ڪالم / مضمون

تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

هن مجموعي جو ليکڪ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو سرواڻ محمد علي قاضي آهي.
” هن ڪتاب ۾ 2010ع کانپوءِ لکيل صرف اهي مضمون شامل آهن، جيڪي تبديليءَ جي تصور سان جڙيل آهن، ۽ هڪ فرق اهو به آهي ته، اهو ڪتاب صرف تبديليءَ کي پسند ڪندڙن لاءِ ئي ناهي، بلڪه سنڌ کي ماءَ جي هنج جيان بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندڙ يعني تبديلي آڻيندڙن لاءِ به آهي، جيڪي شايد ظاهري طرح نظر نه ايندا هجن پر اهي لکن جي انگ ۾ اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود آهن ۽ انشاالله هڪ ڏينهن وري آئون انهن لکن تبديلي آڻيندڙن جي وچ ۾ موجود هوندس. “
  • 4.5/5.0
  • 2653
  • 674
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • علي قاضي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

مهاڳ

اُهي 33 ڏينهن .....
انهن 33 ڏينهن پويان مختلف هنڌن تي وڌيڪ نه ته به گهٽ ۾ گهٽ 33 هزار ڀيرا پڇيل سوال، هجت مان ڪيل مطالبا هئا، جيڪي مون سان ڪيا ويا، ڏوراپا هئا، جيڪي گذريل ڪيترن سالن کان مونکي ڏنا ويا. جن ۾ بنيادي نقطو اهو هو ته، تبديلي رڳو ڳالهائڻ سان نه ايندي، بلڪه ان لاءِ آئون ڪو عملي قدم کڻان. اها ڳالهه مون سان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٿيل پروگرامن، ذاتي ڪچهرين، خطن/اِي ميلز ..... غرض ته هر هنڌ ٿيندي هئي، جنهن جو مون وٽ هڪ ئي جواب هو ته جيستائين سنڌ جا لکين ماڻهو تبديليءَ لاءِ عملي طور تي پاڻ ميدان ۾ نه ايندا، تيستائين مون هڪڙي جي کڻڻ کان هي بنڊ ڳرو آهي. جنهن جي جواب ۾ مون کي اهو ٻڌايو ۽ سمجهايو ويندو هو ته سنڌ جا ماڻهو عمل جي ميدان ۾ اچڻ لاءِ بلڪل تيار آهن، ۽ جنهن ڏينهن کين ڪو سڏ ڏنو ويو ته اهي انهيءَ سڏ کي ڀرپور موٽ ڏيندا ..... ۽ نيٺ ٿيو به اهو ئي ته خلق خدا جي راءِ آڏو هٿيار ڦٽا ڪري 22 جنوري 2012ع تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي اڱڻ ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنم. ائين به ناهي ته ڪو ميڊيا ذريعي اهڙو سڏ ڏئي آئون گهر ويهي رهيس پر سياري جي مند ۾ شهر شهر، وسندي وسندي، ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ماڻهن وٽ ئي جهول جهلي نڪري پيس.
13 ڊسمبر 2011ع تي سڄي سنڌ جي شروع ڪيل ان سفر جي شروعات ۾ رڳو گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ- ڪشمور ضلعن ۾ ڪجهه پروگرامن جي دعوت مليل هئي، باقي مڙيوئي خير هو ۽ ممتاز بخاري، جيڪو ان سفر ۾ مختلف هنڌن تان ملندڙ دعوتن ۽ پروگرامن کي ترتيب ڏئي رهيو هو، ۽ آئون اهو سوچي رهيو هيس ته اگر ميزبان ئي نه هوندا ته وڃبو ڪنهن وٽ؟ پر پوءِ جڏهن سفر شروع ٿيو ته ايتريون ته دعوتون ملڻ شروع ٿيون، جو هر دعوت ۾ وڃڻ مشڪل ٿي پيو ۽ ڪجهه مهربانن کي رنج به پهتو ته اسين انهن وٽ نه پهچي سگهياسين ۽ هڪ ڏينهن ۾ ڇهه کان اٺ عوامي ميڙاڪا ٿيڻ لڳا، جيڪي روڊن رستن تي بيهي ٿيندڙ آجياڻن کانسواءِ هئا ۽ انهن 33 ڏينهن ۾ 187 پروگرامن ۾ شرڪت ڪري کين ڀٽ شاهه تي اچڻ جو سڏ ائين پئي ڏنم ته، اهو منهنجو سڏ نه پر ٽي سئو سال اڳ تبديليءَ جو تصور ڏيندڙ ڀٽائيءَ جو سڏ آهي ۽ ان ڪاڄ جو ميزبان آئون نه پر هر سنڌ واسي آهي. ان سفر دوران ماڻهن منجهه ڌرتيءَ لاءِ ڪجهه ڪري گذرڻ لاءِ نظر ايندڙ جذبو تمام گهڻو اتساهيندڙ هو ۽ ننڍن ننڍن شهرن ۾ به ٿيل ميڙاڪن ۾ هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿيندڙ ماڻهو ڪٿان پئي آيا ۽ کين ڪير وٺي پئي آيو! اهو به سمجهه ۾ نٿي آيو ته انهن 187 ميڙاڪن جي ميزباني ڪندڙن جي اڪثريت، بلڪه 80 سيڪڙو اهي ماڻهو هئا، جن کي پاڻ ڪنهن به ريت “با اثر شخصيت” نه پيا چئي سگهون، جن پنهنجي اثر هيٺ ماڻهن کي پنهنجي ٽرانسپورٽ ۾ ويهاري آندو هجي. سو جيڪي ماڻهو انهن ميڙاڪن ۾ آيا پئي، اهي پنهنجي خوشي ۽ راضپيءَ سان آيا پئي. ٻي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن ميڙاڪن جي ميزباني ڪندڙن مان 90 سيڪڙو مهربانن سان منهنجي اڳ ۾ ڪڏهن ملاقات ٿيل نه هئي، پر اسين سڀ هڪ خيال ذريعي هڪ ٻئي سان جڙيل هئاسين ته سنڌ ۾ خوشحالي اچڻ کپي. آئون 187 ميڙاڪن مان ڪهڙي جو ذڪر ڪري ڪنهن جو ڪريان. آئون ڪرمپور يا ڪنڌڪوٽ جي ڳالهه ڪريان يا ڏهرڪي يا لاڙڪاڻي يا راڻيپور يا عمرڪوٽ يا بدين جي ..... غرض ته هر هنڌ ماڻهن جو جذبو ڏسڻ وٽان هو ۽ اهي منظر ڏسي سرويچ سجاوليءَ جي چيل اها سٽ بار بار ذهن ۾ اچي ويندي هئي ته،
اي دوست، پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سرا جاڳي پيا
33 ڏينهن جي ان سفر دوران مون لکين ماڻهن جي نج ۽ نبار محبت به ڏٺي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي منافقي ۽ ڪجهه ڌرين جو ڪروڌ به ڏٺو پر ڪروڌ ڪندڙ ڌرين منجهه خوف به تمام گهڻو هو، جو کين ڊپ هو ته اگر سنڌ بدلجي وئي ته انهن جا ڪڌا ڌنڌا به بند ٿي ويندا ..... پر مون اهڙا صاحب لوڪ به ڏٺا، جيڪي بند ڪمرن ۾ سالن کان مون کي اڳتي وڌڻ لاءِ زور ڀريندا هئا پر انهن 33 ڏينهن دوران اهي سڀ ائين غائب ٿي ويا، ڄڻ سڃاڻندا ئي نه هجن. بهرحال انهن 33 ڏينهن ۾ مون سنڌ سان روبرو ملاقات ڪئي، جيڪا ملاقات شايد ٿورن ماڻهن کي نصيب ٿي هجي.
22 جنوري 2012ع تي اسين ڀٽ شاهه ۾ وقار شاهه صاحب جي اوطاق تي ويٺا هئاسين. ان ڏينهن مون کي 103 ڊگري بخار به هو. سڄي سنگت جو اصرار هو ته، ڇاڪاڻ ته تمام گهڻي ٿڌ آهي ۽ مهانگائي پڻ تمام گهڻي آهي، جو ڏورانهن علائقن مان لکين ماڻهو اچي سگهن، سو اگر ٽيهه هزارن کان وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿين ته به مستقبل جي لائحهء عمل جو اعلان ڪرڻ کپي، پر منهنجو اصرار هو ته جيستائين گهٽ ۾ گهٽ ٻه لک ماڻهو آئون پنهنجي اکين سان نه ڏسندس، تيستائين اڳتي نه وڌبو. ڪلاڪ کن جي انتظار کانپوءِ سنگت اچي ٻڌايو ته پنڊال ۾ به ماڻهو اچي ويا آهن ۽ ٻاهر روڊ تي به هزارين ماڻهو بيٺل آهن. سو پنڊال ڏانهن روانگي ڪئي وئي ۽ اسٽيج تي پهچي مون کي اندازو ٿيو ته 25 کان 30 هزار ماڻهو پنڊال ۾ موجود هئا ۽ 8 کان 10 هزار ماڻهو ٻاهر روڊ تي موجود هئا. منهنجو اندازو آهي ته چاليهه هزار کن ماڻهو جمع ٿيا هئا. ياد رهي ته ڪراچيءَ جي نشتر پارڪ ۽ ڀٽ شاهه جي ملاکڙا گرائونڊ ۾ به 30 کان 35 هزار ماڻهو مس اچي سگهن ٿا، سو چاليهه هزار ماڻهن جو پنهنجي خرچ ۽ ڀاڙي تي اتي اچڻ، معجزي کان گهٽ نه هو ۽ اهو هر لحاظ کان تمام وڏو جلسو هو پر بدقسمتيءَ سان اهو ايترو وڏو نه هو، جيتري وڏي تبديلي سنڌ کي گهربل آهي. اگر ڪا سياسي پارٽي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري 20 کان 25 هزار ماڻهو به گڏ ڪري ٿي ته ان کي لکين ماڻهن جو سمنڊ قرار ڏين ٿا، پر 22 جنوري 2012ع تي ڪنهن تنظيم جو جلسو نه هو پر ان خيال هيٺ ماڻهن کي گڏجڻو هو ته هو پنهنجي قسمت جا فيصلا پاڻ ڪرڻ لاءِ ڪو محور جوڙين، پر ان لاءِ ماڻهن جو گهربل انگ، جيڪو منهنجي خيال ۽ توقع موجب ٻه لک آهي، اتي نه اچي سگهيو، پر ان جو مطلب گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر ۾ اهو بلڪل به ناهي، ته سنڌ ۾ تبديليءَ لاءِ جذبو يا تڙپ موجود ناهي ۽ اها ڳالهه به رڳو ڊائلاگ طور نه پيو هڻان، بلڪه ان دعويٰ جو بنياد انهن 33 ڏينهن جو اهو سفر آهي، جنهن ۾ مون تبديليءَ لاءِ تڙپ ۽ خواهش لکين ماڻهن جي اکين ۾ ڏٺي. سو تبديلي آڻڻ جي لاءِ ڪوششن تان مون نه اڳ ۾ هٿ کنيو هو ۽ نه ئي وري هاڻ کڻبو ۽ استاد بخاري چواڻي ته:
ڪجهه جاچ ڪبي، ڪجهه سوچ ڪبي، ڪجهه ماٺ ڪبي، ڪجهه شور ڪبو
ڪجهه هوش ڪبو، ڪجهه جوش ڪبو، ڪجهه غور ڪبو، ڪجهه زور ڪبو
هر حالت ۾ ، هر صورت ۾، هن حالت کي هونئن ڪرڻو آ
جي هيئن نه ٿيو ، پوءِ هونئن ڪبو، جي هونئن نه ٿيو، ڪجهه اور ڪبو
تبديلي ۽ محبت جو گرامر به ذري گهٽ هڪ جهڙا هجن ٿا، ڇاڪاڻ ته تبديليءَ جي تڙپ به محبت جيان پهرين دل ۾ پيدا ٿئي ٿي، پوءِ دل اهڙو سگنل دماغ کي موڪلي ٿي. اگر تبديلي يا محبت لاءِ صرف دماغ کان ڪم وٺبو ته تمام گهڻيون مصلحتون رنڊڪ بڻجي سامهون اچي وينديون آهن ۽ اهي مصلحتون ماڻهوءَ کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو ڇڏين. آئون ڄاڻان ٿو ته ڏهاڪن کان ڀوتارڪي ڪلچر ۾ پيسجندڙ اسانجو سماج مختلف ڏکن ۽ سورن جي ور چڙهيل آهي، جنهن سبب اهو ڪو وڏو عملي قدم کڻڻ کان اڳ منجهي پوي ٿو پر هڪ چيني چوڻي آهي ته:
You can not stop the birds of sadness from flying over your head, but you can stop them from nesting in your hair.
(توهان اداسيءَ جي پکين کي ته پنهنجي مٿي مٿان اڏامڻ کان روڪي نٿا سگهو، پر انهن کي پنهنجن وارن ۾ آکيرا ٺاهڻ کان روڪي سگهو ٿا.)
سنڌ واسين کي گهرجي ته ڏکن ۽ سورن سبب منجهن پيدا ٿيل مايوسي ۽ نراسائيءَ کي پنهنجي سماج ۾ تبديلي آڻڻ جي تڙپ ۾ بدلائي ڇڏين. اسان وقتي فائدا حاصل ڪرڻ ۽ وقتي نقصان کي ٽارڻ لاءِ سمجهوتا ڪريون پيا، جن سمجهوتن سان اسانکي دائمي نقصان پهچي پيو ۽ اهڙن سمجهوتن سبب اسان تبديليءَ جي عمل کي هٿ سان ملتوي ڪندا پيا اچون. اها ڳالهه پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته سنڌ جي خوشحاليءَ واري تبديلي ڪنهن روايتي سياست ذريعي ممڪن ناهي، جنهن ۾ ڀوتار ڏوڪڙ خرچ ڪري ماڻهن کي ٽرڪن ۾ ويهاري جلسن ۾ آڻي ٿو يا، اٽڪلون ڪري ووٽ وٺي، اسانجي اڄ ۽ اسانجي سڀاڻي کي يرغمال ڪري ڇڏي ٿو. اسانکي تبديلي ان سياسي ڪلچر ۾ آڻڻي آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن تبديليءَ جا سفير ان ڪاروان کي جاري و ساري رکن. آئون تبديلي پسندن کي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته هاڻ کين پنهنجو ڪردار صرف تبديلي پسندن طور نه پر تبديلي آڻيندڙ طور ادا ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي ۽ ڊسمبر 2011 کان 22 جنوري 2012ع جي 33 ڏينهن ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين تبديليءَ لاءِ جيڪو جشن ٿيندي سڄي جهان ڏٺو، اهو جشن اڃا جاري آهي ۽ اهي ماڻهو، جيڪي سمجهن ٿا ته علي قاضي سوڌو لکين تبديليءَ جا پروانا، ديوانا هاڻ ٿڪجي پيا آهن ته کين عرض آهي ته، تبديليءَ جو اهو ڪاروان، جيڪو جيجل ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ جو خواب اکين ۾ کڻي نڪتو هو، اهو ڪڏهن نه ٿڪبو.
2010ع ۾ شايع ٿيل منهنجي پهرئين ڪتاب ’تبديلي پسندن جو ڪتاب‘ ۾ ۽ هن ڪتاب ۾ ڪجهه فرق آهن، هڪ قيمت جو گهٽ هجڻ، ته جيئن هي ڪتاب وڌ ۾ وڌ هٿن ۾ پهچي سگهي. ٻيو اهو ته، پهرئين ڪتاب ۾ مختلف موضوعن تي منهنجا لکيل ڪالم شامل هئا، پر هن ڪتاب ۾ 2010ع کانپوءِ لکيل صرف اهي مضمون شامل آهن، جيڪي تبديليءَ جي تصور سان جڙيل آهن، ۽ ٽيون فرق آهي ته، اهو ڪتاب صرف تبديليءَ کي پسند ڪندڙن لاءِ ئي ناهي، بلڪه سنڌ کي ماءَ جي هنج جيان بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندڙ يعني تبديلي آڻيندڙن لاءِ به آهي، جيڪي شايد ظاهري طرح نظر نه ايندا هجن پر اهي لکن جي انگ ۾ اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود آهن ۽ انشاالله هڪ ڏينهن وري آئون انهن لکن تبديلي آڻيندڙن جي وچ ۾ موجود هوندس.


علي قاضي
26 ڊسمبر 2012