4. جن بزرگن سان شاهه صاحب مليو انهن جو مختصر احوال
1. شاهه عنايت صوفي
2. مخدوم محمد معين ٺٽوي
3. مخدوم محمدي کهڙن وارو
4. صاحبڏنو فقير درازن وارو
5. مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو
6. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
7. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
8. مدن ڀڳت ۽ ڪي هندو يوڳي
از انسواءِ ٻيا ٽي بزرگ جن کي اگرچ پاڻ مليو ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته هو گھڻو وقت اڳ گذر ڪري ويا هيا، پر انهن جي تعليمات مٿس خاص اثر ڪيو ٿو ڏسجي، تنهن ڪري انهن جو مختصر ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. اهي بزرگ هيٺيان آهن.
• مخدوم بلاول
• مخدوم نوح
• شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو
[b]1. شاهه عنايت صوفي
[/b] شاهه عنايت الله ولد مخدوم فضل الله سنڌ جي مشهور درويش مخدوم صدو لانگاهه جي اولاد مان هو، هي درويش ميران پور جي ڳوٺ ۾ رهندو هيو، جو ميرپور، بٺورو تعلقي جي هاڻوڪي جھوڪ جي ڳوٺ جي ويجھو هو. هي صاحب مخدوم عبدالملڪ برهانپوري، قادري طريقي جو مريد هيو، جو شاهه عبيدالله جيلاني جو فرزند هيو. هو شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان قادري طريقي جو بزرگ هيو. شاهه عبداللطيف پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي وقت ۾ صوفي صاحب جي بزرگيءَ ۽ درويشيءَ جي هاڪ ٻڌي، سندس سان ملاقات ڪئي ٿي ڏسجي. ميران پور جو ڳوٺ، شاهه عبدالڪريم جي مزار واري ڳوٺ بلڙيءَ کان ڏيڍ ميل پنڌ تي هيو، انڪري به کيس شاهه عنايت سان ملڻ جا موقعا پئي مليا، جو شاهه صاحب اڪثر پنهنجي ڏاڏي جي درگاهه تي زيارت لاءِ ايندڙ هيو. شاهه عنايت جي ياد خدا ۽ فيض عام جي شهرت جڏهن وڌي ويئي ته چؤطرف ماڻهو، جوق در جوق انهيءَ چشم شِيرين مان سيراب ٿيڻ جي لاءِ گڏ ٿيڻ لڳا، جنهن ڳالهه آس پاس جي زميندارن، عالمن ۽ پيرن ۾ حسد پيدا ڪري وڌو. انهن مان مکي وڏيرو نور محمد پليجو ۽ حمل خان جت ۽ سيد عبدالواسع سجاده نشين، درگاهه شاهه عبدالڪريم هئا. معلوم ائين ٿئي ٿو ته صاحبڏنو فقير درازن وارو، جو مخدوم عبدالملڪ جي والد شاهه عبيدالله جو مريد هيو، ۽ شاهه عنايت، جو هڪ چشمي مان فيض حاصل ڪيو هو. صاحب ڏنو فقير جي پوٽي سچل فقير جي ڪلام کي (جو اسان وٽ پورو پهچي سگھيو آهي) ڏسڻ مان پورو پتو پوي ٿو ته اهي شيخ فريدالدين عطار جي سلسلهء تصوف جا قائل هيا. اهڙا حوالاسندسن ديوان آشڪار مان گھڻا ملي سگھن ٿا. صوفي صاحب جي تعليم تنگ خيال ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي برخلاف کليو چيلينج هيو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ وقت ڌاري ملن ۽ پيرن شريعت ۽ طريقت کي پنهنجي طاقت ۽ اقتدار هٿ ڪرڻ جي لاءِ رانديڪو کڻي بنايو هيو، جنهنڪري صوفي صاحب جهڙن آزاد خيالن بزرگن کي انهيءَ ڍونگ جي برخلاف کلي بغات جو اعلان ڪرڻو پيو، بدقسمتيءَ سان صوفي صاحب جي احوال بابت گھڻو ذخيرو ملي نه ٿو سگھي، جنهن سان سندس حياتيءَ تي پوري روشني پئجي سگھي. تنهن هوندي به تاريخ تحفةالڪرام، مقالات شعراءِ، سندس هم مشرف صوفين جو ڪلام ۽ مڪاني معلومات مان جيڪي ڪجھ معلوم ٿي سگھيو آهي، تنهن جي آڌار تي هيٺيان نتيجا اخذ ڪري سگھيو آهيان.
صوفي صاحب توڙي جو پاڻ به شاعر هيو، ليڪن سندس ڪلام سواءِ، چند بيتن جي اڃا تائين منهنجي نظر تي چڙهي نه سگھيو آهي، ليڪن هن ڳالهه کان انڪار ٿي نه ٿو سگھي، ته هو مسئلا وحدت الوجود يا همه اوست جو قائل هيو. انهيءَ نظرئي جا پوئلڳ ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙا انهيءَ نظريي جا باني شيخ الاڪبرمحي الدين ابن عربيءَ جي فلسفي (جو سنڌ ۾ شاهه ولي الله دهلوي ۽ ٻين قادري ۽ سهروردي طريقن جي بزرگن جي وسيلي پکڙيو) جا قائل هيا ۽ ٻيا منصور بن حلاج جي نقطه نگاهه (جو شيخ فريد الدين عطار ۽ شمس تبريز جي معرفت سنڌ ۾ پکڙيو) جا پوئلڳ هيا. اگرچه خود شيخ ابن عربيءَ تي به منصوري خيال جو گھڻو اثر هيو، ليڪن انهيءَ نقطه نگاهه کي باريڪ نظر سان ڏسبو ته تفاوت معلوم ٿي ويندو. منصور جو چوڻ هيو ته ”ذات ساڳي صفات آهي“ ۽ ”آءٌ خود حق آهيان ۽ انهيءَ ڪري ڪڏهن به حق کان جدا نه آهيان“. هو خدا کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته ؛ ”مون ۾ ۽ تو ۾ ڪوئي به تفاوت نه آهي، سواءِ هن ڳالهه جي ته تنهنجو نالو خدا آهي.“ هڪ هنڌ چوي ٿو ته، ”اهو ڪير آهي؟ اهو آءٌ آهيان، مون ۾ ۽ تو ۾ ڪوبه تفاوت نه آهي سواءِ عارضي ۽ دائمي جي“.
سندس انهيءَ راءِ مان معلوم ٿيندو ته انسان ۾ ذات ۽ صفات جي جداگانه حيثيت قبول ڪرڻ جي باوجود به، هو ڪن حالتن هيٺ، ان کي گڏي ٿو، انهن حالتن هيٺ، سندس نظرئي مطابق صفات پاڻ کي ذات سڏي سگھي ٿي.
ابن عربي انهيءَ نموني ذات ۽ صفات جو گڏجڻ قبول ڪري ٿو، ليڪن حلول ۽ الوهيت جو قائل نه آهي. هي هڪ هستيءَ مطلق کي ٻن نقطه نگاهن سان ڏسي ٿو پر ٻنهي جو تفاوت سندس اکين جي اڳيان چٽو آهي. منصور جي نعره ”انا الحق“ بابت هو چوي ٿو ته :
”انا سرالحق ما الحق انا“ يعني ”آءٌ حق جو ڳجھ آهيان پر خود حق نه آهيان“. ڳجھ مان سندس مطلب ذات جو مظهري جلوو آهي، جنهن ۾ حق ڇپيل رهي ٿو، ليڪن ٻئي طرف هميشه موجود رهن ٿا ۽ اهو چوڻ اجايو ٿيندو ته هڪ ٻيو ٿي پوي ٿو.
صوفي صاحب منصوري نقطه نگاهه جو هيو. باوجود پرهيزگار، خدا ترس ۽ عبادت گذار هئڻ جي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو، جو ملن جي تخيل واري مذهب جي خلاف کلي بغاوت تصور ڪيو ويو. هر انتها پسند صوفي فطرتاً ”انارڪسٽ“ آهي. هو سوسائٽي (جماعت) جي قانون ۽ پابندين جو محتاج رهڻ نه ٿو گھري، هن جي خيال موجب قانون سندس فائدي جي لاءِ ٺاهيا ويا آهن. هو قانونن جي مقصدن ۽ مرادن تي نظر ڪري ٿو ته قانونن کي، پنهنجي تخليق سمجھي ٿو. مذهب حڪومت ۽ ملڪي رسم و رواج جي قيدن کان پاڻ کي آزاد ٿو سمجهي. ”همه اوست“ جي عالم ۾، هن وقت ڪوڙ ۽ سچ، گناهه ۽ ثواب، نفعي ۽ نقصان جا تفاوت گم ٿيو وڃن. تنهن ڪري سزا ۽ جزا جا سوال هن وٽ رهن ئي ڪين ٿا. هو محويت جي عالم ۾ رهي ٿو ۽ هو نه ڪنهن سان واسطو رکڻ گھري ٿو، نڪو ٻئي جي دستورن جو محتاج ٿيڻ گھري ٿو، صوفي اگرچه بيزر ۽ مونن ۾ منهن وجھي گذارڻ وارا آهن، ليڪن هر منظم طريقي جي مدارالمهمان ملن، حاڪمن ، پيرن انهن جي تعليم ۾ خطرو پئي محسوس ڪيو آهي. جيڪڏهن غور سان شاهه عنايت جي زندگيءَ تي نظر ڪبي ته ڏسڻ ۾ ايندو ته هن سنڌي سوسائٽيءَ ۾ اهو انقلاب پئي آڻڻ گھريو، جو ان وقت جي قبول ڪيل نظرين، دستورن ۽ قانونن جي پاڙ پٽي ڇڏي ها. تنهن ڪري انهيءَ وقت جي وڏيرن، ملن، پيرن ۽ حاڪمن جا خوف ۽ خطرا سندس نقطه نگاهه ۾ حق به جانب هئا. ۽ هنن ملي جلي دهليءَ جي بادشاهه فرخ سير جي طرفان، سنڌ ۾ مقرر ڪيل نواب اعظم خان کي صوفي صاحب جي برخلاف بدظن ڪري، فرخ سير بادشاهه کان هن جي ختم ڪرڻ جي اجازت گھرائي. جيتوڻيڪ ته پوري طرح حقيقتون معلوم ٿي نه سگھيون آهن، پر جيتري قدر معلوم ٿي سگهيو آهي، منهنجي نظر ۾ صوفي صاحب جا هيٺيان ڪم سندس ان مخالفت جو ڪارڻ بڻيا.
1. انهيءَ وقت ملن جي تخيل واري شريعتي پابندي ۽ اعتقادن ۽ وقت جي پيرن جي رائج ڪيل سلسلا پيريءَ مرشديءَ کي نه مڃڻ ۽ آزاد خيالن جو پرچار ڪرڻ.
2. مذهبي فرقن کي ٽوڙي آزاد خيال لاڳاپن جي بنياد تي بنا تفاوت مذهب، فقي، ذات ۽ طبقي جي، پنهنجي جماعت ٺاهڻ جنهنڪري موجوده مذهبن جي اثر ۽ اقتدارن کي نقصان پهچڻ جو انديشو محسوس ڪيو ويو.
3. پنهنجي جماعت جو ويس هڪ اهڙي رنگ جو ڪرڻ، جيڪو هندو سنياسي يا بڌ ڌرم جا لاما ڪندڙ هيا. يعني گيڙو ويس. انهيءَ ويس جي لاءِ مسلمان ملن کي خاص تعصب هيو.
4. صوفي جماعت وارن جو حڪومت کي ڍلن ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ، انهيءَ جي لاءِ عذر، اهو ڏنو ويو ته، اهي زمينون کين سندس نقصان جي عيوض مليل هيون، جي انعام طور ڪري شمار ٿيڻ گھرجن.
5. هو ان راءِ جا هيا ته ماڻهن جا شخصي اعتقاد، جن تي هو غور ۽ فڪر بعد، صداقت سان پهتل هجن، سندن خانگي معاملات هيا. سوسائٽي ۽ حڪومت ۾ انهن کي دست اندازي ڪرڻ جو ڪوبه حق ڪونه آهي.
انهن سڀني ڳالهين جو نتيجو اهو ٿيو، جو سنڌ جي ڳچ حصي جا ملان، پير، زميندار سندن برخلاف ٿي پيا ۽ ميان يارمحمد ڪلهوڙي جي رهبريءَ هيٺ، دهليءَ جي بادشاهه جي حڪم ۽ سندس ٺٽي واري نواب جي مدد سان، هڪ لشڪر صوفي صاحب تي ڪاهه ڪري ويو ۽ ڇهن مهينن تائين صوفي صاحب جا مريد ۽ فقير مقابلو ڪندا رهيا. آخر ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ مير شهداد خان ٽالپر قسم ۽ واعدا ڏيئي صوفي صاحب کي ٺٽي جي نواب جي درٻار ۾ وٺي آيا، جتي ڪجھ بحث مباحثي بعد مولين کان فتوى وٺي، مذهب جي بهاني تي هن کي قتل ڪرايو ويو. اهو واقعو سنه 1130 هجريءَ مطابق سنه 1721ع ۾ سرزرد ٿيو. شاهه صاحب تي شاهه عنايت جي تعليم جو گھڻو اثر ٿيو ٿو ڏسجي. پاڻ چوي ٿو ته :
صوفي لاڪوفي، ڪونه ڀانيئس ڪير،
منجھائيءَ منجھ وڙهي، پڌر نه آهس پير،
جنين ساڻس وير، هي تنين جو واهرو.
ٻئي هنڌ اهڙن ماڻهن جي مخالفن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته :
سڀت پچار پرينءَ جي، سڀت هوت حضور،
ملڪ مڙئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا.
صوفي صاحب جي شهادت وقت شاهه صاحب 28 سالن جي عمر جو هو، چوڻ ۾ اچي ٿو ته ان واقعي مٿس ايترو ته اثر ڪيو، جو رام ڪلي سُر جا 8 بيت انهيءَ جي درد ۾ مرثيي طور چيا اٿس. انهن بيتن مان هڪ هيٺيون آهي.
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.
(شاهه)
[b]2. مخدوم محمد معين ٺٽوي
[/b] محمد معين ولد محمد امين قوم، دل، ٺٽي جي قديم ملن جي خاندان مان هيو. سندس والد امين، مشهور شاعر مير فاضل خان جي گھراڻي مان شادي ڪئي. ان مان يارهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ محمد معين پيدا ٿيو. هن اول ٺٽي جي مدرسن ۾تعليم حاصل ڪئي، پوءِ اتان دهليءَ وڃي شاهه عبدالرحيم ۽ سندس فرزند شاهه ولي الله دهلوي جي خدمت ۾ وڌيڪ علم پرايائين، اتان موٽڻ بعد سنڌ ۾ محدث ۽ غير مقلد عالم ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انکان پوءِ هن جي شهرت چؤطرف پکڙجڻ لڳي. هو صوفي، محدث، شاعر، فلسفي ۽ فاضل ترين عالم هيو. سندس ٻيو نالو مخدوم ٺارو هيو. صوفيانه مسلڪ ۾ محي الدين ابن عربيءَ جو تابع هيو. هن پنهنجي تصنيفات ۾ اڪثر ابن عربيءَ جو نالو حوالي طور ڏنو آهي. علامه معين ڪن خيالن ۾ تفصيلي شيعن جو حامي هيو. هو طريقت ۾ شيخ ابوالقاسم نقشبندي (جو مخدوم آدم جي واسطي سان امام رباني جي سلسلي سان ملحق هو) جو مريد هيو.
مخدوم محمد هاشم اگرچه علامه معين صاحب جو شاگرد هيو، ليڪن ٻنهي جي خيالن ۾ اختلاف هوندا هئا.
علامه صاحب باوجود محدث ۽ نقشبندي هئڻ جي به راڳ ۽ سرود جي محفلن ۾ ويهندو ۽ ٻڌندو هو. هو وڏي پائي جو شاعر هيو، ۽ سندس تخلص فارسيءَ ۾ ”تسليم“ ۽ هنديءَ ۾ ”بيراڳي“ هو. سندس تصنيفون گھڻيون آهن. آخر عمر ۾ گوشه نشين ٿي، وقت گذارڻ لڳو ۽ پنهنجو وقت راڳ ٻڌڻ، غور ڪرڻ ۾
صرف ڪرڻ لڳو. وفات به راڳ ٻڌندي ڪيائين. سندس وفات مهل به شاهه عبداللطيف حاضر هيو.
شاهه صاحب جون ساڻس گھڻيون ملاقاتون ٿينديون رهيون. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ جو وحدت الوجود جو رنگ آهي، ان جو فلسفيانه ظرف ۽ اثر محمد معين جي صحبتن جو نتيجو آهي. اڄڪلهه مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تعليم ڪري شاهه ولي الله دهلويءَ جي تصوف، سياست ۽ اقتصاديات جي نظرين جي ڄاڻ، گھڻن تعليم يافتن سنڌين کي پئجي چڪي آهي. ليڪن ان تعليم کي سڀ کان اول، سنڌ ۾ مخدوم محمد معين پهچايو. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ وطن جي محبت ۽ ان جي مارن ماڻهن لاءِ سڪ (جن ۾ اڪبري سياست جا جزا ڇُپيل آهن) هڪ حد تائين مخدوم صاحب جي معرفت شاهه ولي الله دهلويءَ جي تعليم جو نتيجو آهن. مخدوم صاحب سنه 1660هجريءَ ۾ وفات ڪئي، ۽ سندس مقبرو ان جي مرشد مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي پيرانديءَ کان آهي.
[b]3. مخدوم محمدي کهڙن وارو
[/b] هي مخدوم عبدالرحمان (شهيد) جو فرزند ۽ عباسي خاندان مان هو. هنن جو وڏو ڏاڏو محمد ابراهيم بن اسحاق خليفه معتصم باالله جي ڏينهن ۾، عرب مان لڏي، سنه 248 هجريءَ کان اڳ سنڌ ۾ آيو، ۽ حيدرآباد جي شهر، جنهن کي ان وقت ۾ نيرون ڪري سڏيندا هئا، جي اتر ۾ هڪ ٽڪريءَ جي ڀر واري ڪلور نالي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. جتي ماڻهن کي وعظ ۽ نصيحتون ڪندو هيو. جنهن ڪري ماڻهن ۾ ”ڪلور واري“ بزرگ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. جنهن لفظ مان بدلجي (ڪلهوڙا) لفظ ٺهي پيو ۽ ڪلهوڙا ان بزرگ جي اولاد مان هيا. (ماخوذ از تذڪره مخاديم کهڙا).
ان بزرگ جي شهادت چورن جي هٿان ٿي. ان کان پوءِ انهن جا پويان سنڌ جي گھڻن ڳوٺن کان ڦرندا گھرندا آيا. آخر منجھانئن مخدوم عبدالخالق سنه 1050هجريءَ ڌاري لڏي اچي کهڙن جي ڳوٺ ۾ ويٺو، مخدوم عبدالرحمان وڏو اهل الله ۽ همه صفت بزرگ هيو. ان جي رجوعات کي ڏسي سنڌ جي حاڪم ميان يار محمد ڪلهوڙي کي تعصب پيدا ٿيو، آخرڪار هن ڪنهن بهاني تي مخدوم صاحب تي لشڪر چاڙهي موڪليو ۽ کيس 980 فقيرن سميت بنا مقابلي جي مسجد شريف ۾ وٺي سنه 1145 هجريءَ ۾ شهيد ڪرايو. ان وقت مخدوم محمدي صغير هو. ٿوري عرصي گذرڻ بعد، هو پنهنجي والد بزرگوار جون سڪون لاهڻ لڳو، سندس علم ۽ فضل جي هاڪ چؤطرف پکڙجي وئي. هڪ دفعي شاهه صاحب پنهنجي سفر جي دوران کهڙن جي ٻاهران، ميان سچيڏنو اڄڻ فقير جي گوهه تي اچي منزل ڪئي، ۽ جڏهن مخدوم محمديءَ کي خبر پئي، تڏهن دعوت ڏيئي کيس وٺي ويو، ۽ هڪ هفتو وٽس ٽڪيو پيو هيو. (1)
مخدوم صاحب سيد موسى شاهه گھوٽڪيءَ واري جا معتقد هئا ۽ سندن طريقو قادري هيو. شريعت جا پورا پابند هيا. سنه 1171 هجريءَ ۾ وفات ڪيائون.
[b]4. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
[/b] مخدوم محمد هاشم ميان عبداللطيف جو فرزند هو ۽ هو 10 ربيع الثاني سنه 1104 هجري ۾ ميرپور بٺوري جي ڳوٺ ۾ ڄائوهو. پهريائين تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪري، پوءِ ٺٽي ۾ مخدوم سعيد وٽ، اچي وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين. ميرپور بٺوري کان لڏي پهرين پاڻ پهرامپور جي ڳوٺ ۾ آيا، جتان آخر ٺٽي جي شهر ۾ سڪونت گزين ٿيا. علم حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي زماني جو
(1) ماخوذ از آئينه جهان نما
وڏو پرهيزگار ۽ پابند شريعت اسلامي عالم ٿيو. سندس تصنيفون اٽڪل 150 کن آهن. انهيءَ وقت ۾ سنڌ جا عالم ٻن گروهن ۾ ورهايل هيا، هڪڙا فلسفي ۽ حديث ۾ ماهر هئڻ ڪري غير مقلد ٿي ويل هئا، ليڪن مٿن تصوف جو اثر به قائم رهيو. ٻيا فقه ۾ ماهر هئڻ ڪري مقلد، صاحب شريعت مشهور ٿيا.
مخدوم محمد معين پهرين گروهه مان مکيه هو ۽ ٻئي گروهه جي مهنداريءَ جي پڳ، مخدوم محمد هاشم تي آئي. هي صاحب پابند صوم ۽ صلواة، سنت اسلاميءَ جو پيرو هو. هن مذهب مان بدعتن (هر نئين ڳالهه جا اهل سنت و جماعت جي حنفي فقه جي حڪمن جي برخلاف هجي) ڪڍڻ جي تحريڪ شروع ڪئي. جيئن اهو ڪم مؤثر طور حڪمران وقت ڪلهوڙون ۽ ٻين معززن اميرن جي مدد ۽ همدرديءَ کان سواءِ پورو ٿيڻ مشڪل هو، ان ڪري هن انهن سان لاڳاپو وڌايو. جيئن انهن حاڪمن جي ذاتي ۽ طبقاتي مفاد کي، انهن ڳالهين جي ڪري ڪو نقصان نه پئي پهتو، تنهنڪري انهن مخدوم صاحب جو ساٿ ڏنو ۽ مخدوم صاحب جو اثر وڌڻ لڳو. مخدوم صاحب اصولي ڳالهين کان، فروعي ڳالهين ڏي زياده توجه ڏئي، تجديد شريعت جي نالي سان تحريڪ شروع ڪئي. جنهن صورت ۾ زبردست عالم ۽ پرهيزگار شخص هو، انڪري سندس انهن ڳالهين جو ملڪ ۾ چهچٽو پئجي ويو. عام فهم ماڻهن ۽ ملن ۾ سندس نالو مشهور ٿي ويو. هن ان وقت جي بلند پايه عالمن ۽ صوفين جي اڪثر شريعت جي نالي ۾ مخالفت ڪئي. مخدوم محمد معين، مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارا ۽ شاهه صاحب سڀ سندس نقطه چينيءَ کان بچي نه سگھيا. اڄڪلهه جي زبان ۾ سندس سياسي مسلڪ قدامت پسند يا رجعت پسند شمار ڪري سڱهجي ٿو. سندس راين ۽ خيالن جو پتو سندس چوڻ تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي جاري ڪيل هڪ فرمان مان پئجي سگھي ٿو.
(فرمان)
”هن حڪومت جي سڀني ڪارڪنن کي معلوم هجي ته جناب مخدوم محمد هاشم جي شرعي فيصلن جي جاري ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺن ۽ عاشورن ۾ تابوت ۽ ماتم وغيره بدعات جي منع ڪن. نشيدار شين جي پيڻ ۽ وڪري تي بندش وجھن. شرط رکڻ، جوا ڪرڻ، فاحش زالن ۽ کدڙن تي روڪ وجھن. زالن کي مقامن ۽ باغن ۾ وڃڻ کان روڪين. ماڻهن جي وفات وقت روڄ راڙو ڪرڻ کان منع ڪن. ساهه واري جانور جي تصوير ڪڍڻ کان روڪين. هندن کي چوٽين ۽ ڌوتين پائڻ ۽ دوڪان تي گوڏا اگھاڙا ڪري وهڻ کان منع ڪئي وڃي. مسلمانن کي مٺ کان ننڍي ڏاڙهي ڇڏائڻ، ڏاڙهيءَ جا خط وٺرائڻ ۽ مڇون رکرائڻ تي بندش وڌي وڃي. هندن کي هولي، ڀڳت ۾ سرود، شرنائي، دهل، ناد وڄائڻ کان منع ڪئي وڃي. هندن کي بتن ۽ درياءَ جي اڳيان سجدو ڪرڻ کان روڪيو وڃي. مٿي ڏيکاريل جملي ڪمن لاءِ عملدار کليو کلايو سختيءَ کان ڪم وٺي، حڪم جي پوئواري ڪن ۽ انهن جي ڏوهاري ماڻهن کي اهڙيون سزائون ڏين، جيئن رعيت مان ڪوبه اهڙو ڪم نه ڪري سگھي. ازانسواءِ ماڻهن کي نماز، روزي ۽ ٻين عبادتن جي لاءِ تاڪيد ڪيو وڃي. انهن حڪمن جي بجا آوري ۾ ڪابه انحرافي نه ٿيڻ گھرجي.“
( 2 شعبان سنه 1072 هجري. )
مخدوم صاحب شرعي ڪمن جي اهڙيءَ طرح پابندي ڪرائي، جو وضو ۽ غسل لاءِ شرعي مقدار تي ڪوزا يا ماپا ٺهرايائين، جن کي هاشمي ڪوزا ڪري سڏبو هو.
انهن سڀني ڳالهين مان پتو لڳائي سگھجي ٿو ته سندس انهيءَ شريعت جي نالي ۾ جدوجهد جا ڪهڙا نتيجا نڪرڻا هيا.
مذهب ۽ ان جي شريعت جو دائرو تنگ ڪري ان کي چند رسمن جي پابنديءَ تائين محدود ڪيو ويو. غير مذهب ماڻهن کي سندس اعتقادن پٽاندڙ رهڻ لاءِ آزاديءَ تي روڪ وڏي وئي. ماڻهن جي خانگي زندگيءَ جي معمولي سوالن ۾ دست اندازي ٿيڻ لڳي. تان جو سيرت ۽ صورت جي معاملات ۾ به ماڻهن کي مولوي صاحب جي مقرر ڪيل دستور ۽ قانون تحت هلڻو ٿي پيو. معاشرتي سڌاري ۽ اخلاق جي درستگيءَ جي آڙ ۾ مولي صاحب پنهنجي پورن کي پورو ڪرڻ ٿي گھريو. مولوي صاحب جا مداح ملان ڇا به چون، ليڪن ان ڳالهه کان انڪار ٿي نٿو سگھي ته اهو اهڙيءَ پاليسيءَ جو ئي نتيجو هيو، جو آزاد خيال انتها پسند صوفي، اهڙي قسم جي تنگ دائري وارن مذهبي عقيدن جي پاڙ پٽڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا. جيتوڻيڪ ڪلهوڙن جي تعصبي حڪومت جي اثر ڪري، ابتدا ۾ هو ڪامياب نه ٿيا ۽ گھڻيون سختيون سٺائون، ليڪن ٿوري وقت اندر سنڌ مان، مذهبي تعصب ۽ تنگ نظريءَ جي پاڙ پٽي ڇڏيائون. اگرچه ڪجھ وقت کان پوءِ اهي به حد کان لنگھي ويا. شاهه صاحب مخدوم محمد هاشم سان، پڻ ٽي دفعا مليو ٿو ڏسجي. ليڪن ٻئي گروهه سان واسطو هئڻ ڪري، ساڻس خاص تعلق قائم ڪونه ڪيائين. مولي صاحب مان وقت جا گھڻا صوفي تنگ ٿي پيا هئا. مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو به انهن مان هڪ هو. شاهه صاحب به ڏسجي ٿو ته اسان جهڙي دين کي اهڙيءَ طرح محدود ٿيندو ڏسي بي اختيار چئي ڏنو ته :
ملين مٺو ماءُ، پتو ڦٿو پيت ۾،
سڃاڻي الله، ٽٻي ڏنائين ڌوڙ ۾.
مخدوم صاحب 70 سالن جي عمر ۾ سنه 1174هجريءَ ۾ وفات ڪئي، سندس مزار مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي آهي.
[b]5. مخدومحمد زمان لنواريءَ وارو
[/b] مخدوم محمد زمان شيخ حاجي عبداللطيف جو فرزند هو. تاريخ 22 رمضان سنه 1125 هجريءَ مطابق سنه 1713ع ۾ ڄائو هو. هو صديقي نسل مان هو. سندن وڏا عباسي خليفن جي زماني ۾ لڏي سنڌ ۾ آيل هئا. گھڻو وقت سنڌ ۾ رهڻ بعد هو ڪڇ ڏي هجرت ڪري ويا، جتان سنه 910 هجريءَ مطابق 1504ع ڌاري وري سندس وڏو شيخ عبداللطيف، ڪلان مريدن جي ست ستاءَ تي موٽي سنڌ ۾ آيو. هن جي وڏي ڏاڏي شيخ محمد بن مالڪ سهروردي طريقي ۾ بيعت ڪئي هئي.
مخدوم محمد زمان جي والد شيخ عبداللطيف وري مخدوم آدم ٺٽي واري جي فرزند شيخ فيض الله کان نقشبندي طريقي جي اجازت حاصل ڪئي هئي. مخدوم محمد زمان پاڻ خواجه محمد عرف ابوالمساڪين بن محمد اشرف بن شيخ آدم کان نقشبندي طريقي ۾ فيض پرايو. عربي علم مخدوم محمد صادق نقشبنديءَ جي مدرسي ۾ پڙهيائين، جو بزرگ شاهه عبداللطيف جي مريدن مان هو. سندس زماني ۾ هن طريقت جي سلسلي ۾ گھڻي شهرت حاصل ڪئي. جنهنڪري دور دراز ملڪن مان ماڻهو ڪهي انهيءَ مٺي چشمي مان روحاني ميٺاج حاصل ڪندا هئا. سندن ڪيئي خليفا ٿي گذريا آهن، جن مان مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي خاص شهرت جو مالڪ هو. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب شريعت جو پورو پورو پابند هو، ليڪن تعصبي ملان نه هئڻ ڪري مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، سدائين سندس مخالفت پئي ڪئي، جنهن ڪري هو ٺٽي مان لڏي اچي لنواري وسايائين، پاڻ سنڌيءَ ۾ شعر به چيو اٿس، جنهن مان پتو پوري ٿو ته، باوجود نقشبندي هئڻ جي مٿس وحدت الوجود جي فلسفي جو گھڻو اثر هو. البت هو راڳ ۽ سرود ٻڌڻ کان پرهيز ڪندو هو. سندس روحانيت جي شهرت جو ٻڌي شاهه صاحب به ننڍپڻ ۾ ڳوٺان سندس ملاقات لاءِ سنڀري وٽس پهتو. انهيءَ ملاقات ۾ جيڪا گفتگو هلي، ان لاءِ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جي حياتي لکندڙن تفصيلوار ذڪر ڪيو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته شاهه صاحب تي مخدوم صاحب جي صحبت اهڙو ته اثر ڪيو، جو انهيءَ کان پوءِ شاهه صاحب وٽ، جڏهنن مخدوم صاحب جي ڳالهه نڪرندي هئي ته هيٺيون بيت پڙهندا هئا.
مونسين ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري سگھان نه ڳالهڙي.
مخدوم صاحب سنه 1188هجريءَ مطابق سنه 1774ع ۾ 3 ذوالقعد جي وفات ڪئي، ۽ سندس مزار لنواريءَ جي ڳوٺ ۾ آهي.
[b]6. صاحبڏنو فقير درازن وارو
[/b] هي فاروقي نسل مان هو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته سندس وڏا محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيا. سندس پهريون بزرگ جو سنڌ ۾ آيو، ان جو نالو شيخ شهاب الدين هو، جنهن سيوهڻ جي شهر ۾ 9 محرم سنه 65 هجريءَ ۾ وفات ڪئي.
سنه 665 هجريءَ ۾ هنن جا پويان مخدوم جمار جا مريد ٿيا. هنن مان مخدوم ابو سعيد، ان وقت ڌاري لڏي اچي، راڻيپور جي ڀر ۾ درازن جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺو. ميان صاحبڏني جو اصل نالو محمد حافظ هيو، ۽ صاحبڏنو تخلص هيس. پوءِ پاڻ انهيءَ نالي سان مشهور ٿي ويو، هو سنه 1101 هجريءَ ۾ ڄائوهو. (از رسالو سچل فقير ــ مرزا قليچ بيگ) هو شاهه عبيدالله جيلاني جو مريد ٿيو، جو شيخ عبدالقادر جيلاني جو اولاد هيو، انهيءَ شاهه عبيدالله جا ٻه پٽ هئا. هڪ شاهه ڪليم الله، ٻيو شاهه عبدالملڪ. اهو ساڳيو عبدالملڪ شاهه عنايت صوفيءَ جو مرشد هو، جو پوءِ لڏي وڃي برهانپور ۾ ويٺو هو.
چون ٿا ته صاحبڏنو فقير اول ۾ گوشه نشين ۽ تارڪ دنيا ٿيو، کٻڙن جي وچ ۾ هڪ غار ۾ ويٺو هوندو هيو. شاهه صاحب هڪ دفعي پنهنجي سفر جي دوران جڏهن اتي پهتو ۽ اهو حال معلوم ٿيس ته کيس ملي بحث مباحثو ڪري ٻاهر نڪرڻ تي راغب ڪيائين، ان کان پوءِ فقير صاحب ماڻهن سان منهن ڏيڻ لڳو. هن صاحب سنڌيءَ ۾ چڱو ڪلام چيو آهي. سندس طريقو رندي هيو. هو انهيءَ زماني ۾ ملائيت ۾ ڪٽرپڻي جي مذهبي پابندين کان تنگ ٿي، کليو کلايو اهڙا اظهار ڪرڻ لڳو.
پنهنجي هڪ ڪلام ۾ چوي ٿو ته:
”لاشڪ آهيون لامذهب، اسان غرق ٿياسون درغبغب“
سندن رندي مشرب ۽ خيالات جو پورو پتو ۽ خبر فقير صاحب جي پوٽي سچل فقير جي ڪلام مان پئجي سگهندي. ڇاڪاڻ ته ان جو گھڻو ڪلام ڇاپي هيٺ اچي، اسان تائين پهچي سگھيو آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته شاهه صاحب جڏهن هڪ دفعي درازن ۾ آيو ته سچل فقير کي جو ان وقت پنجن ورهين جو مس هو، ڏسي فرمايائين ته ”اسان جيڪو ڪنو رڌو آهي، ان جو ڍڪڻ هي نينگر لاهيندو“ يعني جيڪي وحدت الوجود جا راز ڍڪيل ۽ سالڪياني نموني ۾ شاهه صاحب ظاهر ڪيا آهن سي راز سچل فقير کليل ۽ رندانه طريقي کولي ٻڌايا آهن. سندس ڪلام مان پتو پوي ٿو ته، مٿس منصوري تعليم جو اثر شيخ فريدالدين عطار ۽ شمس تبريزيءَ جي معرفت پهتل آهي. هيٺ ڪي ٽڪرا سچل جي ڪلام مان پيس ڪجن ٿا، جن مان سندس مشرب جو پتو پئجي سگهندو.
”اساندي جان ڪون لڳڙي، هوائي شمس تبريزي“
”عطار لبود خدابود خدا بود، ان سر حقيقي خدا بود خدا بود“
صوفين جو مذهب عشق آهي، اتي ملن واري ڪدورت ۽ دوئي نه هوندي آهي، کين سڀ جاءِ تي پرين پيو پاڻ پسائيندو آهي. مذهبي قيدن کان هو پاڻ کي ازاد سمجھن ٿا. چوي ٿو ته :
”ڏسو عشق جا انصاف، مڙئي مذهب ڪيائين معاف“
”اتي ڪفر نه اسلام، آهي سڀني کي سلام“
هو ڏوهه ۽ ثواب کي هڪ شيءِ جا ٻه پهلو سمجھن ٿا ۽ عشق ۽ محبت جي عالم لاءِ پرده حجاب ڪري ليکين ٿا.
”هڪ ڏوهه ٻيو ثواب، اٿئي عشق جو حجاب“
انهيءَ وقت ملن جي تنگدليءَ انهن کي اهڙو تپايو جو جوش ۾ اچي چئي ڏنئي ته ؛
”عشق پيو سي زور زور،
ڪٽ ملان دي، ٺوڙهه ٺوڙهه“
”قاضيا ڪيهي مسلي ڪريندئين،
عشق شرع ڪيا لڳي لڳي“
”بهشت دوزخ دي ڏي نا دڙڪي،
اهي ڀَوَ اسان ڪنون ڀڳي ڀڳي“
صاحبڏني فقير سنه 1192 هجري مطابق 1778ع ۾ وفات ڪئي، سندن مزار درازن جي شهر ۾ آهي.
[b]7. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
[/b] هي صاحب ٿرپارڪر ضلع جي گروهڙ جي ڳوٺ، تعلقي کپرو جو ويٺل هو، وڏو نامور عالم هيو، ابتدائي زندگيءَ ۾ مناظري ۽ مباحثي جو وڏو شوقين هيو. هلي وڃي عالمن سان بحث ڪندو هيو.
طبيعت جو جلالي هيو. آخر ۾ مخدوم محمد زمان لنواريءَ واري جي صحبت ڪري، درويشي راهه ڏي لاڙو رکيائين. مخدوم صاحب جي خاص خليفن مان ٿي پيو. شريعت اسلامي جو پورو پابند هو. خالص سنڌيءَ ۾ عمده شعر چيو اٿس. هن کي جهاد جو ڏاڍو شوق هوندو هيو. هڪ دفعي ٻڌائين ته، انهيءَ طرف (هٿونکي ۾) هڪ مڙهيءَ اندر بت جي پوڄا ٿئي ٿي، ۽ ماڻهو دور دراز پنڌ کان، انهيءَ جي ڪرامت جون ڳالهيون ٻڌي، اوڏانهن سکائون ۽ مڃتائون ڏيڻ وڃن ٿا. سندس ڪجھ توحيد پرستي ۽ ڪجھ جهاد جي جوش جذبي اٿاريس ته انهيءَ ٺٺريءَ کي ڊاهڻ گھرجي. انڪري فقيرن سان چڙهائي ڪرڻ لاءِ مشورو ڪيائين، اتي ڪنهن چيس ته سائين اتي پوڄارين جو زور آهي، ۽ آس پاس جا ماڻهو به انهن جا طرفدار ٿيندا، ان مهم جي ڪامياب ٿيڻ جو امڪان نظر نه ٿو اچي. ان تي پاڻ چيائين ته ”جي هوءَ مڙهي ڀڳي ته به فتح فقير جي ۽ جي هيءَ مڙهي ڀڳي ته به فتح فقير جي آهي“ يعني جي انهيءَ راهه ۾ شهيد ٿي ويو ته به ڪامياب آهي، پير جي مقصد حاصل ڪيائين ته به ڪاميابي سندس هئي. نيٺ فقير صاحب انهيءَ مهم ۾ شهيد ٿي ويو. اهو حادثو سنه 1292 هجريءَ مطابق سنه 1878ع ۾ ٿيو. سندس مزار گروهر جي ڳوٺ ۾ آهي، جتي سندس قبو، مير احمد خان شاهواڻيءَ ٺهرايو هو. فقير صاحب ذات جو مڱريو هو، ليڪن سندس ڏهٽاڻ سيد احمد شاهه هن وقت سندس سجاده نشين آهي.
[b]8. مدن ڀڳت ۽ هندو يوڳي
[/b] شاهه صاحب جي اصل ڳوٺ ڪوٽڙي مغل ۾، هڪ هندو ڀڳت مدن نالي رهندو هو، جنهن سان شاهه صاحب جي گھري دوستي هوندي هئي. مدن ڀڳت سنڌيءَ جو به شاعر هو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ جي صحبت جي ڪري شاهه صاحب ۾ هندو يوڳين، سنياسين ۽ ساڌين جي سنگت جو شوق جاڳيو ۽ برابر ٽي سال ساڻن گڏجي سفر ڪندو رهيو. هنگلاج به ساڻن ڀيٽيائين. انهيءَ صحبت مان کيس سندن فقيريءَ جي طريقن، رسمن ۽ دستورن جو پورو پتو پيو، چوي ٿو ته :
نور ۽ نار جوڳيئڙا جهان ۾
ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندس ان ريءَ.
انهيءَ زماني ۾ ملن جو تمام گھڻو زور هيو. هندن سان صحبت ڪرڻ يا انهن جو ويس ڪري ساڻن گھمڻ، رواجي ڳالهه ڪانه هئي، پير شاهه صاحب ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي. انهن جي صحبت مان تعصب نڪري ويس، ۽ قرباني، حليمائي، تياڳ ۽ سوز جا ورثا نصيب ٿيس. سندس ڪلام جو سُر کاهوڙي، ۽ رامڪلي سڄو هندو تارڪ دنيا فقيرن جي ساراهه سان ڀريو پيو آهي. بيراڳ هنديءَ جا ڪيترائي بيت رسالن جي ڪن نسخن ۾ لکيل آهن. جنهن ۾ اهو پتو پوي ٿو ته سندس مجلس ۾ هندو شاعرن جا ڪلام ڳايا ويندا هئا. تان جو سندس ڪلام سان گڏجي رسالي ۾ داخل ٿي ويا.
شاهه صاحب جو هندو زماني جي آکاڻين تي، ڪلام چوڻ، هندو راجائن جهڙوڪ راءِڏياچ، مومل راڻو، ليلان چنيسر، لاکي ڦلاڻي جي ساراهه ۾ بيت چون سندس آزاد خيال جو ثبوت ڏين ٿا. هو هندو ساڌن جي ساراهه ۾ چوي ٿو ته:
سدائين سفر ۾ رمن مٿي راهه
پرن پورب پنڌ ڏي، منجھ موالي ماهه
جن جي الک سان آگاهه، هلو تڪيا پسون تن جا
ٻي هنڌ چيو اٿس ته:
قوت ڪرايا ڪاپڙي، طعام نه طامائو
سئن هنيائون سڃ ۾، پهر نه پينائون
اوسر آسائون، اٿي گوندر گڏيا
مٿي ذڪر ڪيل، چند مکيه درويش ۽ ساڌو هئا، جن سان شاهه صاحب روبرو هلي روح رهاڻ ڪئي ۽ انهن جي صحبتن ۽ ملاقاتن مان فائدو حاصل ڪيائين. ان ۾ هر قسم جا ماڻهو هئا، ڪي فلسفي ۽ محدث عالم هئا، ته ڪي صوفي لاڪوفي هئا. ڪي رند بي ريا هئا، ته ڪي ٺيٺ ملان ۽فقيهه هئا، هندو مسلمان ٻنهي فرقن جا صحبتي هئس. تنهن کان سواءِ هيٺين ٽن بزرگن هر هڪ
(الف) مخدوم بلاول
(ب) مخدوم نوح
(ٻ) شاهه عبدالڪريم
جو مٿس، اڻسڌيءَ طرح اثر پيل ٿو ڏسجي، تنهن ڪري انهن جي زندگيءَ جو ٿرو ذڪر ضرور ڄاڻي، هيٺ بيان ڪجي ٿو.
[b]9. مخدوم بلاول
[/b] مخدوم بلاول ذات جو سمو هيو، ۽ ٺٽي جي شاهي خاندان سان واسطو رکندڙ هو، انڪري کيس سمون سردار ڪري سڏيندا آهن. سندن ڄم جي تاريخ ملي ڪانه سگھي آهي، پير غالباٰ نائين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم ٺٽي مان پرائي، پوءِ وڌيڪ علم ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾، مخدوم عمر کان حاصل ڪيائين. شادي به اتي ڪيائين ۽ اتي ئي رهجي پيو. هو علم حديث ۽ تفسير ۾ ماهر ٿيو، سندس هاڪ چؤڌاري پکڙجڻ لڳي، جنهن ڪري پري پنڌ کان ماڻهو وٽس علم پرائڻ جي لاءِ اچڻ لڳا. هن کي سلسلي طريقت ۾ به ڪمال هيو. سندس طريقو، سهروردي طريقي جي شاخ ڪبروي جو هو. سندس شجرو، طريقت مان نه ملي سگھيو آهي، ليڪن هو انهيءَ وقت جي مکيه بزرگن مان هڪ هو. ان جي شهادت مخدوم نوح جي پوٽي ميان غلام رسول صديقي جي لکيل ڪتاب مان ملي ٿي. مخدوم نوح جي حياتيءَ جو ذڪر ڪندي، هو صاحب لکي ٿو ته؛ ”سنڌ ۾ ان وقت تائين صرف ٽي هاڪارا بزرگ هئا. هڪ مخدوم نوح ٻيو مخدوم بلاول ۽ ٽيون قلندر شهباز.“
مخدوم صاحب جي ڪيئي خليفا هئا جن مان مکيه هيٺيان هيا.
1ــ مخدوم ’صاحب لنجار‘ انڙپور
2 ـــ سيد حيدر سن
3 ـــ مخدوم رڪن الدين عرف مٺو ٺٽو
4 ـــ مخدوم حسن عرف بلاولي ڀاڻوٽ 5 ـــ مخدوم سعد عرف ساند سڪرنڊ
6 ـــ مخدوم هنڱورو نزديڪ مورو.
مخدوم ساهڙ وٽان مٽياري ساداتن مان شاهه رڪن الدين فيض ورتو، جنهن جو پوٽو سخي هاشم، نامور ولي الله ٿي گذريو آهي. اڪثر مٽياري سادات انهن جا معتقد آهن. سخي هاشم شاهه، شاهه صاحب جي والد شاهه حبيب جو دوست هيو ۽ هو مٽياريءَ مان لڏي ڀئي پور به انهيءَ جي مشوري ۽ مدد سان لڏي وڃي ويٺو هيو. (قاضي هدايت الله متعلوي) ان ڪري بلاولي فيض جو شاهه صاحب تي اڻ سڌيءَ طرح اثر ٿيو هجي، ان کان انڪار ڪري نه ٿو سگھجي.
شاهه بيگ ارغون، جڏهن سنڌ تي ڪاهون شروع ڪيون هيون، ان وقت ڄام نظام الدين سمي جي وزير درياء خان جيڪا سنڌي اقتدار جي قائم رکڻ جي تحريڪ هلائي هئي، ان جي روح روان مخدوم بلاول هو. شاهه بيگ ارغون جي حملن وقت مخدوم صاحب خليفن سميت ان جي مخالفت ڪئي هئي. سيد محمد ميران جونپوري جي تحريڪ جي سنڌ ۾ منظم طرح مخالفت مخدوم صاحب طرفان ٿي.
انهن سڀني ڳالهين جي ڪري شاهه حسن ارغون ڪِن جڙتو عذرن تي، ملن کان فتوى وٺي، کييس گھاڻي ۾ پيڙائي ڇڏيو. اهو حادثو سنه 929 هجريءَ ۾ ٿيو. سندس عقيدن جو ذڪر اڳ اچي چڪو آهي.
[b]10. مخدوم نوح
[/b] مخدوم نوح جو اصل نالو ميان لطف الله هو، ليڪن نوح هوتزاني نالي هڪ درويش ڪامل جي وصيت جي ڪري سندس نالو بدلائي نوح رکيو ويو. هو مخدوم نعمت الله جو فرزند هو ۽ صديقي نسل مان هو، سندس سنه 911 هجريءَ ۾ جنم ٿيو. اِهو اُهو وقت هيو، جو ان کان پوءِ ٽن سالن بعد، سنڌ جو نامور حاڪم ڄام نظام الدين وفات ڪري ويو ۽ ان جي جاءِ تي ڄام فيروز سنڌ جو حاڪم ٿيو. جيتوڻيڪ مشهور ائين آهي، ته مخدوم صاحب ظاهري ذڪر ڪنهن کان حاصل نه ڪيو، ليڪن سندن خانداني طريقو سهروردي هيو. پوءِ اهو طريقو شيخ بهاؤالدين زڪريا جي معرفت مليو هجي يا سڌو پشت به پشت سندس خاندان ۾ هليو آيو هجي. ليڪن هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته مخدوم صاحب جو ڏوهٽو ميان دوست علي ملتان طرف مسافريءَ ۾ ويو، غوث بهاؤالدين جي سجاده نشِين وٽ وڃي مهمان ٿيو، جنهن تحفي طور کيس پنهنجي ٻڌل دستار ڏني. جا پاڻ وٺي ڪڇ ۾ جھليائون، غوث بهاؤالدين جي فقيرن کي اها ڳالهه پسند نه آئي ۽ اهڙو ذڪر غوث صاحب جي سجاده نشين سان ڪيائون، جنهن تي ان خليفن کي جواب ڏنو ته، ”اسان مريد شِخ شهاب الدين سهرورديءَ جا آهيون۽ هي اولاد شيخ ابونجيب جو آهن، جو خود شيخ شهاب الدين جو مرشد ۽ چاچو هو. انڪري سندن تعظيم ڪرڻ اسان تي واجب آهي.“ (دليل الذاڪرين)
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب شيخ ابونجيب سهروردي (باني سهروردي طريقي) جي اولاد مان آهن. سندس استاد مخدوم ديانه عربي هو. سندس خليفا گھڻا ٿي گذريا آهن، جن مان مکيه سيد ابوبڪر لڪياري، ميان بهاؤالدين دلق پوش، مٺو فقير ۽ عثمان هئا. (دليل الذاڪرين)
پاڻ وقت جي سياست کان جدا رهي صرف خلق الله کي فيض ڏيندا هيا. حڪومت وارن سان سندن تعلقات ٺيڪ هئا. پاڻ 17 ذوالقعد سنه 999 هجريءَ ۾ وفات ڪيائون، انهيءَ وقت سندس ڄمار 87 ورهن جي هئي. سندس وفات وقت کين ڏهه فرزند هئا.
سندن طريقي جا ڏهر ذڪر طور پڙهيا ويندا آهن، سي گھڻو ڪري ملتان ي ڏهرن جي نموني جا آهن.
[b]11. شاهه عبدالڪريم
[/b] شاهه عبدالڪريم مٽيارن سيدن جي خاندان مان هو. هي سنه 924 هجريءَ ۾ مٽيارين جي شهر ۾ ڄائو هو. سندس والد جو نالو سيد لعل محمد ، يا سيد لالو هو. هو به وڏو درويش هو. پاڻ مٽيارن مان لڏي بلڙيءَ جي ڳوٺ ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪيائون. سنڌيءَ ۾ ڏاڍو سٺو شعر چيو اٿس.
مخدوم نوح جي صحبت لاءِ، وقت به وقت هالن طرف ويندڙ هئا. حالانڪ مريد شاهه ابراهيم بخاريءَ جو هو، جو قادري طريقو رکندڙ هو. شاهه ڪريم عدم تشدد ۽ صبر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيو. سندن کاند ۽ صبر جون گھڻيون ڳالهيون ملڪ ۾ اڃا تائين مشهور آهن.
وڏائي ۽ فخر ته وٽن هيو ئي ڪونه. سندن ڪرامتن ۽ ملفوظات کي ميان عبدالواسع ٺٽوي بيان العارفين نالي ڪتاب ۾ ڪٺو ڪيو آهي. پاڻ 12 فرزند ڇڏي سنه 1044هجريءَ ۾ بلڙيءَ جي شهر ۾ وفات ڪيائون.
هي آهي مختصر اهوال شاهه صاحب جي زماني ۽ ان جي ماحول جو، جنهن جي روشنيءَ ۾ پڙهندڙن کي شاهه صاحب جي خيالات کي معلوم ڪرڻو آهي.