ڪاوڙ کي محبت ۾ بدلائڻ جي ضرورت!
ڏهاڪن کان هلندڙ سياسي تعلقداري ٽٽڻ سان سماج ۾ ڪاوڙ سان گڏ سياسي افراتفري پيدا ٿيڻ هڪ فطري امر هجي ٿو، پر اڄ جڏهن سنڌ انتهائي مخصوص حالتن مان گذرڻ سان گڏوگڏ ايندڙ ڏينهن ۾ ويتر ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌي رهي آهي، ان صورتحال ۾ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڇا سنڌ وٽ اُها گهربل تياري موجود آهي، جنهن سان هو انهن حالتن مان پار لڳي سگهندي؟ اڄ جڏهن ڏيهي ۽ پرڏيهي قوتن جا مفاد راڪاس بڻجي جيئن اسان مٿان لامارا ڏئي رهيا آهن، ڇا ڪا قوت اسان وٽ اهڙي آهي، جو انهن کان بچاءَ جو ذريعو بڻجي سگهي. جيڪي حالتون اسان کي اڄ نظر اچن پيون، اُنهن ۾ اهڙي ڪهڙي نئين شيءِ ٿيندي ڏسون پيا، جنهن جو ٿلهي ليکي اندازو پاڻ کي سالن کان نه هيو ۽ ساڳيءَ ريت جيڪو ڪجهه ايندڙ مستقبل ۾ ٿيڻ وڃي پيو، ڇا پاڻ کي ان جو اڄ اندازو ڪونهي؟ پر حقيقت اها آهي ته جيئن پاڻ اڄ جي مسئلن کي گذريل ڪالهه ۾ روڪڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي، ساڳئي ريت سڀاڻي ايندڙ هاڃن کي ٽارڻ لاءِ اسان اڄ به ڪا تياري نه پيا ڪريون. چئوطرف هڪ افراتفري آهي، ڪو ٽائير پيو ساڙي، ڪو مظاهرو پيو ڪري، ڪو مطالبا ڪندي پيو نظر اچي ته وري ڪو ڪتابي قسم جي بحث مباحثي ۾ رڌل آهي، ڪٿي همراهه ڪرسي بچائڻ ۾ هٿ پير پيا هڻن، ته وري ٻيا ڪرسي ماڻڻ جي خوابن ۾ مست آهن، ڪٿي حرام جا نوٽ ٻورين ۾ ڀرڻ ۾ مصروف ماڻهو نظر اچن پيا، ته وري ٻيا وري پنهنجا جمع ڪيل ٻورا لڪائڻ ۾ پورا نظر اچن ٿا، غرض ته هي تماشو روز، زور شور سان جاري و ساري آهي ۽ سنڌ خاموشي سان اهو تماشو ڏسي رهي آهي، پر جيڪي ماڻهو سماجيات جي موضوع جي ڄاڻ رکن ٿا، کين اها چڱي ريت ڄاڻ هوندي ته ڪو سماج جڏهن هڪ ڊگهي سانت اختيار ڪري وٺي ٿو ته سندس اندر هڪ لاوا پچي رهيو هوندو آهي ۽ اها خاموشي دراصل خاموشي نه پر هڪ اهڙي ڪاوڙ جي باهه هجي ٿي، جنهن کي اگر ڪنهن هنڌان هلڪي چڻنگ لڳندي آهي ته پوءِ اهو سماج پنهنجي ماٺ ٽوڙي ڦاٽي پوندو آهي. مون کي سنڌ جي خاموشي ۾ اُها ڪاوڙ نظر اچي پئي، جيڪا ڪنهن به وقت اگر ڦاٽي ظاهر ٿي ته اُن ڪاوڙ جي باهه ۾ گهڻو ڪجهه سڙي ويندو.
گذريل پندرهن سالن کان گڊ گورننس (چڱي حڪمراني) بابت لکيو ۽ ڳالهايم پئي ته ٿي سگهي ٿو ته منهنجو خيال يا منهنجو منطق ڪجهه ماڻهن کي سمجهه ۾ نه به ايندو هجي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهڙا به ماڻهو هجن، جن وٽ گورننس جي انداز ۾ تبديلي وارو پيغام نه به پهتو هجي، پر گذريل سال آگسٽ ۽ هن سال آگسٽ يعني هڪ سال اندر سڄي سنڌ ڏهاڪن کان هلندڙ خراب حڪمراني سبب گڏيل طور سڌي ريت جيترو ڀوڳيو آهي، اُن کانپوءِ هاڻ شايد ئي ڪنهن کي تر جيترو به شڪ بچيو هجي ته اسان جي 90 سيڪڙو اهنجن ۽ تڪليفن جو اڪيلو ڪارڻ خراب انداز حڪمراني آهي ۽ ان جو حل به سواءِ ان جي ٻيو ڪو ڪونهي ته ان اندازِ حڪمراني کي تبديل ڪجي ۽ ظاهر آهي ته اها تبديلي پاڻمرادو نه اچي ويندي، ان لاءِ سنڌ جي لکين ماڻهن کي گڏجي پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، لکين ماڻهن کي تبديلي آڻڻ لاءِ هڪ محور سان جڙڻو پوندو ۽ اُن لاءِ صدين کان اسان جي روحاني ۽ شعوري اڳواڻي ڪندڙ شاهه عبداللطيف جي اڱڻ کان وڌيڪ موزون ٻيو ڪهڙو هنڌ ٿي سگهي ٿو ۽ جيئن ڪڏهن اڳ به لکيو هيم ته ڀٽائي کان وڌيڪ تبديلي پسند ٻيو ڪير آهي، تنهن ڪري سنڌ واسين کي ان افراتفري کي ڇڏي ڀٽائي وٽ گڏ ٿيڻ لاءِ سنڀرڻ گهرجي، جتي هو پاڻ ۾ به ڳالهائين ۽ ڀٽائي جي سوچ ۽ فلسفي کان رهنمائي وٺندي پنهنجو هڪ محور جوڙين، اهڙو محور جيڪو نه صرف کين ڏهاڪن کان هلندڙ فرسوده سياسي ڪلچر ۽ خراب حڪمراني مان جان ڇڏرائي سگهجي، بلڪه جيڪو ڏيهي توڙي پرڏيهي سازشن ۽ انهن سازشن سبب پيدا ٿيندڙ حالتن کي منهن به ڏئي سگهي ۽ سنڌ واسين جو ڀرجهلو به ٿي سگهي. آئون سمجهان ٿو ته سنڌ واسين کي پنهنجي ڪاوڙ کي محبت جي جذبي ۾ مٽائي ڀٽائي جي اڱڻ ۾ جمع ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪاوڙ کان وڌيڪ سگهه محبت ۾ هجي ٿي ۽ اگر لکين سنڌ واسين پنهنجي گڏيل محبت سان پنهنجو ڪو محور جوڙيو ته تبديلي اڻٽر ٿي ويندي. ڪو به فرد يا سماج تيستائين نڌڻڪائپ جو شڪار رهي ٿو، جيستائين هو پنهنجو ڌڻي پاڻ نٿو ٿئي، سو سنڌ واسين کي به پنهنجو ڌڻي پاڻ ٿيڻو پوندو.
اٿو سنڌ جا وارثو، سنڌ کي بچايو.
خميس 29 سيپٽمبر 2011ع