ڪالم / مضمون

تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

هن مجموعي جو ليکڪ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو سرواڻ محمد علي قاضي آهي.
” هن ڪتاب ۾ 2010ع کانپوءِ لکيل صرف اهي مضمون شامل آهن، جيڪي تبديليءَ جي تصور سان جڙيل آهن، ۽ هڪ فرق اهو به آهي ته، اهو ڪتاب صرف تبديليءَ کي پسند ڪندڙن لاءِ ئي ناهي، بلڪه سنڌ کي ماءَ جي هنج جيان بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندڙ يعني تبديلي آڻيندڙن لاءِ به آهي، جيڪي شايد ظاهري طرح نظر نه ايندا هجن پر اهي لکن جي انگ ۾ اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود آهن ۽ انشاالله هڪ ڏينهن وري آئون انهن لکن تبديلي آڻيندڙن جي وچ ۾ موجود هوندس. “
  • 4.5/5.0
  • 2653
  • 674
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • علي قاضي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

سنڌ پاڻمرادو نوٽيس وٺي

اڄ کان سوا ٻه سال اڳ 15 جون 2009ع تي لکيل هڪ مضمون ”سنڌ جي سياسي زمين ۾ نئون ٻج ڇٽڻ جون تياريون“ جو هڪ حصو ڪجهه هن ريت هو، ”سنڌ ۾ موجود سياسي موڊ کي انهن لفظن ۾ بيان ڪجي ته غلط نه هوندو ته سنڌ جي سياسي زمين ۾ اڄڪلهه کيڙي ٿئي پئي ۽ ان زمين تي لڳل پراڻا فصل هاڻ لڻجي چڪا آهن يا لڻجي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ان سياسي زمين جي کيڙيءَ جو ڪم جديد انداز يا تيزيءَ سان نه پيو ٿئي، پر بهرحال جيئن ڪنهن زرعي زمين ۾ نئون ٻج ڇٽڻ کان اڳ زمين کي هموار ڪرڻ، بچيل ٻوٽا پٽي انهن کي ٻاهر ڪڍڻ وغيره وارو کيڙيءَ جو ڪم ٿيندو آهي، ساڳيءَ ريت اسان جي سياسي زمين به ڪنهن نئين فصل جي پوکڻ لاءِ تيار ٿئي پئي، پر اهو پڪ سان چوڻ ڏکيو آهي ته نئين فصل جي پوکائيءَ لاءِ تيار ٿيندڙ ان زمين ۾ ڪهڙو سياسي ٻج ڇٽيو ويندو يا مرڳو ان ۾ پاڻمرادو ڦٽي ايندڙ جهنگ جا ٻوٽا ڦٽي ايندا. هن وقت سنڌ جي سياسي زمين کي خالي ٿيندي ڏسي ٽن قسمن جون ڪوششون ٿيندي نظر اچن پيون. هڪ، اڳ ۾ ئي موجود سياسي ڌريون پنهنجو وجود اڃا ساڳئي انداز ۾ برقرار رکڻ لاءِ سرگرم ٿي رهيون آهن. ٻيو، ڪجهه ڌريون/فرد جيتوڻيڪ اڳ ۾ به سياسي ميدان ۾ هئا، پر هو هاڻ نئين انداز ۽ نئين روپ ۾ نروار ٿيڻ چاهين پيا ۽ هڪ ٽيون لڏو ڪا نئين سياسي قوت طور ميدان ۾ لهڻ چاهي پيو، جڏهن ته ٻئي پاسي ٿنڪ ٽينڪس ٺاهڻ لاءِ به ڪوششون ٿي رهيون آهن. علم سياست بابت ٽڪي پئسي جيتري ڄاڻ رکڻ سبب اهو سڀ ڪجهه چوڌاريءَ ٿيندي ڏسي مون کي اهو سڀ ڪجهه دلچسپ محسوس ٿئي پيو ته دنيا جي ٻين ملڪن ۽ سماجن ۾ آيل Transformation (نئين جوڙجڪ) بابت جيڪو پڙهيو ۽ ٻڌو هئوسين، اهو ڪجهه فرق سان شايد هاڻ پنهنجي اکين سان پنهنجي سماج ۾ ٿيندي ڏسي سگهبو ۽ شايد اسان جي جنريشن (پيڙهيءَ) کي تاريخ ۾ ان جنريشن طور ياد ڪيو ويندو، جيڪا سماج ۾ آيل اٿل پٿل ۾ پاڻ حصيدار به هجي ۽ گواهه به. پر وري جڏهن ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگردي ۽ ڪراچيءَ جي حالتن ڏانهن حڪمرانن جو ”وقت ٽپايو“ ٽائپ رويو ۽ ڪراچي ۽ بلوچستان بابت پرڏيهي قوتن سان منسوب ٿيل ٿيوريز ٻڌجن ٿيون ته خيال اچي ٿو ته ڇا ايترو وقت بچيو آهي، جو هڪ ڊگهي عرصي جي Process (عمل) ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي ۽ ان تبديليءَ جو ڪارڻ بڻجندڙ سياسي قوت، جيڪا سنڌ جي ظاهر آهي ته سياسي محور جو مقام رکندي، اها اچي چوطرف گهيري ۾ آيل سنڌ جي مفادن کي حوصلي ۽ ڏاهپ ذريعي تحفظ ڏئي سگهي؟ سولي سنڌيءَ ۾ اهو پيو چوان ته جنهن فوري نوعيت جا مسئلا ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪو ڪجهه رٿيو پيو وڃي، ان کي ڇڙ وڇڙ احتجاج سان شايد ئي منهن ڏئي سگهي، بلڪه ان کي هڪ نمائنده سياسي قوت يا سياسي محور ئي منهن ڏئي سگهندو. پر اهڙو ڪو محور ڪڏهن ٿو وجود ۾ اچي ۽ ان ۾ گهڻو ٿو وقت لڳي، ان جي ڪا خبر ناهي. پر سنڌ جيڪي مسئلا اڄ ڀوڳي پئي ۽ جيڪي اڃا ٻيا رٿيا پيا وڃن، انهن جو وقت ڀرجي آيو آهي. چيو وڃي ٿو ته ”وقت وڏو ظالم هجي ٿو“. آئون سمجهان ٿو ته وقت ظالم يا رحمدل نٿو هجي، پر اڄ جي وقت ۾ نه رهندڙ پاڻ پنهنجي مٿان ظلم ڪندڙ هجن ٿا. سو سنڌ جي ووڪل ڪلاس کي اهو سمجهڻو پوندو ته هِن مهل وقت اهم فيڪٽر آهي ۽ اها خوش فهمي ڪنهن کي به نه هجڻ کپي ته ڪو هو وقت کي ان مهل تائين بيهاري ڇڏيندو، جيستائين ان وٽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ وقت هوندو. کيڙي ٿيندڙ سنڌ جي سياسي زمين کي ڏسي ساڳيو خواب اکين ۾ تري اچي ٿو ته شل ان زمين ۾ مثبت تبديلي جو ٻج پوکجي، جنهن مان امن، خوشحالي ۽ بهتر مستقبل جو فصل پيدا ٿئي، جنهن فصل کي سنڌ واسين پنهنجن اکين جي ڳوڙهن ۽ پگهر سان سيراب ڪيو هجي، جنهن فصل کي سنڌين پنهنجي محنت ۽ حوصلي جو ڀاڻ ڏئي سرسبز ڪيو هجي، جنهن فصل کي سنڌ واسين پنهنجي ڏاهپ ۽ هوشياري سان ڪا بيماري يا جيت لڳڻ کان بچايو هجي ۽ جنهن فصل مان اسين ۽ اسان جو ايندڙ نسل لاڀ حاصل ڪري سگهي.“
ان مضمون جي لڳ ڀڳ سال کانپوءِ 2 جولاءِ 2010ع تي پنهنجي هڪ ٻئي مضمون ”تبديلي جو ٻج“ جي آخر ۾ ان ريت لکيو هيم، ”سال اڳ هڪ مضمون ۾ لکيو هيم ته سنڌ جي سياسي زمين جو ڏيک هڪ کيڙي ٿيل زمين جو نظر اچي ٿو، جيڪا ظاهري طرح اٿل پٿل ٿيل نظر اچي ٿي، پر اها هڪ نئين سياسي ٻج جي پوکي لاءِ تيار آهي. ساڳئي مضمون ۾ ان خدشي جو اظهار به ڪيو هيم ته جيڪڏهن کيڙي ٿيل زمين ۾ ڪو سٺو ٻج نه پوکيو ويو ته ان ۾ ڊڀ ڦٽي ايندا، جنهن کي پاڻ سياسي طور سياسي انارڪي جو نالو ڏئي سگهون ٿا، جيڪو اسان جي لاءِ تمام هاڃيڪار هوندو. اڄ جڏهن چئوطرف نظر ڦيرائجي ته اها تسلي ضرور ٿئي ٿي، ته اسان جي سياسي زمين ۾ ”تبديلي جي ٻج“ جي تيزي سان پوکي جاري آهي، پر جيئن ڪنهن پوکي کان پوءِ ان کي ڇڏي نه ڏبو آهي، ساڳئي ريت تبديلي جي فصل حاصل ڪرڻ لاءِ ڌيان جو ڀاڻ ۽ محبت جو پاڻي ڏيڻ اشد ضروري آهي ۽ گڏوگڏ شعور جو ڦوهارو به وقت به وقت ڪرڻ ضروري آهي، جيئن فصل کي جمود پسندي جو جيت نه لڳي وڃي.“
اڄ 8 سيپٽمبر 2011ع تي هي مضمون لکڻ مهل انهن پراڻن مضمونن جا حوالا ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته سماج ۾ اڄ جيڪو سياسي انتشار، اٿل پٿل نظر اچي پئي ۽ ان سان گڏوگڏ اجتماعي طور جيڪا سياسي جاڳرتا ڏسي سگهجي پئي، اُها ڪا اوچتي نروار ناهي ٿي، بلڪه اها هڪ پراسيس ۽ تسلسل جي ڪري اسان جي آڏو آهي، بلڪل اُئين ئي جيئن اسان جي آڏو اجگر جيڏا وڏا ٿي ويل مسئلا ڪنهن اوچتي آفت طور ناهن آيا، بلڪه اهي به هڪ ڊگهي وقت ۾ متواتر وڌڻ سبب اڄ اسان لاءِ ناسور جيان بڻيل نظر اچن ٿا، پوءِ اهي مسئلا ڏيهي ۽ پرڏيهي قوتن ۾ مفادات جي ويڙهه سبب اسان جي ڪراچي ۾ رت جي راند جو هجي يا بندن جي ٽٽڻ يا سم نالن سبب شهرن، ڳوٺن ۽ فصلن جي ٻڏڻ جو هجي. ڪنهن به سماج ۾ مسئلن جو وڌي وڻ ٿي وڃڻ جو سڌو ۽ واحد ڪارڻ اتي موجود Doer's (جيڪي ڪجهه ڪرڻ جو اختيار رکن ٿا) پاران ڪجهه نه ڪرڻ يا بي عملي جو شڪار هجڻ هجي ٿو، جنهن ۾ سياستدان، بيوروڪريسي اهم هجن ٿا ۽ اهڙي مستقل بي عملي جو تماشو ڏسي ڏسي نيٺ سماج ۾ هڪ وڏو سياسي ويڪيوم/خلا پيدا ٿئي ٿو ۽ اِها ئي اُها Stage (مقام) هجي ٿو، جتان ڪو سماج شاندار مستقبل ڏانهن رخ موڙي ٿو يا وري بنهه اونداهي ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. ڪو فرد هجي يا سماج، جڏهن کيس چوطرف کان مايوسي ٿئي ٿي ته پوءِ هو پاڻ عمل جي ميدان ۾ سندرو ٻڌي لهندو يا بنهه مايوس ٿي ويتر تباهه ٿي ويندو آهي. سو ڪنهن سماج ۾سياسي ويڪيوم جي پيدا ٿيڻ جو سادو مطلب اهو ئي آهي ته عوام جي وڏي اڪثريت پنهنجن ”ڪرتا ڌرتائن“ جي بي عملي سبب مايوس ٿي وڃي ٿي، پر اگر سماج ۾ پنهنجن اهنجن بابت اجتماعي شعور ۽ جاڳرتا هجي ٿي ته هو سڀ ڪجهه بدلائڻ لاءِ پاڻ پنهنجي منزل طئي ڪري اُن ڏانهن وڌڻ شروع ڪندا آهن. سوا ٻه سال اڳ جڏهن لکيو هيم ته سنڌ جي سياسي زمين ۾ کيڙي شروع ٿي وئي آهي ته ٿي سگهي ٿو، اُن مهل ڪجهه ماڻهن کي اها ڳالهه دل سان نه لڳي هجي، پر اڄ شايد ئي ڪو هجي جيڪو ان راءِ سان اختلاف ڪري ته سنڌ ۾ هڪ وڏو سياسي خلا موجود آهي ۽ اهو خدشو سوا ٻه سال کان هاڻ وڌيڪ محسوس ٿئي ٿو ته ان سياسي خلا يا جنهن کي کيڙي ٿيل زمين چئون پيا، ۾ ڪو ڊڀ ته نه پيو ڦٽڻ شروع ٿئي، جنهن کي سياسي انارڪي چئبو آهي ۽ اڄ جڏهن سنڌ جي نالي ۾ ”سلطان راهي“ ٽائيپ ڊائيلاگ ٻڌان ٿو يا ماڻهن کي هٿيارن جي سياست ڪرڻ لاءِ همٿائڻ وارا بيان ڏئي جذباتي ڪرڻ وارين ڪوششن کي ڏسان ٿو يا بنا منزل ۽ بنا حڪمت عملي وارين جاکوڙن جا درس ٻڌان ٿو ته اهو خدشو وڌيو وڃي ته سنڌ کي اهي سڀ معاملا ويتر منجهائي بحرانن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيندا، ان سان گڏوگڏ ڏيهي ۽ پرڏيهي قوتن جي ٽڪراءُ ۾ ڦاٿل سنڌ جي ٻيڙي جيڪا بنا وانجهيءَ جي حالتن جي رحم و ڪرم تي آهي، ان طوفان ۾ ڪيئن پار لڳي سگهندي؟ توهان پاڻ اندازو لڳايو ته جنهن صوبي ۾ برسات لکين ماڻهن کي تباهه ۽ دربدر ڪري ڇڏي ۽ اُن جي راڄڌاني ڪلاچي، جتي هڪ انتهائي منڌل ۽ ڳنڀير راند ٿي رهي هجي ۽ ان جي مالڪي ڪرڻ وارو ڪير نه هجي ته ان ڌرتي جو مستقبل ڇا بيهندو؟ ڇا ڪلاچي جو حل سنڌ کان الڳ ٿي ڳولهي سگهجي ٿو (يا ڳولهڻ گهرجي)؟ ڇا ڪراچي جو حل اهو آهي، جيڪو رحمان ملڪ اينڊ ڪمپني اسان کي ٻڌائي ٿي يا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي بيانن سان اهو حل ٿي ويندو؟ ڇا ڪراچي ۾ پچندڙ مسئلن جي ديڳ ۾ آمريڪا، برطانيا، اسان جي اسٽيبلشمينٽ، ڏوهاري مافيا، حڪومتي ۽ سياسي مفادات، لساني ۽ گروهي تڪرار وغيره سڀ ان ۾ شامل ناهن؟ يقينن اهي سڀ مصالحا هن ۾ شامل آهن، پر اگر ڪجهه شامل ناهي ته اهو آهي سنڌ جو گڏيل مفاد ۽ اُن جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته سنڌ وٽ اڄ ڪو به اهڙو سياسي محور ڪونهي، جنهن سان جڙي ڪري سنڌ پنهنجي گڏيل سگهه ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪندي، ڪلاچي کان گولاڙچي ۽ لياري کان لاڙڪاڻي تائين ماڻهن جي واهر ڪري، اِنهن جي ڏکن ۽ اهنجن جو سد باب ڪري سگهي. آئون سمجهان ٿو ته ڪراچي جي امن و امان جي نالي ۾ سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ ڳنڀير سازش، بند ٽٽڻ يا سم نالن سبب ٿيندڙ تباهي، اغوا، ڦرن، ڪرپشن، صحت ۽ تعليم جي تباهي، منشيات توڙي وياج خوري جي وڌندڙ لعنت، ڀوتارگيري توڙي ادارن جي داداگيري وغيره خلاف هاڻ خود سنڌ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ ظاهري طرح ذميوار ۽ لاڳاپيل اختيارين بدران سنڌ کي، ان ۾ رهندڙ ڪروڙين واسين کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ته هو هي سڀ زيادتيون ۽ جبر برداشت ڪندي آخر ٿڪجن ڇو نٿا؟ آخر هو هي سڀ ڪجهه بدلائڻ لاءِ اڳتي ڇو نٿا اچن، ڇاڪاڻ ته سنڌ سان جيڪو ڪجهه اڄ ٿئي پيو ۽ جيڪو سڀاڻي ٿيڻ وڃي پيو، اُن کي هينئر به عام ماڻهو ڀوڳي پيو ۽ سڀاڻي به اهو ئي ڀوڳيندو، ان ڪري سنڌ پاڻمرادو نوٽيس وٺي رينجرز يا پوليس يا اريگيشن يا تعليم يا صحت کاتي وغيره کان پڇاڻو ڪرڻ بدران اتي رهندڙ انهن لکين ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪري، جيڪي تبديلي لاءِ بي چين آهن، پر ان لاءِ اڃان ميدان ۾ ناهن نڪتا، ڇاڪاڻ ته سرڪاري مشينري يا انتظاميا حڪومت جي هٿ وس هجن ٿا ۽ حڪومت ٺاهڻ عوام جي هٿ وس هجي ٿو، تنهن ڪري سنڌ کي پاڻمرادو نوٽيس جاري ڪندي، ان ۾ لکڻ گهرجي ته، ”جنهن ڌرتي کي پنهنجي جيجل چئو ٿا، ان جي چادر ڳاڙهي رت ۽ منڍيون ڪپيل لاشن سان ڀرجي چڪي آهي، پوءِ به توهان ماٺ آهيو ڇو؟ جنهن ڌرتي کي ماءُ ٿا چئو، اُن جا وار (ٻيلا) ڪٽڻ وارا هٿ توهان نٿا روڪيو ڇو؟ منهنجي اندران نڪرندڙ تيل، گئس، قيمتي پٿر، وغيره کي ناغي کانسواءِ ڪڍيو ٿو وڃي، پر لکين خاندان ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن، توهان اهو تماشو ڏسو پيا پر پوءِ به ماٺ آهيو ڇو؟ مون هزارين سالن ۾ جيڪا ٻولي توهان کي سيکاري، اُها نجي اسڪولن ۾ نٿي پڙهائي وڃي، پر توهان خاموش آهيو ڇو؟ توهان کي ان نوٽيس ذريعي پاڻ ۾ گڏ ٿي حالتن جو جواب ڏيڻ (تبديل ڪرڻ) لاءِ نوٽيس ٿو ڏجي.“
سنڌ پاران پاڻمرادو نوٽيس جو مٿي لکيل فرضي Draft (متن) ۾ به دراصل اهو سڀ ڪجهه آهي، جنهن جي پندرهن سالن کان تبليغ ڪريان پيو، يعني سنڌ جي دردن جو درمان ڪنهن ٻئي وٽ نه پر خلق خدا جي وس ۾ آهي، پر سندن اهو وس تڏهن ئي هلندو، جڏهن هو ڪنهن هڪ محور سان گڏجي سڀ ڪجهه بدلائڻ لاءِ سندرا ٻڌي سياسي ميدان ۾لهندا. سنڌ جي کيڙي ٿيل سياسي زمين ۾ معياري تبديلي جي ٻج جي پوکي ۾ اڃان تيزي آڻڻ ۽ ان جي فصل جي سار لهڻ لاءِ محنتي ۽ محبتي هارين کي گڏجي اڳتي اچڻو پوندو، جنهن جي گڏيل هارپي/پورهئي سان سنڌ جي سياسي زمين مان تبديلي جو فصل تيار ٿي سگهندو، پر اگر ائين نه ٿيو ته فرسوده سياسي ڪلچر جا سم نالا اسان جي سياسي زمين کي ائين ئي زهريلو ۽ بنجر ڪندا رهندا، خوشحالي هڪ سپنو ۽ بربادي هڪ ڀوائتي روپ ۾ اسان کي نظر ايندي رهندي.
منهنجي خواهش آهي ته ڪنهن هڪ ڏينهن سنڌ جا لکين، لکين ماڻهو اچي ڀٽ شاهه تي گڏ ٿين ۽ پاڻ ۾ گڏجي هڪ اهڙو سياسي محور/پليٽ فارم جوڙين، جيڪو عوام جي سگهه ۽ فهم سان وجود ۾ اچي ته جيئن هو حالتن جو رخ موڙي سگهي. عام طرح 40 يا 50 ماڻهو پاڻ ۾ ملي ڪري ڪو سياسي پليٽ فارم يا پارٽي وغيره ٺاهي وٺندا آهن ۽ پوءِ عوام کي ان جي حمايت لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر سنڌ جن غير معمولي حالتن مان گذري پئي، اُن ۾ غير معمولي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اُهو غير معمولي ڪم ڪرڻ جو فهم سنڌ واسين وٽ موجود آهي، يعني سنڌ جو سياسي محور ڪجهه ماڻهو نه پر لکين عوام گڏجي ٺاهين. آئون سمجهان ٿو ته هڪ ڏينهن ڀٽ شاهه تي هر اهو ماڻهو اچي، جيڪو اڃان پنهنجي پاڻ مان مايوس ناهي ٿيو. هر اهو ماڻهو، جنهن جي اکين ۾ برف ناهي ڄمي، جنهن وٽ پنهنجي پاڻ لاءِ، پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين جي چڱائي جو جذبو موجود آهي. آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي ان محور کي ٺاهڻ جو ڪم صرف سياسي ذهن رکندڙن جو نه هجڻ گهرجي، بلڪه ان کي ٺاهڻ لاءِ سياست کان لاتعلق ۽ سياست کان بنهه پري ٿيل ماڻهن کي به شامل ٿيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته فرسوده سياسي ڪلچر سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي ڀوڳي هر ماڻهو ٿو، ته حل به سڀني کي گڏجي ڳولهڻو پوندو. ان محور جوڙڻ لاءِ مختلف ننڍن وڏن سياسي گروپس، سماجي ڪم ڪندڙ تنظيمن، برادرين جي نالي ۾ ٺهيل فورمز، پيشوراڻي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سوڌو هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته مسئلا اسان جا آهن ته حل لاءِ به ڪنهن مسيحا جو انتظار ڪرڻ بدران پاڻ گڏجڻو پوندو .... منهنجو خواب آهي ته ڪنهن هڪ ڏينهن ڀٽ شاهه تي لکين ماڻهو خوشحال سنڌ جو خواب اکين ۾ سجائي گڏ ٿين، جنهن کي ڏسي هر ڪو چئي ته: ”ڏسو، سنڌ گڏجي ٿي“.

خميس 8 سيپٽمبر 2011ع