لطيفيات

پيغام لطيف

شاهه عبداللطيف جي شخصيت ۽ سندس شاعريء تي اڻ ڳڻيا ڪتاب ڇپيا آهن پر لطيفيات ۽ لطيف جي پيغام کي سولائيء سان سمجهڻ لاء سائين جي ايم سيد جو لکيل هي ڪتاب ”پيغامِ لطيف“ اهم ڪتاب آهي۔ هن ڪتاب ۾ لطيف سرڪار جي شخصيت، سندس ڪلام، لطيف سائين جو علامه اقبال سان تقابلو ڪرڻ سان گڏ سندس هر پهلو تي تمام گهرائي سان سمجهاڻي ڏنل آهي۔ هي ڪتاب لطيف سرڪار کي سمجهڻ لاء اهم حيثيت رکي ٿو۔هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم عبداللطيف انصاري ڪئي آهي
  • 4.5/5.0
  • 6696
  • 2003
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغام لطيف

1. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي اندروني سياسي حالت

ڏهين صدي هجريءَ جي شرعات مطابق 15 صدي عيسويءَ ۾ سنڌ اندر ’سمن‘ (خالص سنڌي خاندان) جي حڪومت هئي ۽ ان وقت جو حڪمران ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو هو. جيڪو وڏو عالم، پرهيزگار ۽ وڏو عادل حڪمران هو. سندس ڏينهن ۾ سنڌ ٻاهرين اثر کان گھڻو ڪري آزاد هئي. هن صاحب جي ڏينهن ۾ ٺٽي شهر جي نئين سر تعمير ٿي. جتي ٿوري وقت اندر دور دراز ملڪن کان وڏا عالم، شاعر، درويش ۽ هنرن جا ماهر اچي ويا. جنهن ڪري ٺٽي جو شهر ستت ئي تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز ٿي پيو. ٺٽي کان سواءِ ان وقت سنڌ اندر نصرپور، مٽياري، درٻيلو، بکر، روهڙي، پاٽ،باغبان، سيوهڻ ۽ سن جا شهر پڻ تمدني ۽ تجارتي مرڪز هئا.
سنڌ ان وقت دهليءَ جي مرڪزي تسلط کان مس جان ڇڏائي، مڪاني خودمختياري حاصل ڪري پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لائق ٿي هئي، انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي عالمن ۽ درويشن ۾ نظرين جي نقطهء نگاهه کان ٻه مکيه گروهه ٿي پيا.

[b]پهريون گروهه:
[/b] هي سنڌي تهذيب، سياسي اقتدار ۽ اندروني خودمختياري ۽ ترقيءَ جو قائل هو. انهيءَ گروهه جو مدارلمهام مخدوم بلاول هو، جو سمي قوم جي شاهي گھراڻي جو فرد هو. سندس ٻه مکيه رفيق خليفه سيد حيدر علي سن وارو ۽ مخدوم ساهڙ لنجار (جنهن جو مقبرو انڙ پور جي مٿان آهي.) هئا. انهن بزرگن جو موجوده دادو،سيوهڻ، ڪوٽڙي تعلقن جي جبلن ۽ درياهه جي ڪنڌيءَ وارن رهاڪن تي گھڻو اثر هو. هن گروهه کي ڄام نندي جي وزير ميان دريا خان (جنهن کي مبارڪ خان به ڪري سڏيندا هئا) جي سرپرستي نصيب ٿي.

[b]ٻيو گروهه :
[/b] هي وطني ۽ نسلي بنيادن تي قومي تسلط ۽ سياسي اقتدار کي ختم ڪري اسلامي غلبو قائم ڪرڻ جو قائل هو. انهيءَ گروهه جو اڳواڻ ٺٽي شهر جو مکيه عالم قاضي قاضن هو، جو پوءِ شاهه بيگ ارغون جي ڏينهن ۾ بکر جو قاضي مقرر ٿيو. هو مخدوم محمد ميران جونپوريءَ جي مهدوي فرقي جو پوئلڳ هيو. مخدوم صاحب افغانستان وڃڻ کان اڳ 913هجري يا 910هجريءَ ڌاري سنڌ ۾ آيو ۽ انهيءَ وقت ڪيترن ئي عالم ۽ اميرن تي سندس تعليم جو اثر پيل هو. شاهه بيگ ارغون به سندس پوئلڳن مان هو. سنڌ جي حاڪم، ڄام نندي جي درٻار ۾ به ڏسجڻ ۾ اچي ٿو ته ڪن اميرن جي ان تحريڪ سان همدردي هئي. ڀانئجي ٿو ته نظرين جي انهيءَ اختلاف ڄام نندي جي درٻارين ۾ اندروني اختلاف پيدا ڪري ڇڏيا ها ۽ هڪ گروهه دولهه د ريا خان جي پاليسي ڪري سندس برخلاف ٿي پيو.
جيسيتائين ڄام نندو حيات هو، تيسيتائين پهرئين نظريي وارن جو دور دوره هو، ليڪن سن 914هجريءَ ۾ ڄام صاحب جي وفات ڪري حالتون بدلجڻ لڳيون. انهيءَ وقت ڌاري افغانستان ۾ مغلن جي قبيلن ۾ طاقت حاصل ڪرڻ لاءَ خانه جنگيون ٿيون ۽ امير ذوالنون جي پٽ شاهه بيگ ارغون کي مرزا بابر آهستي آهستي ڪير ڪابل ۽ قنڌار جي تسلط کان نيڪالي ڏئي ڇڏي، جنهن ڪري ان کي پنهنجي لاءِ ڪو نئون ملڪ تاڙڻو پيو. انهيءَ وقت سنڌ ۾ ڄام نندي جي وفات بعد سندس پٽ ڄام فيروز حڪمران هو. سندس وڏي ڀاءُ جي پٽ ڄام صلاح الدين سندس برخلاف حڪومت لاءِ دعويداري شروع ڪئي، ٻئي طرف درٻاري سازشن ۽ سندس سياسي غلطين حڪومت کي ڪافي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو.سنڌ جي گھڻن حصن ۾ مڪاني حاڪم خودسري ڏيکارڻ لڳا. ڄام فيروز ڪي افغاني گھرائي پنهنجي درٻار ۾ امير ڪري رکيا هئا. جن مڪاني حڪومت جي ڪمزوريءَ بابت شاهه بيگ ارغون کي اطلاع ڏيئي خواهش ظاهر ڪئي ته جيڪڏهن هو ان طرف ڪاهه ڪندو ته حالتون گھڻو سازگار هئس. ان تي هن ٻه دفعا پنهنجي ڀائرن، مرزا ابومحمد ۽ سلطان محمد جي سرڪردگيءَ ۾ سنڌ تي فوجون چاڙهي موڪليون پر دريا خان جي همت ۽ بهادريءَ سان ٻئي دفعا کين شڪستون نصيب ٿيون ۽ مرزا شاهه بيگ ارغون جا ٻئي ڀائر انهن جنگين ۾ مارجي ويا.
ان تي مڪاني مخالف گروهه وارن محسوس ڪيو ته، جيسيتائين درياهه خان حڪومت ۾ اقتدار رکي ٿو، ان وقت تائين سندن مرادون برثواب ٿي ڪين سگھنديون. جنهن ڪري هنن اهڙي طرح سازشون شروع ڪري ڏنيون جو ڄام فيروز ۽ درياهه خان ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو ۽ درياهه خان ڪڪ ٿي وزارت تان استعيفى ڏيئي پنهنجي جاگير ڪاهان ۾ گوشه نشين ٿي زندگي گذارڻ لڳو. ان کان پوءِ ته حالتون ويتر خراب ٿي پيون. مرزا شاهه بيگ پئي وجھ ڳولهيا سو اها حالت ڏسي سنڌ تي سن 922هجريءَ ۾ ڪاهي آيو ۽ سيوهڻ تائين ملڪ فتح ڪري وري موٽي ويو. ڳچ وقت گذرڻ بعد 926هجريءَ ۾ وري هو ڪاهي آيو. ڄام فيروز جڏهن اهي حالتون ڏٺيون تڏهن درياهه خان جي مدد طلب ڪيائين پر هاڻي حالتون درياهه خان جي وس کان ٻاهر ۽ تمام خراب ٿي ويون هيون تنهن هوندي به درياهه خان سنڌ کي ٻاهرين تسلط کان بچائڻ خاطر ڄام فيروز جي طرفان سنڌي لشڪر وٺڻ شاهه بيگ جي فوج جي مقابلي لاءِ نڪتو، ٺٽي جي ٻاهرين ساموئي وٽ سخت لڙائي لڳي جنهن ۾ درياهه خان نهايت بهادريءَ سان مقابلو ڪيو تان جو پاڻ وڙهندي وڙهندي ميدان جنگ ۾ شهيد ٿيو. پويان ڄام فيروز ۾ اڳيئي لڇڻ ڪونه هيو، سو ٺٽو ڇڏي پئي ڀڳو ۽ وڃي پير پٺي جي درگاهه ۾ لڪو.
شاهه بيگ آسانيءَ سان اچي سنڌ جي پايه تخت ٺٽي تي قبضو ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح سڄي سنڌ مرزا شاهه بيگ ارغون جي تسلط هيٺ آئي.
مرزا صاحب قاضي قاضن، پنهنجي مرشد ڀائي ۽ طرفدار جي سفارش تي گھڻن ماڻهن کي امن ڏنو ۽ آخر ۾ قاضي قاضن کي بکر جو قاضي مقرر ڪري نوازيائين.
ان کان وٺي سنڌ تي مخدوم محمد ميران جونپوريءَ جي نظريهء سياست جي مڃيندڙ جو تسلط قائم ٿي ويو ۽ سنڌ جي قومي سياست جي حامين کي آهستي آهستي ختم ڪيو ويو. درياهه خان ٺٽي جي لڙائي ۾ شهيد ٿي چڪو هو ان کان پوءِ سندس ٻه پٽ به باغبان جي ڀر واريءَ لڙائيءَ ۾ مارجي ويا.
مخدوم بلاول، جنهن جي اخلاقي همدردي ان تحريڪ سان هئي، ان کي ڪنهن بهاني تي سرڪاري طرفدار مولوين کان فتوى وٺي گھاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪيو ويو. سيد حيدر تي سخت نظرداري ڪرڻ لاءِ ارغون گھراڻي وارن پنهنجي ڇانوڻي کڻي سن جي شهر ۾ رکي. اها نظرداري ان وقت تائين هلي آئي، تان جو سيد حيدر علي تاريخ 4شعبان 937هجريءَ تي وفات ڪئي.
سنڌي قوميت جي بانيڪارن جي ڪمزور ٿيڻ جي ڪري سنڌ ڌارين جي سياسي ۽ ذهني اقتدار هيٺ آئي، اهو سلسلو قريبن ستر ورهه هليو. ان بعد سن 1000 هجري مطابق 5191ع ۾ نواب خان خانان اڪبر بادشاهه جي حڪم موجب اچي سنڌ کي فتح ڪري دهليءَ جي مغل حڪومت سان ملائي ڇڏيو. ان وقت کان وٺي شاهه جهان بادشاهه جي وچ حڪومت تائين سڄي سنڌ دهليءَ جي مقرر ڪيل نوابن جي هٿ هيٺ رهي. 1641ع کان وٺي 1651ع تائين ته سنڌ ۽ ملتان جي گورنر خود اورنگزيب پاڻ رهيو.
انهيءَ وقت ميان آدم شاهه ڪلهوڙو، جو پيري مريد هلائيندو هو، مڪاني طرح طاقت وٺڻ لڳو. هو به مخدوم محمد ميان جونپوري جي اصولن جو پوئلڳ هو. هن 1068هجري بمطابق 1558ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس جاءِ نشين ميان نصير محمد ڪلهوڙو ٿيو. سنڌ اگرچه دهليءَ جي بادشاهن جي قبضي هيٺ رهي ليڪن مڪاني اختيارن ۾ سڌ جي ڳچ ڀاڱي تي ميان نصير محمد پنهنجي طاقت گھڻي قدر وڌائي، جا آهستي آهستي وڌندي رهي تان جو ميان يار محمد ڪلهوڙي کي دهليءَ طرفان خدايار خان جو لقب مليو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ ميان نور محمد کي به ساڳيو خطاب مليو ۽ بعد ۾ ۾حمد شاهه جي آخري ڏينهن ۾ کيس دهليءَ جي حڪومت طرفان سال 1722ع ۾ باضابطه نواب مقرر ڪيو ويو. جنهن بعد سنڌ رڳو نالي خاطر دهليءَ جي زيردست رهي. ميان نورمحمد جي انتقال بعد سندس جاءِ نشين ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، انهيءَ قسم جو ٿورو گھڻو تعلق به دهليءَ سان ختم ڪري. پاڻ کي ۽ پنهنجي ملڪ کي، مڪمل طرح آزاد ڪري ڇڏيو. سندس تخت نشينيءَ جو سال 1168هجري بمطابق 1755ع آهي. اهوئي سال سنڌ جي ازاديءَ جو پهريون سال ٿيو.
ڪلهوڙن جي خاندان بعد ٽالپر گھراڻو سال 1158هجري بمطابق 1772ع ۾ مسند تي حڪمران ٿيو. انهيءَ گھراڻي جي دور ۾ به سنڌ غيرن جي دخل، قبضي ۽ تسلط کان آزاد رهي.
مخدوم بلاول واري سنڌ جي قومي تحريڪ کان پوءِ، سنڌ اڪثر بزرکن سياسي ڳالهين کان گوشو اختيار ڪري پنهنجي اندر اجارڻ ۽ اخلاقي اصلاح طرف توجھ ڏنو. مخدوم نوح شاهه عبدالڪريم ، سيد رڪن الدين، سخي هاشم شاهه وغيره، انهيءَ پاليسيءَ تي هليا، ليڪن شاهه صاحب جي ابتدا کان ، وري نئون دور شروع ٿيو، جيئن مخدوم عبدالرحمان گھڙن وارو. شاهه عنايت صوفي سياسي اختلافن ڪري شهيد ڪرايا ويا هئا.