شاهه صاحب ۽ اسان جون جوابداريون
اسان جي قومي شاعر شاهه صاحب کي اگرچ ٻن سَون ورهين کان به مٿي زمانو گذري چڪو آهي ۽ ملڪ جي ماڻهن ۽ حالات ۾ گھڻي تبديلي اچي ويئي آهي، ايتري قدر جو سندس ڪم آندل سنڌي زبان جا ڪيترائي لفظ به اڄڪلهه غير مروج ٿي چڪا آهن، جنهنڪري ڪيترن ئي بيتن کي سمجھڻ واسطي معنى لاءِ لغتن کي ڏسڻ جي ضرورت پوي ٿي. اڄڪلهه وڏن شهرن، ريلن، هوائي جهازن، تارن وغيره ملڪ جي اڳوڻي زندگيءَ کي گھڻو بدلائي ڇڏيو آهي، ليڪن باوجود ان جي به جيڏانهن نظر ڪندا ته اڃا شاهه صاحب جو ڌاڪو سموري سنڌ تي ويٺل آهي. ڪي نڙ وڄائي ان جا بيت ڏيئي قلب کي سرور پهچائي رهيا آهن، ته ڪيترن عالمن ۽ اهل دل وارن جي مجلسن جي رونق به شاهه صاحب جي ڪلام سان وڌي ٿي.
جيئن سون مان حاڪم سڪا ٺاهي، ملڪ جي ڏيتي ليتيءَ جي لاءِ ڪم آڻي ٿو، ته واپاري پنهنجي مٽا سٽا لاءِ ان کي استعمال ڪري ٿو، امير ماڻهو ان مان برتن وغيره جو ڪم وٺن ٿا ته خوبصورت ۽ شاهوڪار عورتون ان کي پنهنجي حسن کي وڌائڻ لاءِ زيورن جي طور تي ڪم آڻين ٿيون، حڪيم صاحب ان مان ڪشتو بڻائي دل جي قوت، خون جي گھڻائي ۽ بدن جي طاقت لاءِ ڪتب آڻي ٿو. تيئن هڪ بهترين شاعر جي ڪلام کي مختلف ڪمن لاءِ ڪتب آڻي سگھجي ٿو.
شاهه صاحب جو ڪلام جيڪڏهن عالمن جي وعظن جي مجلسن جي رونق، هڪ طرف بنجي ٿوته ٻئي طرف اديب ان جي باريڪ نڪتن، سلاست ۽ بلاغت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن محسوس ڪن ٿا، اگر صوفي صاحب ان ۾ روحاني رمزون ۽ لدني نڪتا ٿو ڏسي ته ڳوٺاڻو ان جي ٻڌڻ مان غير معمولي دل جو سرور يا درد ٿو محسوس ڪري، مطلب ته جنهن جهڙيءَ نظر سان ان کي ڏٺو، اهڙو فائدو حاصل ڪيائين.
منهنجي طيال موجب وقت اچي ويو آهي، جڏهن هن سون جي ڪشتي کي قومي بدن جي صحت ۽ قوت جي لاءِ استعمال ڪجي، انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ شاهه صاحب جي ڪلام کي سياسي نقطهء نگاهه سان سمجھڻ جي سخت ضرورت آهي. آءٌ انهيءَ نظر سان ڪلام ڏسڻ جي شروعات ڪريان ٿو، ممڪن آهي ته علم جي ڪوتاهي، وقت جي تنگي ۽ معلومات جي ڪميءَ سبب انهيءَ نئين مهم کي پوري طرح وقت جي ضرورتن جي مطابق ادا ڪري نه سگھيو هجان، ليڪن مون کي اميد آهي ته ٻيا عالم ۽ فاضل هن منهنجي ادنى ڪوشش مان اشارو حاصل ڪري، انهيءَ مضمون کي زياده واضع ۽ اڻملهه طريقي سان ادا ڪندا. مونکي پنهنجن خامين ۽ ڪوتاهين جي پوري پروڙ آهي، پر هي ڪتاب صرف سندن علمي غيرت ۽ جذبي کي تازيانه هڻي چست ڪرڻ جي نيت سان لکيل آهي، اگر اڙدوـ دان حضرات ڊاڪٽر اقبال ۽ ٻين شاعرن تي سَوَها شرح لکي، ان کي هر مجلس ۽ موقع لاءِ ڪتب آڻي سگھن ٿا ته، اسان سنڌي ڇونه بجا طور تي شاهه صاحب جي ڪلام کي پنهنجي نوجوان طبقي ۾ قومي بيداري ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيون ۽ اهڙي طرح سان سنڌين ۾ قومي احساس پيدا ڪري، پنهنجي قوم کي دنيا جي ٻين قومن جي اڳيان منهن مٿي کڻي، ميدان عمل ۾ بيهڻ جو لائق ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.
اهو ڪم پوريءَ طرح سان تڏهن پورو ٿي سگھندو، جڏهن اسان پنهنجون جوابداريون سنڌ جي قومي شاعر شاهه صاحب جي طرف محسوس ڪريون.
شاهه صاحب جي راڳ جون مجلسون سڏائڻ يا انهن ۾ وڃي قلب کي سرور پهچائڻ، سندس ٻارها ملهائڻ، عرس جي موقعي تي سندس درگاهه تي حاضر ٿي زيارتون ڪرڻ، مضمون ۽ ڪتاب لکي شاهه صاحب جي پيغام کي ملڪي يا غير ملڪي ماڻهن تائين پهچائڻ به چڱا ڪم آهن، پر سندس ڪلام جي حقيقت معلوم ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي. اها آهي پنهنجي قوم جي سڃاڻپ ۽ انهيءَ سن گڏ انهيءَ جو نصب العين مقرر ڪرڻ ۽ ان جي مقرر ڪرڻ بعد، انهيءَ مقصد کي ڪشالا ڪاٽي، جبل جھاڳي حاصل ڪرڻ آهي. اهو ماڻهو جو پاڻ مٺو ڪري سنڌي قوم ۽ سنڌ ملڪ جي آزاديءَ ۽ ترقيءَ لاءِ قرباني نه ٿو ڪري، سو حقيقي طرح شاهه صاحب کي محبت نه ٿو ڪري.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”سڪڻ ائين نه سڌ، جيئن لڪيو لياڪا پائين،
پئي پريان جي نه ٿئين، مٿي اڱڻ اڌ،
ايءَ پڻ ڪوڙي سڌ، جيئن لڪيو لياڪا پائيين.“
اهو ماڻهو جو پنهنجي قوم جي سڃاڻپ نه ڪري، ملن وانگر دانهون ڪري ٿو ۽ ٻين جا در پيو ڳولي تنهن به شاهه صاحب جي ڪلام کي صحيح طرح نه سڃاتو آهي :
”پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، مورک اڃ مرن،
ساهان اوڏو سپرين، لوچي تان نه لهن،
دم نه سڃاڻن، دانهون ڪن ملن جيئن.“
اهو ماڻهو کليو کايو سمهي ٿو، پاڙي ۾ رنج رسيل جي پروڙ نه اٿس، سورن وارن جي پچار ڪانه اٿس، سندس راتيون رويو نه ٿيون وهامن، سگھو آهي، گهايل نه آهي، گندي ۽ گراهه جو اونو اٿس، سڃ جو سمر ساڻ نه کنيو اٿس، انهيءَ کان به شاهه صاحب جي حب اڃا اڳاهين آهي. منهنجي خيال موجب هر هڪ سنڌيءَ تي جاوابداري آهي ته تيسين تائين آرام نه ڪري جيسين تائين هيٺيان مکيه ڪم پورا نه ٿيا آهن :
1. شاهه صاحب جو جملي ڪلام مستند نموني ڪٺو ڪرائي، ان جا بهترين شرح لکرائي سٺي۽ سستي ڇاپي ۾ ڇپرائڻ، جيئن هر سنڌي وٽ اهو پهچي سگھي.
2. درگاهه عبداللطيف جي ٻاهرين واري ميدان کي فرش ٻڌارائي چؤطرف ميلي جي وقت ايندڙ عوام جي رهڻ لاءِ هجرن جو انتظام ڪرڻ جيئن شاهه صاحب جون ٻارهه ـ ماهي مجلسون، ختمو ۽ سندس يادگار شين جو ڏيکارڻ، سهڻي ۽ عمدي نموني ٿي سگھي.
3. ڪرار جي ڍنڍ جي چؤطرف پڪو فرش، چاڙهين جي ڏاڪڻين سان ٻڌرائي، پارڪ بنارائي ان جي چؤطرف سنڌي تهذيب ۽ فن جي زندهه ڪرڻ لاءِ هڪ درسگاهه کولجي، جنهن ۾ هڪ بهترين ڪتب خانو به هجي.
4. ڀٽ جي ڳوٺ کي صفائي، سٺائي جو ماڊل ڪري، از سر نو تعمير ڪرائجي، جيئن ٻاهريان، هلي اچي ان کي ڏسن.
5. سنڌي يونيورسٽيءَ ۾ شاهه صاحب جي ڪلام جي کوجنا وغيره لاءِ هڪ ڪرسي (سيغه) کولجي، جو سنڌ جا بهترين عالم ان تي وقت به وقت نئين سر کوجنائون ڪندا رهن.
6. سنڌ جي جملي بهترين، شاهه کان اڳ ۽ پوءِ جي شاعرن جو ڪلام ڪٺو ڪري ڇپرائجي، پوءِ شاهه صاحب جي ڪلام تي، انهن جي اثر يا شاهه جي ڪلام جو انهن تي اثر بابت مطالعو ڪجي.
اهي آهن مختصر طرح اسان سنڌين تي شاهه صاحب جي محبت جا چند فرائض، جن جي ادا ڪرڻ جي جوابداري هر هڪ سنڌيءَ تي آهي.