قربان ٿيڻ جو سبق، کين کان سکڻ جي هدايت ڪري چوي ٿو ته :
”پڇ پتنگن کي، سنديون کامڻ خبرون،
آڻيو وجھن آگ ۾، جي پنهنجو جيءُ،
جيئري جنين کي، لڳا نيزا نينهن جا.“
هڪ هنڌ کين خبردار ڪري چوي ٿو ته :
”سڪڻ ائين نه سڌ، جيئن لڪيو لياڪا پائين،
پئي پريان جي نه ٿئين، مٿي اڳڻ اڌ،
اي پڻ ڪوڙي سڌ، جيئن کليو کايو سمهين.“
[b]3. سُر کنڀات
[/b]
هن سُر ۾ مقصد صوفي وٽ وحدت جي وادي آهي ۽ محب وطن وٽ ملڪ ۽ قوم جي آزادي ۽ ترقي آهي. معشوق سان هڪ جاءِ تي چنڊ جي حسن جي ڀيٽ ڪئي اٿس چوي ٿو ته :
”ناسيندي نگاهه، پهرين ڪج پرينءَ ڏي،
احوال عاجزن جا، آکج لڳ الله،
روز نهارين راهه، اکيون اوهانجي آسري.“
هڪ جاءِ تي اٺ کي قاصد ۽ پريءَ کي پيغام پهچائيندڙ ڪري ورتو اٿس. مقصد کي پهچڻ، ڪرن سفر سمجھي، اٺ کي منٿ ڪري، کيس چوي ٿو ته حالتون سڻايون اٿئي، مونکي جلد نيئي محبوب سان ملاءِ.
”رات سهائي ڀونءِ سنئين، پٽن وڏو پنڌ،
هلندي حبيبن ڏي، ڪرها موڙ مَ ڪنڌ،
ٻنڌڻ سوئي ٻنڌ، جو پهچائي پرينءَ کي.“
اٺ جي مشابهت هڪ جاءِ تي خادم ملڪ يا سالڪ راهه سان ڪندي، ان کي دنيا جي ڪٺن مسافرين طي ڪرڻ واسطي، همٿائڻ لاءِ ننگ وجھي چوي ٿو ته :
”ڪرها ڪر سڃاڻ، پيڪو ۽ پنهنجو،
اصل آهي اوهان جو، ناليرو نڏاڻ،
ڪرها اسان ساڻ، ڪي چانگا ڪج چڱايون.“
[b]4. سُر سريراڳ
[/b]
هن سُر ۾ حياتيءَ کي سٽاڻي سمنڊ جي مسافريءَ سان ڀيٽ ڏني وئي آهي، جتي ڪيئي لُڙَ، لهرين، لس ۽ ليٽن سان مسافر کي منهن مقابل ٿيڻو پوي ٿو. جتي آب جو انت نه اهي، چڪڻ چاڙهه ۽ ڪپر ڪارونڀار آهن، ان ۾ محب وطن يا صاحب اخلاق کي سچ جي سوداگر سان تشبيهه ڏنل آهي. ان ۾ سندس رهبريءَ ۽ هدايت جي لاءِ، ڪي تجويزون پيش ڪيل آهن. جن مان توڪل، توبه، ٻانهپ، سچي دل سان شيوا ڪرڻ يعني پنهنجي مقصد سان محبت رکڻ، غفلت کي ترڪ ڪرڻ يعني جاڳڻ پاڻيٺ پرکڻ، ابتدا ۾ ترهو تاڻي ٻڌڻ، ملان معلم پڇي خبرون پرورڻ، مکيه آهن. چوي ٿو ته :
”کوها ڪالهه کڻي، ان وڌا اتر آسري،
الا جھري مَ ان جي، اولي جي اڻي،
وڻجارن وڻي، سو وکر وڌو ٻيڙئين.“
”لڙ لهريون لس ليٽ، جتي انت نه آب جو،
الله اول مَ ان جا، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
جوکو ٿئي مَ جهاز کي، ڦرهي اچي مَ ڦيٽ،
لڳي ڪام لپيٽ، هن غاريبي غوراب کي.“
”جنين سودو سچ سين، وکر وهائيو،
بخرو ”لهم قبشرى“، جو انهيءَ لئي آئيو،
ان کي لالڻ لنگھايو، ساندارو سمنڊ جو.“
”توڪل ـ ڏيئي توڪل تڪيو آر لنگھيا آسان،
توبه ــ توبه جي تاثير سين تري ويا طوفان،
ٻانهپ ــ ٻانهپ جو ٻيڙئين وکر وڌاءٌ،
شيوا ڪرن ــ شيوو جن سبحان، وير نه وڙهي تن سين،
غفلت ــ جاڳيو جي يارا، ته تڙ توائي نه ٿئي.“
موتين جو پاڻيٺ پرکڻ :
”وڃن مَ وينجهار، پاڻيٺ جي پرکڻا،
ڪنير پايو اکين ۾، لهن سڀ ڪنهن سار،
موتيءَ جي مزاج جو، قدر منجھ ڪنار،
صرافنئون ڌار، ماڻڪ ملاحظ نه ٿئي.“
ترهو تاڻي ٻڌڻ :
”تانگھي ۾ تاڻي، ٻڌ پنهنجو ترهو،
اونهي ۾ آڻي، ڪونه ڏيندءِ ڪو ٻيو“
معلم پڇڻ :
”ملا معلم خبرون، پڇي پروڙيج“
هن سُر ۾ هڪ هنڌ زندگيءِ جي بهترين ڪارنامن بابت ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته:
”وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ
سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي اڀئين.“
چڱن عملن ڪرڻ جي لاءِ چوي ٿو ته :
”دنگيءَ ۾ داڻا، وٺي وجھ وکر جا،
وير وڙهندي ويسرا، ويهه مَ ويڳاڻا،
هي ننڊ نه ڄاڻا، ڪڏهين هڻندئي ڪن ۾.“
[b]5. سُر سامونڊي
[/b]
هن سُر ۾ هن انهن جحب وطنن جو ذڪر ڪيو آهي، جي قوم ۽ ملڪ خاطر گھر ڇڏي بي گھر ٿين ٿا ۽ ورهين جا ورهه قيدن ۽ جلا وطنين جي سزا ڀوڳين ٿا، سدائين مسافريءَ ۾ آهن، جنهن ڪري سندن ونيون پيئون واجھائين، وڻ تڻ وانئٽيون ٻڌن، ڏيا ٻارين ۽ سکائون باسين. انهن جي درد ڀرئي داستان جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :
”سامونڊي ڪو سنگ، آهي گوندر گاڏئون،
انگهن چاڙهي انگ، ويو وڻجارو اوهري.“
”سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان،
مونکي ٿي ماري، انهين سندي ڳالهڙي.“
”لاهيندا ۽ ڪن، ڳالهيونهلڻ سنديون،
ڏيندا مون ڏکن، وهه وجھندا جندڙو“
”جر تڙ ڏيا ڏي، وڻ ٽڻ بڌي وائنٽيون،
الا ڪانڌ اچي، آسائتي آهيان.“
”ٻيڙيءَ جي ڀنڻ، نينهن نه ڪجي ان سين،
اڀا ڏنڀ ڏسن، جي سڙهه ڏيئي سير ٿيا“
”وڃيئي وسري شال، جو تو سودو سکيو،
اڃا آئين ڪالهه، پڻ ٿو سفر سنبهين.“
[b]6. سهڻي
[/b]
هن سُر ۾ شاهه صاحب، مقصد (معشوق سان) حقيقي نينهن جي ناتي جو ذڪر ڪري ٻڌائڻ گھري ٿو ته، مطلوب کان سواءِ طالب بيڪار آهي، انهيءَ کانسواءِ ناپاڪ، اڌوتو رهي ٿو ۽ انهيءَ جي اصول سان پاڪ، صاف سٿرو ٿئي ٿو، ليڪن اعلى مقصد کي پهچڻ سولي ڳالهه نه آهي، اتي درياءَ جي دهشت، ڪاريون راتيون، ڪنن جا ڪڙڪا ۽ دلين جا ڌڙڪا راهرو کي پيش اچن ٿا. اتي سندس رهبر راهه صرف يار يا مقصد جي محبت رهي ٿي، جنهن جي ڪشش کيس لنؤ لايو ڇڏي، جتي کڙين جا کڙڪا سندس رهبري ڪن ٿا. مرڻ ته هر ڪنهن لاءِ ائين ئي آهي، ليڪن مقصد جي راهه ۾ قربان ٿي، سر ڏيڻ ڪري ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿي وڃن ٿا.
مقصد سان محبت لاءِ چوي ٿو ته :
”توڏي ٻي نه تات، ميهار ئي من ۾،
جپڻ پيس رات، هو ساهڙ هو سهڻي.“
مقصد کان سواءِ زندگي بيڪار آهي، واسطي چوي ٿو ته :
”ساهڙ ڌاران سهڻي، آڌوتي آهي،
ڪنڍيون جو ڪاهي، پاسي تنهن پاڪ ٿئي.“
مقصد تائين پهچڻ ۾ جي مشڪلاتون سامهون اچڻ ٿيون، تن بابت چوي ٿو ته :
”دهشت ڌوم درياءَ ۾، جت لڙ لهرون لس ليٽ،
آڻيو اوڀارن ۾، ٻانڊي ٻوڙي ٻيٽ،
جت چڪڻ جي چپيٽ، ات ساهڙ سير لنگھاءِ تون.“
مقصد جي محبت ڪيئن نه کيس ڪشش ڪري ٿي، ان لاءِ چوي ٿو:
”اديون سڀ اندام، منهنجا چڙن چوريا،
لارُن لنؤ لائي، سا ڪيئن آڇيان عام؟
لڳس جنهن جي لام، سو دوست دلاسا منجي.“
اعلى مقصد جي راهه ۾ قربان ٿيڻ لاءِ چوي ٿو ته :
”ته ڪري ڪيئن سئي، جي سير نه گھڙي سهڻي،
هت حياتيءَ ڏينهڙا، هڏهن تان نه هئي،
چڪيءَ تنهن چري ڪئي، جو ڏنس ان ڏهي،
سهڻيءَ کي سيد چوي، وڌو قرب ڪهي،
هيئين هوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا“
مقصد کي پهچڻ لاءِ مسلسل ڪوشش جي درڪار آهي، ڪا حد مقرر ڪري نه ٿي سگهجي، چوي ٿو ته :
”نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سڪ،
عدد ناهين عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.“
”جي ڪيم مڙن، ته ڪر اوڏا سپرين،
تهان پوءِ سڄن، واڌايون وصال جون.“
مقصد جي حاصل ڪرڻ ۾، جي شيون رنڊڪون ٿيون وجھن، انهن لاءِ چوي ٿو ته :
”ڪنڌي جھليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري،
تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياهه توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي“
”واهڙ ڀريون نه پاءِ، تو پڻ ليکو ڏيڻو،
سندا سانوڻ ڏينهڙا، هنئينا نه هونداءِ،
وهاڻيءَ وينداءِ، اوڀر اتاهان لهي“
[b]7. سُر سارنگ
[/b]
هن سُر ۾ ملڪ مان غلاميءَ، اڻ هوند ٽارڻ، عوام جي خوف ۽ ڊپ کان ڏهڪايل دلين کي، همت واري آب گوندري سان تازو توانو ڪرڻ، مهانگي لاءِ ميڙڻ ۽ پنجن مان پنڌرهن ڪرڻ وارن ڏڪارين ۽ موذين جي مرڻ، لوڪ مٿان گوندر گنوائڻ، جو ذڪر ڪيو اٿس. وطن جي گھٽيل هوا ۾ انقلاب جي مانڍاڻ جي اميد ۽ آسرو رکندي اتر پار کان وڄن جي وسڻ، هارين جي هر سنباهڻ، ملڪ تان ڏولائي جي ڏينهڙن لهڻ، سنگهارن جي سرهي ٿيڻ، ان جي ارزان ٿيڻ، مينهن جي موڪ چرڻ، پٽ ۾ پاهن جي ٿيڻ، ماٽين ۾ مکڻ جي اچڻ جو بيان ڪري ٿو. هي سارو سُر انقلابي رنگ سان رنگيل آهي. ان ۾ غلامي ۽ مسڪيني جي ستايلن کي همت ۽ دلداري ڏياري وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته سدائين اُڃَ اُساٽ ڪانه هوندي، سگھوئي جھڙڦڙ جهاٽ ڏئي، پٽ پسائيندو ۽ قلب جون ڪسون لاهيندو :
”سارنگ سار لهيج، الله لڳ اڃين جي،
پاڻي پوڄ پٽن تي، ارزان ان ڪريج،
وطن وسائيج، ته سنگھارن سک ٿئي.“
”لڳهه پس لطيف چوي، آگميو آهي،
وٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي،
ڇن ڇڏي پٽ پئو، سمر سنباهي،
وهو مَ لاهي، آسرو الله مان.“
“مند ٿي منڊل وڄيا، تاڙي ڪئي تنوار،
هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگھار،
اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.“
”حڪم ٿيو بادل کي، ته سارنگ ساٺ ڪجن،
وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن وسن،
جن مهانگي لئي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،
پنجن منجھان پنڌرهن ٿيا، ائين ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيهه مان، شال موذي سڀ مرن،
وري وڏيءَ وسُ جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
سيد چئي سڀن، آهي تنهنجو آسرو.“
[b]8. سُر ڪيڏارو
[/b]
هن سُر تي اڪثر عالمن جو اختلاف آهي ته، انهيءَ جا گھڻا بيت شاهه صاحب جي عام اصول جي برخلاف آهين ته ٻاهر جو قصو بيان ڪري، ليڪن آءُ هيٺين سببن ڪري، ان راءِ جو آهيان ته، هن قصي تي شاهه صاحب ضرور ڪي بيت چيا آهن.
1. شاهه صاحب جي ڏينهن ۾ عالمن اندر محرم ۾ ماتم ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جي سوال تي اختلاف هو، ان ۾ شاهه صاحب ماتم جي جواز وارن عالمن جي گروهه سان واسطو رکندڙ هو.
2. شاهه صاحب جا پويان ماتم ڪندا اچن ٿا ۽ خود شاهه صاحب جي رکيل دستار جو رنگ به ڪارو آهي. فقيرن ۽ خليفن جون دستارون به ڪاريون آهن.
3. شاهه صاحب اڪثر اهي قصا پنهنجي ڪلام ۾ آندا آهن جن جي پڄاڻي افسوسناڪ آهي. جنهن صورت ۾ هي هڪ اسلامي تاريخ جو غير معمولي افسوسناڪ واقعو آهي، ان ڪري انکي، پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏيڻ سندس عام اصول جي برخلاف نه آهي. هن قصي ۾ جي خاص خصوصيتون آهن، تن شاهه صاحب تي اثر ڪيو ٿو ڏسجي، ماڻهن جي ڪثرت جو ناحق ٿي گڏ ٿيڻ، امام کي مرغوب نه ڪري سگھيو. حڪومت ۽ طاقت اڳيان باوجود بي سرو سامانيءَ جي سر نه نمايائين. حق لاءِ لڙندڙ جي ساراهه ۽ بزدليءِ کي نندڻ سچن ۽ بااصول ماڻهن جو سچ جي راهه ۾ سختيون سهڻ ۽ اوج حاصل ڪرڻ، خاص ڳالهيون آهن، جن جو بيان هن سُر ۾ آيل آهي :
”سختي شهادت جي، نسورو ئي ناز،
رند پروڙن راز، قضئي ڪربلا جو.“
”جنهين جھيڙيو اڄ، عليءَ جي اولاد سين،
ڀئي تنين کا ڀڄ، جي جماعتي يزيد جا.“
”ڪلي وير ڪٽڪ ۾، سائو سڀ نه هون،
پڙ تي سڀئي پون، موٽڻ جنهين ميهڻو.“
”دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي،
خاصن خليفن کي، سختيون سهائي،
الله الصمد بي نياز، سا ڪري جا چاهي،
انهيءَ منجھ آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.“
”مر مرين، آءٌ روئين، موٽي ڪانڌ مَ آءُ،
مڇڻ تو پئان،ڪچا ڪنم جيڏيون.“
”ڳجھن ويٺي گھاريا، ڏنجھا ڏک گھڻا،
تنگي لٿين توڻ جي، سورهيه ساماڻا،
ڪندا راماڻا، ڪونئر ڪلي جا ڪوڏيا.“
”هڻن هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مرڪ،
وجھڻ تان نه فرق؛ رڪ وهندي راند ۾.“
”منهن مٿاهان جن جا، سي پٽيو ڪڍن پار،
جيڏيون هن جھونجھار، سڀ اجاري اڇا ڪيا.“
”ڀڄي آئين ڀڄڻا، لڄايئي مون سيڻ،
ويٺيون وجھن ويڻ، منهن مٿاهان جن جا.“
[b]9. سُر سسئي آبري
[/b]
هن قصي ۾ شاهه صاحب سسئي پنهون، ڪيچ جي ملڪ، جبلن ۽ جھنگن، ڏيرن، سورن جو خاص طرح ذڪر آندو آهي. جيڪڏهن انهن اکرن جي سياسي معنى وٺبي ته سسئي هڪ ڪمزور ۽ مظلوم عوام آهي. پنهون پهلوان ۽ باهمت قوم جو ليڊر آهي. ڪيچ آزاديءَ ۽ ترقيءَ جو ملڪ آهي، ڏير مخالف قوتون آهن، جي عوام جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون ٿيون وجھن. جھنگ ۽ جبل مقصد جي حصول جي راهه ۾ رنڊڪون ۽ مشڪلاتون آهن. سور ۽ ڏک، رهبر راهه آهن. جهڙي طرح سائڪرين مٺاڻ جو جوهر آهي، اهڙيءَ طرح دک ۽ سور محبت جو جوهر آهي ۽ منجھس انتهائي خوشي سمايل آهي. مقصد کي پهچڻ لاءِ ماڻهوءَ کي تڪليف ۽ مشڪلاتن، ڏکن ۽ ڏاکڙنجو عادي ٿيڻو آهي، صحيح سلامت بنا تڪليف جي مقصد کي پهچڻ ڪوڙي سڌ آهي، اتي صرف اندر جي اڌ وار ڏونگر ڏوري پهچندا.
جڏهن نااميدي نه واربي، تڏهن ئي اميد کي اوڏو ٿبو، البت اتي ٻاروچاڻي ٻاجھ جي ضرورت پوي ٿي. انهيءَ پنڌ ۾ نه صرف ظاهري جدوجهد جي ضرورت آهي، پر اندر ۾ نيڻن کي نائي نهارڻو آهي. عمل سان گڏ عقل به ضروري آهي، اتي هيڄ جو هئڻ ضروري آهي نه ته صرف سڌن وارا وچ ۾ ويهي رهندا، سکن ۾ سنگتي گھڻا هوندا آهن، ليڪن ڇپر ۾ ڇلڻ لاءِ ڪو ڇٽو ساٿي ملي ٿو. جن کي وندر يعني ڏکن جي واديءَ مان لنگھڻ جي قوت هجي، سي مسافريءَ جا ڀلي سندرا ٻڌن، ٻيون جي ڌڪ جھلي نه سگھن، سي سڌ ئي ڪانه ڪن. البت محبت سان مقصد جي پٺيان جي پون ٿيون، اهي وڏو طالع واريون آهن. انهن سان جھڙي تهڙي جي جاءِ نه آهي. مقصد کي وساري ويهڻ ٺيڪ نه آهي، ان کي هلندائي هٿ ڪري سگهندا.
”هل هنئنن سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار،
قاصداڻي ڪار، ڪين رسائي ڪيچ کي.“
”سڀئي ساري سسئي، گھر ڪنڊون تون گھور،
وڃي ڏور مَ ڏور، دران منجھ دوست ٿيو.“
”سکن واري سڌ، متان ڪا مونسين ڪري،
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.“
”عمر سڀ عشق سين، پنهون جي پڇن،
ريس ريزاليون تن سين، ڪڄاڙي کي ڪن،
مارڳ جي مرن، وڏا طالع ٿن جو“
”ٿڪياڻي ٿر ٿيلهه، چڙهه چڪيائي چوٽئين،
هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀؤ مڙئي ڀيل،
اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.“
”هيڪلائي هيل، پورينديس پنهونءَ ڏي،
آڏا ڏونگر، لڪيون، سوريون سڄن سيل،
ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل، جي سور پريان ساڻ مون.“
”منڌ نه منجھان تن، پسي لڪ لڏن جي،
جا پر کاهوڙين، سا پر سکي سسئي.“
[b]10. سُر معذوري
[/b]
هن سُر ۾ به ذڪر سسئي ۽ پنهون جو آهي، ليڪن جذبات جدا بيان ڪيل آهن. مقصد کي ڪهڙيءَ طرح پهچي سگھبو، ان مان فائدا ڪهڙا آهن، همت جو اظهار مرڻ کان اڳي مرڻ، تڌيءَ تتيءَ هلڻ، ”جھلي نه رهڻ ڌاران پسڻ مقصد جي“ ڏکن واريون ٻين کي به ڏکويو ڇڏين، پرين کي نه گڏجڻ ڪري افسوس ڪرڻ، عشق جو آواز ۽ ٻيا اهڙا جذبات بيان ڪيل آهن، جنهن مان حد درجي جو سوز پيدا ٿئي ٿو :
”هلندي هوت پنهونءَ ڏي، کهجن ڪي کوٽيون،
پاهڻ تن پٽ ٿئي، جي لئي لالن لوٺيون،
سڀ سهيليون سڪ کي، چنجھون ۽ چوٺيون،
ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون، ته ڪتا کائينئي ڪيچ جا.“
”سڌر سين سڱ ڪري، پر کنڊين پياس،
ڪير برهمڻ ڪن جي، ڪير ڄائي ڪيڻاس،
هوند نه سنڌ سياس، هن پرئين ڪيس پڌري.“
”ڪهي جا ڪين کڻي، پرينءَ پهتي سا،
وهي ويڙهجي جا، وصل تنهن وڃائبو“
”مر ته موچاري ٿيين، ويهي وجھ مَ وير،
دل ۾ آڻ مَ دور تون، ڦرڻ سندو ڦير،
توڻي لهين نه پير، توءِ رحمت آهي رڙهڻ ۾.“
”ٿڌيءَ ٿڪي نه وهي، تتي ڪري تاڻ،
وڌائين وڻڪار ۾، سسئي پاڻ سڪاڻ،
پڇي پهه پکين کي، پيئي منڌ پرياڻ،
ڏنس ڏيهه وڻن جا، الله لڳ اهڃاڻ،
مار پرچي پاڻ، اچي آرياڻي وري.“
”ڪو جو وڍي وڍ جئن وڻ وڍيائين وڍ سين،
ڏک ڏکيءَ کي ڏڍ، جن ڏٺي سي ڏکيا ٿيا.“
”آءٌ نه گڏي پرينءَ کي، جوڀن ويو جاڙ،
آڏا آريچن کي، چاڙهيڪا ۽ چاڙ،
مون مٺيءَ کان ڪانه ٿئي،وڏپڻ منجھ ولاڙ،
عمر سڀ آواڙ، وييم! ٿي واڪا ڪريان.“
”رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر سارنگيءَ سازُ،
اي عشق جو آواز، ماڙهو رکن منڌ تي“
[b]11. سُر ديسي
[/b]
هن سُر ۾ به سسئي، پنهون جي نالي مختلف جذبات جو اظهار ڪيل آهي. هڪ هنڌ انهن شين جو ذڪر ٿو ڪري، جن کيس رنج رسايو آهي. چوي ٿو ته :
”ڏاگھن، ڏيرن ، ڏونگرن، ٽنهين ڏنم ڏک،
سي سڀ ڀانيم سک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي.“
ٻي هنڌ طالڀ کي طبردار ڪندي چوي ٿو ته مخالف طاقتن کي، جڏهين اول ۾ ڏٺئي ته ڇونه ٿي خبردار ڪيئي ؛
”اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهين ڏٺئي توڏا،
ونگيئي نه وارن سين، تن گورن جا گوڏا،
ته لڪن جا لوڏا، هوند سٺئي سسئي.“
غير جنس ۽ مخالف طاقتن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :
”ڌريائين ڌاريان، مٽ مئي جا نه ٿيا،
مدي ڏيرن من ۾، کليو کيڪاريان،
صبح ٿي ساريان، ته اٺ نه اوطاقن ۾.“
هڪ جاءِ تي سسئي پنهنجي مخالفن جو ذڪر ڪندي انهن جو شمار ڪري ٿي :
”اٺ ويري اوٺار ويري، ويري ٿئڙم ڏير،
چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لٽيا پنهون پير،
پنجون ويري سج ٿيو، جنهن الهي ڪئي اوير،
ڇهون ويري چنڊ ٿيو، کڙيو نه وڏيءَ وير،
واهيري جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين.“
ڪيچ مان آيل قافلي جنهن جي تشبيهه آزاديءَ جو پيغام پهچائيندڙ گروهه سان ڪري سگھجي ٿي، تنهن بابت چوي ٿو ته :
”ڪيچان آيو قافلو، طرح موچاري توڏ،
سينگاريائون سيد چئي، ڪرها منجهان ڪوڏ،
لک لهي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي“
مقصد جي راهه ۾ طرح طرح جي رنڊڪن ۽ مشڪلاتن جو هيٺين طرح ذڪر ٿو ڪري :
”ڪرڙا ڏونگر ڪهه گھڻي، جت برپٽ سڄن بيابان،
ڏاهن ڏاهپ وسري، ٿيا حريف ئي حيران،
سسئي لنگھيو سيد چئي، محبت سين ميدان،
جنهن جو آرياڻي اڳواڻ، تنهنکي ڪانهي باڪ بهير ۾.“
زندگيءَ جي ڪٺن سفر اندر همراهن ۾ اعتبار ڌارڻ اگرچ ڪنهن حد تائين ضروري آهي، ليڪن گھڻو ڀروسو رکڻ به ٺيڪ نه آهي.
شاهه صاحب چوي ٿو ته :
”متان ڪا ٻڙي، ٻول ٻاروچي وسهي،
هوند نه ستيس سرتيون، ويهي رهيس وڙي،
جت پنهنجي جوءِ ۾، گھارن مان گھڙي،
ڪيچن آءٌ نه ڪڙي، ڪنهن ڏکيءَ ڏاوڻ ڏائيو.“
[b]12. سُر ڪوهياري
[/b]
هن سُر ۾ پڻ سسئي پنهون جي نالي ۾ جذبات جو اظهار ڪيل آهي، پهرين فصل ۾ غفلت ۽ سستيءَ کي ڇڏي ترقيءَ جي راهه ۾ هلڻ لاءِ نصيحت ڪيل آهي :
”غافل غفلت چوڙ، تون ڪيئن اڻاسي اوجھرين؟
چپاتا چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ،
نيڻن ننڊ اکوڙ، جم ورن ۾ واڪا ڪرين.“
ٻئي فصل ۾ مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي مخاطب ٿي کين چوين ٿو ته :
”ڏونگر ڏکوين کي، دلاسا ڏجن،
گھڻو پڇجي تن کي، جن وٽان هوت وڃن،
تون ڪيئن سندا تن، پهڻ پير ڏکوئيين.“
ٽئي فصل ۾ پنهنجو تعلق ڪيچن سان ظاهر ڪندي چوي ٿو ته :
”اصل آريءَ ڄام جي، پليءَ آءٌ پيئي،
هوءِ جا پائين پير ۾ تنهن جتيءَ نه جيهي،
وساري ويهي، تن ڪيچن کي آءٌ ڪيئن رهان.“
هڪ هنڌ اڻ ڏکويلن جو ذڪر ڪندي ظاهر ڪري ٿو ته، اهي جدا ڪلاس جا ماڻهو آهن، انهن جو ڏک، درد ۽ مصيبت وارن سان ڪهڙو واسطو :
”اڻ ڏکويون ڏکن جي، ڪوهه ٿيون پدريون،
ناهه اوراتو ان کي، ٿيون هڪ ريائون رون،
ڀنڻ ڀيڙيون هون، پار تنهين جا پڌرا.“
پنهنجي تڪليفن ۽ ڏکن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :
”ڪنهن پر رئان پرينءَ کي، اندر ناهه اساٽ،
لوهو ڪا لڪن تي، وري مٿي وات،
ڇپر ۾ ڇو نچاٽ، ڏٺم ڏکوين جا.“
[b]13. سُر حسيني
[/b]
هن سُر ۾ به سسئي ۽ پنهون جي آکاڻي ۾ سسئي کي جي تڪليفون، پنهل جي طرف کان هلڻ ۾ آئيون، تن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :
”سرتيون سڄي سڃ، متان ڪا مونسين هلي،
پاڻي ناهه پنڌ گھڻو، اڳيان رائو رُڃ،
متان مري اڃ، ڪا ڏئي پاراتو پرينءَ کي.“
ٻي جاءِ تي سسئي جي عزم ۽استقلال جو بيان ڪندي ظاهري ٿو ڪري ته :
”مري ٿيندس مڃ، جتن ڪرڻ جيڏيون،
ڪري ڪوهيارو سڃ، ويو ڇلائي ڇپرين.“
اهڙي طرح سسئي کي جو پنهنجي محبوب ڌاران فراق آهي ۽ رستي جون تڪليفون اهن، تن لاءِ چوي ٿو ته :
”ڪي ڌرتيءَ ماءُ، ڪي ڄر سندي سڄڻين،
هلي ۽ واجھاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾.“
ماءِ سان گفتگو ڪندي، گھرجي ڪم ڪار بابت جو ذڪر سسئي ڪري ٿي، ان کي هن نموني ادا ڪري ٿو :
”پهي ڪام پڃاءِ، امڙ منهنجي آسري
ڏيئي لت چرخي کي، پوڻيون پاڻيءَ پاءِ،
ڪيم جنهين لاءِ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.“
پنهون يا اعلى مقصد جي قدر ۽ قيمت جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :
”جنهين ديکيو دل سين، پٺيءَ سي پيئون،
ته پڻ ٿي ويئون، جي پنهون پاڻ لڪائيو.“
هڪ جاءِ تي سسئي کي مخاطب ڪندي چوي ٿو ته :
”ڪيئن اڙايئي پاند، پلؤ پرڏيهين سين،
متيون موڙهيئي سسئي، ڪيئي ڪوهيارو ڪانڌ،
رُلي ڀانيئي راند، ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو.“
مشڪلاتن ۽ تڪليفن ڌاران مقصد کي پهچي ڪين سگهبو، ان لاءِ چوي ٿو ته :
”ڏيکاريس ڏکن، گوندر کس پرين جو،
سونهائي سورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.“
ڪنهن وڌي مقصد لاءِ حقيقي طرح ڪا انقلابي جماعت ٺهي نه سگھندي، جيسين تائين سڀ مصيبت زده ۽ درد دل وارا اچي گڏ ٿين، ان تي چوي ٿو ته :
”ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندسن،
ٻيون هنئين هٿ هڻن، رئنديون رئڻ واريون.“
هڪ هنڌ ان اعلى مقصد جي لاءِ جدوجهد جو بيان ڪندي چوي ٿو ته :
”جيڪا ڪندي نينهن، مون جئن ٻاروچن سين،
سڪڻ سارو ڏينهن، چڙهڻ چاڙهيڪن تي.“
اعلى مقصد طرف ويندڙ ماڻهن جي گروهه کان جدا نه ٿيڻ بابت چوي ٿو ته :
”ڇڄ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لڪئين،
مڇڻ ٿئين پئان، وڳ واٽ ئي نه لهين.“
هڪ جاءِ تي پڙ ۾ پرزا ٿيڻ ۽ مقصد واسطي جدوجهد ۾ فنا ٿيڻ جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته :
”تون جي ڪالهه مئي، ته ڪالهه ئي گڏئينءَ پرينءَ کي،
ڪڏهين ڪانه سئي، ته ڪا سگھي گڏي سڄڻين.“
”اڳي پوءِ مران، مر مران مارڳ ۾،
مٿي پوءِ پريان، خون منهنجو جيڏيون.“
مصيبت زدن جي دنيا ئي اڳ آهي، هو سڀڪجھ پاڻ تي پيا سهندا آهن، جيئن پاڙي وارن کي ان جي خبر به نه پوندي آهي، ان خيال کي هيٺين طرح ادا ٿو ڪري :
”پاڙي ناهين پروڙ، ته ڪا رات رنجايل گذري،
ٻانڀڻ ٻروچن جي، گھائي وڌو گھور،
هڪ سسئي ٻيا سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾.“
سکن ۽ ڏکن جي ڀيٽ، ڪندي هيٺين طرح چوي ٿو ته :
”ڏک سکن جي سونهن، گھورا سک ڏکن ري،
جنهين جي ورونهن، سڄڻ آئيو مان گھرين.“
اعلى مقصدن وارن کي تڪليفون اچن ٿيون ۽ عارضي نفعي حاصل ڪرڻ وارا ۽ خود مطلب سک ۾ رهن ٿا، تنهن حقيقت جو ذڪر ڪندي چوي ٿو :
”اوجھڙ وٽان آئون، ٻيون سڀ سڳڙ سات جي،
جا نينهن ڳنڍي نانءٌ، سا مون جيئن پوندي مامري.“
”ور لڪن جي وڏ ، گھوريا سک ڀنڀور جا،
امڙ جي تون آڇئين، سي ڪم نه اچن ڪوڏ،
هيئين منهنجي هوڏ، ٻڌي ٻاروچن سين.“
سچن درد دل وارن ۽ حقيقي خادمن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :
”ڏکوين اهڃاڻ، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو،
وڃن گوندر گڏيون، لوڪ نه آڇين پاڻ،
سورن اسان ساڻ، ننديئي نينهن ڪيو.“
[b]14. سُر سورٺ
[/b]
هن قصي ۾ پنج مکيه نالا ڪتب آيل آهن :
1. راءِ ڏياچ راجا جو
2. جھونا ڳڙهه جو
3. سندس راڻي سورٺ جو
4. ٻيجل، مشهور ساز وڄائڻ واري جو
5. انيراءِ، نزديڪيءَ جي راجا جو.
اهل طريقت وارن انهيءَ جو اهو مطلب ڪڍيو آهي ته ٻيجل مرشد حقيقي آهي، جو جڏهين حق جو ذڪر ٿو تنواري ته سندس سچو مريد راءِ ڏياچ سر سوڌو قربان ٿو ٿئي، ان ۾ سورٺ نفس اماره آهي، جو ان ڪم ڪرڻ کان کيس روڪي ٿو ۽ انيراءِ الستي آواز آهي، جنهن جي اشاري تي ٻيجل تند تنواري کيس آزمائڻ ٿو گهري، جھونا ڳڙهه هي سڌن واري دنيا آهي. اگر انهيءَ آکاڻيءَ جي سياسي رنگ ۾ تعبير ڪبي ته راءِ ڏياچ حقيقي خادم ملڪ سان مشابهت رکي ٿو. سورٺ خود مطلبي جي آرزو آهي. ٻيجل پبلڪ جي عام راءِ آهي. انيراءِ عام راءِ کي غلط استعمال ڪرڻ وارا خود مطلبي سياسي ليڊر. سُر ۾ شاهه صاحب مٿين مفهوم مطابق هڪ سچي قومي ليڊر جو مثال پيش ڪندي، ظاهر ٿو ڪري ته ان وٽ عام راءِ کي ڪيڏو نه وزن آهي، جو ان جي اڳيان باوجود ان علم جي ته ان کي ڪي نا اهل ماڻهو خود مطلبي ۽ طبقاتي مفاد جي لاءِ ڪتب آڻي سندس مخالفت ڪري رهيا آهن ته به هو ان جي اڳيان سر نمائڻ جي لاءِ تيار ٿيو وڃي ۽ ان کي فاسٽن وانگر ريٽي، طاقت هت ۾ رکڻ نٿو گھري. قرباني ۽ سخاوت (پر اپڪار) سندسن مکيه خاصيتن مان آهن. ٻي طرف وري صحيح عام راءِ جي طاقت ظاهر ڪري ٿو. ٻيجل کي هڪ ايماندار، هوشيار ۽ چالاڪ مقرر ۽ نمائندي سان تشبيهه ڏيئي ٻڌائي ٿو ته هو سواءِ سندس اڳيان رکيل، مقصد جي، حاصل ڪرڻ جي، ڪيتري قيمت تي به راضي نٿو ٿئي، راڳ سان عام راءِ جي ڪافي مناسبت ۽ مشابهت آهي، ٻنهي ۾ وڏو اثر آهي. ٻنهي کي مؤثر نموني ۾ پيش ڪرڻ سان ڪافي هيجان پيدا ڪري سگهجي ٿو.
رواجي راڳ راڳيندڙن يا پبلڪ جي نمائندن جي قيمت ٿي سگھي ٿي، ليڪن ڀٽائي صاحب جي نظر انهن راڳيندڙن ۽ نمائندن تي آهي، جن جو مقصد بلند ۽ اخلاق اعلى آهي. هو مال تي راضي ڪونه ٿيندا آهن پر سر مڱڻ ، سر گھرن جا سوالي هوندا آهن. هنن جي نظر غريبن طرف ڪانه ويندي آهي، پر هو ميل مارڻ تي هريل هوندا آهن. ڇٽ پٽ سان هڻن سندن ڪم آهي، اهڙن پبلڪ ورڪرن بابت شاهه صاحب فرمائي ٿو ته :
”سؤ سرن پائي، جي تند برابر توريان،
اٽل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهين ٻيجل ٻرائي،
سکڻو هڏ آهي، سر مَ سڄڻن ناهه ڪي.“
انهيءَ آواز ۾ ايڏي طاقت آهي، جو نوابن کي نائي، سندس ساهه سوري ڪڍي ٿو. جھروڪن ۾ جھانءِ وجھي ٿو. جنهن جي اثر سان جھونا ڳڙهه جھريو پون. هنڌين ماڳين هوءِ مچيو وڃي. ڪوٽ ڪريو پون. اهو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن راجا ۽ راڳائي يا حاڪم ۽ پبلڪ هڪ هوندا، ٻنهي ۾ اخلاق ايمانداري هوندي هڪڙا پٽ ڪڻن. تازي گھوڙن ۽ هاٿين ۽ روح رچندن دانن تي راضي ڪونه ٿين، ٻيا اهڙا سخي ۽ پر اپڪار ٿيان جو چون ٿا ته :
”مٿي انهيءَ منهن جي، هئا سرن سو هزار،
ته تنهنجي سڻ تنوار، هرهر وڍيم هيڪڙو.“
[b]15. سُر بروو سنڌي
[/b]
هن سُر ۾ مختلف جذبات جو اظهار ڪيل آهي، مثال خاطر ان مان هيٺيان بيت پيش ڪجن ٿا، جن مان پتو پئجي سگهندو.
”اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،
ڳلن تا ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي ئي نه لهي.“
”ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،
ڪي سنڀرجن نه ڪڏهن، ڪي نه وسرن مور،
جئن مينهن ڪُنڍي پور، تئن دوست وراڪو دل سين.“
”ماڻهو گھرن مال، آءٌ سڀ ڏينهن گھران سپرين،
دنيا تنهن دوست تان، فدا ڪريان في الحال،
ڪيو نام نهال، مون کي محبوبن جي“
[b]16. سُر مومل راڻو
[/b]
هن سُر ۾ مومل نالي هڪ شهزادي، ان جي طلسمي باغ، محلات ۽ راڻي مينڌري بنسبت هڪ آکاڻيءَ تي شاهه صاحب ڪلام چيو آهي، روحاني معنى ته ڪهڙي به نڪري، سياسي نقطه نگاهه سان ان کي جيڪڏهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي ته مول جي هڪ هوشيار ۽ چالاڪ سياستدان سان تشبيهه ٿي سگھندي، جو پنهنجي طلسمي باغ ۽ محلات جي ڌوڪيبازين ۽ اٽڪل سان عوام کي منجهائي سندس مال ۽ ملڪيت ڦري ۽ پاڻ حڪومت جا مزا پئي ماڻي. ان جي اڳيان وڏا ماڻهو پنهنجي خود مطلبيءَ ڪري گھڻو ڦاسن ٿا. ليڪن راڻو جنهن جي مشابهت هڪ عقلمند ۽ مخلص قومي خادم سان ٿي سگھي ٿي، سو پنهنجي مستقل مزاجي ۽ هوشياريءَ سان وڃي، ان کي مطيع ڪري ٿو. سياست ملڪ تي قبضي ڪرڻ بعد گلاب جي گلن جي رنگن وارا ويس، پانن جي پنن جهڙيون شالون، عطر ۽ عنبير، سون ۽ روپو مطلب ته طرح طرح جون نعمتون نصيب ٿين ٿيون ۽ عام طرح خود مطلب وڏا ماڻهو ان ڪري انهيءَ جي طلسم ۾ وڃي پاڻ ڦاسائيندا آهن، ليڪن قومي خادم ان تي قبضي ڪرڻ بعد به انجي دام ۾ نه ڦاسندو آهي ۽ موٽي پنهنجي مقصد کي لڳي ويندو آهي، دنيا جي عياشي ۽ فرحتن جو ان تي ڪوبه اثر ڪونه پوندو آهي. سياست وڏن ماڻهن کي ڦاسائي ٿي ان لاءِ شاهه صاحب چوي ٿو ته :
”مومل ماري مير، آهيڙين کي اڪري،
سوڍيءَ گھڻا سجھائيا، پڙهيا پنڊت پير،
هڻي تن کي تير، مڻيان جن مٿن ۾.“
سياسي طلسمات ڪيئن پاڻ ڏي وڏن ماڻهن کي ڪشش ڪري ٿي، ان لاءِ چوي ٿو ته :
”سون ورنيون سوڍيون، رپي رانديون ڪن،
اڱڻ اوطاقن ۾، کٿوري کٽن،
اوتيائون عنبير جا، مٿي طاق تڙن،
ٻاٽن ٻيلهيون ٻڌيون، پسيو سونهن سرن،
ٿيا لاهوتي، لطيف چئي، پسڻ لاءِ پرين،
اجھي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي.“
خود مطلبي سياستدانن ۽ هڪ مخلص قومي ڪارڪن جي ڀيٽ ڪندي چوي ٿو ته :
”روءِ راڻي جي ناهه ڪو، سوڍو سڀني سونهن،
لاٿائين لطيف چئي، مٿان دلين دونهن،
ڪانهي ٻي ورونهن، ٿيو مڙوئي مينڌرو.“
مخلص قومي خادم کي صبر سان ميدان مرڻو آهي، ان لاءِ چوي ٿو ته :
”سوڍا صبر تنهنجو، بي عقل آڻي باز،
سندس صبر ساز، توبهه ڪاريم تڪڙ.“
سچي قومي خادم تي حڪومت جي عياشي ۽ نعمتون ثر ڪري نٿا سگھن، ان لاءِ چوي ٿو ته :
”ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، موهيا نه محلن،
ٻائن ۽ ٻانهن جي، ٻنڌڻ ڪين ٻجھن،
لکين لاهوتين، اهڙيون اوريان ڇڏيون.“
سچا قومي خادم سياست ملڪ ۾ هڪ اڻ لڀ ۽ وڏي قيمتي سوکڙي ٿيندا آهن. اهي سياست جي ميدانن ۾ ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ڪر حصو نه وٺندا آهن، پر ملڪ ۽ ماڻهن جي سڌاري ۽ قومي نفع لاءِ ملڪي سياست ۾ حصو وٺڻ لڳندا آهن، هو نازڪ مزاج ۽ نه ٽڪڻ وارا هوندا آهن، منجھن ذرا شڪ پوڻ، پوءِ اهو ذاتي طمع جو هجي يا عوام جي گھٽ محبت ٿيڻ جي خيال جو هجي، هنن کي ميدان سياست مان نڪرڻ لاءِ ڪافي سبب ڏئي ٿو، پوءِ ورهن تائين ملڪي سياست ۾ ماڻهو انهن کي ياد ڪريو پيا روئندا ۽ هنجون هاريندا آهن، شاهه صاحب انهن لاءِ چوي ٿو ته :
”راڻو ڀانيي راند، وڃيو ڪيئن ٻيا وَرَ رائيين،
ور وڏوڻو اينئهين، جيئن پر پڄتوءِ پاند،
هي ڀڳئي هيڪاند، سوڍو ساريندئن گھڻو.“
”راڻي ڌاران راڄ ۾، مون نه گھرجي مال،
سوڍل کي ته سوال، ڪريان پنهنجي قرب جو.“
”ڍولي ڍڪي آهيان، هيس اگھاڙي اڳ،
جوڙي وچان جڳ، ڪڪر ڪيائينم ڪاڪ جو“
”سوڍي ڌاران سرتيون، ٿيو ڀتن ۾ ڀنگ،
اٻاٽجي اڄ ويو، راڻا توري رنگ،
هنئين سان هاڃو ٿيو، پيو اوسيري انگ،
مون توهي سين سنگ، پڇايو پڇان پهي.“
[b]17. سُر کاهوڙي
[/b]
هن سُر ۾ شاهه صاحب انقلابي ڪارڪنن جي پاڻ بچائڻ، هلت چلت، عادات ۽ اطوار، خاصيتن ۽ صفتن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته :
”مون سي ڏٺام ماءُ، جنين ڏٺو پرين کي،
انهن سندي ڪاءِ، ڪري نه سگھان نه ڳالهڙي.“
انهن جي اعلى مقصدن ۽ ڏکين پنڌن پيچرن جو ذڪر هيٺين طرح ڪري ٿو :
”ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سئي نه ٻڌي،
پسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين،
ويا ات ووڙين، جت نهايت ناهه ڪا.“
سندن شڪل شباهت ۽ عادتن جو هن طرح بيان ڪري ٿو :
”سڪا منهن سندن، پيرين پراڻا کيتڙا،
سا جوءِ ڏوري آئيا، سونهان جت منجھن،
ڳجھا ڳجھيون ڪن، تهان پراهين پنڌ جون.“
سندس سمر ۽ ملڪيت مال جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :
”مون کاهوڙي لنگھيا، سمهن ڪين پئي،
سمر ڪيائون سچ جو، ڏوري ڏٿ لهي،
ويا ات وهي، جت نهايت ناهه ڪا.“
انهيءَ سُر ۾ جيڪي ڪجھ بيان ٿيل آهي، انهيءَ جو اختصار هي آهي ته انقلابي ڏٿ تي گذارو ڪندڙ آهين، ڏونگر ڏورڻ ڪم اٿن، سندن پير لڪن سين لڳيو ڇڄيو ڇيهون ٿيون پون ٿا، هنن سمهي سک نه ماڻيو آهي، جهنگلن ۾ جھڻڪن ٿا، سندن سمر سچ آهي ۽ جاءِ رهائش رائو رُڃ آهي، ڏکن ۾ ڏيل هڻي وڃيو مقصد ماڻين، جيتوڻيڪ پنڌ پراهون اٿن ته به پيرن ۾ کرڪڻ به ڪونه اٿن. سندن اهڃاڻ اهو آهي ته انگ تي سڄي اڳڙي به ڪانه اٿن ۽ سدائين اوسيئڙو انهيءَ پنڌ جو اٿن، پيرن ۾ پراڻا کيٿڙا پايو، انهيءَ جوءِ ٿي هلن ٿا، جتي سونهان به منجھيو وڃن. انقلابي طريقن جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته :
”ويجهو وڃ مَ واٽ، ڪهج ڏانهن ڪواٽ،
اجھي منجهان آٽ، اويسي ٿي آءُ تون.“
”ڪپيريءَ ۾ پير، ڪنهين پاتو پيرين،
جيان منجھڻ ماڙهيئين، سڄڻ تيانئين سير،
ان ڀون سندو ڀير، ڪوڙن منجهان ڪونهي.“
[b]18. سُر رامڪلي
[/b]
هن سُر ۾ مذهبي ۽ اخلاقي رهبرن جو ذڪر ڪندي انهن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي ٿو، هڪڙا نوري ۽ ٻيا ناري، چوي ٿو ته :
”نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾،
ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي ان ري.“
پوءِ ٻنهي قسمن جي ماڻهن جون، وصفون بيان ٿو ڪري، سندس خيال موجب نوري اهي يوڳي آهين، جن ۾ هيٺيون وصفون هونديون آهن. آرام کي اوڏا نه آهن، وٽن ڪال ڪونهي، حال آهي، خودي کي کائين ٿا، ڀانئڻ ڀڃي ڇڏيو اٿن، ”نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪو ساڻ اٿن“
جزو وڃائي ڪل سين ڪم رکن ٿا، لوڪ ۾ لڪا ڀڻن ٿا، کامڻ جون خبرون اٿن، ڳجھ ظاهر نٿا ڪن، محبت جي ميدان ۾ لهي پيا آهن. پنج ڪڻي پنئو لڪا وتن. اهي ڪاپڙي به سدائين صاحب پئي ڪنبن ٿا، ”سدائين سفر ۾، راهه مٿي رهن ٿا“ ، ”تسيا ڏيئي سرير کي ساڙي ڇڏيو اٿن“ جن جي کَٽَ خاڪ آهي، جي نڪو ڏوهه کي، نڪوڪي ثواب کي ڏسن ٿا، سڀيئي سنڱ ڇنن ٿا، طمع سڀ ترڪ ڪن ٿا، گولن جا غلام ٿين ٿا، صبر جي شمشير سان ڪيني ڪي قتلام ڪن ٿا، وجود کي وڃائي پاڻان پاسي ٿين ٿا. جا ڳالهه ماڻهن لاءِ مصيبت آهي سا سندن لاءِ راحت آهي، نينهن جو دل ۾ دود دکائن ٿا، بغض ڪونه اٿن، سندن اوڇڻ راز جي چادر آهي، نامراديءَ ۾ نجھرو اٿن، طعام جو طامائو ڪونه آهن، سڃ جي سئن هڻن ٿا، پٽ کڻي ڪين پنن ٿا. ”بک مرندي بکئا، ڪنهن کان ڪين گھرن ٿا“ چشن لاءِ پنهنجا پيٽ نه هيريا اٿن، سڌون ساڻ نٿا کڻن، پنهنجي پوڄا نه ٿا ڪرائي. ”جھڙا جڳ ۾ اچن ٿا تهڙا موٽي وڃن ٿا“ جا بين جي براد آهي، سا آديسن اڃ آهي جنهن مان لوڪ کي لڄ ٿئي ٿي، سو روپ اختيار ڪن ٿا.
”نه کلن، نه کين، نه ڪي ڳالهائين،
ڪنهن جنهن ۾آهين، سا پر پروڙن ڏاکڙو“
اهڙا رهبر اڻلڀ ۽ وقت جا مهمان هوندا آهن، جيڪڏهن هٿ اچن ته هرگھڙي، انهن جي صحبت مان فائدو وٺڻ گھرجي، جي جيڪر ويا هليا ته ٻئي ڀيري ملڻ مشڪل آهن :
”تان ڪي ساڻن اور، جان ڪي آهين اوطاق ۾،
ڏهه ڏھ ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻ مٿائن گھور،
وئا جي هنگلور، ته ڪرم ملندءِ ڪاپڙي.“
اهڙن بزرگن بابت جي گذري ويا آهن، هيٺين طرح ذڪر ٿو ڪري ؛
”اڄ نه اوطاقن ۾، جوڳين سندي ذات،
ساري سنياسين کي، رنم ساري رات،
مون تن جنين تات، سي لاهوتي لڏي ويا.“
ٻيو گروههه ان قسم جي مذهبي مهندارن جن جو آهي، جن کي ناري ٿو سڏي، انهن جا اهڃاڻ هيٺيان آهن :
”گولا جي گراهه جا، جوٺا سي جوڳي،
ڦٽل سي ڦوڳي، جنين شڪم سانڍيا.“
هر هر اُميس ڪن ٿا ۽ ڏيهاڙي ڌوتيا ڌوئن ٿا، پر نڪي رام ريجھائن ٿا نه ميس مارين ٿا، پنهن جي پوڄا ڪرائين ٿا، گندا، گبريون ۽ لانگوٽين تي زور ڏين ٿا، پنڌ پڇڻ جي عيوض اَن جي پڇا ڪن ٿا :
“جنهن سنياسيءَ سانڍيو، گندي ۽ گراهه،
انهيءَ کان الله، اڃا آڳاهون ٿيو.“
”جيئن ٿا پڇن اَن کي، تئن جي پڇن پنڌ،
ته رڙهي لڌائون رند، لٿين لک لطيف چئي.“
[b]19. سُر رِپ
[/b]
هن سُر ۾ شاهه صاحب غم جي اوندهه جا جذبات نهايت سهڻي نموني پيش ڪيا آهن، چوي ٿو ته :
”گوندر ڪيو غرق، ماءُ منهنجو جندڙو،
ڏکوين مرڪ، مٿي سڳر پنڌڙا“
”جاءِ نه سڄو ڏينهن، هيئنڙو اوٺي وڳ جئن،
مون پريان سين نينهن، ڇنڻ ڪارڻ نه ڪيو.
”نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکئين،
اجھاميو پرن، توکي ساريو سپرين.“
”نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.“
[b]20. ليلا چنيسر
[/b]
هن آکاڻي ۾ چار مکيه شيون آهن، جن پرهندڙڻ جو ڌيان لهڻو. چنيسر، ليلان، ڪونرو ۽ هار. اهل تصوف وارن چنيسر کي ذات حقيقي، ليلان کي طالب، ڪونروءَ کي شيطان ۽ هار کي، حرص هواسن سان تشبيهه ڏني آهي.
جيڪڏهن انهيءَ آکاڻيءَ کي سياسي نقطه نگاهه سان ڏسبو ته چنيسر جي اعلى مقصد، ليلان جي خادم ملڪ، ڪونروءَ کي خود مطلب سياستدان ۽ هار مان عارضي نفعي سان مشابهت ٿي سگھندي.
خادم ملڪ کي اعلى مقصد جي حصول کان ڪيئي خود مطلب سياستدان ۽ ظاهر جون لالچون، لقب ۽ سڌون مانع ٿين ٿيون، بعضي هو اکين جي ڍَوَ کي پيارو ڪري، حقيقي مقصد کان غافل يا اڻ ڄاڻ ٿيو وڃي، جنهن ڪري کيس ڪيئي صدما سهڻا ٿا پون. اهڙن ماڻهن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته :
”مڻيو ناهه مڻيون، جو تون پسي هار هرکئين،
اصل آهي اڳهين، سنديون ڪوڙ ڪڻيون،
ان گھوڙن هنئي گھڻيون، دوستان دور ڪيون.“
سياسي دنيا ۾ ڪيترائي ڪارڪن اصولن کي ڇڏي، عارضي نفعي، شخصي فائدي ۽ اقتدار کي مٺو ڪن ٿا، جيتوڻيڪ انهن کي وقتي فائدو حاصل ٿئي ٿو، ليڪن تاريخ ان جي شاهد آهي ته انهن جي پڇاڙي اڪثر طراب ٿئي ٿي، انهن واسطي شاهه صاحب چوي ٿو ته :
”مڻيي تي موهجي، هاري! ڳيڙءِ هار،
ڪوڙيين ڪيا ڪيترا، انهين خر خوار،
پري وير ڀتار، آيئي ڏنؤن ڏهاڳ جو“
اهڙن ماڻهن کي نصيحت ڪندي چوي ٿو ته، انهيءَ وقتي نفعي حاصل ڪرڻ جي ڳالهين مان، ڪجھ به هڙ حاصل نه ٿيڻو اَٿَوَ. جيڪي اصولن خاطر مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا، آخر ته نيٺ، انهن جي چڱي ٿيڻ واري آهي :
”گھوريو سو سهاڳ، جنهن ۾ پسين پاڻ کي،
ڏوري لهه ڏهاڳ، جنهن ڪر لاهو داسڙو.“
هڪ هنڌ انهن ماڻهن جو ذڪر ڪري ٿو جي عارضي فائدي خاطر، اصولن اعلى مقصدن کي ترڪ ڪن ٿا، جنهن ڪري سندن عزت خاڪ ۾ مليو وڃي ۽ دنيا ۾ به جٺ ٿئين ٿي :
”تڙڪي پسي ٿوڪ، ترڪي تڪبر ۾ پئي،
اچيو اچيو، اگلي چئي، ليلان کي لوڪ،
اندراوڀالن سين، ساڙي ڪيائونس سوڪ،
ٻالاپڻ جو ٻوڪ، ويو ويچاريءَ وسري.“
اهڙا ماڻهو اڪثر پاڻ کي چالاڪ ۽ هوشيار سمجھي، دنيا کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ليڪن آخر سچ ۽ ڪوڙ پڌرو ٿيو پوي، ماڻهن کي سندن حرفت جي خبر پئجيو وڃي. انهن لاءِ چوي ٿو ته :
”هئين ته گھڻو هوشيار، ڪل به هيئي ڪينڌ جي،
تو ڀانيو موچاري ٿيان، ڳچيءَ پائي هار،
ڪانڌ ڪوڙيءَ جو نه وڻي، سئين ڀتين سينگار،
وهم لهي وينجھار، دليون پر کي داسڙو.“
اهڙن ماڻهن کي چوي ٿو ته، ان ڏاهپ کا ڀورائي بهتر آهي، جوان مان رنج رسي ٿو ۽ صفا دل واريءَ ڀورائيءَ مان جيتوڻيڪ ابتدا ۾ ڪي تڪليفون به رسن ٿيون، ليڪن آخر ڪاميابي ان مان حاصل ٿئي ٿي :
”الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.“
هن کي معلوم هو ته، گھڻائي هوشيار ۽ چالاڪ ماڻهو سياسي دنيا ۾ اخلاقن ۽ اصولن کي ڦٽو ڪري، دولاب ۽ ٺڳيءَ رستي، عارضي طرح وڃي اوج تي رسيا هئا، ليڪن ان مان ڪنهن کي دائمي ڪاميابي نصيب نه ٿي هئي۽ گھڻن جو ڏهاڳ هن اکين سان ڏٺو هو :
”چنيسر سين چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري،
جا مون پوءِ پروڙيو، ته هي نه ماڻي ماڳ،
ڏمريو ڏهاڳ، سگھو ڏئي سهاڳڻين.“
کين مخاطب ٿي چوي ٿو ته اوهان جنهن کي هوشياري ۽ چالاڪي ٿي سمجھيو، سا در حقيقت وڏين مصيبتن جو ٻج هئي، پر اوهان کي خبر نه هئي :
”تون جو ڀانئيو هار، سو سورن جو سڳڙو،
چنيسر چت کڻي، ٿيو پورهيت جو پار،
اوڻت جو آچار، ڪانڌ ڪنهن سين مَ ڪري.“
[b]21. سُر بلاول
[/b]
هن سُر ۾ ڪي بيت قديم سنڌين جي ساراه ۾ چيل آهن ۽ ڪي سندس نوڪر وڳنڌ بابت مذقيه آهن، مثال لاءِ هيٺ ڏجن ٿا :
”ڏمريو ته ڏيئي، پرچي ته پاٽ ڀري،
جنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.“
”اسور سندي آسري، ويٺو آهه وڳنڌ،
هڏ نه ڇڏيندو هنڌ، آيس بوءِ بهار جي.“
[b]22. سُر ڏهر
[/b]
هن سُر ۾ جدا جدا موضوعن تي بيت چيل آهن، پهرين فصل ۾ ڪنڊي جي وڻ ۽ ڪنهن تلاءَ سان مخاطب ٿي، ساڻن قديم واقعن جي ياد تازي ڪئي اٿس. اهڙي طرح هڪ هنڌ مڇ کي وقت وڃائي تانگهي پاڻيءَ ۾ ملاحن جي مهميزن ۾ ڦاسڻ تي تنبيهه ڪيل آهي :
”ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍورو وهي،
جسودن جيڏو، تو ڪر گڏيو پهيڙو.“
”جان جر هيئڙو جال، تان تون مڇ نه موٽئين،
پونديءَ اڄ ڪِ ڪالهه، سانڀويون سانگن جون.“
ٻئي فصل ۾ مناجات ۽ مدح ۾ بيت چيل آهن. مثال طور :
”ست ڪج ستار، آئون اگھاڙي آهيان،
ڍڪين ڍڪڻهار، ڏئي پاند پناهه جو.“
”مديني جا مير، سڻ منهنجا سڏڙا،
سرڻ تنهن جي سير، تون پار لنگھائيين ٻيڙا.“
ٽئين فصل ۾ وطن جي طالب يا خادم کي، سستي ڇڏي هوشيار ٿيڻ جي لاءِ نصيحت ٿو ڪري :
”ڪي سمهه ڪي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
اي مانجھاندي جو ماڳ، جو تو ساڻيهه ڀانئيو“
”سمهڻان ساڙو، جيڏيون جيڏوئي ٿيو،
هوت لنگھيا هاڙهو، تون اناسي اوجھرين.“
چوٿين فصل ۾ ڪونجن جو قصو ڪي، قومي محبت تازي ڪرڻ گھري ٿو :
”وڳر وساري، ويٺين ڪئن ماٺ ڪري،
ڪِ تو، نه ماري رڻ جھڻ سندي سڄڻين؟“
قوم جي دشمنن کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته :
”ماري مرين شال، سڀ وڃنئي ڍٻيون،
جئين تو اچي ڪالهه، وڏو وچ ورهن کي.“
وري ڪڇ ملڪ جي تاريخي واقعن جو ذڪر ڪندي اتي جي قديم دهقاني قبيلن جو ذڪر ٿو ڪري :
”ڇنل ڇڄ هٿن ۾، ڪلهن ڪوڏارا،
پورهئي خاطر پنهنجي، اٿين سوارا،
اوڏ به ويچارا، لاکا! وڃن لڏيو.“
[b]23. سُر ڪاپائتي
[/b]
هن سُر ۾ بي عمل زندگيءَ کان پرهيز ڪرڻ، نيٺ سچي ۽ خلوص دل سان عمل صالح ڪرڻ جي تلقين ڪيل آهي، قابليت ۽ هوشياري سواءِ خلوص جي بيڪار سمجھي اٿس، عمل تي فخر ۽ هٺ ڪرڻ جي به مخالفت ڪئي اٿس، هڪ هنڌ سنڌيءَ کي چوي ٿو ته، پنهنجو قيمتي وقت اجايو خرافات ۾ پيو وڃائين. تنهنجي زندگيءَ جا ڏانهن مختصر آهن، دنيا جون ٻيون قومون ترقي ڪري رهيون آهين ۽ تون خواب غفلت ۾ ستو پيو آهين، جلد هڪ ڏينهن ڀيٽ واري آهي، اتي توکي شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪرڻو پوندو، تنهنڪري جلد ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪا خدمات ڪري وٺ :
”ڪتڻ جي ڪانه ڪرئين، ستي ساهئين هڏ،
سڀان ايندئي اوچتي، عيد اگھاڙن گڏ،
جت سرتيون ڪندئي سڏ، اتي سڪندئين سينگار کي.“
ٻئي هنڌ چوي ٿو ته زندگيءَ جون بهترين گھڙيون جاءِ طلبي، ناپائدار شين ۽ اجائين مشغلن ۾ ويهي وڃايا اٿئي، جلدئي جواني گذري، پوڙهپڻ ايندءِ، پوءِ وڃايل وقت لاءِ هٿ هڻندين، پر ويل وقت ڪو موٽي ڪونه اچڻو آهي :
”سي تون ويهي وڃائيا، جي ڪتڻ سندا ڏينهن،
ارٽ لوڏي نه ٿئين، ڀوري ڀوري سيئن،
ڪنڌ کڻندين ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي.“
پر وري به چوي ٿو ته، جيڪڏهن عمر جو گھڻو حصو تو اجايو وڃائي ڇڏيو آهي ته به اميد نه لاهه ۽ عمل جي ميدان ۾ گھڙي پئو، پوءِ جيڪڏهن ٻيو ڪجھ هڙ حاصل نه ٿيندءِ ته به خادمن جي لسٽ ۾ ته نالو داخل ٿي ويندءِ :
”توڙي وڏي ٿينءَ، توءِ اٿي آتڻ آءُ،
ٿي ڀيڙي ڀيرم وارئين، ٻي هڏ ڪر مآ ڪاءِ،
ته صراف تو صباح، ڪوٽي ڪاتارين سين.“
هڪ جاءِ تي چوي ٿو ته جيڪڏهن توکي ڪاميابي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو نٿو ملي ته، ان جي پرواهه نهڪري هر حالت ۾ خدمت ڪندو رهه، ويٺي کان وندر بهتر آهي ۽ بيڪاريءَ سان پاڻ هيرڻ ٺيڪ نه آهي :
”ڀڳوئي ڀير، جانسين رتو راس ٿئي،
بريءَ بيڪاريءَ سين، هاري پاڻ مَ هير،
ڪت ڪتينديون ڪير، نئين سين نه ڄاڻجي“
جيڪي ماڻهو خود مطلبيءَ جي غرض سان سياسي ميدان ۾ گھڙِي ڪم ڪن ٿا، انهن کي آخر ڪوبه فائدو حاصل ٿيڻو نه آهي، پوءِ ڪهڙي به هوشياريءَ سان بهگرين ڪم ڪيو هجين، انهن واسطي چوي ٿو ته :
”چائت پائي چت ۾، سنهو ڪتيو جن،
تن جو صرافن، دُڪو داخل نه ڪيو.“
پر جن خلوص دل سان خلق خدا جي ڀلي خاطر ذرو به ڪم ڪيو هجي ۽ اهو ڪم بدنيتي وارن جي معيار کان ڪيترو به گھٽ هوندو، ته به آخر اهوئي عوام جي اڳيان قبول پوڻو آهي :
”محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگھايو.“
جن ملڪ جي خادمن ۾ دنيا جي ڪا ظاهري قابليت ۽ لياقت نه آهي، ليڪن خلوص دل سان ڪم ڪرڻ گھرن ٿا، انهن لاءِ چوي ٿو ته :
”جا سنهون نه سکي، سا مر رنڊائي روڙي،
سٽ تنين جو سڦرو، ويا ترازيءَ توري،
ٿلهي ۽ ٿوري ويچاريءَ سان وڙ ڪيو.“
[b]24. سُر پرڀاتي
[/b]
هن سُر ۾ لس ٻيلي جي سخي سردرا سپڙ ڄام جي نالي ۾، بخشش الاهي جو ذڪر ٿو ڪري :
”ڏات نه آهي ذات تي جو وهي سو لهي،
آريون اٻوجھن جون، سپڙ ڄام سهي،
جو راءِ وٽ رات رهي، تنهنکي جکي جان ڪي تان لهي.“
”جيڪي ڏڏن ڏي، ڳجھيائي ڳجھه ۾،
سو جي سڻن ڪڏهين، ڪرت واري ڪي،
ته ساز مڙوئي سي، هوند پٿون ڪن پلڪ ۾.“
”ميرا پسي مڱڻا، سڀر سڏ ڪيا،
سٻوجھن سئا، اٻوجھن آسرو.“
”ڏاتار ته تون، ٻيا مڙئي مڱڻا،
مينهن مندائتا وسڻان، سدا وسين تون،
جي گھر اچين مون، ته ميريائي مان لهان.“
[b]25. سُر گھاتو
[/b]
هن سُر ۾ شاهه صاحب ڪلاچيءَ جي ڪن واري مگر مڇ، ضعيف مورڙي مڇي ماريندڙ، ان جي ڇهن ٿلهن متارن ڀائرن جي قصي تي بيت چيا آهن، تصوف وارا ان جي معنى ڪهڙي به ڪڍن، ليڪن هي ته صاف تاريخي واقعا آهن ته ڪلاچيءَ جي ڪن واري جاءِ، جتي هينئر ڪراچيءَ جو شهر ٻڌل آهي، مان گھڻي وقت کان سنڌين کي نقصان پئي پهتا آهن، انگريزن به انهيءَ رستي کان اول سنڌ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو، هينئر به اتي جي سياست ڪري سنڌ جي آزاديءَ ۾ رخنو پيو پوي، انهنڪري هتي ڪلاچيءَ جي ڪن مان ٻاهرين سياست جو مرڪز مراد آهي. مگرمڇ ڌاريا حڪمران آهن، مورڙي جا ٿلها متارا ڀائر، سنڌ جي صاحب اقتدار طبقي جا رڪن آهن ۽ مورڙو غريب سنڌي ڳوٺاڻي سان مشابهت ٿو رکي :
”ڪوجو قهر ڪلاچ ۾، جو گھڙي سو نئي،
خبر ڪونه ڏئي، ته رڇ ڪڄاڙيا رنڊيا؟“
سنڌ جا ٿلها شڪاري يا سياستدان سڀ انهيءَ ڪن ۾ گم ٿي ويندا. وري به مگرمڇ کي غريب سنڌي (مورڙو) مارينديو، پر ان لاءِ خاص تيارين جي ضرورت آهي، شاهه صاحب چوي ٿو ته :
”جيئن جهينگا پائين جھول ۾، ائين نه مرڻ مڇ،
سٻر ڌار سمنڊ جا، ڪي رائو رڱي رَڇ،
هي ڇاڙون ۽ ڇڇ، اڃا اوڙاهه اڳاهون ٿيو.“
[b]26. سُر آسا
[/b]
هن سُر جا بيت چئن فصلن ۾ چيل آهن. پهرين ۾ وحدت الوجود جي مسئلي جي تشريح آهي، چوي ٿو ته :
”هو پڻ ڪونهي هن ري، هي نه منجھان ڌار،
”الاانسان سري وانا سره“، پروڙج پچار،
ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي.“
”صورت سوجھ مَ تنهنجي، تون پڻ پڇين جو،
سخن آهي سو، جو منهن مقابل نه ٿئي.“
ٻئي فصل ۾ اکين جي عجب جهڙي عادتن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته، جي کر سامهون کڻان ٿو ته به پرين پسن ٿيون، جيڪي هڪ دفعي ڏسي آئيون آهن، اوڏانهن پيئون پاڻ مراديون تاڻين، اهي ”سور پرائي ساٿ جا وڃيو وهائين“ اها مت پاڻ سان پاڻهي ڪئي اٿن، جو اتي وڃي لڳيون آهن، جتي جيءَ ڏني کانسواءِ، ٻيو چاروئي ڪونه آهي. آخر ۾ چوي ٿو ته :
”اکيون اهي ڌار، جن سان پسين پرينءَ کي،
ٻئي ڏي ڪي مَ نهار، گھڻو ريسارا سپرين“
ٽي فصل ۾ سچي محبت ۽ سڪ جو احوال ڪندي چوي ٿو ته حق جي راهه ۾ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ وارن کي، کر کاري ڪين سگھندو، کر صرف انهن کي کاريندو، جن جو پريتڻو ماٺو هوندو :
”کر کاريندو سي، ماٺو جن پريتڻو،
جوش جلايا جي، ماري تن مات ڪيو“
بي اصول ۽ ظالم، جي حق جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، تن لاءِ پيشنگوئي ڪري چوي ٿو ته اهي پاڻ ختم ٿي ويندا :
”کر جا کڏ کنئي، پوڻ خاطر پريءَ جي،
تنهين ۾ پاڻ پئي، غيبي غار ٿيو.“
چوٿين فصل ۾ وري وحدت جي واديءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :
”پاڻ پردو پاڻ کي، سڻي ڪر سنڀال،
وچان جو وصال، سو تان هئڻ هن جو.“
”پاڻ پردو پاڻ کي، طالب سڻج تون،
نڪا نان نه هون، پردا سڀ پاسي ٿيا.“
[b]27. سُر مارئي
[/b]
شاهه صاحب جي ڪلام ۾ مارئي جي سُرَ اندر حب الوطني، عوام جي محبت، آزاديءَ جي تمنا، قديم روايات کي برقرار رکڻ، ڌارين جي لالچن کان پرهيز ڪرڻ، غير جي ڏاڍائيءَ اڳيان سر نه نمائڻ، جا جذبات ڀريا پيا آهن، جيڪڏهن ان جي سياسي معنى وٺبي ته مارئي کي محب وطن، عمر کي ظالم حاڪم، عمر ڪوٽ کي غلاميءَ جي زندگي ۽ ملير کي آزاديءَ جي دنيا سان تشبيهه ڏيئي سگھجي ٿي. شاهه صاحب مارو سنڌي عوام کي سمجھي ٿو ۽ ملير مان سندس مراد آزاد سنڌ آهي، ملير طرف مينهن جي وسڻ مان سندس مقصد، ان جي ترقيءَ جي اميد جو پيدا ٿيڻ آهي، هن کي سنڌين جي بدويانه تهذيب تي فخر آهي، سنڌين کي چوي ٿو ته ٻين جي محلاتن، پلنگن، سيڄن، نرم وهاڻن، زري ۽ ر يشم جي ڪپڙن، طرح طرح جي طعامن عطر عنبيرن وغيره کان، پنهنجون جھوپڙيون، کٿا، لويون، ڏٿ ۽ پيرون هزار دفعا وڌيڪ بهتر آهن. عوام (مارن) سان گڏ آزاديءَ جي زندگي گذارڻ، لوئي نه لڄائڻ، عمر جي ڏاڍائيءَ اڳيان سر نه نمائڻ، بند ۾ خوشي نه ملهائڻ، آزادي ماڻڻ کان اڳ بند ۾ مرڻ کان پناهه گھرڻ ۽ ڪوٽن جي ڪرڻ ۽ زنجيرن جي ٽٽڻ جي آس رکڻ هن سُر جا خاص جزا آهن.
سنڌي عوام جي لاءِ چوي ٿو ته :
”چئي، ڪن فيڪون، جڏهن خلقيا روح خداءِ،
گڏ جت گذران هئو، جڙ لڳي تنهن جاءِ،
مون توهين سين آهي، اها ساڃاءِ سپرين.“
پنهنجي مارن لاءِ ڏاڍي محبت اٿس، انهن سان آزاديءَ جي زندگي گذارڻ، پنهنجي وس کان ٻاهر ڏسي رت روئي ٿو :
”ري اعرابين هت، گھنگھر گھارڻ مون ٿيو،
’بڪت العينان في هواڪ دما‘ پڄان ساڻ پرت،
من اکيون، ته تت، جتي جنم جيڏئين.“
پنهنجي وطن سان کس محبت آهي، ان جو پتو سندسن هيٺين بيت مان پوي ٿو، جنهن وطن جي مٽيءَ کي کٿوري جي برابر سمجھي ٿو :
”پهي سک، پيرن کهه، ڪو نهي نياپو مارئين؟
ات اڪنڊي آهيان، تن آتڻ تئن ڏيهه،
سندي جا ساڻيهه، کيهه کٿوري ڀانئيان.“
پنهنجي وطني ڀائرن جي محبت ۽ پيار کي ههڙيءَ طرح ادا ڪري ٿو :
”ٿر ٿر اندر ٿاڪ، عمر ماروئڙن جا،
لاٿائون لطيف چئي، مٿان لوئيءَ لاک،
عمر! ڪريو آک، پهرو ٿي پن چوان.“
سنڌين جي بدويانه تهذيب ۽ سندن خانه بدوش زندگي، جھنگن ۽ برن ۾ رهڻ کي، فخر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهيءَ کي عيب سمجھي شرمائي نه ٿو :
”اسين تئان آئيون، جت کهنبو ناهه،
جي وڃون ڪنهن وهانءِ، ته پڻ مٿهون لوئيون.“
”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا،
سٿا ڪيو سومرا! سائون سڪائين،
منجھان لنب لطيف چوي، چانور ڪيو چاڙهين،
پلاءُ نه پاڙين، عمر، آراڙي سين.“
هڪ جاءِ تي چئي ٿو ته اگرچ مسڪيني ۽ غلاميءَ جي زندگيءَ، سنڌي عوام جو حال هيڻو ڪري ڇڏيو آهي، پر هنن جو ست ايڏو آهي، جو آزاديءَ جي آسري تي ڪيڏي به قيمت تي، پنهنجي روايات کي نه وساريندا :
”سهسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام،
اباڻن جي آسري، ڪتي ڪان قيام،
جا ڍٽ ڍڪيام، تنهن جو پرور! پن رهائيين.“
سنڌي عوام کي غربت ۽ غلاميءَ جي قيد ۾ ڏسي، ارمان ٿئيس ٿو، پر دل مضبوط ڪري کي دلاسو ۽ ڏڍ ڏئي، دلداري ڏيندي چوي ٿو ته، پنهنجي روايات کي نه وسارجو، اهي ڏکيا ڏينهن جلد گذري ويندا آخر آزادي ۽ ترقي نصيب ٿيندوَ :
”قسمت قيد قوي، نه ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،
لکي آڻي لوح جي، هنڌ ڏيکاريم هيءُ،
پرچي ڪين پنهوار ري، جان جسو ۽ جيءُ،
راجا راضي ٿيءُ، ته مارن ملي مارئي.“
”ڪو ڏينهن آهي ڪوٽ ۾، لوئي هڏ مَ لاهه،
ڪامڻ آهنجي، جي ڪر جي، اڏ وڏائي آهي،
هت مَ پاڙج هيڪڙو، پائر جي پساهه،
ستي سيل نباهه، ملير ويندئن مارئي.“
سنڌ جي عوام جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن واري زندگي هوندي به هن ۾ جوست ۽ همت آهي. تنهن جو ذڪر ڪري هن طرح چوي ٿو ته :
”زيرين ٻيڙين لوهه ۾، ڳٽن ڪيس ڳاهه،
سوڪي سندي سومري ، هڏ نه چاڙهيم ماهه،
سرتيون دعا ڪجاهه، ته ڀرم ڀاروڙيءَ رهي.“
ملڪي حاڪم ۽ سندن حواري حڪمران طبقا، جڏهن ملڪ جي سموري پيداوار تي قبضو ڪري، رنگ رليون ملهائن ۽ خوشيون ڪن ٿا، تڏهن شاهه صاحب عوام جو عيوضي ٿي، انهن کي مخاطب ٿي ڪري چوي ٿو ته، اسان مظلوم، محڪوم ۽ مسڪين آهيون. ان حالت ۾ اسان ڪهڙي طرح خوشي ملهائي سگھندا سون. جيسين اسان جو عوام آزاد نه ٿيو آهي :
”جا عمر تون مل عيد، سا اسان سوءِ ورتي سومرا،
ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد،
سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا.“
”عمر اڇا ڪپڙا ڪاڻياريون ڪيئن ڪن،
جنين جا ٿرن ۾، ورثا ويڻ سهن،
هو جي حق ڀڃن، سي ڪيئن ستيون سومرا.“
”آءٌ ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گھاري ولهه،
کٿيريءَ تان کل، عمر ڪج مَ اهڙي.“
وري غلاميءَ جي زندگيءَ عوام جو جهڙو حال ڪيو آهي، ان جو ذڪر هيٺين طرح ڪري ٿو:
”سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،
وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهه حسن ري.“
ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ جي سوال کي هو چوي ٿو ته، تيسيتائين نه ڇڏيندو، جيسين تائين سرير ۾ ساهه اٿس :
”پير نه ڇڏيان پرين جو، جانسين ٿي جيان،
کيرون کٿيرن کي، وڃي ڏيهه ڏيان،
ڪارڻ ٻن ڏينهان، آءٌ ڪيئن لوئي لائيان.“
حڪمران طبقي ۽ ڌارين جي ساز ۽ سامان، حڪومت ۽ دٻدٻي، علم ۽ عقل کي ڏسي، جي ماڻهو عارضي نفعي خاطر پنهنجي روايات کي ڇڏي سندن انڌي تقليد ڪرڻ لڳن ٿا، ۽ ملڪي معاملات سان غداري ڪن ٿا، تن کي مخاطب ٿي ڪري چوي ٿو ته :
”هي منهن ڏيئي ٻن، تون وهه نه کائي مرين،
تان جي ملير ڄايون، توسين سڱ نه ڪن،
تون ڪيئن منجھان تن، پاڻ ڪوٺائين مارئي.“
ڪنهن وقت وجد ۾ اچي دعا گھري ٿو ته، خدا ڪري اهو ڏينهن نه ٿئي جو، ملڪ ۽ قوم کي غلاميءَ کان آزاد ۽ مسڪينيءَ کان ٻاهر ڏسڻ کان اڳي مري وڃي. شل عوام جون مرادون پوريون ٿينديون ڏسي، پوءِ مري :
”الله ائين مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بند ۾،
جسو زنجيرن ۾، راتو ڏينها روءِ،
پهريان وڃا لوءِ ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا.“
ڪڏهن عوام جي ملڪي معاملات پاسي، گھٽ ڌيان ڏسي چوي ٿو ته، جيڪڏهن انهن ۾ قومي احساس هجي ها ته، غلامي گھڻو وقت ڪانه رهي سگھي ها. ۽ نه کيس ئي ايتري اذيت ٿئي ها :
”جيڪر لڌائون ته، بنديءَ بند نه ساريو،
ماروئڙن آئون، جيڪس ويس وسري.“
هن جڏهن ڏٺو ٿي ته، حڪمران طبقو يا ڌاريان حاڪم سنڌي عوام بنسبت گلا ڪن ٿا ته، هو جاهل بزدل ۽ اڻسڌريل آهن، ته هن جي حب الوطني عود ڪريو آئي، ۽ چيائين ٿي ته :
”جيها سي تيها ، مون مارو مڃيا،
مون جيڏيون ملير ۾، چونڊن موڪ ميها،
منهنجي آس اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.“
[b]28. سُر پورب
[/b]
هن سُر ۾ ٻه فصل آهن، پهرين ۾ ڪانگ کي محبوب جو قاصد سڏي، ان سان دل جا حال اوريا اٿس، چوي ٿو ته :
”ڪانگل سيئي ڪوٺ، پرين سي پرڏيهه ويا،
جنين ريءَ جهان ۾، اکڙين اروٺ،
الله لڳ لطيف چئي، ڪج ڳاراچو ڳوٺ،
جي ڏمريا ڪنهن ڏوٺ، سي اڏامي آڻ پرين.“
ٻئي فصل ۾ خادم ملڪ کي مخاطب ٿي ڪري ڪي نصيحتون ٿو ڪري :
”سامي چائيين، سک طلبين تسان ڏيئين نه تن،
ماڙهن کان مون ڪيو، پنن اٽا ۽ ان،
ڪاپڙي تون ڪن، ڪِ چيرايا چشن لئه.“
”سامي چائيين سک، طلبين سکين نه سامي،
اڃا اوريس پنڌ ۾، ويٺين وسامي،
گُر کي تون نه گڏئين، چائيين انعامي،
دائم مدامي، پورو رهج پرين سين.“
[b]29. سُر ڪاموڏ
[/b]
هن سُر ۾ ڄام تماچي ۽ نوري مهاڻيءَ جي قصي جو بيان ڪندي ڄام تماچيءَ جي غريب مهاڻن سان محبت کي ساراهيو اٿس.
انهيءَ مان شاهه صاحب جي سياسي رجحان جو پتو پوي ٿو ته، سياسي ليڊرشپ لاءِ، هو ڪن خاصيتن کي پسند ٿو ڪري :
”ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
پاند جن جي پاند سين، لڳو ٿي لڄ،
سمو ڄام سهڄ، اڀو ڪري ان سين.“
”گند جن جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
انهن جي اوطاق، راجا ريجھي آڻيو.“
”کوءِ سميون، ٻن سومريون جي اچن اوچي ڳاٽ،
ورسي ڪينجھر ڄائيون، جن تماچيءَ جي تات،
راڻن ملان رات، ماڻڪ ميءَ پرائيو.“
”ڪاريون ڪوجھيون ڪوڙيون، مور نه موچاريون،
وٺي ويٺيون واٽ تي، ککيءَ جون کاريون،
انهن جون آريون، سمي ريءَ ڪير سهي.“
[b]30. سُر ڪارايل
[/b]
هن سُر ۾ ٻه فصل آهن، پهرين ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ امن کي، جو ٻاهرين اثرن اچي، خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان جو ذڪرڪندي سنڌين جي بيچارگيءَ جي حالت تي چيو اٿس :
”اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،
ايندا لڄ مرن، تنهن سَرَ مٿي هنجڙا.“
”سَرَ ۾ پکي هيڪڙو، پاريهرن پنجاهه،
سندي آس الله، ٿو لڏي لهرن وچ ۾.“
اها حالت سنڌين جي ڪين ٿي، ان بنسبت چوي ٿو ته، هو پنهنجي سادگيءَ ڪري، ڌارين جي چقمقي ڳالهين تي ڀلجي پيا ۽ پاڻ وساري ڇڏيائون، جنهن ڪري ڦاسي پيا :
”دلبو منجھ درياهه، پسي پکي آڻيا،
ويچارا ويساهه، آڻي ات اڙائيا.“
وري ٻي فصل ۾ سنڌي عوام بنسبت حاڪمن کي چوي ٿو ته، هو اهڙي نسل ۽ روايات جا آهن جو سدائين محڪوم رهي نه سگھندا، اگرچه ظاهري ڪمزور ڏسڻ ۾ اچن ٿا :
”سنها ڀانئن مَ سپ، اٿئي وياءَ واسينگن جا،
جنين جي جھڙپ، هاڻي هنڌائين نه چُري.“