1. حب الوطني
شاهه صاحب جي زماني ۽ موجوده دور جي حاڪمن جي سياسي پاليسي، گھڻو ڪري ساڳي آهي، هو به اسلام ۽ شريعت جو نالو وٺي ڪتا ڌارڻ، شڪار ڪرڻ، ملڪي خزاني جو گھڻو حصو، ذاتي عياشين ۾ خرچ ڪرڻ ۽ پنهنجي طاقتن کي برقرار رکڻ لاءِ، خرچ ڪندا هئا ۽ سندس قول ۽ فعل يڪسان نه هئا. هي به ڪم و بيش ساڳئي رستي تي هلي رهيا آهن. انهن ڏينهن ۾ اسلامي برادريءَ جي نالي ۾ عوام کي آزاد راءِ ۽ آزاد خيالي کان محروم رکيو ويندو هو. هن وقت به ساڳي حالت آهي.
تنهنڪري شاهه صاحب جو سڄو سُر مارئي انهيءَ مضمون تي صرف ڪرڻ بغير، ڪنهن مطلب ۽ مقصد جي نه آهي. آءٌ اڳي به لکي آيو آهيان ته مسلمانن ۾ قديم وقت کان ٻن خيالن جا ماڻهو پي رهيا آهن. هڪڙا وطن جي محبت جي بنياد تي، انسانذات جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جي راءِ جا پي رهيا آهن ته ٻيا مسلمانن کي هڪ جدا گروهه بنائي، انهن کي انسانذات جي رهبري ڪرائڻ جا طرفدار پي رهيا آهن، ته ٻيا مسلمانن کي هڪ جدا گروهه بڻائي انهن کي انسانذات جي رهبري ڪرائڻ جي طرفدارن کي پنهنجا دليل آهن، جن جو مختصر احوال به اڳي ئي ٻڌايل آهي. هتي صرف هي ٻڌائڻ ڪافي ٿيندو ته شاه صاحب پهرين خيال جو هو، جنهن ڪري ئي حب الوطني کي ساراهيو اٿس. موجوده وقت جي زبان ۾ انهن ٻنهي نظرين کي نيشنلزم ۽ پئن ــ اسلام ازم سڏجي سگھجي ٿو.
شاهه صاحب نيشنلزم جو حامي هو، نيشنلزم ۽ حب الوطني ساڳي شيءِ آهن. اهو صاف سمجھڻ گھرجي ته جيڪي سنڌي، شاهه صاحب جا مداح آهن ۽ ڊاڪٽر اقبال جا به پوئلڳ ٿيڻ گھرن ٿا، تن يا ته ٻنهي جي خيالات جو مقصد سمجھيو نه آهي يا ڄاڻي واڻي ائين ڪن ٿا. مطلب ته شاهه صاحب جو پهريون پيغام سنڌ جي سياسي، اقتصادي، ذهني آزادي ۽ ترقيءَ جي مقصد سان محبت رکڻ آهي ۽ حب الوطني جي صحيح معنى به اهائي ٿي سگهي ٿي.